
امير گل ڪٽوهر جو بلاگ Amir Gul Katohar's Blog
Wednesday, June 5, 2013
تاريخ جڙڻ جو عمل

تاريخ
منجمند ٿيل سنڌ جو تعليمي نظام

Friday, May 24, 2013
اڳواڻي متعلق ڪي چند سوال......

Thursday, February 14, 2013
صنفي تعليم جي سطحي ڄاڻ
اسان ڪجهه سرڪاري استادن آغا خان يونيورسٽي-انسٽيٽيوٽ فار ايڊيوڪيشنل ڊويلپمنٽ مان ٻن سالن تي مشتمل ايم ايڊ جي ڊگري اسڪالرشپ تي حاصل
ڪئي هئي. اها اسڪالرشپ ڪينيڊين انٽرنيشنل ڊويلپمنٽ ايجنسي (سيڊا) پاران ڏني ويئي هئي. سيڊا بنيادي طرح عورتن کي معاشري ۾ صحيح مقام ڏيارڻ، کين سمورا انساني حق ڏيارڻ ۽ صنفي برابري ۽ انصاف لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم آهي ۽ ان سان گڏ معياري تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ فنڊ پڻ ڏيندي آهي.
هڪ مرد ۽ هڪ عورت تي مشتمل هڪ ٽيم سيڊا پاران نيوزيلينڊ کان آئي هئي جن سان اسان جي ملاقات جو بندوبست ڪيو ويو هيو. هو اها جاچ ڪرڻ آيا هيا ته جن کي (اسان کي) هنن جي تنظيم اسڪالرشپ ڏني هئي انهن ڊگري حاصل ڪري پنهنجي معاشري اندر ڪا تبديلي آندي آهي يانه. ٻن ماهرن جي ٽيم اسان کان ڪجھ سوال ڪيا هيا جن ۾ هڪ سوال صنفي اڻ برابري مطعلق به هيو. اسان جي ٽيم مان ڪجھ دوستن جڏهن اهو چيو ته اسان جي معاشري اندر صنفي اڻ برابريءَ جو ڪو تصور ڪونهي ۽ حقيقت ۾ غربت ۽ اميري جو چڪر آهي. جن وٽ پئسو آهي اهي پنهنجي ڇوڪرين کي پڙهائين ٿا ۽ جن وٽ پئسو ناهي اهي نه ٿا پڙهائين. جڏهن اسان جا دوست اهو سڀ ڪجھ بيان ڪري رهيا هيا ته مان ٽيم وارن جي چهرن تي تري آيل حيرت کي ڏسي اندر ۾ ڀري رهيو هوس ۽ سوچي رهيو هوس ته اسان جا اهي مهمان ۽ محسن اسان تي ڪيل خرچ کي پنهنجي پئسي جو زيان ته نه سمجھي رهيا آهن!. اسان جو صنف متعلق علم، صنفي اڻ برابري يا صنفي توازن، صنفي انصاف لاءِ ڄاڻ انتهائي سطحي آهي. اسين سمجھون ٿا ته ڇوڪرين کي پڙهائڻ يا نوڪري ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ يا کين پنهنجي پسند جي شاديءَ جو حق ڏيڻ صنفي برابري يا انصاف آهي!
اڄ صبح جو جڏهن سڀ گھر جا ڀاتي ۽ خاص ڪري گھر جون عورتون ڪنهن نه ڪنهن ڪرت ۾ مصروف هيون ۽ مان واندو هيس ته ان واندڪائيءَ جي گھڙين کي سجايو ڪرڻ لاءِ گھر جي ٿانون کي ڌوئڻ شروع ڪيم. انوقت منهنجو ٽن سالن جو پوٽو بورچي خاني ۾ گھڙي آيو ۽ مون کي ٿانو ڌوئندي ڏسي حيرت سان چيائين ته ”بابا اوهان ٿانو ڇو ٿا ڌوئو، هي ڪم ته عورتن جو آهي“! منهنجو اهو ساڳيو پوٽو جڏهن پنهنجي پيءُ سان گڏ ڪم ڪار سانگي گھر کان ٻاهر ويندو آهي ته سندس ٻن سالن جي ڀيڻ زار و قطار روئندي ساڻن گڏ هلڻ لاءِ اصرار ڪندي آهي. پر اڪثر ڪري ٻئي پيءُ پٽ هليا ويندا آهن ۽ ننڍڙي ڇوڪري روئي پٽي ماٺ ڪري ويهي رهندي آهي. ٻاهر وڃڻ وقت سندس ننڍڙو ڀاءُ کيس دلاسو ڏيندو آهي ته ”تون نه رو مان تنهنجي لاءِ شيءِ ورتيون ايندس“. ان ايتري ننڍي عمر ۾ اسان جا ٻار اهو سکي چڪا آهن ته ڪير ميل آهي ۽ ڪير فيميل ۽ سندن ڪم ڪار به الڳ الڳ آهي. منهنجي ننڍڙي پوٽي اهو ڄاڻي ورتو آهي ته ٿانو صرف عورتون ئي ڌوئينديون آهن، ٻاهر صرف مرد ئي ويندا آهن، ڇوڪرين جو ڪم آهي ته اهي گھر ۾ رهن ۽ سندس ڀاءُ پاڻيهي ان لاءِ ٻاهران بازار مان شيءِ وٺي ايندو پوءِ هوءَ اها کائي. صنفي اڻ برابري اسان جي معاشري جي رڳ رڳ ۾ ڊوڙندڙ رت وانگر شامل آهي. اسان کي خبر ئي نه ٿي پوي ته اسين ڪيڏانهن پيا وڃون. جڏهن مان ان قسم جون ڳالهيون پنهنجي بالغ اولاد ساڻ ونڊيندو آهيان ته اڪثر ڪري مون کي اڻ پسنديدهه نگاهن سان ڏٺو ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي طعنه به ٻڌڻا پوندا آهن ته ”مون عورتن جو دماغ خراب ڪري ڇڏيو آهي“ يعني مان کين جيڪا ٿوري گھڻي آزادي ڏني آهي ته ان ڪري اهي سندن چوڻ کان نڪرنديون پيون وڃن. اسين جيڪي بظاهر ڏاڍا پڙهيل لکيل آهيون انهن کي به انهن ڳالهين جو ڪو ٽڪو احساس ناهي ته اسان ڪيئن نه صنفي توازن کي بگاڙي رهيا آهيون. اهڙي عمل سان ٻه ڳالهيون رونما ٿينديون. هڪ ته جيڪي ڇوڪرا آهن انهن ۾ اجايو احساس برتريءَ وارا خيال پڪا پختا ٿي سندن ايمان جو جز بڻجي ويندا ۽ ٻيو ته ڇوڪرين ۾ احساس ندامت، احساس ڪمتري جا خيال اڀري ايندا ۽ کين پنهنجي جنس سان نفرت ٿيڻ لڳندي. هونئن اهي ڳالهيون تمام ننڍڙيون ٿيون نظر اچن پر حقيقت ۾ائين ناهي. اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا اهو مڪمل طرح مرداڻي اثر رسوخ تي هلندڙ هڪ طرفو معاشرو آهي. جنهن ۾ هر شيءِ جو مالڪ مرد آهي، کيس خصوصي اختيار مليل آهي، هو گھمڻ ڦرڻ، فيصلا ڪرڻ، ڪوبه ڪم ڪار وهنوار ڪرڻ لاءِ آزاد آهي. هو جيڪڏهن ڪا بي راهه روي به ڪندو آهي ته ان سان گھر جي عزت ۽ وقار جي مجروح ٿيڻ جو ڪوبه امڪان ناهي هوندو. پر جيڪڏهن اڻ ڄاڻائي وچان يا ڪنهن غلط فهمي ڪري به جيڪڏهن ڪو الزام گھر جي ڪنهن نياڻيءَ تي ايندو آهي ته قهرام مچي ويندو آهي، گھر جي عزت سرعام نيلام ٿيڻ جون ڳالهيون ٿيڻ لڳنديون آهن. اسان جي هن دقيانوسي معاشري اندر ڇوڪرين لاءِ تمام سخت حد بنديون قائم آهن، انهن حدبندين کي اسان قراني آيتن وانگر پوڄيندا آهيون. صنف جو معاملو غربت يا اميري سان هرگز سلهاڙيل ناهي. صنفي جبرجي معنى اها آهي ته ڪنهن به ڌر عورت يا مرد کي ڪنهن به معاملي ۾ رڳو ان ڪري نظر انداز ڪجي ڇوته هو/هوءَ ڇوڪرو/ڇوڪري آهي. هاڻي اسان جيڪڏهن ان ڪسوٽيءَ کي سامهون رکي ڏسنداسين ته اسان کي پنهنجي معاشري ۾ عجب نظارا نظر ايندا. ڪجھ ڏينهن اڳ سابق راڳي ۽ هاڻوڪي مُلي جنيد جمشيد جو انٽرويو ڪنهن ٽي وي چينل تي نشر ٿيو هيو ته ”اسلام ۾ عورتن لاءِ اها گنجائش ناهي ته اهي ڪار جي ڊرائيوري ڪن“. اهو ملو ڪو غريب ناهي سڄي ملڪ اندر جيڪي مهانگا ترين شاپنگ سينٽر آهن انهن ۾ سندس ڪروڙن روپين جي سيڙپ ڪاري ٿيل آهي. هاڻي جڏهن اسان سندس بيان کي پڙهون ٿا ته خبر ٿي پوي ته سندس اندر ۾ عورتن لاءِ ڪيڏو نه تعصب ڀريل آهي. مطلب چوڻ جو اهو ته اسان مان هر ماڻهون ڪنهن نه ڪنهن نموني صنفي تعصب جو شڪار آهي. ڪجھ ماڻهون مذهب جي آڙ وٺي عورتن جي حقن کي پامال ٿا ڪن ته ٻيا جاهل ۽ اڻ پڙهيل ان کي غيرت جو نالو ٿا ڏين. مقصد ٻنهي جو ساڳيو ئي آهي. نام نهاد پڙهيل عورتن کي سٺا ڪپڙا لٽا وٺي ڏئي اهو سمجھن ٿا ته انهن عورتن جي حقن جي حفاظت ڪري ورتي آهي. هن سلسلي ۾ اسان کي پنهنجي قوم کي سمجھائڻو آهي، کين پڙهائڻو آهي ۽ سيکارڻو آهي ته صنفي توازن قائم ڪرڻ سان معاشرا عزت ڀرئي انداز سان ترقي ڪندا آهن.

Tuesday, January 8, 2013
سڀ سانگ سجايو آ پيارا
2004 کان وٺي 2006ع تائين اسان USAID جي مدد سان ESRA پراجيڪٽ جي UEI ڪنسورشيم جي بينر هيٺ سکر ۾ گورنمنٽ پرائمري اسڪولس جي هيڊ ٽيچرس ۽ ايڊمن اسٽاف جي سکيا لاءِ ماسٽر ٽرينر هيٺ ڪم ڪيو هيو. ان سلسلي ۾ مان سکر سٽي، باگڙجي، ڪنڌرا، پنوعاقل، ٺڪراٺو ۾ ٽريننگون ڪرايون هيون. منهنجي زندگيءَ جو اهو هڪ انوکو تجربو هيو. اسان وٽ سکيا حاصل ڪندڙن ۾ نوجوان توڙي رٽائرمنٽ کي ويجھو پهتل استاد/استادياڻيون (هيڊ ٽيچرس) شامل هيون. اسان جي ٽريننگ جي هڪ خصوصيت اها به هئي ته هڪ ڏينهن اڳ ڪيل سموري ڪارگذاريءَ تي سکيا وٺندڙن کان رفليڪشن وٺندا هياسين. اسان جي ڪوشش اها هوندي هئي ته هر سکيا حاصل ڪندڙ ڪجھ نه ڪجھ لکي کڻي اچي. انهن مان اڪثريت جي رفليڪشن بس روائتي هوندي هئي، جن ۾ ڪيل ڪم جي رپيٽيشن هوندي هئي. جڏهن ته ڪڏهن ڪڏهن ڪي سکيا حاصل ڪندڙ استاد ڏاڍيون ڪارائتيون، سوچ ۽ سمجھ واري عمل کي هٿي ڏيندڙ شيون/خيال به لکي کڻي ايندا هيا. اسان کي سندن انهن رفليڪشنس مان خبر پوندي هئي ته ڪنهن ڪنهن ڪيتري ڪيتري ڳالهه سمجھي آهي. ڪيترا استاد پنهنجي رفليڪشن شاعريءَ ۾ به پيش ڪندا هيا، جڏهن ته خاص ڪري فيميل هيڊ ٽيچرس وري پني تي وڏي محنت ۽ ڪاريگريءَ سان چٽساليون ڪري کڻي اينديون هيون. مون استادن جون اهڙيون ڪيئي يادگيريون اڃا تائين پاڻ وٽ سنڀالي رکيون آهن. مان اڳ ئي سندن اهڙن رفليڪشنس تي ٽي عدد آرٽيڪلس لکي چڪو آهيان جيڪي مختلف تاريخن تي مختلف سنڌي اخبارن ۾ پڻ شايع ٿي چڪا آهن. اڄ استادن جي اهڙين رفليڪشنس مان هڪ هتي شيعر ڪرڻ ٿو چاهيان. اهو 27 سيپٽمبر 2005 جو ڏينهن هيو ته ڪنڌرا سينٽر تي استاد ارباب علي ڪٽبر منهنجي ذات متعلق هڪ رفليڪشن لکي کڻي آيو هيو. حقيقت ۾ اها رفليڪشن نه هئي مون لاءِ منهنجي زندگيءَ جو هڪ بهترين ايوارڊ هيو جيڪو منهنجي دوست مون کي ڏنو هيو. مان سندس ان تحفي کي ڪيئن پئي وڃائي سگھيس. سو ان کي پنهنجي نوٽ بوڪ تي اتاري ڇڏيو هوم. اڄ ستن سالن ۽ ساڍن ٽن مهينن جي وقت گذرڻ کان پوءِ جڏهن اها ڪاپي کولي پڙهيم ته مون کي اهي سڀ منظر ياد اچي ويا. اچو ته سڀ کان اول ان کي پڙهي ڏسون ته ان ۾ لکيل ڇا هيو؛
”استاد صاحب هڪ قسم جو بادشاهه هوندو آهي، علم جو بادشاهه، جنهن کي اڻ ميو علم جو خزانو مليل هوندو آهي. هڪ ڏيهن مسٽر اميرگل صاحب هڪ خواب ڏٺو ته سندس علم جو خزانو کانئس کسيو پيو وڃي، جڏهن کيس جاڳ ٿي ته سوچيائين شايد اهو محض خواب هيو پر وري کيس خيال آيو ته اهو خواب نه پر حقيقت هئي. هو اهو خواب مسلسل ڏسندو رهيو، هو حيران رهڻ لڳو ۽ ان متعلق يارن دوستن، مٽن مائٽن کان به پڇندو رهيو. هڪ اهڙي ئي خواب ۾ علم جي خزاني ساڻس ڳالهايو ته تنهنجو امتحان ورتو ويندو جي تو ان جو صحيح جواب ڏنو ته مان يعني علم جو خزانو تو وٽ رهندس ٻي صورت ۾ اوهان علم جي خزاني کان محروم ٿي ويندا!
استاد اميرگل سڀني مٽن مائٽن، يارن دوستن ۽ ٻين واقفڪارن کان ان متعلق پڇندو رهيو. جيترا منهن اوتريون ڳالهيون، ڪنهن کيس چيو ته اوهان کانئس ”جاگير“ جي گھُر ڪريو، ٻئي جي وري اها صلاح هئي ته کيس ”ڪارون ۽ بسون وٺڻ گھرجن“. هو انهن صلاحن کان مطمئين نه ٿيو. سوچيائين ته ڪنهن درويش، عالم يا ڏاهي سان صلاح ڪجي ته سندس ڪهڙي راءِ آهي. اهو خيال ڪري هڪ ڏينهن هڪ درويش ڏانهن روانو ٿيو. درويش کيس پريشان ڏسي مسڪرائيندو رهيو. نيٺ موقعو ڏسي مسٽر اميرگل صاحب کيس پنهنجي سڄي وارتا بيان ڪري ٻڌائي. پهريان درويش کيس ڪا راءِ ڏيڻ کان انڪاري هيو پر نيٺ کيس سندس هيڻي حال تي رحم آيو ۽ کيس صلاح ڏنائين ته ’ڪارون، بنگلا، جاگيرون، ملڪيت ظاهري طرح ته پرڪشش آهن پر اهي تنهنجي مسئلي جو حل نه آهن، وڃ ۽ علم جي خزاني کي چؤ ته توکي ’پيار، محبت، ٻڌي ۽ علم کپي‘. درويش جي اها ڳالهه کيس دل سان لڳي ۽ هو شانت ٿي ويو کيس پنهنجي سوال جو جواب ملي ويو هيو. نيٺ وري جڏهن ’علم جي خزاني‘ کيس خواب ۾ پڇيو ته هن کانئس اهي ئي شيون علم، ٻڌي، پيار ۽ محبت جي گھُر ڪئي. ان تي کيس خزاني مبارڪ باد ڏني ۽ وچن ڪيائين ته قيامت تائين مان تون سان گڏو گڏ رهندس“.
مان سمجھان ٿو ته تمام خوبصورت ۽ اعلى خيال اسان جو استاد اسان کي ٻڌائي ويو هيو؛ ’ڪارون، بنگلا، جاگيرون، ملڪيت ظاهري طرح ته پرڪشش آهن پر اهي تنهنجي مسئلي جو حل نه آهن، وڃ ۽ علم جي خزاني کي چؤ ته توکي ’پيار، محبت، ٻڌي ۽ علم کپي‘. ڪاش اسان سنڌ وارا پنهنجي هن گمنام استاد جي فرياد کي ورنائي، ظاهري دولت جاگيرن، ڪارن، بنگلن ۽ ٻي ملڪيت تي وڙهڻ بدران علم واري پاسي ڏانهن موٽي اچون ته جيڪر ڪارن، بنگلن ۽ ٻي ملڪيت جو حصول ته اسان جي لاٰءِ ٻاراڻي راند بڻجي وڃي. شايد اهڙن محسن، بي ضرر ۽ سچن استادن جي دعائن جو اثر آهي ته اڄ جڏهن ڪنڌ ورائي پوئتي ٿو نهاريان ته مون کي پنهنجي گذاريل زندگيءَ تي فخر ٿو محسوس ٿئي. تازوئي 2009 کان 2011ع دؤران آغا خان يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس ان ايڊيوڪيشن (ايم ايڊ) جي حاصل ڪيل ڊگريءَ کي ان خواب جو تسلسل ئي ٿو سمجھان، نه ته ڪٿي خيرپور ضلعي جي گمنام ڳوٺ پنواڙي ۾ ملان علي گل جي گھر ۾ پيدا ٿيل ’ڪيٽو‘ جنهن کي سندس ماءُ وري ’گيدل‘ جي نالي سان سڏيندي هئي، اهو دنيا جي مڃيل يونيورسٽيءَ مان اعلى تعليم جي ڊگري حاصل ڪري!!!!
بهرحال مون کي جتي به ۽ جڏهن به ڪنهن سکيا حاصل ڪرڻ يا وري ڪرائڻ جو موقعو مليو آهي ته اهڙين پنهنجين سرگرمين کي مون مڪمل نموني پنهنجي سکيا سان جوڙي ڇڏيو آهي. هر دفعي، هر جاءِ تي ڪي نه ڪي ڪارائتيون شيون سکڻ لاءِ ملي ئي وينديون آهن. منهنجي اهڙي روين ڪري مون کي ڪيئي مڻيادار دوست پڻ ملي ويا آهن، جن سان ملي ’زندگيءَ‘ سان ملڻ جو احساس ٿيندو آهي. هر سکيا واري پروگرام ۾ منهنجي ڪوشش اها هوندي آهي ته سکيا حاصل ڪندڙن جي جذبن کي جوان ڪريان، کين همٿايان ۽ کين پڙهڻ ۽ سکڻ جا ڪارائتا گُر سادي ۽ سلوڻي نموني سيکاريان ۽ مان پاڻ انهن کان سکان. مون ڪيئي ڪم جون ڳالهيون انهن تجربن مان پرايون آهن. مون سمجھي ڇڏيو آهي ته هڪ سٺو سکيا ڏيندڙ اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي ڪم جي اڳواٽ مڪمل تياري ڪري اچي، کيس حد درجي سهپ جو مادو هجي، هو ڪنهن جي به عزت نفس سان نه کيڏي، پنهنجا خيال سکيا حاصل ڪندڙن تي زبردستي نه مڙهي، سندن مذهبي، ذاتي، سياسي سوچن جو احترام ڪري ۽ جيڪڏهن کيس ڪا ڳالهه سمجھ ۾ نه اچي ته اجائي يخي هڻڻ بدران تسليم ڪري ته کيس ان ڳالهه متعلق يا ته ڪائي ڄاڻ ناهي يا اڌوري آهي. ان منجھيل سُٽ کي سلجھائڻ لاءِ ياته واسطيدار ڪتابن، آرٽيڪلس کي پڙهي پنهنجي ڄاڻ وڌائي يا پنهنجي ڪنهن ڪليگ، استاد کان مدد وٺي جيڪو ان معاملي ۾ ڄاڻندو هجي. سکيا دؤران دوستاڻو ماحول جوڙي رکي ۽ سکيا ڏيندڙ ۽ وٺندڙن وچ ۾ اعتماد ۽ ڀروسي واري ماحول کي يقيني بڻائي. سکيا لاءِ گھربل سمورن مليل سهولتن/وسيلن مان ڀرپور فائدو وٺي. سکيا واري عمل ۾ سڀني کي ساڻ وٺي هلندو هلي. ڪنهن مخصوص سکيا حاصل ڪندڙکي بي جا اهميت ڏيڻ جا تمام خطرناڪ نتيجا اچي سگھن ٿا. سکيا وٺندڙن سان سندس رابطي جو رشتو هيمشهه جڙيل رهڻ هئڻ گھرجي
Wednesday, January 2, 2013
ماروئڙا فقير ڪنهن در ڏيندا دانهڙي؟؟؟؟؟
هي نئون 2013 جو سال به اسان سنڌ واسين لاءِ ڪو سٺو پيغام کڻي ڪونه آيو آهي. گذريل سال ته نسورو سورن جو سال هيو. ڊسمبر 25، 2012 جي ڏينهن تائين بقول ورلڊ هيلٿ آرگينائيزيشن
http://www.thenews.com.pk/Todays-News-4-151893-Measles-killed-240-children-in-Sindh-in-2012
جي ته 240 سنڌ جا ٻار ۽ ٻارڙيون ارڙي وگھي اجل جو شڪار ٿي چڪيون هيون. ان انگ ۾ روز افروز اضافو ٿيندو پيو وڃي. پر اختيار ڌڻين جي ڪنن تائين ڪا جونءَ به ڪانه پئي چري. مون کي هڪ ٽي وي چينل تي هڪ ذميوار نوجوان سنڌي ڊاڪٽر جي چيل ڳالهه تي تمام گھڻو صدمو رسيو ته ٻار جيڪي ارڙي وگھي اجل جو شڪار ٿيا آهن اهي سندس حد ۾ نه پيا اچن...الله اڪبر منهنجي دماغ جي پردي تي نسيم احمد کرل جي ڪهاڻي چوٽيهون در واري فلم هلڻ لڳي..‘!!. اڄ منهنجي دل رت ٿي روئي ته اسين ڪيڏا نه لاوارث ۽ نڌڪڻا ٿي موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهيون. ذميوار ادارا گڏه جي مٿي تي سڱن وانگي گم آهن، سنڌ لاءِ صحت جي نامزد وزير جون حدون ڪراچي جي ٽول پلازا کان اڳتي آهن، سنڌ جو وڏو وزير، ملڪ جي صدر صاحب ۽ پارٽي جي نئين چونڊيل نوجوان چئرمين جي خوشامند کان واندو ڪونه پيو ٿئي. سنڌ جي باقي وزيرن کي قيمتي گاڏين تان هيٺ لهي اکين تان انڌ جا ڪارا چشما هٽائي غريبن جي ڏکڻ ڏاکڙن کي ڏسڻ گوارا ناهي، اپوزيشن ليڊران حڪومت تي ڦٽ لعنت ڪرڻ مان واندا ڪونهن، قومپرست ۽ ترقي پسند سياست ڪرڻ وارن جي ته اها روائت ئي ناهي ته اهي عوام جي انتهائي ڏکين حالتن ۾ وڃي ساڻن ڀيرو ڪن، مذهبي جماعتون طالبان جي پاران دهشت گرديءَ کي جائز قرار ڏيارڻ ۾ ته سندن مددگار آهن ته انهن کي هن نموني مرندڙ ٻارڙن جو ڏک وري ڪهڙو ٿيندو، اين جي اوز وارا تيستائين ايڪشن ڪيئن کڻن جيستائين کين ڪو پراجيڪٽ نه ٿو ملي، سنڌ جي نام نهاد سول سوسائٽي به ستل ٿي لڳي.....ها سڀني گڏجي غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي مرڻ جي آزادي ڏيئي ڇڏي آهي.
جُه سي لوڙائو ٿيا جنين سندي ڌِير،
ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي. .
تبصرن جا اطلاع حاصل ڪرڻ لاءِ:
هتي ڪلڪ ڪريو