Thursday, August 21, 2014

ننڍڙو سوال سنڌ واسين کان



هي 01 آڪٽوبر 2013 جي شام جو قصو آهي  3 بجه جيئن ئي پهرين پيرڊ جو گھنڊ مسٽر علي نواز وڄايو ته ڪلاس جو رخ ڪيم. انوقت ڪلاس ۾ اڃا رڳو هڪ شاگرد پهتل هو. ڪلاس ۾ دوستاڻو ماحول پيدا ڪرڻ ۽ شاگرد کي ڪلاس ۾ ڳالهه ٻولهه تي آماده ڪرڻ لاءِ ساڻس زماني جهان جون ڳالهيون ڪندي هدايت ڪيم ته “کيس ڪوشش ڪري پنهنجي گھر، خاندان ۽ اوڙي پاڙي وارن لاءِ هڪ مثالي ماڻهونءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.  جھيڙن جهٽن ۾ پنهنجو پاڻ ۽ ٻين جي جھڳن کي جھڻ ڪرڻ مڙسي ناهي پر جي ماڻهون پنهنجي علم، هنر، حرفت، جدوجهد، محنت سان پنهنجو پاڻ کي ٺاهي ۽ ٻين جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪري ته اها ئي حقيقي مڙسي چئبي”.   
 منهنجي همٿائڻ تي ان شاگرد پنهنجو اندر کولي منهنجي سامهون رکيو. سندس ڪهاڻي اڄوڪي سنڌ جي ڪهاڻي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڳوٺ ۾ سندن برادريءَ جي ماڻهن جو ڳوٺ جي ٻئي برادريءَ جي ماڻهن سان گاهه جي ڀريءَ تي جھيڙو ٿي پيو هو. ٻنهي برادرين جا ڳچ سارا ماڻهون گوڙ تي ڳوٺ جي چوڪ تي گڏ ٿي ويا. ٻنهي برادرين مان شريف ۽ پرامن ماڻهون به هيا پرٻنهي پاسي جي شرارتي ماڻهن جڏهن هڪ ٻئي کي ڪچيون گاريون ڏيڻ شروع ڪيون ته جھيڙو ٽري نه سگھيو. ان جھيڙي ۾ مخالف برادريءَ جا ٻه ماڻهون قتل ٿي ويا جڏهن ته هڪ نوجوان جيڪو سندس سڳو سؤٽ ۽ ڀيڻويو هيو جھيڙي کي ٽاريندي مٿي ۾ گولي لڳڻ ڪري بيهوش ٿي ڪري پيو. اهو پوءِ چار سال بيهوشيءَ واري حالت ۾ رهيو ۽ سندس علاج معالجي تي پندرهن لکن کان وڌيڪ خرچ اچي ويو، پر پوءِ به هو زندگيءَ جي ڏور کي سلامت رکي نه سگھيو ۽ گذاري ويو. پنجن سالن کان پوءِ جڏهن ڌريون خرچ پکا ڪري ڪري ٿڪجي پيون ته کين فيصلو ڪرڻو پيو. ان فيصلي ۾ ٻنهي ڌرين تي جيڪي ڏنڊ پيو ان جي حصي پتي ڏيڻ جي سلسلي ۾ کيس پنهنجي پندرهن جريب زمين تان هٿ کڻڻو پئجي ويو ۽ ائين سندس تعليم حاصل ڪرڻ واري ڪم کي پورا پنج سال بريڪ لڳي ويو هو.
سنڌ جي تعليم جي تباهي تي بحث ڪرڻ وقت اسين ياته استادن، تعليمي ڪامورن، سياستدانن، والدين کي ذميوار قرار ڏيندا آهيون. منهنجي خيال ۾ ته اهو به هڪ سچ آهي پر پورو سچ ناهي. مٿي بيان ڪيل ننڍڙي واقعي تي غور ڪرڻ سان خبر پئجي ٿي وڃي ته جنهن ڳوٺ ۾ فساد ۽ دنگو هوندو اتي تعليمي عمل به متاثر ٿيندو. اهڙي حالتن کي پيدا ڪرڻ  جو ذميوار ڪير آهي؟ هاڻي ٿورو غور ڪيو؛ سنڌ جو ڪهڙو علائقو ۽ ڳوٺ آهي جتي چار گھر رهندا هجن ۽ منجھن برادري ۽ قبائيلي جھيڙا هلندڙ نه هجن؟ 

ٻچاپڙائي



 “موسيقيءَ کي پڙهائڻ واري عمل ۾ ڪيئن هڪ مؤثر اوزار طور تي ڪم آڻجي” واري عنوان تي انوقت ڪارائتو بحث مباحثو هلي رهيو هو. ڪمرو پرائمري هيڊ ٽيچرس سان ڀريل هو. هر دوست ان موضوع تي پنهنجا پنهنجا خيال وڏي ذوق ۽ شوق سان پيش ڪري رهيو هو. مون بحيثيت هڪ ماسٽر ٽرينر جي ڪوشش پئي ڪئي ته ڪمري ۾ موجود هر استاد کي همٿايان ته ان ڪارائتي موضوع تي هو به ڳالهائي ۽ ڪنهن حد تائين مان ان معاملي ۾ ڪامياب وڃي رهيو هوس. اسان سڀ جڏهن پوري نموني ان سرگرميءَ ۾ شامل هياسين ته  ڪمري جو ٻيڪڙيل دروازو کليو ۽ اتي منهنجو ساٿي ٽرينر پروفيسر جناب صغير احمد ظاهر ٿيو. پروفيسر صاحب اسڪول جي ڀرسان پنهنجي دوست گھران ناشتو ڪري واپس ٿيا هيا. اهو انهن جو  روز جو معمول هيو. اچڻ سان مون کي پاسي ڪري حلال ۽ حرام جي موضوع تي ڳالهائڻ شروع ڪيائين. چيائين پئي ته اوهان جي روزي حلال تڏهن ٿيندي جڏهن اوهان پنهنجو ڪم پوري تندهي سان سرانجام ڏيندو، پنهنجو پورو پورو وقت پڙهائڻ واري عمل ۾ سيڙهائيندو ۽ ياد رکو چوري ٽڪي جي هجي يا لک جي، چوري هڪ منٽ جي هجي يا هڪ ڪلاڪ جي چوري چوري ٿيندي آهي. مون جيڪو سکڻ ۽ سيکارڻ وارو ماحول ٺاهيو هو اهو ته غارت ٿي ئي ويو هيو پر ساڳي وقت مون کي ڪجھ وقت اڳ پروفيسر صاحب سان گذاريل اها رات ياد اچي رهي هئي.
اها هڪ گرم رات هئي. دريا جي ڪڙ تي اڏيل ڳوٺ جي هڪ ويڪري اوطاق، ڪاڄ ۾ آيل دوستن سان ڀري پيئي هئي. اصل مانيءَ جو پروگرام ته ٻئي ڏينهن رکيل هو پر گھوٽ جا جيڪي گھاٽا يار هيا انهن کي رات جي پروگرام جو سڏ ڏنو ويو هو. اوطاق اندر کٽن ۽ ڪرسين وچ  ۾ شراب جون بالٽيون اهڙي نموني رکيل هيون ته جيئن انهن تائين هرڪو آسانيءَ سان رسي سگھي. رات جو صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل لاءِ سچل جي درگاهه جي مشهور ڳائڻي سائين موٽڻ شاهه جون خدمتون حاصل ڪيون ويون هيون. جيستائين راڳ رنگ جي محفل شروع ٿي ان کان گھڻو اڳ ئي پيئڻ وارو پروگرام شروع ٿي چڪو هيو. هن محفل جي جان پروفيسر مسٽر صغير احمد هيو. پروفيسر صاحب شراب کي لسي سمجھي جام مٿان جام ڳيتي رهيو هو. ڳوٺ جي شرارتي ڇوڪرن جڏهن ڏٺو ته پروفيسر صاحب هاڻي صفا ٽُن ٿي چڪا آهن ته کيس چيڙائڻ لاءِ ساڻس ڀوڳ ٺڪاءُ ڪرڻ لڳا. صغير صاحب جيئن ته آپي کان نڪتل هيا انڪري هو ڀوڳ ڪندڙن کي گاريون ڏيڻ لڳا. هاڻي محفل جو رنگ ئي مٽجي رهيو هيو. محبت جي مٺاس بدران بد مزگي جي ڪڙاڻ هرڪنهن جي اندر کي چيرڻ وارو ڪم پئي ڪيو. نيٺ ڪجھ يار وچ ۾ پيا، پروفيسر صاحب کي ريهي ريجھائي اوطاق جي ڪمري ۾ وٺي ويا ۽ جتي لڳل ايرڪنڊيشن آن ڪري کيس کٽ تي سمهاري ڇڏيائون.
 سڄي رات موٽڻ شاهه جي محبتي محفل هلندي رهي. اسر ويل طبلي جي ٿاپ انوقت بند ٿي جڏهن بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ شروع ٿي چڪي هئي. ڪجھ وقت ابتيون سبتيون باتيون ڪري ٻين وانگر مان پڻ پنهنجي ماڳ طرف واپس موٽڻ لاءِ سوچڻ لڳس. ان ويل مون کي پروفيسر صاحب جي ياد آئي، ڪمري جو در کولي ڏٺم ته پروفيسر صاحب پگھر ۾ شل کٽ تي پاسو ورائي رهيا هيا. مون کيس وڏي واڪ حق ٻولائيندي چيو  “ صبح هوگئي مامون اب اٽهه بهي جا”. اکيون مروٽي، مون ڏانهن ڪُتڙين اکڙين سان ڏسندي چيائين  “هي ڪهڙي حرامپائي آهي ته رات جي ماني ته مون کي نه کارائي اٿَوَ ۽ هاڻي سمهڻ به ڪونه ٿا ڏيو،  ڀلا ڏيو خبر ڪا چاءِ وغيره ملندي؟”. مون کيس چيو ته هرڪو ٽڙي پکڙي چڪو آهي ۽ ساڏين کي سوين ڪم ڪرڻا آهن، افرا تفري وارو ماحول آهي اٿ ته هلڻ جي ڪيون”. کيس منهنجي ڳالهه سمجھ ۾ آئي اکيون مهٽي در کان ٻاهر نڪتو، پاسي ۾ ٺهيل ڇني اندر ڪنڊ ۾ آري تي ويٺل ڪڪڙ جي هيٺيان ٻه آنا کڻي چيائين “اچ ته هلون”. مون کيس چيو ته اهي آنا ڇو کنيا اٿئي؟ وارڻيائين ته “گھر پهچي ناشتو تيار ڪرائي کائيندم”.   

معذوري مجبوري ناهي



مارچ 2013 ۾ مون هڪ ٽريننگ ضلع شڪارپور جي شهر لکيءَ ۾ ڪرائي هئي. 28 مردن ۽ عورتن تي مشتمل ان گروپ ۾ هڪ نوربانو به هئي. هوءَ ٻارهن ٻارن جي ماءُ هئي. سندس چوڻ هو ته هن هڪ پنهنجي ڇوڪري کي اسڪول ۾ داخلا وٺرائي هئي پر سندس ان پٽ پڙهڻ واري ڪم سان ٽڪي جي به دلچسپي نه ڏيکاري ان ڪري “مون کيس موٽر مڪينڪ جي دڪان تي ڇڏيو جتي هاڻي اهو سٺو ڪم ڪار سکي چڪو آهي”.  هن پنهنجو داستان اڳتي وڌائيندي ٻڌايو ته “هڪ سندس ٻيو پٽ پوليو جي مرض ڪري معذور هو، پر هو ڏاڍي همٿ وارو هو ۽ وڏي شوق ۽ چاهه سان درزڪو ڪم سکيائين، هاڻي کيس پنهنجو دڪان آهي جتي پاڻ به ڪم ڪندو آهي ته ڪجھ ٻيا ڪاريگر پڻ اتي ڪم ڪندا آهن ۽ سندس سٺي ڪمائي آهي. کيس پنهنجي ڌنڌي ۾ ڀڙ ڏسي ويجھي هڪ مائٽ ساڻس مٽي ڪئي ۽ هاڻي کيس ٽي نياڻيون آهن جڏهن ته ڇوٿون ڇوڪرو پيٽ ۾ آهي”. هن پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو ته “ان منهنجي پٽ وٽ ڪن ادارن جا ماڻهون آيا جيڪي معذور ماڻهن جي مدد ڪندا آهن ۽ هنن کيس به مدد جي آڇ ڪئي پر منهنجي پٽ اهو چئي کانئن ڪجھ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته کيس الله تعالى سڀ ڪجھ عطا ڪري ڇڏيو آهي اوهين ڀلي مون جهڙي ڪنهن ٻئي معذور جي مدد ڪريو جيڪو ڪمائي جي لائق نه هجي”.
ان سکيا هلندي مون سکيا وٺندڙ دوستن سان گڏجي لکيءَ جو چڪر هنيو هو. شهر جي هڪ چوڪ تي عاشق سولنگي جو درزڪو دڪان آهي. اسين ان تي چڙهي ساڻس سندس ڪاروباري سرگرمين جهڙوڪر موڙي، هنرمندي، آمدني متعلق سوال ڪري رهيا هياسين ته هن پنهنجي ڪاريگرن جو تعارف ڪرايو. سندس چئن ڪاريگرن مان ٻه پوليو جي مرض جا ماريل معذور هيا جڏهن ته ٻه ڪاريگر گونگا ۽ ٻوڙا هيا.
مان سنڌ اندر جڏهن به پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل بي روزگار نوجوانن کي روزگار خاص ڪري سرڪاري نوڪريءَ لاءِ ٽڪي پيسي جي سياستدانن، وڏيرن، ڪامورن جي درن تي ڌڪا کائيندي ڏسندو آهيان ته مون کي نوربانو جو معذور ڇوڪرو ۽ عاشق سولنگيءَ جا چار معذور ڪاريگر ياد اچي ويندا آهن. همٿ، توجهه ۽ جذبو هجي ته ماڻهون جسماني معذوري يا رڪاوٽن کي ٿڏي عزت ۽ وقار واري زندگي گذاري سگھي ٿو.  

Tuesday, August 19, 2014

رفليڪشن



 گذريل سال لکي شهر ۾ بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وسيلئه حق ۾ ڪڻو نڪتل هڪ گروپ جي انٽرپرينوئرشپ ڊويلپمنٽ ٽريننگ  (EDT) ڪرائي هئم.  ان سکيا واري عمل ۾ سکيا وٺندڙن منجھ ڪاروباري سرگرمين لاءِ ڇڪ ۽ ڪشش پيدا ڪرڻ ۽ منجھائڻ هٻڪ ختم ڪرڻ لاءِ  کين ٽريننگ سينٽر اندر مني مارڪيٽ هڻائڻ وارو ڪم ڪرائيندا آهيون، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ کين پورو ڏينهن ڏيندا آهيون ته اهي بازار ۾ نڪري وڃن ۽ اتي ڪونه ڪو ڪاروباري ڪم ڪار سرانجام ڏين ۽ بعد ۾ کانئن سندن ان عمل تي رفليڪشن ورتي ويندي آهي. ان عمل سان کين خبر پوندي آهي ته ڪهڙو ڪاروبار ڏسڻ ۾ ته سٺو ٿو لڳي پر حقيقت ۾ ان ۾ ڪا خاص ڪمائي ناهي، جڏهن ته ڪي ڪاروبار بظاهر ته انتهائي خسيس نظر ايندا آهن پر حقيقت ۾ اهي انهن کان وڌيڪ نفعو ڏيندڙ آهن. سکيا جي ان عمل ۾ هڪ ڀيل ذات جو نوجوان به شامل هيو. هو پنهنجي امڙ جي جاءِ تي سکيا وٺي رهيو هو.  تمام فضيلت وارو، سلڇڻو، ايماندار ۽ انتهائي نياز ۽ نوڙت رکندڙ انسان هيو. تعارف ڪرڻ وقت ئي مون کيس پرکي ورتو هيو. جڏهن کيس چيم ته بابلا اڄ وڃ ۽ بازار ۾ ڪا شيءِ وڪڻي ڏيکار ۽ ڏسون ته ڪيترو ٿو ڪمائي ڪري سگھين. پر ان منهنجي دوست جواب ۾ جيڪي ڪجھ چيو ان منهنجا تاڪ لڳائي ڇڏيا هيا ۽ لفظ منهنجو ساٿ ڇڏي ويا هيا ۽ مان پنهنجو پاڻ کي حيرت جي سحرا ۾ گھمندي محسوس ڪيو هوته مون کي اها جرئت به نه پي ٿي سگھي ته ساڻس اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائي به سگھان. هن جو جواب انتهائي مختصر هيو پر معنى تمام وڏي هئي، سندس اهو چيل ننڍڙو جملو اسان جي بي حس، ڪٺوردل ۽ کوکلي نعرا بازيءَ تي ٻڌل سماج تي هوا ۾ لکيل ايف آئي آر هئي! هن چيو هو ته “سائين مون کي هت سڀ سڃاڻن ٿا ته ڀيل آهيان ته مون کان شيون خريد ڪير ڪندو؟”!
لکي جي آس پاس سرڪاري اسڪولن جي ڪفن دفن جو ڪم گھڻو اڳ ٿي چڪو آهي،  هيڪڙ ٻيڪڙ گورنمنٽ جا پرائمري اسڪول هلندڙ هوندا نه ته ٿيو مڙوئي خير جڏهن ته ساڳي علائقي ۾  ڪيئي مدرسا گنڀين وانگر ڦٽي نڪتل نظر ايندا. هن علائقي جي ٻي خصوصيت طاقتور سردار آهن، جن کي ۽ سندن آل اولاد کي ڪيئي قيمتي ڪارون، مهانگا لينڊ ڪروزر، وڏا وڏا ڪوٽ ۽ بنگلا ان سان گڏ هرهڪ سردارزادي سان ڌڻ محافظن جو هوندو آهي جڏهن ته باقي خلق خدا جي ٻن ويلن مانيءَ لاءِ به پريشان رهندي آهي.سرداري نظام جو بنياد ئي خوف، بي يقيني ۽ جهالت سان سلهاڙيل آهي ان ڪري سردار هرطرح سان ڪوششون وٺي ماڻهن کي هڪ ٻئي سان ويڙهائي رکندا آهن، کين اهو تاٿر ڏيندا آهن ته جيڪڏهن هو سردار نه هجن ها ته کين دشمن برادريءَ جا ماڻهون ڪڏهڪو کائي کپائي ڇڏين ها. ان ڪري اهي ڪڏهن به ناهن چاهيندا ته ماڻهون اقتصادي طرح پاڻ ڀرا ٿين، کين سوچ ۽ سمجھ اچي يا هو علم جو هٿيار استعمال ڪندي حقيقتن کي ڄاڻي وٺن.  يقين ڄاڻو ته جت سردارن جي عملداري هجي ۽ ان سان گڏ روائتي تعليم جو خاتمو ۽ مدرسي واري تعليم عام هجي ته انهن علائقن کي تباهه ٿيڻ کان ڪير به بچائي ڪونه ٿو سگھي. جڏهن کان صوفين جي سنڌ ۾ مذهب جي نالي ۾ مدرسن جو ڄار وڌيو آهي ته انسانن جي تذليل جا واقعا به وڌيا آهن. چڪ ۾ هندن جو قتلام هجي، سيتا ۾ ڪنهن چرئي تي توهين رسالت جو الزام مڙهي سندس مٿو سروٽن سان ڇٿي، وچ بازار ۾ سندس لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ وارو واقعو هجي، پنڱريو ۾ ڀوري ڀيل جي لاش جي بي حرمتي وارو مامرو يا هندو نياڻين کي اغوا بعد بليڪ ميل ڪري زبردستي مسلمانن سان پرڻائڻ وارا واقعا هجن سڀني جي تهه تائين وڃبو ته انهن جي پويان مدرسن اندر جيڪا خطابين کي تعليم ۽ تربيت ملي ٿي ان جو هٿ نظر ايندو. اسان انسانن سان روين جي معاملي ۾ ڪيترو نه ڪري چڪا آهيون. اسين پوري نموني گندگيءَ جي گپ ۾ گيچڙيل وتون ٿا معصوم انسانن تي هڪلون ڪندا ته هي مسلمان ناهي، ڀيل آهي، ماڙيچو آهي، هندو آهي، اوڏ آهي وغيرهه ۽ ان جي هٿ جي شيءِ حرام آهي. اسان ڪيترن کي خبر آهي ته مارڪيٽ مان جيڪي شيون اسان خريد ڪندا آهيون ته اهي ڪنهن جون آهن؟ چائنه جي شين سان اسان جون مارڪيٽون ڀريون پيون آهن، اهي ڇا چائنه اندر  رهندڙ ديوبندي مسلمانن جون جڙيل آهن؟!، اسان وٽ جاپاني ڪارون ۽ موٽر سائيڪلون عام هلن ٿيون اهي ڇا اهي جاپاني شيعن  جي ڪارخانن ۾ ٺهي راس ٿيون آهن، جنرل اسٽورن تي ميڪ اپ ۽ روز مرهه جي شين کي خريد ڪندا آهيون جيڪي گھڻو ڪري يورپ مان امپورٽ ٿي اسان جي هٿن تائين پهچن ٿيون اهي ڇا اهي يورپ جي بريلوي مسلمانن پاران موڪليل آهن!!؟؟ اسان جا هوٽل، اسٽور ڪوڪو ڪولا، شيزان، پيپسي، نيسلي ملڪ ۽ نيسلي پيور واٽر جي بوتلن سان ڀريل آهن ڇا اسان کي اها خبر ناهي ته انهن شين جا بين الاقوامي مالڪ دنيا جا گبر يهودي آهن! اسان جي ملڪ جي اڪثريت سڄو ڏينهن يهودين جي مالڪي واريون بوتلون پيا پيئندا آهن اهي ته سڀ اسان لاءِ حلال آهن پر ڳوٺ جو جيڪو غريب، شريف، بي ضرر ڀيل آهي ان جي هٿ جي شيءِ حرام آهي. اسان جو معاشرو ان حد تائين ڪري پيو آهي ته اسين انسانن کان رڳو سندن گھٽ ذات واري هئڻ ڪري نفرت ٿا ڪيون. جڏهن ته دين اسلام ته آيو ئي هيو اهڙن خرافات کي ختم ڪرڻ!
آهي ڪو مائي جو لعل جيڪو پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي هيسايل، ڊيڄاريل هيڻن ماڻهن جي اندر وڃايل اعتماد کي بحال ڪرائي؟

Friday, August 8, 2014

ڪار پارڪنگ


        سنڌ جي هڪ  گورنمنٽ ڊگري  ڪاليج  جا پرنسپال صاحب پنهنجي ڪار ڪاليج جي سحن ۾ هڪ مخصوص جڳهه تي پارڪ ڪندا هيا.  ٻيا صاحبِ ڪار پروفيسر صاحبان مختلف جاين تي پنهجيون ڪارون پارڪ ڪندا هيا.  ساڳي ڪاليج اندر هڪ تمام محنتي نوجوان ليڪچرار ڀرتي ٿيو هو، جيڪو پنهنجي پڙهائڻ واري عمل کي پنهنجي ايمان جو جز سمجھندو هيو. هن جو استادن، شاگردن سان گڏ ڪاليج جي غير تدريسي عملي سان به رويو تمام دوستاڻو هوندو هيو.  سندس شاگرد کانئس ڏاڍا مطمئين ۽ خوش هوندا هيا ته سمورا ڪليگ پڻ سندس تعريفون ڪندي نه ڊاپندا هيا.

          هڪ ڏينهن پرنسپل صاحب ڪنهن ڪم سانگي ڪار ڪڍي ڪاليج کان ٻاهر هليو ويو. اتفاق سان ان نئين ڀرتي ٿي آيل ليڪچرر خالي جڳهه ڏسي پنهنجي گاڏي ان مخصوص پارڪنگ ايريا ۾ بيهاري. پر سندس بدقسمتي ته پرنسپل صاحب جلدي ئي واپس ڪاليج موٽي آيا.  جڏهن پرنسپل صاحب پنهنجي لاءِ مخصوص ڪار پارڪنگ ۾ ٻي گاڏي بيٺل ڏٺي ته ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙها ٿي ويا.  پٽيوالي کان پڇيائون ته “هي ڪهڙي گستاخ جي گاڏي آهي؟”. پٽيوالي کيس استاد جو نالو ٻڌايو. هڪدم ان استاد جي حاضري پرنسپل صاحب جي آفيس ۾ لڳرائي ويئي. پرنسپل کيس چيو ته “واه سائين واه اڃا ڪالهه آني مان ڦٽا آهيون ۽ هاڻي کان ئي پر هڻڻ شروع ڪيا اٿو. ها بابا ها هاڻي اوهان ڪي ننڍڙا ماڻهون ته ناهيو، آخر ڪار سترهين گريڊ جا آفيسر ٿي ويا آهيو ۽ ان ڪري من مانيون پيا ڪيو. توکي اها خبر ته هوندي ته ان جاءِ تي مان ڪار پارڪ ڪندو آهيان پوءِ به تو اچي پنهنجي ڇڪڙي کي اتي بيهاريو آهي، اوهان کي ته ننڍي وڏي جي شناس ئي ڪانهي”. 

Thursday, August 7, 2014

ننڍڙي ڪهاڻي مٿي جو سور



ٻه ٽي سال اڳ جو قصو آهي ته هڪ ڪاليج جو استاد پنهنجي ڪلاس ۾ پڙهائڻ ويو. کيس ڪاري بورڊ تان اکر مٽائڻ لاءِ ڊسٽر جي ضرورت پئي. پر اتفاق سان اهو ڪلاس روم اندر موجود نه هيو. ياد رهي ته گھڻو ڪري استاد ڊسٽر کي استعمال ڪري  ڪلاس روم ۾ ڇڏي ويندا آهن، ته جيئن ان کي ايندڙ استاد ڪم آڻي. استاد پنهنجي ڪلاس جي هڪ شاگرد کي ڊسٽر کڻي اچڻ لاءِ چيو. جڏهن گھڻي ڳولها ڦولها بعد به مئو ڊسٽر شاگرد کي هٿ نه لڳو ته هن ڪاليج جي ڪلرڪ کان ان متعلق پڇا ڪئي. ڪلرڪ وري کيس پرنسپل ڏانهن اماڻيو.

قصو ڪوتاهه ته جڏهن استاد ڪلاس وٺي موٽيو ته پرنسپل صاحب کيس پنهنجي آفيس ۾ گھرائي چيو ته “تون منهنجي خلاف سازش ڪئي آهي”! پروفيسر صاحب هڪو بڪو ٿي ويو ۽ ڳالهه سندس سمجھ ۾ نه آئي. استاد وضاحت ڪئي ته سائين مون کي قسم کڻايو ته مون اهڙي ڪابه حرڪت نه ڪئي آهي، اوهان کي ڪا تمام وڏي غلط فهمي ٿي آهي. پرنسپل ڪاوڙ ۾ کيس وراڻيو ته “تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين، تو شاگرد کي منهنجي آفيس ۾ موڪلي منهنجي شڪايت ڪرائي آهي ته مان هڪ نااهل پرنسپل آهيان جنهن جي ڪاليج اندر ڊسٽر به موجود نه آهي، تون ڪلاس ۾ وڃڻ کان اڳ اهو پاڻ سان کڻي ڇو ڪونه ويو هئين جو هن ننڍڙي مسئلي کي منهنجي مٿي جو سور بڻائي ڇڏيو اٿئي”. 

Monday, June 30, 2014

ڪتاب”زندگي جو ساٿ“ تي هڪ مٿاڇري نظر



 ...ان وقت اسڪول پڙهائيءَ جو عجيب طريقو هيو هيٺ زمين> تي الف ب لکندا هياسون ڇوته سليٽون گھٽ هيون اگر ڪا سليٽ ملندي به هئي ته اها پٿر جي هوندي هئي نازڪ هئڻ سبب جلد ڀڄي پوندي هئي وسائل به گھٽ هيا تنهن ڪري اڪثر زمين تي لکندا هئاسون ۽ گھڻي دير بعد استاد اچي ڏسندا هيا ۽ غلط برابر سمجهائيندا هيا جيستائين استاد ڏسندو هيو اوستائين ان اکرن جي سنڀال ڪندا هئاسون، آهستي آهستي سمجھ ايندي هئي
 پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ جو هي احوال سنڌ جي هڪ قابل استاد سائين عطامحمد جسڪاڻيءَ پنهنجي آتم ڪهاڻي ”زندگيءَ جو ساٿ“ ۾ لکيو آهي.  غربت ۾ پڙهڻ ڪيڏو نه اڻانگهو، ڏکيو ۽ ڪنهن حد تائين ناممڪن لڳندو آهي پر اهي سڀ ڏکيائيون، رڪاوٽون، معاشي مجبوريون، اڻ موافق حالتون انسان جي قوت ارادي ۽ پختي عزم آڏو وقت گذرڻ سان ڪک پن ٿي اڏامي ويندا آهن ۽ مضبوط ۽ اٽل انسان هڪ مثالي تاريخ رقم ڪري ڇڏيندا آهن. اسڪولي عمارتون، عمارتن اندر تعليمي ۽ انساني سهولتون معياري تعليمي ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ فائدي مند آهن. جيئن اسين اڄ ڏسون ٿا ته گھر گھر اسڪول آهن، انهن مان ڪن ۾ بجلي، پاڻي، لئبري، ليٽرين ۽ فرسٽ ايڊ جون سهولتون به موجود آهن، پرائمري کان وٺي مئٽرڪ تائين نه صرف تعليم مفت آهي پر ان سان گڏ شاگردن کي ڪتاب پڻ مفت ۾ ڏنا پيا وڃن ۽ ڇوڪرين کي تعليمي وظيفو پڻ ڏنو پيو وڃي. پر باوجود انهن سڀني سهولتن جي به اڪثر سرڪاري اسڪول نه صرف ڀڙڀانگ ۽ ڀوت ننگر بڻيا پيا آهن يا جيڪڏهن آباد به آهن ته اتي تعليم نالي ڪا شيءِ ناهي. منهنجي ناقص راءِ مطابق ان جو سبب اهو آهي ته اتي قابل، لائق، پنهنجي ڪرت سان عشق رکندڙ، پنهنجي ڪم کي عبادت سمجهي پڙهائيندڙ استاد ناهن. استادن ۽ انهن کان مٿي سپروائزرس ۽ ٻين عملدارن کان ڀڇاڻي جو ڪو طريقي ڪار لاڳو ڪيل ناهي. ان ڪري سهولتن هوندي به تعليم نالي ڪا شيءِ نظر نه ٿي اچي. هرهڪ تعليمي اداري لاءِ ذميوار، لائق استاد هئڻ تمام ضروري آهن. جيڪڏهن استاد لائق هوندا ۽ پنهنجي شاگردن کي ڪجھ ڏيڻ جي نيت رکندڙ هوندا ته پوءِ پٽي سليٽ، قلم يا ڪاغذ جيڪڏهن مهيا نه به هوندو ته هو زمين تي اکر لکي به پنهنجي شاگردن کي سيکارڻ وارو نيڪ ڪم جاري رکندا. پر افسوس ته اڄ جي دور ۾ استادن جو اهو نسل صفا ناپيد ٿي چڪو آهي.
   ”مان جنهن استاد متعلق لکي رهيو آهيان اڄ کان تقريباً 58 سال اڳ ضلعي خيرپور جي تعلقي ٺري ميرواهه جي هڪ پٺتي پيل ڏورانهي ڳوٺ دٻي ۾ حاجي عبدالله جسڪاڻي جي گھر اک کولي، جيتوڻيڪ سندن نظرن جي سامهون صرف واريءَ جا وڏا وڏا دڙا، ڪکاوان گھر، پٺتي پيل ڳوٺ ۽ تعليم جي زيور کان وانجھيل معاشرو هو، ليڪن هي سندس حوصلو هو جو پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پنجن سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ جي چيچ پڪڙي روزانو 8 ڪلوميٽر  هڪ طرفو پنڌ ڪري سڀ کان ننڍڙو عطامحمد جسڪاڻي پوري علائقي جي وڏن توڙي ننڍن مردن ۽ عورتن جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويو.“ دوست محمد جسڪاڻي سندس هڪ قابل شاگرد ڪتاب تي ”ٻه اکر“ ۾ لکي ٿو.  ”اٺين جماعت پاس ڪرڻ بعد هاءِ اسڪول ٺري ميرواهه ۾ داخلا ورتم سائيڪل وٺڻ جيترا پيسا نه هجڻ ڪري روزانو پيادل ٺري ميرواهه ويندو هيس“ (سندس چوڻ جو مطلب ته ايندو ۽ ويندو هوس). هن کاهوڙي انسان کي اٺين ۽ مئٽرڪ جا امتحان ڏيڻ لاءِ گمبٽ وڃڻو پيو هو. انٽر ۽ بي اي جي امتحانن لاءِ کيس خيرپور، سکر، حيدرآباد ۽ ڄامشورو جا وڻ ڏسڻا پيا، بي ايڊ لاءِ سکر ۾ رهڻو پيو، مئٽرڪ کان بي اي ۽ ايم اي تائين تن تنها، بنا ڪنهن يار دوست سنگتي ساٿي جي کيس وقت ڪٽڻو پيو ۽ پنهنجي تعليم کي جاري رکڻو پيو. (جنهن جو سربستو احوال سندس ڪتاب جي صفحي نمبر 22، 23 ۽ 24 تي پڙهي سگهجي ٿو). پنهنجن مان شادي ڪرڻ ڪري کيس جيڪا اولاد نصيب ٿي اهي موروثي بيماريون به پاڻ سان گڏ کڻي آيا.  پوليو ۽ ٿيلسيما ۾ ورتل ٻارڙن جو علاج ۽ ٽهل ۽ ٽڪور جي خبر انهن کي هوندي جيڪي ان ايذائيندڙ عمل مان گذريا هوندا. اسان جو هي سٻاجھڙو انسان اٺن سالن تائين پنهنجي بيمار اولاد جي رت بدلائڻ لاءِ فاطميه فائونڊيشن ڪراچيءَ جا چڪر به ڪاٽيندو رهيو ته پنهنجي استادي پيشي کي پورو پورو ٽائيم به ڏيندو رهيو.  ڀلا ايترن ڪشٽن ڪٽڻ جو ڪهڙو فاعدو، نوڪري ۽ پگھار؟  ها کيس پرائمري استاد جي نوڪري ملي ۽ سندس نوڪري جي پهرين پگھار 150 روپيه هئي. سندس نوڪريءَ سندس معاشي پاسي کي ٽيڪ ڏني پر سندس اصل ڪم جي اپٽار دوست محمد جسڪاڻي هنن لفطن ۾ ڪئي آهي. ”استاد محترم پنهنجي 40 ساله نوڪري جي دوران هزارين شاگردن کي تعليم جي روشني سان منور ڪيو آهي.“  ڀلا هن هيتري ساري ڊيگھ ۽ حوالن ڏيڻ مان منهنجي مراد ڇا آهي. چوڻ مان اهو ٿو چاهيان جڏهن هڪ انسان ايترا سارا ڪشالا ڪٽي ٿو هو پچي راس ٿئي ٿو، علم، تجربي جي گھاڻي ۾ پيسجي ٿو ته پوءِ ئي ان قابل ٿو بڻجي ته هو هزارين انسانن کي فيضياب ڪري سگھي ۽ سندن اندر اجاري کين سلڇڻو بڻائي سندن تن من کي علم جي روشنيءُ سان ٽمٽار ڪري سگھي.

استاد عطامحمد جسڪاڻي هاڻي رٽائر ٿي خيرپور ۾ جوڙايل گھرڙي ۾ سڪون جي زندگي گذاري رهيو آهي. منهنجي هن عظيم استاد سان صرف هڪ ڊگھي ۽ تفصيلي ڪچهري ٿي آهي جڏهن ته ساڻس واقفيت کان ڪيئي سال اڳ سندس ٻن لائق شاگردن محي الدين جسڪاڻي ۽ سائين دوست محمد جسڪاڻي سان منهنجي چار چشمي ٿيل آهي.  سندس سادي، صاف ۽ سچي تحرير تي مهاڳ ۾ لطيف جي نگري هالا ۾ جنم وٺي پوري دنيا کي پنهنجي تحريرن جي سحر ۾ قيد ڪري رکندڙ سائين الطاف شيخ  لکي ٿو ته ”ان ۾ ڪوبه شق ناهي ته سائين عطا محمد جسڪاڻي صاحب پنهنجي زندگي جي ڏکن سکن جو احوال بيحد اثرائتي ۽ دلچسپ نموني سان لکيو آهي پر اهو آهي ته اڌ صدي جو احوال هن بيحد مختصر بيان ڪيو آهي. هڪ دفعو پڙهڻ شروع ڪرڻ کان بعد دل ان کي ڇڏڻ تي نه ٿي چوي، مون به هڪ ئي (Sitting)  ۾ سڄو ڪتاب پڙهي پورو ڪري ورتو.“ مان سائين الطاف شيخ صاحب سان متفق ٿيندي لکاريءَ کي اهو عرض ڪندس ته هي سندس جيڪا ڪٿا آهي اهوته جهڙوڪر ماخذ آهي ۽ ان کي بنياد بڻائي تفصيلوار کيس زندگي جي ڏکن سکن، اهنجن، تڪليفن، خوشين خريدارين کي تحرير هيٺ آڻڻ گھرجي. تمام خوشي جي ڳالهه آهي ته سندس ٻيو ڪتاب ”منهنجو ماڳ، منهنجون يادون“ پڻ چپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. مان آخر ۾ سندس صحت، درازئي عمر سان گڏ فرمانبردا اولاد جي دعا ٿو ڪريان ته شل سدائين سکي رهن.