Sunday, March 15, 2015

ڪامريڊ ڊائريءَ جو ڇوٿون ورق 23 جولاءِ 2002 پيرڊائيز هوٽل حيدرآباد، روم نمبر 82، ٽائيم رات جو هڪ



ڪامريڊ ڊائريءَ جو ڇوٿون ورق

23 جولاءِ 2002

پيرڊائيز هوٽل حيدرآباد، روم نمبر 82، ٽائيم رات جو هڪ

            واهه ڙي منهنجي قسمت

 ڪامريڊ، اڄ مون کي خيرپور پريس ڪلب آڏو ناري جي دوستن سان گڏ گئس ڪمپنين جي سنڌ دشمن روين خلاف هڙتال ڪرڻي هئي جنهن لاءِ هڪ ڏينهن اڳ جناب حڪيم زنگيجو سان گڏ ان علائقي جو دؤرو به ڪري آيا هياسين ۽ بک هڙتال جو پروگرام طئي ڪيو هوسين. پر صبح جو سويل ميرحسن پروفيسر نذير ڪلهوڙي جو نياپو پهچايو هو ته سنگت ڪراچي ٽوئر لاءِ تيار آهي ۽ آءُ به جلدي صبح جو سويل 6.30 تي سکر پهچان ۽ جنهن ويل اهو نياپو مون تائين پهتو هو ته صبح جا ست وڄي چڪا هيا. پر پوءِ به دل ٻڌي منهن تي پاڻي لپ هڻي، ڪپڙن جا ٻه جوڙا ميڙي کڻي الله توهار ڪئي هئم ۽ سکر ڏانهن ويگن ۾ ويندي ٺيڙهيءَ پهتو هوم ته  يونيورسٽيءَ جي بس اتي اچي ڪن ڪڍيا هيا ۽ مون ويگن جي جان ڇڏي بس جي سيٽ والاري هئي ۽ ائين ڪٿان جو ڪٿان پهچي ويو هوس.

            هن دفعي اونهاري جي وئڪيشن ۾ ڪڪڙ بڻيو پورا ٻه مهينا گھر ويٺو هوم ۽ سواءِ سکر پگھار وٺڻ جي ڪيڏانهن به وڃي نه سگھيو هوم، ان جو سبب اهو نه هو ته ڪا اها منهنجي دلي خواهش هئي، آءُ ته اندريان سائيبريا جي پکين وانگي سدائين سفر لاءِ پيو سوچيندو آهيان، ان جو سبب هو سڃائي، ڀرڙ ڀينگ سڃائي، ان ڪري پنهنجي ٻر ۾ لڪو ويٺو هوس.  پر جيئن ئي يارن جو نياپو پهتو هو ته بي حيائيءَ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي گھر واريءَ کان هڪ هزار جو نوٽ وٺي (جيڪي پئسه هن ٻڪري وڪڻي گل بهار ۽ مجيب وارن جي داخلا لاءِ ٽاري رکي ڇڏيا هيا) نڪري پيو هوس. هن ٽوئر جو شيڊول ته اڃا واضع نموني نه مليو آهي پر يارن جو چوڻ آهي ته جھوڪ شريف جي صوفي، انقلابي ۽ دنيا جي پهرين سوشلسٽ شهيد شاهه عنايت جي قدم بوسي ڪبي، ڪينجهر ڪنارا پيسبا، مڪلي جي وسيع ميدان ۾ شهر خموشان ۾ ابدي آرامي جوانن سان ملبو، ڪراچيءَ جي سامونڊي هوائڻ جو هڳاءُ وٺبو ۽ پڻ لاهوت لامڪان جي زيارت ڪبي. هن سڄي شيڊول ۾ مون لاءِ ٻه وڌيڪ اتساهيندڙ جايون آهن؛ هڪ جھوڪ شريف ۽ ٻيو لاهوت لامڪان. گھڻي وقت کان وٺي منهنجي اها دلي تمنا هئي انهن ماڳن تي وڃجي ۽ قسمت هي موقعو وڏي سهولت سان پيدا ڪري ڏنو آهي. مولا تنهنجا لک شڪرانا
.
اڄ سڀ کان پهريائين شاهه پور جهانيان جي درٻار ۾ ٻين ساداتن سان گڏ مهدي سائين جي زيارت به ڪئي سين. خبر ناهي ته هي اهو ساڳيو مهدي سائين آهي ڪي ٻيو جنهن جو هڪ گيت ڪاليج ۾ سائين ارشاد منگي صاحب سان گڏ جھونگاريندو رهيو آهيان ته؛
”شل واڳ وارين اسان تي مولا پنهنجو ڪرم ڪر،
مولا پنهنجو ڪرم ڪر، اي مالڪ توبهه تو در“.

شاهه پور جهانيا بعد شهنشاهه لطيف جي قدم بوسي ڪئي سين، جت مير عبدالحسين سانگي ۽ علامه محمد بن دائود پوٽي جن جون قبرون به ڳولهي لڌيون سين، جن تي قلن جي گلن جي ورکا ڪئي سين. بعد ۾ خيبر ڀرسان  اڏيري لعل جي درگاهه تي وياسين جتي اسان جي ڪجھ پروفيسرن وڏي وات اهو ڳالهيون پئي ڪيون ته هي ڪنهن هندوءَ جو وٿاڻ آهي، جنهن تي درگاهه جي نوجوان متولي کي ڏاڍي چڙ پئي لڳي ۽ هن زور ڏئي اها ڳالهه رد ڪندي چيو پئي ته اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي هي فقير مسلمان هيا جڏهن ته سندن هندو مريد تمام گھڻا آهن. فقير جي قبر ڀرسان هڪ پاسي مسجد ته ٻئي پاسي مندر جڙيل آهي. ان جاءِ جي اڏاوت هڪ قلعي وانگر آهي جنهن ۾ اهي سڀ قبرون ۽ زيارتون آهن. اتي مختلف جاين تي ڪتبا لڳل هيا جن تي زيارتن ۽ شين جو تعارف لکيل هو. مثال طور تي هڪ کٻڙ جي وڻ لاءَ لکيل هو ته اهو اڏيري لعل جي ڪرامت سان ڦٽي نڪتو آهي. درگاهه جو واءُ سواءُ وٺي درگاهه ٻاهريان گرائونڊ ۾ نوجوانن جي ڪرڪيٽ راند ڏسي وري اچي بس ۾ ويٺاسين ۽ شام جو اچي حيدرآباد پهتاسين. حيدرآباد ۾ هوٽل جا ڪمرا وٺي گھمڻ جو پروگرام هيو پر اهو عمل ۾ اچي نه سگھيو بس ڦليلي جي ڪناري جڙيل هوٽل ۾ اڌ ڪچو ۽ اڌ پڪو ٻڪر جو گوشت ۽ ڏندن ۾ ٺڪاءُ ڪڍندڙ نان کائي هوٽل تي موٽيا آهيون.


هوٽل تي موٽڻ بعد بالٽيءَ ۾ ڀڄايل ڪپڙن کي نپوڙي سڪائڻ لاءِ رکي ننڊ لاءِ سوچيم پئي ته ڪامريڊ سوچيم ته ننڊ کا افضل توسان ڪچهري آهي ۽ ائين هي ٻي ٽي اکر پيو لکان. هونئن سوچون ته تمام گھڻيون آهن ته جيڪر اهي سڀ يادون اتاري من هلڪوڪيان. مثال طور سوچيم پئي ته جيڪر ڪجھ ڏوڪڙن جهڙي ڪا شيءِ جيب ۾ هجي ها ڳوٺ ڏي ڪنهن نه ڪنهن ڏي ٽيلفون کڙڪائي حالي احوالي ٿيان ها ۽ ٿي سگھي پئي ته حيدرآباد مان ڪا خريداري پڻ ڪيان ها. هونئن منهنجا سفر ائين سدائين ڦَڪڙن وارا رهيا آهن، اهڙي حالت هوندي سفر جو مزو ته ماڻيندو آهيان پر جيڪي مزا پئسن جي کيسي ۾ هئڻ ڪري حاصل ڪري سگھجن ٿا اهي وٺي نه سگھيو آهيان.اڄ ته حالت صفا جري آهي، گھران ورتل هزار روپيه ته مفتي نورحسن کي ڏيڻا پيا هيا خرچ لاءِ باقي وڃي محض ٽيهه روپيه جيب ۾ بچيا هيا. اها حالت پنهنجي روم پارٽنر ۽ يار مسٽر نذير ڪلهوڙي صاحب کي ٻڌايم سندس چوڻ هو ته سندس حالت به مون کان ڪا گھڻي سٺي ناهي، سندس چوڻ مطابق ڪي سؤ ٻه وٽس خرچ پکي لاءِ آهن ان ڪري اوڌر ڏيڻ کان لاچاري ڏيکاريائين. پر سائين عبدالجبار سولنگي صاحب خالي هٿ نه موٽايو هو، هن مون کي هڪ سؤ روپيه اڌارا ڏنا هيا جيڪي کيسي ۾ رکي پنهنجو پاڻ کي خوشحال بڻايون پيو گھمان.  

Friday, March 13, 2015

ڪامريڊ ڊائريءَ جو ٽيون ورق



21 اپريل 2002 ڏينهن آچر

ڪامريڊ سائين

اڄ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ امجد لاشاري ۽ ڪجھ ٻين دوستن پاران سيمينار رکيو ويو هو جنهن جي صدارت لاءِ ضلع حڪومت خيرپور جي ناظمه محترمه نفيسه شاهه صاحبه جن کي جڏهن ته مهمان خاص ضلع حڪومت جو نائب ناظم مسٽر شيرمحمد ڦلپوٽو جن کي مدعو ڪيو ويو هو پر خبر ناهي اهي الائي ڇو ڪونه آيا. پروگرام پوءِ به ٿيو جنهن جي صدارت شاهه عبدالطيف يونيورسٽيءَ جي پروفيسر جناب عبدالمجيد چانڊئي صاحب جن ڪئي جڏهن ته مهمان خاص جناب امتياز ڦلپوٽو سابق ميمبر سنڌ اسمبلي جن هئا. ان پروگرام ۾ مون کي پڻ تقرير جو سڏ ڏنو ويو هو، هميشه وانگر منهنجي جذباتي تقرير هئي. مان پاڻ سمجهان ٿو ته اهو هڪ غلط لاڙو آهي جنهن تي مون کي ڪنٽرول ڪرڻو آهي. اڪثر تقريبات ۾ جذباتي تقريرون ڪندي پنهنجي اصلي موضوع کان هٽي ويندو آهيان. پر اڄ پنهنجي موضوع سان واڳيل رهيم. منهنجي تقرير جا حوالا پروفيسر عبدالمجيد چانڊئي صاحب سان گڏ سائين استاد غلام رسول ٻرڙي به ڏنا ۽ چيو ته کيس ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته اڄ سندس شاگرد اهڙي دهنوادار تقرير ڪري ٿا وڃن. هن وڌيڪ اهو به چيو ته کيس اهي ڏينهن ٿا ياد اچن جڏهن آءُ سندس شاگرد هئس ۽ ڪلاس ۾ شرميلي انداز ۾ سندس ڪلاس وٺندو هوس.

پروگرام جي سڀ کان وڏي جذباتي تقرير مسٽر امتياز ڦلپوٽي صاحب جي هئي. موصوف دل کولي پ پ پ ۽ مسلم ليگ کي ننديو ۽ کين لٽيرو، ڌاڙيل، چور سڏڻ سان گڏ ٻين اهڙن ”لقبن“ سان نوازيو. سائين جن سڄا پگھرجي ويا هيا. مون سوچيو پئي ته چڱو ٿيو ته هو پروگرام ۾ آيا ۽ پنهنجي اندر ۾ دکندڙ لاوي کي لفظن جو روپ ڏئي ٻاهر ڪڍي من ٺاريائون.

 پروگرام ۾ سڀني کي ضلع جي چونڊيل نمائندن جي نه اچڻ جو سخت ڏک، ڪاوڙ ۽ افسوس ٿيو هو. سڀني تقرير ڪندڙن پاران خيرپور جي ڦول باغ ۾ بک هڙتال تي ويٺل شهر جي صفائي عملي تي پوليس جي ظالمانا ڪاروائي تي سخت ڪاوڙ هئي. ياد رهي ته پوليس وارين صفائي ڪندڙ عورتن (ڀنگياڻين) کي چوٽين کان گھليندي لٺيون وسايون هيون ۽ ڪامريڊ خبر اها به آهي ته اڄ ڏينهن تائين کين پگھارون ادا نه ڪيون ويون آهن.

ڪامريڊ مان سوچيان پيو ته يا خدا اهي انسان ڪيئن زندگي گذاريندا هوندا جن جي ڪل پگھار ئي محض ٽي، چار يا وڌ کان وڌ پنج هزارن تائين آهي!!!؟؟؟ مهيني جا پهريان ويهه ڏينهن گذري ويا آهن کين پگھارون ادا نه ڪيون ويون آهن پر جڏهن هنن ان جي گھر ڪئي ته کين بي عزتو ڪري مٿن لٺيون وسايون ويون! ٻيو وڏو سچ هي آهي ته انهن تي لٺين وسائڻ جو آرڊر ڏيڻ وارا اهي نام نهاد عوام دوست چونڊيل نمائندا آهن، جن جي زبان عوام عوام ۽ جمهوريت جمهوريت ڪري ڪاڪڙي سان وڃي لڳي آهي.

بهرحال هڪ ڳالهه چڱي آهي ته منهنجي شهر جا نوجوان باشعور آهن، اهي ظلم ۽ زيادتي خلاف قلمي ۽ عملي جدوجهد ڪرڻ کان اصل نه ڪيٻائيندا آهن ۽ سندن ڪاوشن جو نتيجو آهي ته خيرپور جي پرنٽنگ پريس ڪنهن حد تائين نيلاميءَ کان بچي ويئي آهي ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ پنجاهه جي لڳ ڀڳ ملازم بي روزگار ٿيڻ کين بچي ويا آهن.

Wednesday, March 11, 2015

ڪامريڊ ڊائريءَ جو ٻيو ورق


20 ڊسمبر 2002 ڏينهن جمع

                        ڪامريڊ حق موجود

ساٿي جنهن سال جي شروعات لاهور ريلوي اسٽيشن جي هوٽل ميٽرو جي هڪ ڪمري ۾ سخت سردي ۽ ڌنڌ ۾ ٿي هئي ۽ پاڻ پهرين ڪچهري ڪئي هئي، ان سال جي خاتمي ۾ هاڻي وڃي ڪجھ ڏينهن بچيا آهن. تنهنجو هن سڄي سال ۾ ساٿ ڏاڍو خوشگوار رهيو. وعدي مطابق خوشيون ۽ غم مون تون سان شيعر ڪيا. هونئن ته تون منهنجي هڪ يادگار سال طور سدائين مون سان گڏ هوندين يا منهنجي لئبرري جي ٻين ڪتابن ۽ ٻين سالن جي ڊائرين سان گڏ پيو هوندين پر يادگيرين کي تازو ڪرڻ ۽ حسب عادت تنهنجي ورق گرداني پيو ڪندس ۽ نئين سال ۾ ڪو نئون ”ڪامريڊ“  هٿ ڪبو.

اڄ اتر جي ٿڌي هوا پئي گھلي. گھر جي ڏاکڻين ڪمرن وٽ ٽاريءَ جي ڇڻيل پنن کي ٻهاري سهاري انهن کي باهه ڏيئي هٿ منهن ڌوئي اتي ئي نلڪي جي ڀرسان بي نظير جي مدد سان ڪرسي ۽ ٽيبل رکرائي ويٺو هي ٻه اکر لکان. منهنجي پويان سيف علي خان ريڙهو (موٽر سائيڪل جو فالتو ٽائر) پيو گھمائي ۽ پنهنجي سريلي ۽ ٻاتڙي ٻوليءَ ۾ انڊين فلمن جو هڪ ڪلام ”دل ني يه ڪها هي دل سي، محبت هوگئي هي تم سي“ ڳائي.

 آءُ اهو سوچي ويٺو هوس ته ڪو ڪالم وغيره تحرير ڪندس. ٻه عدد ڪالم اڳ ئي لکي ڇڏيا اٿم، اهي اڄ ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ سنڌي اخبار ’سچ‘ ڏانهن موڪليندس. سچ ۾ ڪالم لکي موڪلڻ جي صلاح ماما حاجن سمنگ جن ڏني آهي، جيڪو سندن خيرپور ضلع جو نمائندو آهي. سکر مان نڪرندڙ سنڌي اخبار ”پاڪ سنڌ“ ۾ لاهور جي سفرنامي جون ٻه قسطون شايع ٿي چڪيون آهن.

پن ڇڻ جي موسم شروع ٿي چڪي آهي، اداس ۽ سرد هوائون سان سان ڪنديون پيو گذرن. هن موسم جو به پنهنجو حُسن آهي، هُڳاءُ آهي ۽ پنهنجو هڪ الڳ ۽ منفرد رنگ آهي.  هن موسم ۾ گل ٽڙڻ بدران وٽن ٽڻن ۽ گل ٻوٽن تان پن ڇڻندا رهندا آهن ته جيئن  ايندڙ موسم ۾ نون ڪونپلن ۽ گلن لاءِ رستو هموار ٿي سگھي.

ملڪ ۽ سنڌ جي سياست اهائي ڏنڊي ۽ لالچ تي پيئي هلي. ايمانداري، غيرجانبداري ۽ شفافيت جي لاڦ زني ڪندڙ مشرف (صدر) ان معاملي ۾ انتهائي نيچ ثابت ٿيو آهي. گذريل زماني جي آمرن کان به ٻه وکون اڳتي نڪري لوٽا ڪريسيءَ جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا اٿس. سنڌ جي وڏيرن پ پ پ کي حڪومت نه ڏيڻ جي قيمت تي سڄي سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم جي دهشت گردن حوالي ڪري ڇڏي آهي. 

Tuesday, March 10, 2015

منهنجي ڪامريڊ ڊائري




 ڪجھ سال اڳ تائين ڊائري لکڻ منهنجو محبوب مشغلو هوندو هو. پنهنجي اندر جا احساس، مايوسيون، ناڪاميون، خوشيون، ڪاميابيون سڀ ڊائريءَ جي ورقن تي اتاري من هلڪو ڪندو هوس. هاڻي سوچيان پيو ته احساس ٿو ٿئي ته اهو منهنجي لاءِ انتهائي ڪارائتو وندر هيو، جنهن کي اپنائڻ ڪري تمام گھڻي تڪليفن هوندي به پنهنجو پاڻ کي آٿت ڏئي مايوسين مان نڪري ايندو هوس ۽ زندگيءَ ۾ مليل للڪارن کي منهن ڏئي ويندو هوس. ڊائري نه لکان ها ته شايد منجھي مري وڃان ها يا مايوسين، نااميدين جي اونداهي راهن ۾ ڪٿي ڀٽڪي ڪنهن نه ڪم جو رهجي وڃان ها.  2002ع ۾ مون سنڌ بار ڪائونسل جي ڊائري هٿ ڪئي هئي ۽ ان جا پنا ڪارا ڪندو هوس. ان زماني ۾ مون پنهنجي ڊائريءَ جو نالو ”ڪامريڊ“ رکيو هوم ۽ ڪچهريءَ واري انداز ۾ کيس مخاطب ٿي لکندو هوس، بلڪل ان نموني جيئن انگريزي فلم ”Cast Away“ جو مک ڪردار هوائي جهاز جي ڪريش ٿيڻ بعد سمنڊ جي ڪنهن اڄاتل ٻيٽ تي چار سال گذارڻ وقت پنهنجي فوٽ بال سان مخاطب ٿيندو هو. اڄ پنهنجي ان ڪامريڊ ڊائريءَ مان هڪ ورق (هڪ ئي ساهيءَ ۾ لکيل احساس) اوهان سان ونڊي رهيو آهيان. اوهان جيڪڏهن منهنجي ان ڪاوش ته ڪو ڪمينٽ ڪندو ته مون کي خوشي ٿيندي.

09  اپريل 2002ع  ڏينهن اڱارو

”ڪامريڊ زندگي الائي ته ڇا آهي؟ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي ڪجھ نه ڪجھ سمجھبو آهي ته ’آءُ به ڪجھ آهيان‘ پر اڪثر ڪري پنهنجي بي وقعت هئڻ  وارو زهريلوخيال ڏنگيندو رهندو آهي. الائي ته ڇو جڏهن ڪو چڱو ماڻهون منهنجي سامهون ٻئي ڪنهن چڱي ماڻهونءَ کي جائز مان ۽ شان ڏيندو آهي ته منهنجي اندر ۾ جهڙوڪر ساڙ ۽ حسد ٿيڻ لڳندو آهي ته؛ ڀلا آءُ ايترو ڇو نه ٿو ڀانئيو وڃان! جڏهن ته سبب به ڄاڻا ٿو ته انهي عمل ۾ انهن ماڻهن جو ته ڪو قصور ئي ناهي، هو ته اهو ٺيڪ ٿا ڪن. پران هوندي به سوچيندو آهيان ته آءُ به ته انسان آهيان، ڪنهن چڱي انسان کان عزت لهڻا ٿو ها اها ڳالهه به ٺيڪ آهي ته اهڙي عزت ۽ توقير لاءِ ضروري آهي ته ماڻهون پنهنجو پاڻ ۾ پڻ اهي گھربل لياقتون، قابليتون ۽ گڻ پيدا ڪري پر افسوس ته پنهنجي طبيعت ۾ اهڙين سڀاويڪ گڻن جي پيدا ٿيڻ جا پري پري تائين ڪي به امڪان نظر ڪونه پيا اچن.

ڪامريڊ ڪجھ ماڻهن جي ملڻ لاءِ من ماندو آهي، پر افسوس ته ساڻن ڳچ عرصي کان ڪو رابطو نه ئي ملاقات ٿي آهي. دل ساڻن ملڻ لاءِ ڏاڍي اٻاڻڪي ٿي پيئي آهي، ڪاش اهي هينئر جو هينئر ملي وڃن ۽ روح رچنديون ڪريون ته ڪيڏو نه سڪون اچي! هونئن ڪامريڊ سڪون جي ڳولها ۾ گذريل ڏينهن (6 اپريل) تي جهانپور گھوٽڪي ۾ سائين انور شاهه جي ميڙي تي ويو هوم. اهو ڏاڍو وڻندڙ ڏينهن هيو، ٿڌڙي هوا گھُلي رهي هئي ۽ مينهن ڦڙا به وقفي وقفي سان وسي رهيا هيا. پني عاقل جي ڀرسان پنهنجي زمين ۾ سائي ٻني تي نماز پڙهندڙ هاري ڪيڏو نه پيارو لڳو هو ۽ پوءِ جڏهن ويگن پني عاقل جي اسٽينڊ تي ساهي پٽي هئي ته اتي مدرسي ۽ مسجد قادريه حزب اسلامي تي نظر پئي هئي ۽ ان کان اڳ روڊ سان ڪيئي مدرسا نظر آيا هيا. پني عاقل مدرسي ڀرسان ئي هڪ هوٽل تي عابده پروين جي مڌر آواز ۾ سچل سائينءَ جو عارفاڻو ڪلام ”مين يار دي گھڙولي ڀردي“  هلي رهيو هو. اهو ته ڄڻ انهن مدرسن جي ملن ۽ مولوين کي جواب هو ته اوهان وٽ مدرسا آهن، دولت آهي، وسيلا آهن، فتوائن جا هٿيار آهن ۽ الائي ته ڇا ڇا آهي جڏهن ته ٻئي پاسي ڪجھ ٻول آهن، ڪجھ قول آهن، عشق جا اُلا آهن، انسانذات سان محبت جا جذبا آهن ان ڪري عام ماڻهن ۾ جيڪا قبوليت انهن فقيراڻن ٻولن کي آهي ان جو مقابلو اوهان ڪري نه ٿا سگھو. فرق صرف اهو آهي ته هڪ ڌر جو بنياد نفرت تي پيل آهي جڏهن ته ٻئي پاسي محبت جي مٺاس آهي ته ضرور ماڻهون محبت جو طرف کڻندا.

۽ پوءِ جڏهن ميلي ۾ پهتا هياسين ته ان ڏينهن ميلي جي آخري ڌمال هئي جڏهن ته تيز برسات ڪم صفا ڦٽائي ڇڏيو هو. فقير نذير، فقير غلام نبي ميراڻي ۽ نورمحمد ملڪ سان گڏجي ميلي ۾ زائرين لاءِ جڙيل لنگر کائڻ بعد چانهه جي سبيل به ڪئي هئي سين. فقير نذير وارن جو مرشد حضور بخش عرف حضورڻ سائين هڪ ڇپري ۾ پنهنجي مخصوص کٽ تي ويٺي پنهنجي ٽيپ رڪارڊر مان هندستان جي ڪنهن وڏي گوئي جو ڪلاسيڪل ڪلام پئي ٻڌو ۽  سائيجن ان جي ٻولن تي جھومي رهيا هيا ۽ هيٺ ويٺل ڪجھ ماڻهن ڏانهن نهاري گوئي کي داد ڏئي رهيا هيا. ٿوري وقت کان پوءِ ڏٺم ته سندس هٿ ۾ شراب جي شيشي هئي ان مان پاڻ به سرور پئي ورتائون ته هيٺ ويٺل ڪجھ هندو عقيدت مندن کي پڻ جام ڀري پئي پياريائون. سندس سيرانديءَ کان هڪ عدد سهڻو ڇوڪرو بيٺو هو ۽ پوءِ هڪ جام ٺاهي کيس به پياريو هيائين ۽ ان محفل هلندي هڪ ٻيو نوجوان ڇوڪرو  سندس ڀرسان آيو هو ته کيس ڳراٽڙيون پائي چميون پئي ورتائين ۽ باقي ماڻهون بشمول منهنجي هيٺ سندس سامهون خاموش ويٺا هياسين. مون ڏٺو پئي ته هيٺ ويٺل جهڙوڪر ڪجھ ڳولهي رهيا هجن، خبر ناهي کين ڪجھ مليو يا نه؟!
ٻاهريون ڪو آيو پئي ته سندس پيرن چمڻ کان سواءِ نه پئي ويو.

برسات وقفي وقفي سان ڪڙڪاٽ ڪندي وسي رهي هئي ان سان گڏ گھلندڙ تيز هوا ڪري ٿڌ تمام گھڻي وڌي ويئي هئي. ميلي ۾ پراڻو ڪامريڊ دوست ڊاڪٽر ڀيمن به گڏيو هو. سندس گول مٽول چهري ڪري کيس چيني ڪري سڏيندا هياسين. کيس به سوم رس جو واس ورتل پئي لڳو جو سندس چنجھيون اکيون وڌيڪ چنجھيون ٿي ويون هيون.

اتي مون هڪ ڳالهه نوٽ ڪئي ته فقيرن وٽ منافقي ناهي، جي شراب ٿا پيئن ته سڀني جي سامهون، جيڪڏهن مرشد سهڻي ڇوڪري کان چميون پئي ورتيون ته اهي به کلم کلا، جڏهن ته زاهد سڏائيندڙ به اهو ڪم ڪندا آهن پر جڳ کان لڪي ڪري.  

Sunday, March 1, 2015

پهرين مارچ سائين شاهنواز راڃپر جي جنم جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن تي کيس خراج پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ئي ساهيءَ ۾ لکيل ڪجھ بي ترتيب خيال


اقطرہ قطرہ ملتی ہے قطرہ قطرہ جینے دو،  زندگی ہے،  بہنے دو،  پیاسی ہوں میں پیاسی رہنے دوو  رہنے دوو“ ۔
برادرم شاهنواز راڄپر کي جنم ڏينهن جون مبارڪون هجن....
 پهرين مارچ برادرم شاهنواز راڄپر جي جنم جو ڏينهن آهي.  مارچ ۾ جڏهن گل ٽڙندا آهن، پوپٽ انهن جو واس وٺڻ لاءِ مٿن لامارا پيا هڻندا آهن، ماکيءَ جون مکيون انهن گلن مان مٺاس کڻي ماکي جوِڙڻ وارو ڪم ڪنديون آهن، باغ باغيچا رنگين ٿي پوندا آهن، وڻ ٽڻ ساوڪ جو ويس پهرڻ شروع ڪندا آهن ته اهڙي ئي پربهار گھڙين ۾ پيدا ٿيو هو سائين شاهنواز راڄپر. ها منهنجو سائين، منهنجو ڀاءُ، منهنجو محسن، منهنجو استاد، منهنجو شاگرد، منهنجو ساٿي، منهنجو اڳواڻ، منهنجو ڪارڪن شاهنواز راڄپر به هوبهو مارچ ۾ ٽڙندڙ گلن جهڙو سهڻو، سڀاويڪ سوچن جو مالڪ، سخي، مٺاس سان ڀريل انسان ئي ته آهي. هڪ اهڙو انسان جنهن بس ڏيڻ سکيو آهي، موٽ ۾ کيس ڇا ٿو ملي ان پاسي ڪڏهن هُن لؤڻو هڻي نهاريو ئي ناهي. هو جيڪو سراسر وفا آهي، جيڪو سراسر سخا آهي ۽ مان اهو سوال ته ڪونه اٿاريندس ته کيس موٽ ۾ ڇا مليو، ڇوته هن موٽ ۾ ڪجھ ملڻ جي ته ڪڏهن تقاضائي ناهي ڪئي پر جڏهن به ڪو حساب ڪتاب ڪندو ته کيس چٽو، واضع نظر ايندو ته وفائن جي واٽن تي پنهنجي زندگيءَ جا پربهار ڏينهن گلن جي پتين وانگر نثار ڪندڙ هن ٻهڪڻي انسان کي بس ”کچھ حسینوں کے خطوط، چند تصویر بتاں، بعد مرنے کے مرے گھر سے یہ سامان نکلا“ مليو هوندو.  هن بيدم وارثي وانگر ڪڏهن اها شڪايت ته ڪئي ئي ناهي ته؛ ”ساقی کو دکھادوں گا یہ حال فقیرانہ، ٹوٹی ہوئی بوتل ہے ٹوٹا ہوا پیمانہ “  هن سدائين پنهنجي زخمن کي لڪائي، ڍڪي زندگي گذاري آهي. شاهنواز پنهنجي زخمي بدن، چچريل روح، دٻايل احساسن، مرجھايل جذبن کي پاند ۾ پائي جيئندو رهيو آهي. وفا سندس خانداني ورثو آهي، هڪ دفعو جنهن سان پيچ پيو ته پيو توڙ تائين نڀائبو، پنهنجو سڀ ڪجھ قربان ڪبو ۽ موٽ ۾ ڪا گھُر به نه ڪبي. شادي شهيد روڊ تي راڄپر منزل کان وٺي زهره اپارٽمنٽ جي فليٽ نمبر 16 تائين هن جيڪو سفر ڪيو مان ان جو اکئين ڏٺو شاهد آهيان. اهو هڪ ڊگھو داستان آهي، اهو اسان ٻنهي تي سنڌ جو قرض آهي، جيڪو هُن کي ۽ جيڪو مون کي به لاهڻو آهي ۽ ها زماني وار ٻڌي ڇڏين اسان اهي داستان لکنداسين، ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي بتن کي آئينو ڏيکارينداسين، کين پنهنجا مجروح چهرا جيئن جو تيئن پسائينداسين ته اهي جيڪي پنهنجو پاڻ کي ديوتا سڏرائي اسان کان پوڄا ڪرائيندا هيا ۽ اسان ئي کين اهو رتبو ڏنو هو ۽ هنن بعد ۾ پنهنجو پاڻ کي ديوتا ۽ اسان کي پنهنجو انڌو پوڄاري سمجھي خوب ڪم ورتو هو پر جڏهن انڌ جي چادر اسان جي اکين تان لٿي هئي تڏهن هنن اسان کي منڪر، غدار، ڪافر ۽ زنديق جا لقب ۽ القاب ڏنا هيا. اهي لقب اسان جي نصيب ۾ آيا هيا وفائن جي بدلي، بس اسان کان اها غلطي ٿي پئي هئي ته اسان کين اهو چئي ويٺا هياسين ته ”اوهان به اسان جهڙا ئي آهيو، پاڻ سڀني جي پورهئي جي نتيجي ۾ جيڪو ثمر ميلو آهي اهو سڄي ساٿ جو آهي“ ڀلا ديوتا اهڙي ڳالهه ڪٿي پئي برداشت ڪري سگھيا ۽ هنن پوءِ سوٽو ڦيريو هو، ڦر ڦر سوٽو ۽ اسان سڀ دوست ان سوٽي جي زد ۾ اچي روح جي پاتال تائين زخمن کان چور چور ٿي پيا هياسين. جڏهن ڌڪ پچائي آس پاس نهار ڪئي هئي سين ته بس رڃ ئي رڃ هئي. پر وفائن جي بدلي جفائن جو قصو اتي ته تمام ٿيڻو نه هيو ڪي سنڌائتا سور ته اڃا ملڻا هيا، رڳو ڌرتيءَ جا ديوتا دشمن هجن ها ته به خير هو جيڪڏهن آسمان ئي ٽانڊا وسائي ته ماڻهون ڇا ڪري.  هڪ سنڌو ته هماليه کان وهي ٺٽي ننگر وٽ سنڌي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي ۽ هڪ سنڌو هئي جيڪا شاهنواز جي ساهن ۾ سمايل هئي، جنهن جي پنهنجي زندگي به شاهنواز کان مختلف نه هئي، کيس به درد، ڏک، تڪليفون، پنهنجن جا وڇوڙا وراثت ۾ مليا هيا ۽ اها به انهن سمورن اجگر جيڏن ايذائن کي کلي سهندي هئي، هماليه مان نڪتل سنڌو جيئن سنڌي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي ته اسان جي سنڌوءَ ۾ اهو پورو سمنڊ سمايل هو ۽ پوءَ جڏهن اها به اهڙي ديس ڏانهن هلي ويئي جتان ڪو سنديسو، ڪاچٺي چپاٽي، ڪو نيهن نياپو ناهي ايندو ته هن منهنجي ڀاءُ جيڪو سنيهو موڪليو هو جنهن ۾ جگر جو رت به هو ته اکين ۾ سڪي ويل ڳوڙهن جي آلاڻ به هئي ۽ اهو نياپو هو ته ”ڀاءُ پنهنجي سنڌو هاڻي پاڻ سان گڏ ناهي رهي“ چند ساعتن لاءِ ته مان پاڻ چڪرائجي ويو هوس ته هي يار چئي ڇاٿو ۽ پوءِ جڏهن اصل معاملي جي خبر پئي هئي ته درد جو هڪ نه کٽندڙ آوو منهنجي من ۾ به وهڻ شروع ٿيو هو. ان درد جي ڪا پڄاڻي ته ناهي پر جيئڻو به ته آهي ني....وفائون قرباني گھرنديون آهن پر اها قرباني انساني سهپ جهڙي ته هئڻ گھرجي نه؟ پر قرباني ڪو فرمائشي پروگرام ته ناهي، قرباني ته بس قرباني آهي ۽ اها هرحال ۾ ڪرڻي پوندي آهي. هي يار قربانيون ڏيندي ڏيندي پنهنجو سڀ ڪجھ وڃائي چڪو آهي، سندس ويجھا يار دوست، سنگتي ساٿي به کيس بس منا ڀائي ايم بي بي ايس وارو سرڪٽ سمجھي ڪم وٺندا رهيا آهن کين ڪڏهن اهو خيال ته آيو ئي ناهي ته هن وٽ هڪ جسم آهي، سندس گھر ٻار آهن، هن کي به بک لڳندي آهي، هن کي به ڪپڙا لٽا گھربل هوندا آهن، موتي فوتيءَ تي يارن دوستن سان ملڻ هن جو به حق آهي...شاهنواز  جي پنهنجي زندگيءَ تي جڏهن نظر ٿو وجهان ته مون کي عظيم گلزار  جي فلم اجازت ۾ سندس رچيل ڪويتا ٿي ياد اچي؛
قطرہ قطرہ ملتی ہے قطرہ قطرہ جینے دو،  زندگی ہے،  بہنے دو،  پیاسی ہوں میں پیاسی رہنے دوو  رہنے دوو

Saturday, January 3, 2015


سنڌ جي تعليم ڇو سڌري؟


اسان جا دوست ان ڳالهه تي بحث ڪندا آهن ته سنڌ جي تعليم ڇو ڪونه ٿي سڌري، مان ٿو چوان ته سنڌ جي تعليم ڇو سڌري؟؟
ڪنهن به ڳالهه کي سمجھڻ لاءِ صحيح مسئلو ڳولهڻ انتهائي اهم هوندو آهي ۽ ان سان گڏ مناسب ۽ واسطيدار سوالَ ضروري آهي. کوجنا (جنهن کي انگريزيءَ ۾ ريسرچ چئبو آهي) جي عمل ۾ مسئلي متعلق سوال جي تمام وڏي اهميت هوندي آهي. ان ڪري مان وري به ورجايان ٿو ته سنڌ جي تعليم ڇو سڌري؟
جڏهن تعليمي سڌاري ۽ واڌاري جا ڪي به ڪم ٿيندا نه هجن ۽ جڏهن هر ڪم اونڌو، ابتو ۽ راهه کان ٿڙيل ٿيندو هجي ته پوءِ ڀلا آخر اهو مسئلو حل ڇو ٿئي؟ جڏهن سنڌ جا سياستدان، حڪمران، تعليم جي اهم شعبي جا وزير تعليم جي شعبي کي اهميت رڳو ان لاءِ ڏين ته ان مد ۾ نوڪريون تمام گھڻيون هونديون آهن ۽ نوڪريون تڪ وارن ووٽرن، مامن ڀاڻيجن ۽ ڪارڪنن ۾ ورهائي تڪ ٺاهڻا آهن، ووٽ وٺڻا آهن ته اهڙي خسيس سوچ ۽ پاليسي هوندي آخر سنڌ جي تعليم ڇو سڌري؟
جڏهن اهليت کي سئو بجا ڏيئي، رشوت، پنهنجا نوازڻ، ڪارڪنن کي راضي رکڻ جي نالي ۾ نااهل، ڪرپٽ ماڻهن جون لوڌون ڀرتي ڪري اهم جاين تي کين ويهاربو ته پوءِ سنڌ جي تعليم ڇو سڌري؟
جڏهن اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين جي هيڊ ٽيچر، پرنسپل ۽ وي سي جي ڪرسين تي چٻ ويٺا هجن، جن جو تعليم جي سڌاري ۽  واڌاري سان ڪو پري جو تعلق به نه هجي ته پوءِ تعليم ڇو سڌري؟
جڏهن استادن جا پروموشن يا پوسٽنگس سندن ڪيل ڪم جي جائزي بدران سينارٽي يا سياسي لڳ لاڳاپن جي ڪري ڪيا وڃن ته سنڌ جي تعليم ڇو سڌري؟
جنهن پرڳڻي جا استاد اسڪولن کان گسائيندا هجن، والدين بي پرواهه هجن، ڪامورا رشوت خور هجن، شاگرد ڪم چور هجن ته تعليم ڇو سڌري؟
جڏهن پرائمري، سيڪنڊري، هائير سيڪنڊري، ڪاليج کان وٺي يونيورسٽي تائين استاد تنظيمن جي جدوجهد جو محور محض پروموشن حاصل ڪرڻ يا سهولتن وٺڻ لاءِ هجي ۽ ڪڏهن ڀلجي به اهي معياري تعليم جي واڌ ۽ ويجھ جي لاءِ سوچ ويچار نه ڪن ته سنڌ جي تعليم ڇو سڌري؟
جڏهن گوسڙو ماسترن جي فيڪٽري ته کليل هجي (پئسه وٺي کين پڙهائڻ واري ڪرت کان آجپو ڏياريندڙ سپروائزر، ڊي اي او وغيره) بس ٿڪ لعنت رڳو گوسڙوئن تي ٿئي ته سنڌ جي تعليم ڇو سڌري؟
هي مسئلو رڳو استادن، شاگردن، والدين جو هجي ها ته شايد ڪڏهڪو مثبت نتيجا اچي وڃن ها.   سياسي مداخلت، ميرٽ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي، غلط ڀرتين ۽ انتهائي غلط ماڻهن کي اهم عهدن تي رکڻ ڪري تعليمي ادارا صفا ويهجي ويا آهن. پر مسنٽر ، سيڪريٽري تعليم کان وٺي هيٺين ڪامورن تائين ڪوبه اها ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڀلا جيڪي ماڻهون پاڻ ڪرپشن جا بادشاهه آهن، جيڪي نااهل آهن، جن کي ادارن هلائڻ جو نه ته ڪو ڏانو آهي نه ڏات نه ئي انهن وٽ ڪي واسطيدار سندون آهن ته انهن کي ڊاريڪٽر، اي ڊي او، پرنسپل، سپروائيزر، آڊٽ آفيسر بڻائي اسان ڪهڙي نموني سنڌ جي تعليم سڌاري سگھون ٿا. ان ڪري مان اهو ٿو چوان ته اهڙن افعالن هوندي سنڌ جي تعليم ڇو سڌري.....تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري جا جيڪي به انڊيڪيٽر آهن انهن کي سمجھڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ بدران بس رڳو ڏنڊي جي زور تي يا استادن کي سسپنڊ ڪرڻ يا نوڪرين مان نڪالي ڏيڻ سان ته تعليم ڪونه سڌرندي. تعليمي عمل جي مٿان نظر داري ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن اسان سڀ کان وڌيڪ رشوت جي بازار گرم ڪري هلندڙ روينو عملدار مقرر ڪنداسين ته پوءِ ڀلا تعليم ڇو سڌري؟
مون کي منهنجي هڪ دوست ڏاڍي مذيدار ڳالهه ٻڌائي هئي؛ منهنجو اهو نوجوان دوست فرانس مان پي ايڇ ڊي ڪري جڏهن واپس وريو هو هو ته سنڌ حڪومت ۾ ويٺل وزيرن ۽ ڪامورن کيس ايترو ته تنگ ڪيو هو جو هڪ وقت اهڙو به آيو ته هن ڪاليج سائيڊ تي ليڪچرري واري پوسٽ کي ئي ڇڏي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو. پنهنجي پوسٽنگ جي سلسلي ۾ هو جڏهن تنهن وقت جي سيڪريٽري تعليم سان مليوهو ته سيڪريٽري صاحب کيس ڀاشن ڏنو ته تون سرڪاري قائدن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي پنهنجي موڪل نه ورتي آهي تنهن تي اسان جي دوست کيس گذارش ڪئي هئي ته قبلا هي ڏسو ڪاغذ پٽ، رسيدون جيڪي مون ته وقت سر اوهان جي دفتر ۾ جمع ڪرايا هيا پر اها نااهلي ته اوهان جي عملدارن جي آهي! ان تي صاحب کي سخت ڪاوڙ لڳي هئي ۽ چوڻ لڳو ته تون وري اسان جي ڊپارٽمنٽ کي نااهل ٿو چئين تنهنجي اهڙي جرئت مان توکي هاڻي جو هاڻي فارغ ڪرائڻ جا آرڊر ٿو جاري ڪرايان! هن سندس سامهون سيڪشن آفيسر کي گھرائي کيس نوڪري مان خارج ڪرڻ لاءِ شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جا فرمان جاري ڪيا هيا. اتفاق سان منهنجي ان دوست کي پنهنجي ڳوٺ جو اڻ پڙهيل سياسي وڏيرو ملي ويو هو هن جڏهن کيس سڄي ڳالهه ٻڌائي ته هو کيس واپس سيڪريٽر تعليم جي دفتر ۾وٺي هليو ۽ ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي سگريٽ پيئندي سيڪريٽريءَ کي چيو هو ته ڇڏ هاڻي ضد کي هي پنهنجو ڇوڪرو آهي، هن کي پوسٽنگ ڏي ۽ سيڪريٽريءَ سندس چوڻ تي اڳ ٽائيپ ٿيل ڪاغذ پٽ انوقت ڦاڙي کيس اتي جو اتي پوسٽنگ جو آرڊرڏيئي ڇڏيو هو. سنڌ جي تعليم کاتي ۾ اهڙا ڪامورا وڏين سيٽن تي براجمان ٿيل هجن جيڪي هڪ اعلى تعليم ورتل ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيل نوجوان جي منطقي ڳالهه کي اهميت ڏيڻ بدران هڪ اڻ پڙهيل سياسي اڳواڻ جي ڳالهه مڃي اهو ساڳيو عمل ڪن جنهن کي ڪجھ ساعتون اڳ هو پاڻ قانونن ۽ ظابطن جي خلاف چوندو هجي ته پوءِ سنڌ جي تعليم ڇو سڌري؟؟؟؟؟