Tuesday, December 15, 2015

شاهه عبدلطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ پيش ڪيل ٽن ايم فل سيمينارن جو احوال ۽ جائزو







اڄ 15 ڊسمبر 2015ع جي ڏينهن شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سنڌي شعبي ۾ ايم فل جي سلسلي ۾ ٽي عدد لڳاتار سيمينار ٿيا. جن ۾ جناب داد محمد ڪٽوهر (انورپرديسي) ”سچل جي سنڌي شاعريءَ ۾ علامت نگاري (تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“، جناب محمد ابراهيم کرل (ابراهيم کرل) ”نسيم کرل جي ڪهاڻين جو تنقيدي جائزو“ ۽ جناب عتيق الرحمان ميمڻ جن ”برطانوي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت (تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو)“ پيش ڪيا. ٽنهي اسڪالرن جي ڪم کي ساراهيو ويو ۽ سندن ڪيل تحقيق جي واکاڻ ڪندي سندن سيمنارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. هن ڪارائتي پروگرام جي صدارت ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ (ڊين فيڪلٽي آف آرٽس اينڊ لينگويج) صاحب جن ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي ٽنهي اسڪالرن کي گائيڊ ڪندڙ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جوسابق چئرمين ڊاڪٽر ادل سومرو، شاهه عبدالطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جا چئرمين سائين ايازگل پڻ موجود هيا. انهن کان علاوهه يونيورسٽيءَ ۽ ڪاليج سائيڊ جا ٻيا به ڪيترائي ناليوارا ڊاڪٽر، پروفيسر، شاگرد موجود هيا.  ياد رهي اڄوڪين ٽن سيمينارن ۽ گذريل چئن سيمينارن کي ملايو وڃي ته ستن جو انگ ٿو بيهي، اهڙي ڪارائتي ڪارڪردگيءَ تي سنڌي شعبي جو چئرمين سائين اياز گل لکين کيرون لهڻي، ساڳي وقت سائين ادل سومري جي مستقل مزاجي ۽ سنڌي ادب سان دلي لڳاءُ جو کليل اظهار به ٿئي ٿو ته سائين جن ڪنهن به نوجوان محقق کي مايوس ڪرڻ بدران کين همٿايو آهي ۽ پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي سندن رهنمائيءَ وارو ڪم سرانجام ڏنو آهي. انهن سمورن سڀاويڪ ڪمن ۾ ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ جن پڻ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. شاهه عبدالطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي کان سواءِ ٻين شعبن ۾ پڻ تحقيقي ڪم هلي پيو، ان ڪري ئي يونيورسٽي جي رينڪنگ تمام سٺي ٿي ويئي آهي. حقيقت ۾ اسان جي نوجوانن ۾ تمام وڏو ٽيلنٽ موجود آهي ۽ منجھن ڪم ڪرڻ، تحقيق ڪرڻ، جستجو ڪرڻ جا جوهر اتم موجود آهن بس کين موقعا فراهم ڪري ڏيڻ جي ضرورت آهي. جڏهن به ۽ جتي به کين موقعا مليا آهن ته انهن پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. مثال طور اڄ مسلسل ٽي سيمينار لڳاتار هلندا رهيا ۽ پورو هال آخر تائين ڀريل ئي رهيو. هر نوجوان محقق جي پيش ڪش بعد سوالن جوابن واري نشست پڻ تمام ڪارائتي رهي ۽ ڪيئي ڪم واريون ڳالهيون ٿيون. مان بحيثيت هڪ طالب علم جي تمام گھڻيون ڪارائتيون ڳالهيون سکيون.

ڪم ڪيترو به سٺو ٿئي پر ان ۾ وڌيڪ چڱ ڀلائي، سٺائيءَ جي گنجائش بهرحال رهندي آهي. هڪ ڳالهه جيڪا ڊاڪٽر ادل سومري ڪئي ته يونيورسٽي اندر سنڌي شعبي جا جيڪي نوجوان ايم فل جي ڊگري حاصل ڪن ٿا ته کين ان پنهنجي ايم فل جي ڊگريءَ کي پي ايڇ ڊي ۾ بدلائڻ جو چانس ناهي ۽ انهن نوجوانن محقق پي ايڇ ڊي لاءِ وري به ڪنهن ٻي يونيورسٽيءَ سان رجوع ڪرڻو پوندو ۽ سندس اها صلاح هئي ته ايم فل جي اسڪالرن کي اهو موقعو شاهه عبدالطيف يونيورسٽيءَ اندر ئي مهيا ڪري ڏنو وڃي. مان ڊاڪٽر ادل سومري جي تجويز سان سؤ فيصد متفق ٿيندي ان ۾ هڪ ٻي ڳالهه جو اضافو به ڪندس ته سنڌي شعبي ۾ ڪي پي ايڇ ڊي اسڪالر به کنيا وڃن ته جيئن تحقيقي ۽ تدريسي ڪم ۾ تهان وڌيڪ نکار اچي.

اڄوڪي پروگرام ۾ جيڪي ٽي سيمينار ٿيا اهي ٽيئي ڊيسڪ تحقيق جي زمري ۾ آيل آهن (تحقيقي ۽ تنقيدي جائزا).  ڊيسڪ تحقيق حقيقت ۾ سيڪنڊري سورس کي استعمال ڪندي ڪئي ويندي آهي. ڊيسڪ تحقيق وارو مواد اڳ ئي موجود هوندو آهي ۽ انهن جو مطالعو ڪري تحقيق ڪندڙ ڪنهن شخصيت، تاريخي دؤر، ڪنهن واقعي متعلق تحرير ٿيل مواد جو تجزيو ڪري پنهنجي چونڊيل عنوان تحت ان مان ڪي نوان پهلو اجاگر ڪندو آهي. جڏهن ته پرائمري ريسرچ اها هوندي آهي ته تحقيقڪار سڌو سنئون ڪي نيون حقيقتون پاڻ هٿ ڪندو آهي. منهنجي خيال ۾ ته اڄ جيڪي تحقيقي سيمينار ٿيا ان جا تحقيق ڪار پنهنجي تحقيقي ڪم ۾ ڪن ٻين ماهرن جي راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ کانئن ڪي انٽرويو ڪن ها يا ڪي فوڪس گروپ ڊسڪشن ذريعي به مواد گڏ ڪري انهن کي پنهنجي ڊيسڪ تحقيق سان سلهاڙين ها ته سندن ڪم کي تهان وڌيڪ چار چنڊ لڳي وڃن ها.

اڄوڪين سيمينارن ۾ تحقيقي عنوان ڏنل هيا پر ڪنهن هڪ محقق به اهو ڪونه ٻڌايو ته سندن تحقيقي سوال ۽ ان جا سب سوال (Research Question and Sub research questions) ڪهڙا آهن. ڪنهن به تحقيق ۾ تحقيقي سوال تحقيق ڪار جي رهنمائيءَ وارو ڪم ڪندو آهي ۽ ان مان تحقيق ڪندڙ کي مواد هٿ ڪرڻ، مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ، مواد جو تجزيو ڪرڻ ۽ ان تجزئي جي آڌار تي ڪي نتيجا ڪڍڻ جو موقعو ملندو آهي.
    

Friday, December 11, 2015

پروگريسو فورم سکر پاران جشن لطيف جي پروگرام تي تبصرو



پروگريسو فورم سکر پاران 11/12/2015 جي شام جو شاليمار چوڪ تي جشن لطيف ملهايو ويو. پروگريسو فورم سکر جو روح روان مسٽر يامين ميراڻي جن آهن. سکر اندر پروگريسو فورم سان گڏ جاڳرتا فورم، بيڊس سکر به تمام گھڻو سرگرم ڏٺا ويا آهن. پروگريسو فورم ۽ جاڳرتا فورم کي سرگرم ڪرڻ وارا پنهنجي وقت جا سرگرم سياسي ڪارڪنن رهيا آهن ۽ جن پنهنجيون پوريون توانائيون پنهنجن پنهنجن سياسي پارٽين تي صرف ڪيون هيون پر جڏهن سياسي وايو منڊل مٽيو ته مٿي ٻڌايل دوستن خاموش رهڻ کان بهتر ڄاتو ته پنهنجين سرگرمين کي جاري رکن ۽ ائين اهي مختلف ڪارائتا پروگرام ڪندا رهندا آهن. سندن پروگرامن کي اسان غير سياسي پروگرام ته چئي نه ٿا سگھو ڇوته سندن پروگرامن ۾ مختلف سياسي ڪارڪنن کي ڪوٺي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويندو آهي ۽ ٻيو هي ته اهي پروگرام فورم پنهنجي هڙان وڙان ڪندا آهن.

 جشن لطيف واري پروگرام ۾ سکر سطح تي سرگرم سمورن سياسي پارٽين، ادبي ڌارائن، سماجي سطح تي ڪم ڪندڙن کي ڪوٺ ڏئي کين لطيف جي فڪر تي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو هو.

قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سائين هادي بخش ڀٽ صاحب ۽ عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سائين حڪيم زنگيجو لطيف جي فڪر تي شاندار نموني روشني وڌي ۽ لطيف جي شعرن سان لطيفي فڪر جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪري خوب داد حاصل ڪيو. مٿي ذڪر ڪيل ٻن دوستن کان سواءِ باقي اسان جا جيڪي نوجوان دوست آيا انهن لطيف جي شاعريءَ جي جنهن نموني چير ڦاڙ ڪئي ان تي سواءِ افسوس جي ڀلا ڪري به ڇا ٿو سگھجي. هڪ پاسي دعوا آهي قومپرستي جي، ڳالهيون آهن سنڌ جي آزاديءَ جون ٻئي پاسي لطيف سائينءَ جو ڪو هڪ اڌ شعر به صحيح پڙهڻ ڪونه ٿو اچي! اها صورتحال محض اسان جي سياسي ڪارڪنن جي ناهي، اسان جي تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ هر سطح تي جيڪي استاد ۽ پروفيسر آهن انهن جو حال به ساڳيو ئي آهي.  گذريل اليڪشني عمل جي پولنگ عملي جي سکيا وقت مون چاليهن جي لڳ ڀڳ عملي کي لطيف جو شعر ”اول الله عليم، اعلى عالم جو ڌڻي.....“ ٻڌائڻ جي استدعا ڪئي هئي ته سواءِ هڪ نوجوان استاد جي ٻئي ڪنهن کي به اهو شعر ياد ڪونه هو! ان نوجوان به اهو شعر غلط ئي پڙهيو هو. ڪنهن ڪنهن کي ڏوهه ڏجي، اهي جيڪي پاڙهڻ جا ذميوار آهن، اها شاعري جيڪا انهن جي نصابي ڪتابن ۾ شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ ڏنل آهي اسان جي استادن کي اها نه ٿي اچي ٻئي پاسي اسان جا نوجوان سياسي ڪارڪن جن کي سواءِ چند نعرن جي ڪجھ به ناهي ايندو، اهي جنهن سياسي ڌر سان سلهاڙيل آهن مون کي يقين آهي ته کين پنهنجي رهبر(ن) پاران لکيل فلسفي جي خبر به ڪا خير هوندي، اهي جيڪي چي گويرا کي پنهنجو هيرو سمجھن ٿا انهن چي گويرا جي لکيل گوريلا جنگ جي ڪتاب کي به شايد پڙهيو ئي هجي!

مٿي ٻڌايل جشن لطيف واري پروگرام ۾ اسان جي هڪ دوست عوام سان سڌي سنئين رابطي متعلق تمام ڪارائتيون ڳالهيون ڪيون هيون پر افسوس ته هو جنهن سياسي ڌر سان وابسطه آهي ان ۾ ڪوبه نئون رت ڏسڻ ۾ ڪونه پيو اچي، اهي جيڪي چار يار هيا جيڪي اوڻويهه سؤ اسي ۾ مون ڏٺا هيا بس اهي ئي آهن! اسان جي انهن دوستن کي ٻين کي صلاحون ڏيڻ کان اڳ پنهنجي ڳالهين تي پاڻ به عمل ڪرڻ گھرجي. اسان جي ڪن قومپرست يا ترقي پسند سياسي ڌرين ماضيءَ ۾ هيٺين سطح تي عوام ۾ ڪم ڪيو هو ۽ ڳوٺ سطح تائين تنظيمي ڄار وڇايو ويو هو، انهن پارٽين کي پنهنجن انهن لاڳاپن کي ئي ٻيهر جيارڻ گھرجي! سموري قوم کي صلاحون ڏيڻ وارا افسوس ته پاڻ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ اصل تيار ڪونهن هاڻي سنڌ جي سياسي وايو منڊل ۾ ڪا مثبت تبديلي اچي به ته ڪيئن اچي.

مون کي انتهائي افسوس ته سکر جي ادبي ۽ سياسي سوجھ بوجھ رکندڙ ساٿيءَ تي ٿيو جنهن پنهنجي مختصر تقرير ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته لطيف نه ته صوفي هو، نه مذهبي خيال رکندڙ هو، نه مزاحمتي هو ۽ نه ئي قومپرست، آخر ۾ سندس چوڻ هو ته لطيف اسان جهڙو ئي هڪ عام ماڻهون هو (مون کي ته ائين لڳو ڄڻ سائين جن جو اهو چوڻ هو ته اسان هروڀرو لطيف کي پنهنجي سِر تي سوار ڪيو آهي)

سڀ ڪم ۽ سرگرميون، محنت، تحقيق ۽ جستجو ڪرڻ کان سواءِ ثمر ڏئي ڪونه سگھنديون. مامرن کي سمجھڻ لاءِ سِر کپائڻو پوندو آهي، لاڳاپيل علم کي سمجھڻ لاءِ ضخيم ڪتابن جو مطالعو ڪبو آهي، سياسي ڪم ڪار لاءِ جبلن سان مٿا ٽڪرائڻا پوندا آهن، حق ۽ سچ جي ڳولها لاءِ رڻ پٽ، بيابان رلڻا پوندا آهن انهن لاءِ سسئيءَ واري همٿ، مارئي واري وطن دوستي درڪار هوندي آهي.    

Wednesday, November 25, 2015

منهنجولکيل خط عوامي جمهوري پارٽي جي دوستن پاران جاري ٿيندڙ رسالي ”ويساهه“ لاءِ ....


گل ڪٽوهر
سکر 27/2/2015.

ويساهه نظرن مان گذريو. مون کي ويساهه ۾ ڇاپيل مضمونن جي چونڊ پسند آئي. ان جو سبب اهو ناهي ته مان عوامي جمهوري پارٽيءَ سان واڳيل آهيان پر اهو ان ڪري به ته ان ۾ ڇيپل مواد پارٽي پروپينگنڊه کان هٽي ڪري ڏنل آهي. استاد محمد يوسف جي ياد ۾ ڏنل ليک، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ماضي ۽ حال جو قصو، ڪارآمد سياسي بحث مباحثي تي مشتمل مضمون، هڪ سچي سياسي ڪارڪنن جي آتم ڪٿا، سنڌ جي زراعت، تعليم، بلدياتي نظام متعلق مضمون ۽ شهيد فاضل راهوءَ جي ورسيءَ سان گڏ محترم ابرار قاضيءَ جو تفصيلي انٽرويو وغيره.

منهنجو مشاهدو رهيو آهي ته سياسي پارٽين پاران ڇپجندڙ رسالا گھڻو تڻو انهن پارٽين جي پروگرامن جي رپورٽن، اڳواڻن جي ثنا خواني، ٻين پارٽين خلاف ڀنڊي بازي جهڙي ڦڪي مواد سان ڀريل نڪري نروار ٿيندا رهيا آهن. اهڙو مواد پڙهندي پارٽيءَ جا ڪارڪن ته بيشڪ خوش ٿيندا هوندا پر انهن رسالن ۾ عام خلق جي ڪا نمائندگي ناهي هوندي. ڀلا عام ماڻهونءَ کي ڪهڙو ضرور پيو آهي ته هو ڪنهن مخصوص پارٽيءَ جي پروپيگنڊهه تي ٻڌل رسالي تي پنهنجو قيمتي وقت زيان ڪري؟؟! سنڌ اندر ترقي پسندي ۽ قومپرستيءَ جي دعويدار ڌرين پاران اهڙي روين ڪري سندن اڪثريتي عوام سان رابطو بنهه ڪٽيل رهندو نظر آيو آهي. اهي پنهنجو پاڻ کان سواءِ سموري خلق خدا کي ڀليل، نقلي، ترميم پسند، سازشي، سنڌ دشمن، عوام دشمن، عقل ۽ علم کان وانجھيل تصور ڪندي هڪ مخصوص تصوراتي دنيا ۾ رهندا آيا آهن، جتي هو خيالن ئي خيالن ۾ پنهنجي عظيم اڳواڻ جي رهنمائيءَ ۾ انقلاب برپا ڪندا رهندا آهن. اهو رويو اٺ پکيءَ وارو آهي جيڪو واريءَ ۾ پنهنجو منهن لڪائي اهو سمجھندو آهي جيئن ته هو ڪنهن کي ڪونه پيو ڏسي ته ٻيو ڪوبه کيس ڏسي نه سگھندو هوندو. ترقي پسند دوستن سان گڏ گذاريندي ورهه ٿي ويا آهن پر انهن ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي حقيقي عوامي ماڻهون بڻائڻ جي ڪا ڪوشش ئي ناهي ڪئي. ان جي نتيجي ۾ جڏهن اهي ڪنهن سنڌ دشمن عمل خلاف ڪا ڪال ڏيندا آهن، ڪو پروگرام ڪندا آهن، ڪا ورسي يا سالگرهه ملهائيندا آهن ته آءُ ۽ ڪانو واري ڪار هوندي آهي. مان گذريل ٽن ڏهاڪن کان ڏسندو پيو اچان ته اهي ئي مهانڊا، اهي ساڳيا ئي اسٽيج تي سينگارجي ويهندڙ، اهي ئي چار هيٺ بئنچن تي ويهي اوٻاسيون ڏيندڙ ڪارڪن نظر آيا آهن. پر ڳالهه اتي ختم ٿئي ته خير آهي، اسان جا اهي خيالي اڳواڻ پنهنجي مايوسيءَ  (Frustration) کي لڪائڻ لاءِ ماڻهن کي گاريون ڏيندا آهن ۽ چوندا آهن ته ”ادا سنڌي قوم ڪونه سڌرندي، ڏسو نه اسان سندن حق ۾ ڪيئن نه پيا پاپڙ پيليون پر اهي گڏهه جي مٿي تي سڱن وانگي گم آهن“. کين اها ڳالهه اڃا تائين سمجھ ۾ اچي نه سگھي آهي ته اها قوم، عوام يا خلق جي نااهلي ناهي اها سندن ناڪامي آهي ته اهي ماڻهن کي پنهنجو پيغام پهچائڻ ۾ بنهه ناڪام ويا آهن. کين گھرجي ته قوم ۽ عوام کي گاريون ڏيڻ بدران پنهنجو پاڻ تنقيدي جائزو وٺن ته آخر ڪار کانئن ڪهڙي ڪوتاهي ٿيندي رهي آهي ته عام خلق کانئن ڊگھي مفاصلي تي بيهڻ کي پسند ڪندو رهيو آهي. منهنجي خيال ۾ ته اهوسڀ ڪجھ ڪرڻ جو خيال به انهن جي ذهنن ۾ ايندو جيڪي واقعي به سنڌ جي ڪٽيل سٽيل، لتاڙيل، چيڀاٽيل ماڻهن جي زندگين ۾ واقعي به ڪو ڦيرو آڻڻ جا دلي خواهشمند هوندا. هتي ته اڪثريت دڪانداري آهي. نالو قومپرستي ۽ ترقي پسندي ۽ نعرو سنڌ دوستيءَ جو آهي پر پردي پويان ذاتي مفادن جي رکوالي ٿيندي پئي رهي آهي. هن وقت قومپرست، ترقي پسند سياست جا جيڪي دعويدار ”عظيم اڳواڻ“ آهن انهن جي اقتصادي حالت کي ٽيهه سال پوئتي وڃي ڏسبو ته هر شيءِ واضع ٿي ويندي ته سنڌ سنڌ ۽ هاري ۽ مذدور عوام جا نعرا هڻندي ڪيئن نه اسان جا اهي اڳواڻ ڪک پتيءَ مان ڪروڙپتي بڻجي ويا آهن ۽ سنڌ، سنڌي عوام، سنڌ اندر ترقي پسند يا قومپرست سياست اڳ کان به وڌيڪ ڏٻري ۽ نٻل ٿي ويئي آهي.

اهڙن سوچن ۽ خيالن کي ذهن ۾ رکي جڏهن مان ويساهه کي ڏسان ٿو، عوامي جمهوري پارٽيءَ جي دوستن جي ڪم ڪار تي تنقيدي نظر وجھان ٿو مون کي مستقبل ۾ سنڌ اندر صاف سٿري، عوامي سياست جا عڪس ۽ اولڙا اڀرندي نظر اچن ٿا.  شل اهڙي قسم جو سڀاويڪ سوچون وڌيڪ پڪيون ۽ پختيون ٿين، سنڌ جي سياست خانداني گند واري گچڻ مان نڪري صاف سٿري عوامي ٿي ۽ اها سڀني جي آڏو شيشي جي بوتل اندر بند موتيءَ وانگي صاف ۽ چٽي جرڪندي نظر اچي.    


Friday, November 13, 2015

سنڌو سان گڏ ذات جي ڳولها


1910ع جڏهن سنڌوءَ ۾ مها ٻوڏ آئي هئي ته سکر جي شهرين جو به ساهه مٺ ۾ هو. بندر وال سکر وٽان پاڻي ليڪ ٿي بندر روڊ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ وڃي پهتو هو ۽ شهرين سمجھيو پئي ته بس ڄاڻ بند ٽٽو ۽ شهر پاڻي حوالي ٿي ويندو. ان خوف واري فضا ۾ ڪيئي هيٺائين وارا محلا ۽ پاڙا پنهنجا گھر خالي ڪري محفوظ جاين تي هليا به ويا هيا. خوف پنهنجي جاءِ تي پر الله جو ڪرم اهو ٿيو هو ته اهڙو واقعي نه ٿيو هو ته شهرين سک جو ساهه کنيو هو. ٻوڏ واري صورتحال ختم ٿيڻ بعد جڏهن ليکا چوکا ٿيا ته وس وارن عملدارن ۽ سياسي پنڊتن کي پهريون ڀيرو اهو احساس ٿيو هو ته بندر وال تي سنڌو درياءُ جي اندرين پاسي جيڪي ماڻهون غير قانوني طرح گھر، جھڳيون اڏيون ويٺا آهن انهن جي ڪري ئي شهر جي ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿيو هو.  فيصلو ڪيو ويو ته انهن کي اتان لڏايو وڃي پر پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ اندر غير قانوني طرح هڪ دفعو جيڪو ڪنهن جاءِ تي قبضو ڪري ويٺو هجي ته ان کي اتان لڏائڻ يا قبضو ڇڏائڻ هماليه جي چوٽيءَ تي پهچڻ جي برابر هوندو آهي. هونئن به پياري پاڪستان ۾ قدرتي يا هٿرادو آفت کان اڳواٽ بچاءُ لاءِ جيڪي اپاءُ وٺڻ گھرجن اهي نه ورتا ويندا آهن ۽ اسان جي وٺ پڪڙ پوءِ شروع ٿيندي آهي جڏهن آفتن جي ڪري تمام گھڻو نقصان ٿي چڪو هوندو آهي. وڏي وٺ وٺان بعد غيرقانوني قبضا گيرن کي سندن جڙيل جھڳين جاين کان ٽيڻو وڌيڪ معاوضو مليو ته اهي اتان اٿڻ تي راضي ٿيا. جڏهن انهن کي اتان لڏايو ويو ته سرڪار اهو فيصلو ڪيو ته لب مهراڻ کان وٺي پراڻي سکر تائين درياءُ جي ڪپ سان مظبوط اوچي ڀت جوڙائي وڃي ته جيئن آئيندهه ڪنهن امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کان محفوظ رهي سگھجي. 

اهو فيصلو تمام مناسب ۽ بروقت هو.  ان ڀت جي اڏاوت جو گھڻو ڪم ته ٿي چڪو آهي پر اڄ ڏينهن تائين اها مڪمل نموني جڙي راس ٿي نه سگھي آهي!!! سنڌ اندر ترقياتي ڪمن جي سست رفتاريءَ جو اندازو ان هڪ ڳالهه مان به لڳائي سگھجي ٿو. 2010ع جا منصوبا 2015ع جي پوري ٿيڻ تائين مڪمل ٿي نه سگھيا آهن. ان ڀت سان لڳ اهو ٻيو چڱو ڪم اهو ڪيو ويو آهي ته درياءُ واري پاسي کان هزارين وڻ پوکيا ويا آهن جيڪي هڪ طرف ته سونهن جو سبب بڻبا، ٻيو ته انهن جو پاڙون درياءَ جي بند کي قدرتي طرح مظبوط بڻائينديون ۽ هوا ۾ آڪسيجن جو مقدار وڌندو جنهن سان ماحول ۾ بهتري ايندي.

جيئن ته درياءُ جو بند تمام وڏو آهي ته بندر روڊ تان گھمندي جيئن اڳ ماڻهون درياءَ بادشاهه جي مست موجن جي سونهن سوڀيا کي پسندو هو ته هاڻي ان کي ٻنجو اچي ويو آهي. هاڻي سنڌوءُ جي سرمست موجن کي پسڻ لاءِ جڙيل ان ڀت سان چئن جاين تي خوبصورت ٽائلس سان ويهڻ جون جايون جوڙايون ويون آهن. انهن جاين تي پهچڻ لاءِ سڀ کان پهرين ڀت سان لڳل ڏاڪڻ تي چڙهي مٿي جڙيل ٿلهي تي وڃڻو پوندو جتي ڇٽين هيٺيان اڌ گول جيتريون ٽائلس جون بئنچون جوڙيل آهي چاهيو ته انهن تي ويهي درياءُ جو نظارو ڪيو چاهيو ته ٿلهي جي ڀت سان بيهي درياءُ جي موجن ۽ انڌي ٻلهڻ جي ٺينگ ٽپن جو مشاهدو ڪيو يا درياءُ جي هن پار تائين جو نظارو پسيو.

مان صبح جو پسار ڪندي يا رات جو جوگنگ بعد مسجد منزل گاهه ڀرسان ساڌ ٻيلي جي بلڪل سامهون جڙيل ان ٿلهي تي وڃي ويهندو آهيان. رات جو ان ٿلهي ته ويهي جڏهن سنڌوءَ جو نظاروڪندو آهيان ته دل چوندي آهي بس پوري رات اتي ويٺو هجان ۽ ان نظاري کي ڏسندو رهان.



 سامهون ساڌ ٻيلي تي ڏياريءَ جي ڏڻ واريون ٻرندڙ ڏيئا، انهن جا درياءُ جي پاڻيءَ ۾ جھلمل ڪندڙ عڪس، ٿورو اوڀارين پاسي بکر جو پراڻو قلعو ۽ قلعي جي پويان وچ واري زمين تي پوکيل وڻ، سامهون لينسڊائون ۽ ايوب پل، دريا پار روهڙي شهر جون ٻرندڙ بتيون ۽ انهن سمورن نظارن جا وري پاڻيءَ ٺهندڙ عڪس، مٿان چنڊ هجي ۽ وري سکر ايڪسپريس جي ڪوڪون ڪندي ايوب پل تان گذري ۽ اوهان وري پنهنجي موبائيل جي هيڊ فون تان ڪو صوفياڻو ڪلام جهڙوڪر ”الائي ته ڪنهن سان راضي آ الائي ته ڇا ۾ راضي آ يا وري چترا جو ڪو غزل جهڙوڪر "سفر میں دھوپ تو ہوگی جو چل سکو تو  چلو،  سبھی ہیں بھیڑ میں تم بھی نکل سکو تو چلو" ٻڌندا هجو ته سمجھي سگھو ٿا ته ڪهڙو نه رومانٽڪ منظر هوندو، ته دوستو مان پنهنجو پاڻ کي اتي ڳولهڻ ويندو آهيان ۽ ڪيئي سوچون منهنجي من اندر آکيرا جوڙي اچي ويهنديون آهن، اڃا ڪالهه سوچيم پئي ته هي جيڪي جنت جا نظارا آهن، جي ڌرتي ۽ هي دريا جيڪو صدين کان اسان جو آهي، هي زمين جنهن جا اسين هزارين سالن کان مالڪ آهيون ته ڇا ڪو وقت اهڙو به ايندو ڇا ته اهي سڀ اسان جا نه هوندا؟؟؟؟!!!! اسين پنهنجي وطن مان جلاوطن ٿي وينداسين؟ اسان کان اسان جي صدين جي سڃاڻپ کسي ويندي؟ اسان جي اڪثريت اٺ پکيءَ وانگر واريءَ ۾ منهن لڪائي سمجھي پئي ته اسين جيڪا ڌوڙ پايون ٿا اهو ڪوبه ڪونه ٿو ڏسي پسي؟؟ اسين ڀل ڪجھ به نه ڪريون ته پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاريءَ کي نه ڪي لهر نه ڪي لوڏو؟؟؟!!! اسان جا وڏڙا پنهنجي دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ اسان کي ٻڌائيندا هيا ته سنڌڙي لڏندي پر ٻڏندي ڪونه؟؟؟؟؟!!! واقعي اهو سچ آهي؟ دنيا جي تاريخ ٻڌائي ٿي ڪيئي دنيا جون ڪيئي طاقتور قومون سستي ۽ ڪاهلي سبب ختم ٿي ويون ڇا اهو قانون اسان لاڳو نه ٿو ٿي سگھي؟؟؟
دوستو اوهان به ڀل انهن سوالن جي جوابن تي سوچيو، مون ڪو ٺيڪو ڪونه کنيو آهي ته اوهان جي بدران به مان سوچيان، گھٽ ۾ گھٽ اوهان تي سونپيل جيڪو ڪم آهي اهو ته ڪريو.....

Sunday, October 25, 2015

ٻارڙن جي نشونما ۽ پالنا ۾ والدين، اسڪول ۽ معاشري جو ڪردار


ننڍو ٻار مڪمل نموني سماج جي رحم ۽ ڪرم تي هوندو آهي. صفا ٻالڪپڻ ۾ جڏهن کيس بک لڳندي آهي، جڏهن کيس ڪا تڪليف ايندي آهي، جڏهن هو بيمار ٿيندو آهي، جڏهن هو ڏکيو محسوس ڪندو آهي ته ٻار ان دک درد، تڪليف يا اذيت کان بچڻ لاءِ ڪجھ ڪري سگھڻ جهڙو هوندو ئي ناهي، بس روئي ٻدائيندو آهي ته کيس ڪا تڪليف آهي يا هو اهنجو آهي ان ڪري سندس سهائتا ڪئي وڃي. ان صورت ۾ پيءُ ماءُ، ويجھن مٽن مائٽن ۽ اوڙي پاڙي وارن پاران سندس يا ته سهائتا ڪئي ويندي آهي يا کيس نظر انداز ڪيو ويندو آهي. سڌريل معاشرن ۾ ڪنهن حد تائين اها ذميواري رياستون يا حڪومتون پڻ پنهنجي سر تي کڻنديون آهن ۽ ٻارن جي صحت صفائي، سندن پالنا ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪنديون آهن. ٻارڙن جي اهڙي پالنا ۽ ماحول جو سندن جسماني توڙي ذهني نشونما تي وڏو اثر پوندو آهي. چوندا آهن ته صحت مند جسم مان ئي صحت مند ذهن پيدا ٿيندا آهن. اهي معاشرا جتي ٻارن جي صحت صفائي سان گڏ ذهني نشونما لاءِ سازگار ماحول ڏنو ويندو آهي ته اهڙا معاشرا تيزيءَ سان ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري وٺندا آهن ۽ معاشري ۾ هڪ طرح فطري توازن پيدا ٿي پوندو آهي.

اسڪول اندر پڙهندڙ ٻارن کي اسان ڪنهن فصل جي تياريءَ سان ڀيٽ ڏئي سگھون ٿا. جيئن مختلف فصل موسم جي حساب سان پوکيا ويندا آهن، انهن کي مخصوص وقت تي پاڻي ۽ ڀاڻ مهيا ڪيو ويندو آهي، انهن جي اوسر تي موسمن جو مثبت يا منفي اثر پوڻ لازمي هوندو آهي ان نموني اسڪول اندر پڙهندڙ ٻارن سان به هوندو آهي. اهي هڪ مخصوص عمر ۾ اسڪول ۾ داخل ڪيا ويندا آهن، کين استاد، ڪتابن ۾ ڏنل سبقن جو وقت سر ٻچ ڀاڻ ۽ پاڻي ميسر ڪري ڏيندا آهن ۽ جيڪڏهن سندن جسماني ۽ ذهني سطح سلامت رهندي آهي ته امتحان ۾ کين پرکي مٿين درجي ۾ موڪليو ويندو آهي. هتي اسڪول جو ماحول ۽ استاد سندن ذهني، روحاني ۽ سماجي روين ۾ تبديلي آڻڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندا آهن. جيئن زمين جي تياري ۽ ان مان ڀرپور لاڀ لاءِ هڪ تجربي ڪار ڪڙمي وقت، ٻج، ڀاڻ، پاڻي ۽ موسمن جو ماهرانه جائزو وٺندي صحيح فيصلا ڪندو آهي بلڪل ساڳي نموني شاگردن لاءِ استاد جو ڪردار هوندو آهي. استاد پنهنجي شاگردن جي زندگي سنوارڻ يا بگاڙڻ ۾ مک رول ادا ڪندو آهي. استاد وري پنهنجي اسڪول (تعليمي اداري) اندر مثبت يا منفي ماحول، ڪلچر کان متاثر ٿيندو آهي، جيڪڏهن تعليمي اداري اندر ماحول سازگار، تعليم دوست هوندو ته استاد پڻ ساڳيو گس وٺندو پر جي ماحول ناڪاري هوندو ته مٿس ان جا برا اثر پوڻ لازمي امر آهي ۽ استاد جي روين جو اثر وري شاگردن جي سکيا تي پوندو آهي. 

شاگردن جي مڪمل، ڀرپور، گھڻ پاسائين، مثبت پرورش، سکيا لاءِ تمام ضروري آهي ته کين نه رڳو گھر، اوڙي پاڙي پر اسڪول ۾ پڻ سٺو ماحول ملي. جڏهن ائين ٿيندو آهي ته اتي شاندار انسان تيار ٿيندا آهن جيڪي معاشري تي هاڪاري اثر ڇڏيندا. اسان پنهنجي گھر، اوڙي پاڙي ۽ اسڪول جو ڪڏهن جائزو ورتو آهي ته اتي ڪهڙو ماحول آهي؟ ٻارڙن جي ذهني ۽ روحاني نشمونما جو سمورو بار محض استادن يا اسڪولن تي وجھڻ دورانديشي ناهي، سندن پالنا ۽سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ والدين ۽ اوڙي پاڙي وارن جو ڪردار اهم آهي. ان ڪري والدين ۽ معاشري کي پڻ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.
اچو ته پنهنجا اسڪول سنواريون، پنهنجن گھرن، اوڙن پاڙن اندر سکڻ سيکارڻ جو ماحول پيدا ڪريون، جيڪو اسان جي ترقي، وقار، صحت مند ماحول لاءِ تمام ضروري آهي.

مٿي ٻڌايل ڪم بظاهر تمام وڏا ٿا لڳن پر حقيقت ائين ناهي. گھر، اوڙي پاڙي، اسڪول اندر سٺو ماحول تڏهن جڙندو جڏهن اسان مان هرهڪ پنهنجو پاڻ ۾ مثبت تبديلي آڻيندو. جيڪڏهن ڪو ائين ٿو سوچي ته منهنجي هڪ ماڻهونءَ جي تبديل ٿيڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي ته اهو سراسر غلط آهي. جيڪڏهن هر ماڻهون ائين سوچيندو ۽ عمل ڪندو ته پوءِ اهڙو معاشرو گندي پاڻيءَ جي ڍنڍ مثل بڻجي پوندو جنهن جي پوسل ۾ ڪيئي جراثيم پيدا ٿي ڪري سموري ماحول کي انيڪ بيمارين جي ور چاڙهي ڇڏيندا آهن. ان ڪري تمام ضروري آهي ته ٻين جي تبديل ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ بدران اسان مان هرهڪ ماڻهونءَ کي پنهنجي اندر تبديلي آڻڻ گھرجي. ڦڙي ڦڙي تلاءُ مثل جڏهن اهو عمل هڪ دفعي شروع ٿي ويو ته ان جو محور پنهنجو پاڻ وڌندو ويندو ۽ هر ماڻهون اهڙا رويا اپنائڻ تي مجبور ٿي پوندو.

 ڀلا اسان کي پنهنجن گھرن اندر ٻارن سان مهذب نموني ڳالهائڻ ٻولهائڻ، ساڻن مثبت روين رکڻ، کين همٿائڻ، سندن صحت ۽ صفائي جو خيال رکڻ کان ڪير روڪيندو يا ٽوڪيندو؟ اهو ته اسان تي منحصر آهي ته اسين کين ڪهڙو ماحول ٿا ڏيون. الاهي چڱايون بس مثبت سوچ رکي انهن تي عمل ڪرڻ تي مدار رکن ٿيون جن تي ڪوبه خرچ ناهي ٿيندو. اسان اوهان مان هرهڪ کي اڄ ئي هاڻي جو هاڻي اهو فيصلو ڪرڻ گھرجي ته هن گھڙيءَ اها ڪهڙي تبديلي آهي جيڪا اهو پنهنجو پاڻ ۾ پيدا ڪري سگھي ٿو ۽ ان جي شروعات ڪرڻ گھرجي.  

Tuesday, September 29, 2015

رقص مين هي سارا جهان







ڪجھ ڏينهن اڳ سائين علي حسين قاضي صاحب سان گڏجي سنڌ جي هڪ وڏي صوفياڻي درگاهه تي محفل سماع جو مزو وٺڻ ويو هوم، جتي سائين ارشاد سومرو، سائين صوفي عبدالحميد سومرو به مليا هيا. اسان جو سماج جيڪو نيم ملان خطره ايمان جهڙن ماڻهن جي ور چڙهيل آهي، اتي ضروري آهي ته ماڻهن جي روح کي راحت ڏيندڙ، دل ۾ محبت، رحم  جا جذبا اڀاريندڙ  اهڙيون محفلون مچن. مون کي تمام گھڻي خوشي ٿي ته درگاهه جي نوجوان متولي هر مهيني (اسلامي ڪيلينڊر)  جي پهرين خميس جي شام (جمع جي رات) تي اهڙي محفل جو اهتمام ڪيو آهي. جڙيل پنڊال پوري نموني ماڻهن سان ڀريل هو، پبڊال ۾ ويٺل  ماڻهن ۾ رنگ، مذهب، ذات، پات، ننڍ وڏائي جو ڪو مامرو نه هيو. سڀ محبت ۽ امن جا پانڌيئڙا هيا.  محفل جي ڪمپيرنگ اسان جو تمام پيارو دوست سائين منظور اڄڻ ڪري رهيو هو. راڳ رنگ جي محفل ۾ صوفي راڳين تمام خوبصورت صوفياڻا ڪلام ڳائي ٻڌندڙن کي خوب محظوظ ڪيو ۽ ماڻهون جھومي پيا. ان راڳ رنگ دؤران ڪي ملنگ گيڙو ۽ ساوا ڪپڙا پهري رقص ڪري رهيا هيا. سندن رقص وجدان وارو هيو، کين خبر ئي نه پي پئي ته سندن پورو جسم پگھر ۾ شم ٿي ويو آهي يا اتي ڪي ٻيا ماڻهون به آهن. مون کي ڪنهن ڪلام جو مصرعو ياد اچي ويو هو ته "رقص میں ہے سارا جہاں". 

پر انهن ڳالهين کان هٽي ڪري ڪي ڳالهيون مون محسوس ڪيون جيڪي هت پيش پيو ڪريان.
راڳ رنگ جي لاءِ مخصوص پنڊال ۾ اڻ ڳڻيا گارڊ پنڊال جي چوڌاري، پنڊال جي ڀرسان جڙيل عمارتن جي ڇتن تي بيٺا هيا. صوفين جي درگاهن تي وزيرن، پيرن، ميرن وارو پروٽوڪل ڏسي مون کي حيرت ٿي. مون سوچيو پئي ته درگاهه جو متولي انهن سڀني پرائيوٽ گارڊن کي پگھارون به ڏيندو هوندو؟ جيڪڏهن واقعي به اهي سڀ پگهاردار اسان جي نوجوان متوليءَ جي حفاظت لاءِ ڀرتي ٿيل آهن ته پوءِ ته کيس لکين روپيه ته محض پگھارن جي مد ۾ ڏيڻا پوندا هوندا. پر جيڪڏهن انهن کان ونگار پئي وهائي ويئي ته اها به صوفياڻي روح جي خلاف ڳالهه آهي!

مون ٻي ڳالهه به نوٽ ڪئي ته اسان جي ان محفل ۾ نوجوان متولي اهو واحد ماڻهون هيو جنهن تي صوفياڻي راڳ جو ڪوبه اثر ڪونه پئي ڏسڻ ۾ آيو. سندس منهن مبارڪ تي جيڪا سختي منڍ ۾ هئي اها آخر تائين قائم رهي، راڳي ويچاري ڪلام ڳائيندي، دوهيڙا هڻندي ڪيئي دفعه سائين جن ڏانهن داد لاءِ نهاريو پئي پر هو ته پنڊ پاهڻ ٿي ويٺل نظر اچي رهيو هو.

ٽين ڳالهه جيڪا مون محسوس ڪئي ته غلاميءَ جي حد تائين ڪريل پيري مريدي وارو رنگ اتي به نظر آيو. ڪيئي ماڻهون نوجوان متولي جي پيرن تي هٿ رکي رهيا هيا، ڪي سندس هٿن کي چميون ڏئي رهيا هيا، هڪ نوجوان ته راڳين کي هزار هزار جا نوٽ متوليءَ جي پيرن کي ڇهي پوءِ ڏئي رهيو هيو.  اسان جي صوفي عالمن پيري مريدي، بزرگي کي ننديو آهي ۽ ان کي انسانيت جي توهين قرار ڏنو آهي پر صد افسوس ته سندن اولاد سندن ئي ٻڌايل اصولن جون ڌڄيون اڏاري رهيا آهن.  مون کي هڪ سٽ سائين بيدل جي ياد پئي اچي ته ”بزرگيءَ کان ڀڄي بيدل رنديءَ جا رنگ رچايا سي“ يا سچل سائين چئي ويو آهي ته ”نه مان مير، نه مان پير، سڄي فقر جو فقير“.


اسان جي صوفي بزرگن پنهنجي شعر و شاعريءَ ۾ جنهن ڳالهه جي تبليغ ڪئي آهي ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. لطيف هجي يا سچل، بيدل هجي يا روحل فقير، ٻڍل سائين هجي يا انور سائين، خوش خيرمحمد هيسباڻي هجي يا حمل انهن سڀني محبت، امن، ڀائيچاري، سک، شانتي، پيار ۽ پنهجائپ جا درس ڏنا آهن. اچو ته سندن پيغام کي پاڻ به پڙهون، پنهنجن پيارن کي به پڙهايون ۽ اهو آواز پوري ڌرتيءَ جي گولي تي ڦهلايون. انهن جي پيغام تي عمل ڪرڻ ۾ اسان سڀني جي ڀلائي آهي. امن هوندو، محبت هوندي، ايڪو هوندو، سهپ هوندي، هڪ ٻئي جو احترام هوندو ته اسين ترقي ڪنداسين ۽ سک جي زندگي گذارينداسين جيڪا اسان صوفين جي منشا به هئي. 

Monday, September 7, 2015

خالد بروهي، گمنام تاريخ نويس ۽ اديب

هُن سان منهنجي واقفيت ته تمام پراڻي آهي پر ساڻس دل کولي ڪچهري مون ڪالهه ئي ڪئي هئي. زيرو پوائنٽ سکر جي ڀرسان هڪ اين جي او جي اورينٽيشن پروگرام جي دوستن پروگرام جي پڄاڻيءَ تي بريانيءَ جو هڪ عدد پيڪٽ ڏنو هو مون سوچيو هو ته اهو ساڻس گڏجي کائيندس پر هن يار ته ٻه چمچا کائي معذرت ڪئي ته سندس معدي جي خرابي ڪري هو ان ڪم ۾ منهنجو ساٿ ڏئي نه ٿو سگھي ۽ اها سڄي پليٽ مون کي کائڻي پئي. پر ان کان پوءِ چانهن جي ڪپ تي 2 ڪلاڪ کن جيڪا ڪچهري مون دلبر خالد بروهيءَ سان ڪئي اها يادگار هئي/آهي. خالد بروهي سنڌ جي يگاني تاريخ نويس مولائي شيدائيءَ جي گھراڻي سان تعلق رکي ٿو ۽ هي بذات خود تاريخ جو تمام وڏو ڄاڻو آهي. جڏهن خالد تاريخ تي ڳالهائي رهيو هو ته مون کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ يار بوسڪيءَ جي ڪپڙي جي ٿانن جا تهه پيو کولي...خالد بروهي محض تاريخ تي ڳالهائي نه پيو پر هو انهن تاريخي واقعن جي ڀرپور ڇنڊڇاڻ ڪندو به پئي هليو. ڪيئي داستان هيا جن کٽڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو. سعادت حسين منٽو جي افسانن کان وٺي مٿس هلايل ڪيس جا احوال انهن ۾ فيِض احمد فيض جي شاهدي، امرتا پريتم جا ڪتاب، اردو غزل، تاريخ جا مستند ڪتاب وغيرهه...پر ڪالهه ئي مون کي خبر پئي ته خالد بروهي جي اندر ۾ هڪ انتهائي معصوم ٻار به ويٺل آهي جيڪو ماضيءَ جا قصا بيان ڪندي نه رڳو پنهنجا ڳوڙها روڪي نه سگھندو آهي پر ٻڌندڙ جون اکيون به آليون ڪري وجھندو آهي. سکر جي البيلي انسان سائين شوڪت خواجائي کان پوءِ مون کي هي ٻيو انتهائي ڄاڻو دوست مليو آهي جيڪو سکر، سنڌ، پاڪستان ۽ پوري دنيا جي تاريخ تي دليلن سان ڳالهائڻ ۾ ڪا هٻڪ يا هٽڪ محسوس ناهي ڪندو. خالد بروهي کي مون عرض ڪيو ته مالڪ پنهنجي ڳالهين کي تحرير جي شڪل ۾ آڻي ۽ هو اهو ڪم ڪري به رهيو آهي پر سندس ان شڪايت جو ازالو ڪير ڪندو ته ”يار مولائي شيدائي جو تاريخ تي تمام گھڻو ڪم ته اڃا تائين ڇپيو ئي ناهي ته منهنجي لکڻين کي ڪير لفٽ ڪرائيندو“...
سنڌ اندر علم، ادب، تاريخ، سياست، تهذيب، ڪلچر، موسيقي، دانش ۽ ڏاهپ رکندڙ ڪيئي گمنام انسان رهن ٿا پر انهن ۾ هڪ ”خرابي“ آهي ته اهي پنهنجي مارڪيٽنگ نه ٿا ڪن، سندن ميڊيا يا ادب جي ميدان ۾ ڪي لابيون به ناهن ۽ ”منڊيءَ ۾ ٽڪ“ اهو ته اُهي نه ته ڪامورا آهن نه وٽن پئسو آهي ته پوءِ ڀلا کين ڪير لفٽ ڪرائيندو. ؟؟؟!!! هي اسان وارو يار به انهن مان هڪڙو آهي