Monday, June 6, 2016

معذوري مجبوري ناهي


مارچ 2013ع ۾ مون هڪ ٽريننگ ضلع شڪارپور جي شهر لکيءَ ۾ ڪرائي هئي. 28 مردن ۽ عورتن تي مشتمل ان گروپ ۾ هڪ نوربانو به هئي. هوءَ ٻارهن ٻارن جي ماءُ هئي. سندس چوڻ هو ته هن هڪ پنهنجي ڇوڪري کي اسڪول ۾ داخلا وٺرائي هئي پر سندس ان پٽ پڙهڻ واري ڪم سان ٽڪي جي به دلچسپي نه ڏيکاري  سندس چوڻ هو ته ”ان ڪري مون کيس موٽر مڪينڪ جي دڪان تي ڇڏيو جتي هاڻي اهو سٺو ڪم ڪار سکي چڪو آهي“.  هن پنهنجو داستان اڳتي وڌائيندي ٻڌايو ته  ”منهنجو هڪ ٻيو پٽ پوليو جي مرض ڪري معذور آهي، پر هو ڏاڍي همٿ وارو آهي ۽ وڏي شوق ۽ چاهه سان درزڪو ڪم سکيائين، هاڻي کيس پنهنجو دڪان آهي جتي پاڻ به ڪم ڪندو آهي ته ڪجھ ٻيا ڪاريگر پڻ اتي ڪم ڪندا آهن ۽ سندس سٺي ڪمائي آهي. کيس پنهنجي ڌنڌي ۾ ڀڙ ڏسي ويجھي هڪ مائٽ ساڻس مٽي ڪئي ۽ هاڻي کيس ٽي نياڻيون آهن جڏهن ته ڇوٿون ڇوڪرو سندس گھرواريءَ جي پيٽ ۾ آهي“.  هن پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو ته ”ان منهنجي پٽ وٽ ڪن ادارن جا ماڻهون آيا جيڪي معذور ماڻهن جي مدد ڪندا آهن ۽ هنن کيس به مدد جي آڇ ڪئي پر منهنجي پٽ اهو چئي کانئن ڪجھ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته کيس الله تعالى سڀ ڪجھ عطا ڪري ڇڏيو آهي اوهين ڀلي مون جهڙي ڪنهن ٻئي معذور جي مدد ڪريو جيڪو ڪمائي جي لائق نه هجي“.

ان سکيا هلندي مون سکيا وٺندڙ دوستن سان گڏجي لکيءَ جو چڪر هنيو هو. شهر جي هڪ چوڪ تي عاشق سولنگي جو درزڪو دڪان آهي. اسين ان تي چڙهي ساڻس سندس ڪاروباري سرگرمين جهڙوڪر موڙي، هنرمندي، آمدني متعلق سوال ڪري رهيا هياسين ته هن پنهنجي ڪاريگرن جو تعارف ڪرايو. سندس چئن ڪاريگرن مان ٻه پوليو جي مرض جا ماريل معذور هيا جڏهن ته ٻه ڪاريگر گونگا ۽ ٻوڙا هيا.

مان سنڌ اندر جڏهن به پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل بي روزگار نوجوانن کي روزگار خاص ڪري سرڪاري نوڪريءَ لاءِ ٽڪي پيسي جي سياستدانن، وڏيرن، ڪامورن جي درن تي ڌڪا کائيندي ڏسندو آهيان ته مون کي نوربانو جو معذور ڇوڪرو ۽ عاشق سولنگيءَ جا چار معذور ڪاريگر ياد اچي ويندا آهن. همٿ، توجهه ۽ جذبو هجي ته ماڻهون جسماني معذوري يا رڪاوٽن کي ٿڏي عزت ۽ وقار واري زندگي گذاري سگھي ٿو.

Saturday, June 4, 2016

خوش فهميون، خود فرييبيون ۽ انقلابي نرگسيت



”جيڪڏهن آءُ جيل جي اندر نه اچان ها ته شايد سڄي زندگي اهو سمجھي نه سگھان ها ته جيل ۾ ڇا ٿيندو آهي ۽ اهو ادراڪ ڪڏهن به منهنجي پلئه نه پوي ها ته هڪ قيدي ۽ هڪ آزاد شهري جي احساس ۽ محسوسات ۾ ڪيترو فرق ٿيندو آهي“. محترم محمد اسماعيل راهو جيل ڊائري ”جيل جا ڏينهن جيل جون راتيون“ جلد ٻيو ۾ صفحه نمبر 231 تي پنهنجي جيل ياترا واري تجربي کي بيان ڪيو آهي. سندس وڌيڪ اهو به چوڻ آهي ته ”حقيقت ۾ هو (ڪوبه ماڻهون) پنهنجي آزاد زندگي جو قدر ۽ قيمت ڪڏهن به ڄاڻي نه سگھندو. قيد ئي آزاديءَ کي سمجھڻ ۾ مدد ڪندو آهي“ ص 232 . مان سوچيان پيو ته جيڪڏهن سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز کي جيل ۾ نه وجھن ها ته اهو جيڪو شاهڪار ڪتاب ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ آهي اهو ڪڏهن به کانئس نه لکجي سگھي ها. انهن ڳالهين کي سامهون رکي ماڻهون جڏهن جيل جي جهان تي نظر وجھي ٿو ته جيل سکيا گھر هئڻ سان گڏ تخليقي ادب جو مرڪز ٿو نظر اچي. دنيا اندر هزارين ڪتاب، ناول، جيل جون ڊائريون، شاعري جا شاهڪار جيل اندر تخليق ٿيل آهن. 1985ع ۾ لڳ ڀڳ پنج يا ڇهه مهينا مون به خيرپور جيل جي ديوارن پٺيان گذاريا هيا. پنهنجي جيل جي يادگيرين کي ڪنهن ٻئي دفعي سهيڙبو اڄ سائين شاهنواز راڄپر سان سندس جيل جي تجربن تي ڳالهه ٻولهه جي ٻي قسط تي پنهنجو تبصرو ٿو قلم بند ڪيان. سائين شاهنواز راڄپر کي ايم آر ڊي جي هليل تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ جي پاداش  ۾ (1983ع کان وٺي 1985) تائين سکر سينٽرل جيل اندر رکيو ويو هو ۽ مون ساڻس 31 مئي 2016ع تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.

 ان ڪچهري ۾ سائين جن ٻڌايو هو ته سکر جيل ۾ سندن هنڊيوالن ۾ پير شهاب الدين  نواب شاهه جو، قاضي الطاف هالاڻيءَ جو بشير ڏهراج محبت ديرو جتوئيءَ جو ۽ ننگر خان رند نواب شاهه جو هوندا هيا. سندس چوڻ هو ته سندس تعلق عوامي تحريڪ سان هو جڏهن ته پير شهاب الدين سنڌ هاري ڪميٽيءَ سان سلهاڙيل هيو جڏهن ته باقي سمورا پ پ پ سان واسطو رکندا هيا. پير شهاب الدين جن جو تڪيه ڪلام هوندو هو ”ظالم سماج“ ، سندس تڪيه ڪلام جي مناسبت سان اسان پنهنجي کوليءَ ۾ سندس نالو ئي ظالم سماج رکي ڇڏيو هو. هڪ ڏينهن پ پ پ جي ننگر خان رند کانئس پڇيو ته ”پير ڏي خبر توهان وارو انقلاب ڪڏهن ايندو؟“ جواب ڏنائين ته ”جيڪڏهن ڄام ساقيءَ کي آزاد ڪيو وڃي ته پنجن سالن اندر انقلاب اچي ويندو“. تنهن تي ننگر خان کيس چيو هو ته ”اها ته ڪا ڳالهه ئي ڪونهي ڪو، جيل ٽوڙي ڄام ساقيءَ کي ٻاهر ٿا ڪڍون پنجن سالن جي مختصر عرصي ۾ ظالم سماج کان ته جان ڇٽي پوندي“. ان زماني جي ڳالهه ئي آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي تڏهوڪي شاهه عبدالطيف ڪيمپس خيرپور جي هال ۾ شاگرد تنظين جو ڪو گڏيل احتجاجي ميڙاڪو مارشلائي جبر خلاف رکيل هو. ان ۾ منهنجي پياري دوست ۽ سپاف جي اڳواڻ مرحوم سبزل حاجاڻو جذباتي تقرير ڪندي اهو چيو هو ته ”هو (يعني پ پ پ ۽ سپاف وارا) جيڪڏهن چاهين ته جنرل ضيا الحق کي پنجن منٽن ۾ هٽائي سگھن ٿا“ سندس چيل ان جملي تي هال ۾ ويٺل دوستن وچ ۾ ٽهڪڙو مچي ويو هو ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ (SST) جي تڏهوڪي اڳواڻ قطب جوڳيءَ کيس مخاطب ٿيندي چيو هو ته ”يار پوءِ دير ڇا جي آهي، جلدي ڪري اهو ڪم سرانجام ڏيو هروڀرو هي ايم آر ڊيءَ جو جهنجهٽ به ڇو کڻون“.

مٿي ڏنل مثالن ۽ عملي نموني ترقي پسند سياست ۾ پنهنجي زندگيءَ جي جواني وارا سال سيڙائڻ بعد پتو پوي ٿو ته اسان جي ترقي پسندن جو انقلاب ڏانهن رويو ڏاڍو ڇسو هوندو هو ۽ اڃا تائين آهي. خير سان ڄام اقي آزاد ٿيو، سرخ انقلاب جي ته ڪا چڻنگ به اسان پسي نه سگھياسين پر ان جي ابتڙ محترم ڄام ساقيءَ کي کاٻي ڌر واري سياست مان گم ٿيڻ ۾ پنج سال به نه لڳا! اسان جا نعرا ڪيڏا نه خوش فهمين تي ٻڌل هوندا هيا ته ” گرتی ہوئی دیواروں کو ایک دہکا اور دو،  آمریکا کے یاروں کو ایک دہکا اور دو“ ۽ پوءِ ٿيو ڇا؟ ان گرتي ديوار کي سيمنٽ هڻي، سريا وجھي مظبوط بڻايو ويو، آمريڪا جي ديوار ڪرڻ بدران ترقي پسندن جو ”ڪعبو“ سوويت يونين ڌڙام سان ڪري پيو ۽ اسان پوءِ ان موالي ڪامريڊ وانگر رهجي وياسين جنهن پنهنجي محبوبه کي چيو هو ته؛ میں تمہارے زانو پہ سر رکھ کر سویا ہوں، انقلاب آئے تو جگا دینا ساتھی“.

پاڪستان اندر ترقي پسند سياست خوش فهمين ۽ خود فريبين جي ور چڙهيل رهي آهي. اسان اڃا تائين انهن طلسمي  جزيرن جي سحر مان نڪري نه سگھيا آهيون. بظاهر ته اسين سائنسي نظرين جون ڳالهيون ڪندا آيا آهيون پر اسان جو حال ڪنهن ويساهه وسوڙيل غلامانه ذهنيت رکندڙ مريد کان بنهه گھٽ ناهي. اسان جي دماغن اندر اهي دل ڪش تصويرون اڄ به والار ڪيون ويٺيون آهن ته هن ملڪ ۾ انقلاب جي اڳواڻيءَ لاءِ ڪو عظيم گھوڙيسوار هيرو ايندو، جيڪو بهادر هئڻ سان گڏ دنيا جا سمورا علم ڄاڻندو هوندو ۽ هر معاملي ۾ اهو نه صرف پارٽيءَ جي پر پوري قوم ۽              ڪن حالتن ۾ ته ايشيا ۽ پوري دنيا جي سياست جي رهنمائيءَ جا بار پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي کڻندو ۽ پوءِ اسان جا وارا نيارا ٿي ويندا. اسين اهڙي عظيم اڳواڻن جي نه صرف ڳولا ڪندا رهيا آهيون پر وقت بوقت اسان اهڙا بت جوڙي پنهنجن ڪلهن تي ويهاري جھمريون به پائيندا آيا آهيون. پر خدانخواسته اهو عظيم اڳواڻ انقلاب آڻي نه سگھيو ته پوءِ  ضرور سندس خاندان مان ڪونه ڪو سندس جهڙو ڏاهو اڀري اينديو ۽ انقلابي قافلي جي سرواڻي ڪندي ٻيڙا پار لڳائيندو. منڍ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسان جي ترقي پسندن، قومپرستن جي دل ۽ دماغ ۾ اهڙيون هوائي ڳالهيون                      ايتري ته سگھ سان ويهاري ويون هيون ته چڱا ڀلا ڏسڻا وائسڻا سياسي ڪارڪن ان خيال جي ابتڙ هڪ اکر به ٻڌڻ به گوارا نه ڪندا هيا ۽ نه هاڻي ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪو ڪارڪن  ان قسم جا جائز اعتراض اٿاريندو هو ته ان کي گستاخي وارو عمل سڏي ان کي عظيم انقلاب جي عوامي سيلاب اڳيان بند ٻڌڻ برابر گناهه عظيم باور ڪرائيندا رهيا آهن. اهڙن    روين رکڻ ڪري هن ملڪ ۾ ترقي پسند سياست جا ترا لڳي ويا. پارٽين اندر ڪم ڪندڙ ڪارڪن شخصيت پرستيءَ جي   ڌٻڻ ۾ اهڙا ته جڪڙجي ويا ته اڃا تائين اتان پنهنجي جان آجي ڪري نه سگھيا آهن. اسان عظيم اڳواڻن جي نالي ۾ جيڪي بت جوڙيا  انهن جو قد ڪاٺ پارٽين کان به مٿي هليو ويو. پارٽيون ته اوجهڙ اندر رهيون بس ليڊر نظرن ۾ رهيا. نعرا جيڪي اسان هنيا ته اهي هن قسم جا هيا ”تنهنجو ساٿي منهنجو ساٿي....“، تنهنجو رهبر منهنجو رهبر...“، ”رهبر ڪير قوم جو...“. سوال ٿو پيدا ٿئي ته اها شخصيت پرستيءَ واري ڌپ ورتل سوچ هئي/آهي يا سائنسي سوچ؟ ان زماني ۽ اڄ تائين پارٽين جي سياسي لائين، حڪمت عملين، تنظيم ڪاري، جدوجهد وارن ڳالهين تي بحث ڪرڻ بدران اسان اڃا تائين ان ڳالهه تي اٽڪيا بيٺا آهيون ته ڪهڙي پارٽيءَ جو اڳواڻ ڏاهو، بهادر، سچو، نيڪ، الله جو ٻانهو آهي!! ڪنهن    ڀلجي ڪري به اهو نه پڇيو هوندو ته ”ڀلا ڏيو خبر اهو هيوي ويٽ ريسلر جيڪو اوهان جو اڳواڻ آهي ان کان به پڇاڻو ٿي سگھي ٿو يانه؟ سندس فيصلن کي چئلينج ڪرڻ جو اختيار به ڪنهن فرد يا اداري کي آهي يا نه؟ پارٽي، پارٽيءَ جو  منشور، پارٽي پاليسيون مٿاهيون آهن يا پارٽيءَ جو سربراهه؟“ پر جيڪڏهن ڀلجي ڪري ڪنهن اهڙو سوال  اٿاريو به هوندو ته کيس اڳواڻن پاران پارٽين مان غداري، ٽراٽسڪائيڊ، سي آئي اي جي ايجنٽ جا بهتان هڻي تڙي ڪڍيو  ويو هوندو. اڄ جڏهن پويان ڏسان ٿو ته مون کي ڪيئي انمول گڻائتا، ڏاها ساٿي ٿا نظر اچن جيڪي پارٽي سربراهن جي    اهڙين روين جو شڪار ٿيا ۽ کين تنظيمي ڀڃڪڙين جي ڪوڙن الزامن واري ڇريءَ سان قتل ڪيو ويو. جيڪڏهن اهي    سوين ڪارڪن غدار هيا، ويڪائو هيا، سي آئي اي جا ايجنٽ هيا ته پوءِ ان ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪهڙي قباحت ٿي رهي ته اها  پارٽي ڪنهن عوامي انقلاب برپا ڪرڻ لاءِ ٿوروئي جوڙي ويئي هئي اها ته غدارن پيدا ڪرڻ جي فيڪٽري هئي؟؟!! هر دفعي پارٽيءَ مان خارج ٿيندڙن تي غداري جا الزام لڳا، هر دفعي پارٽين جا سربراهه سرخرو رهيا. اهڙن روين ترقي پسند سياست جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو ۽ هاڻي جيڪا ترقي پسند سياست آهي اها ترقي پسندي جي نالي ۾ رينگٽ آهي. وقت گذرڻ سان سوشلسٽ پارٽين جا اڳواڻن ڪک پتيءَ مان ڪروڙ پتي بڻجي ويا، ٻيا جيڪي ڇوٿين دنيا جا مفڪر هئڻ جون دعوائون ڪندا هيا انهن وري وڃي دهشت گردن جا اوتارا وسايا، ٻيا توبهه تائب ٿي، ڪفر مان جان آجي ڪري گيڙو ڪپڙا پهري مست ملنگ جو روپ ڌاري صوفي فقير ٿي پيا، ٽين وري مزاحمت جي آڙ ۾ ڀتاخوريءَ ڪئي. ڪٽي سٽي اها ڳالهه  ڪبي ته ترقي پسند سياست، ترقي پسند پارٽيون  وڃي نالي ماتر بچيون، جي ڪا شيءِ بچي ته اهي اڳواڻ صاحبان هيا، انهن جا اوتارا وسندا رهيا ۽ اهي ٺٺ ٺانگر جي ڊوڙ ۾ ڪرپٽ وڏيرن کان به گوئيون کڻي ويا.

حقيقي انقلاب، تبديلي ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي ڪي اهڙيون ترقي پسند پارٽيون جڙن جيڪي پنهنجي ڪارڪنن، عوام، قوم ۽ ڪنهن حد تائين پوري انسانذات آڏو جوابدهه هجن، جن وٽ مستقبل لاءِ چٽو نظريو هجي، جن وٽ گڏيل قيادت جو تصور هجي، وٽن مظبوط تنطيم ڪاري هجي، جيڪي ذاتي مال ميڙڻ واري هوس ڇڏي عوام ۾ سيڙپڪاري ڪن، عوام سان گڏجن، سندن ڏک سک ۾ شرڪت ڪن، سندن ڀرجھلا ٿين، عوام سان ملي انهن جهڙو ٿي انهن جي تربيت     ڪن. عام ماڻهون جيڪو وڏيرڪي ڏائڻ ذهنيت جي نشاني تي آهي ان کي اتان ڪڍي پنهنجي صفن ۾ وٺي اچن. اهو ڪو سولو ڪم ناهي، اهو ڪم قرباني جو گھرجائو آهي. هي ڪم اهي سرانجام ڏيندا جيڪي مست ملنگ ٿي ڪري جھرجھنگ ڪاهي پوندا، در در تي وڃي ڪڙو کڙڪائي پنهنجي ڳالهه ڪندا. يقين سان چئي سگھجي ٿو ته کين ان راهه   ۾ ڪيئي رڪاوٽون درپيش اينديون، مٿن چٿرون ٿينديون، مٿن الزامن جا انبار لڳايا ويندا، سندن زندگين کي زهر بڻايو ويندو پر ڇا ڪجي ٻي ڪا راهه سجھي به نه ٿي، ڪنهن نه ڪنهن کي ته اهو اڙانگھو، اڻ ڏٺل رستو وٺڻو ئي پوندو.



Friday, June 3, 2016


خوش فهميون، خود فرييبيون ۽ انقلاب
”جيڪڏهن آءُ جيل جي اندر نه اچان ها ته شايد سڄي زندگي اهو سمجھي نه سگھان ها ته جيل ۾ ڇا ٿيندو آهي ۽ اهو ادراڪ ڪڏهن به منهنجي پلئه نه پوي ها ته هڪ قيدي ۽ هڪ آزاد شهري جي احساس ۽ محسوسات ۾ ڪيترو فرق ٿيندو آهي“. محترم محمد اسماعيل راهو جيل ڊائري ”جيل جا ڏينهن جيل جون راتيون“ جلد ٻيو ۾ صفحه نمبر 231 تي پنهنجي جيل ياترا واري تجربي کي بيان ڪيو آهي. سندس وڌيڪ اهو به چوڻ آهي ته ”حقيقت ۾ هو (ڪوبه ماڻهون) پنهنجي آزاد زندگي جو قدر ۽ قيمت ڪڏهن به ڄاڻي نه سگھندو. قيد ئي آزاديءَ کي سمجھڻ ۾ مدد ڪندو آهي“ ص 232 . مان سوچيان پيو ته جيڪڏهن سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز کي جيل ۾ نه وجھن ها ته اهو جيڪو شاهڪار ڪتاب ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ آهي اهو ڪڏهن به کانئس نه لکجي سگھي ها. انهن ڳالهين کي سامهون رکي ماڻهون جڏهن جيل جي جهان تي نظر وجھي ٿو ته جيل سکيا گھر هئڻ سان گڏ تخليقي ادب جو مرڪز ٿو نظر اچي. دنيا اندر هزارين ڪتاب، ناول، جيل جون ڊائريون، شاعري جا شاهڪار جيل اندر تخليق ٿيل آهن. 1985ع ۾ لڳ ڀڳ پنج يا ڇهه مهينا مون به خيرپور جيل جي ديوارن پٺيان گذاريا هيا. پنهنجي جيل جي يادگيرين کي ڪنهن ٻئي دفعي سهيڙبو اڄ سائين شاهنواز راڄپر سان سندس جيل جي تجربن تي ڳالهه ٻولهه جي ٻي قسط تي پنهنجو تبصرو ٿو قلم بند ڪيان. سائين شاهنواز راڄپر کي ايم آر ڊي جي هليل تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ جي پاداش  ۾ (1983ع کان وٺي 1985) تائين سکر سينٽرل جيل اندر رکيو ويو هو ۽ مون ساڻس 31 مئي 2016ع تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.
 ان ڪچهري ۾ سائين جن ٻڌايو هو ته سکر جيل ۾ سندن هنڊيوالن ۾ پير شهاب الدين  نواب شاهه جو، قاضي الطاف هالاڻيءَ جو بشير ڏهراج محبت ديرو جتوئيءَ جو ۽ ننگر خان رند نواب شاهه جو هوندا هيا. سندس چوڻ هو ته سندس تعلق عوامي تحريڪ سان هو جڏهن ته پير شهاب الدين سنڌ هاري ڪميٽيءَ سان سلهاڙيل هيو جڏهن ته باقي سمورا پ پ پ سان واسطو رکندا هيا. پير شهاب الدين جن جو تڪيه ڪلام هوندو هو ”ظالم سماج“ ، سندس تڪيه ڪلام جي مناسبت سان اسان پنهنجي کوليءَ ۾ سندس نالو ئي ظالم سماج رکي ڇڏيو هو. هڪ ڏينهن پ پ پ جي ننگر خان رند کانئس پڇيو ته ”پير ڏي خبر توهان وارو انقلاب ڪڏهن ايندو؟“ جواب ڏنائين ته ”جيڪڏهن ڄام ساقيءَ کي آزاد ڪيو وڃي ته پنجن سالن اندر انقلاب اچي ويندو“. تنهن تي ننگر خان کيس چيو هو ته ”اها ته ڪا ڳالهه ئي ڪونهي ڪو، جيل ٽوڙي ڄام ساقيءَ کي ٻاهر ٿا ڪڍون پنجن سالن جي مختصر عرصي ۾ ظالم سماج کان ته جان ڇٽي پوندي“. ان زماني جي ڳالهه ئي آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي تڏهوڪي شاهه عبدالطيف ڪيمپس خيرپور جي هال ۾ شاگرد تنظين جو ڪو گڏيل احتجاجي ميڙاڪو مارشلائي جبر خلاف رکيل هو. ان ۾ منهنجي پياري دوست ۽ سپاف جي اڳواڻ مرحوم سبزل حاجاڻو جذباتي تقرير ڪندي اهو چيو هو ته ”هو (يعني پ پ پ ۽ سپاف وارا) جيڪڏهن چاهين ته جنرل ضيا الحق کي پنجن منٽن ۾ هٽائي سگھن ٿا“ سندس چيل ان جملي تي هال ۾ ويٺل دوستن وچ ۾ ٽهڪڙو مچي ويو هو ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ (SST) جي تڏهوڪي اڳواڻ قطب جوڳيءَ کيس مخاطب ٿيندي چيو هو ته ”يار پوءِ دير ڇا جي آهي، جلدي ڪري اهو ڪم سرانجام ڏيو هروڀرو هي ايم آر ڊيءَ جو جهنجهٽ به ڇو کڻون“.
مٿي ڏنل مثالن ۽ عملي نموني ترقي پسند سياست ۾ پنهنجي زندگيءَ جي جواني وارا سال سيڙائڻ بعد پتو پوي ٿو ته اسان جي ترقي پسندن جو انقلاب ڏانهن رويو ڏاڍو ڇسو هوندو هو ۽ اڃا تائين آهي. خير سان ڄام ساقي آزاد ٿيو، سرخ انقلاب جي ته ڪا چڻنگ به اسان پسي نه سگھياسين پر ان جي ابتڙ محترم ڄام ساقيءَ کي کاٻي ڌر واري سياست مان گم ٿيڻ ۾ پنج سال به نه لڳا! اسان جا نعرا ڪيڏا نه خوش فهمين تي ٻڌل هوندا هيا ته ” گرتی ہوئی دیواروں کو ایک دہکا اور دو،  آمریکا کے یاروں کو ایک دہکا اور دو“ ۽ پوءِ ٿيو ڇا؟ ان گرتي ديوار کي سيمنٽ هڻي، سريا وجھي مظبوط بڻايو ويو، آمريڪا جي ديوار ڪرڻ بدران ترقي پسندن جو ”ڪعبو“ سوويت يونين ڌڙام سان ڪري پيو ۽ اسان پوءِ ان موالي ڪامريڊ وانگر رهجي وياسين جنهن پنهنجي محبوبه کي چيو هو ته؛ ”میں تمہارے زانو پہ سر رکھ کر سویا ہوں، انقلاب آئے تو جگا دینا ساتھی“.
پاڪستان اندر ترقي پسند سياست خوش فهمين ۽ خود فريبين جي ور چڙهيل رهي آهي. اسان اڃا تائين انهن طلسمي جزيرن جي سحر مان نڪري نه سگھيا آهيون. بظاهر ته اسين سائنسي نظرين جون ڳالهيون ڪندا آيا آهيون پر اسان جو حال ڪنهن ويساهه وسوڙيل غلامانه ذهنيت رکندڙ مريد کان بنهه گھٽ ناهي. اسان جي دماغن اندر اهي دل ڪش تصويرون اڄ به والار ڪيون ويٺيون آهن ته هن ملڪ ۾ انقلاب جي اڳواڻيءَ لاءِ ڪو عظيم گھوڙيسوار هيرو ايندو، جيڪو بهادر هئڻ سان گڏ دنيا جا سمورا علم ڄاڻندو هوندو ۽ هر معاملي ۾ اهو نه صرف پارٽيءَ جي پر پوري قوم ۽ ڪن حالتن ۾ ته ايشيا ۽ پوري دنيا جي سياست جي رهنمائيءَ جا بار پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي کڻندو ۽ پوءِ اسان جا وارا نيارا ٿي ويندا. اسين اهڙي عظيم اڳواڻن جي نه صرف ڳولا ڪندا رهيا آهيون پر وقت بوقت اسان اهڙا بت جوڙي پنهنجن ڪلهن تي ويهاري جھمريون به پائيندا آيا آهيون. پر خدانخواسته اهو عظيم اڳواڻ انقلاب آڻي نه سگھيو ته پوءِ ضرور سندس خاندان مان ڪونه ڪو سندس جهڙو ڏاهو اڀري اينديو ۽ انقلابي قافلي جي سرواڻي ڪندي ٻيڙا پار لڳائيندو. منڍ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسان جي ترقي پسندن، قومپرستن جي دل ۽ دماغ ۾ اهڙيون هوائي ڳالهيون ايتري ته سگھ سان ويهاري ويون هيون ته چڱا ڀلا ڏسڻا وائسڻا سياسي ڪارڪن ان خيال جي ابتڙ هڪ اکر به ٻڌڻ به گوارا نه ڪندا هيا ۽ نه هاڻي ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪو ڪارڪن  ان قسم جا جائز اعتراض اٿاريندو هو ته ان کي گستاخي وارو عمل سڏي ان کي عظيم انقلاب جي عوامي سيلاب اڳيان بند ٻڌڻ برابر گناهه عظيم باور ڪرائيندا رهيا آهن. اهڙن روين رکڻ ڪري هن ملڪ ۾ ترقي پسند سياست جا ترا لڳي ويا. پارٽين اندر ڪم ڪندڙ ڪارڪن شخصيت پرستيءَ جي ڌٻڻ ۾ اهڙا ته جڪڙجي ويا ته اڃا تائين اتان پنهنجي جان آجي ڪري نه سگھيا آهن. اسان عظيم اڳواڻن جي نالي ۾ جيڪي بت جوڙيا  انهن جو قد ڪاٺ پارٽين کان به مٿي هليو ويو. پارٽيون ته اوجهڙ اندر رهيون بس ليڊر نظرن ۾ رهيا..نعرا جيڪي اسان هنيا ته اهي هن قسم جا هيا ”تنهنجو ساٿي منهنجو ساٿي....“، تنهنجو رهبر منهنجو رهبر...“، ”رهبر ڪير قوم جو...“. سوال ٿو پيدا ٿئي ته اها شخصيت پرستيءَ واري ڌپ ورتل سوچ هئي/آهي يا سائنسي سوچ؟ ان زماني ۽ اڄ تائين پارٽين جي سياسي لائين، حڪمت عملين، تنظيم ڪاري، جدوجهد وارن ڳالهين تي بحث ڪرڻ بدران اسان اڃا تائين ان ڳالهه تي اٽڪيا بيٺا آهيون ته ڪهڙي پارٽيءَ جو اڳواڻ ڏاهو، بهادر، سچو، نيڪ، الله جو ٻانهو آهي!! ڪنهن ڀلجي ڪري به اهو نه پڇيو هوندو ته ”ڀلا ڏيو خبر اهو هيوي ويٽ ريسلر جيڪو اوهان جو اڳواڻ آهي ان کان به پڇاڻو ٿي سگھي ٿو يانه؟ سندس فيصلن کي چئلينج ڪرڻ جو اختيار به ڪنهن فرد يا اداري کي آهي يا نه؟ پارٽي، پارٽيءَ جو منشور، پارٽي پاليسيون مٿاهيون آهن يا پارٽيءَ جو سربراهه؟“ پر جيڪڏهن ڀلجي ڪري ڪنهن اهڙو سوال اٿاريو به هوندو ته کيس اڳواڻن پاران پارٽين مان غداري، ٽراٽسڪائيڊ، سي آئي اي جي ايجنٽ جا بهتان هڻي تڙي ڪڍيو ويو هوندو. اڄ جڏهن پويان ڏسان ٿو ته مون کي ڪيئي انمول گڻائتا، ڏاها ساٿي ٿا نظر اچن جيڪي پارٽي سربراهن جي اهڙين روين جو شڪار ٿيا ۽ کين تنظيمي ڀڃڪڙين جي ڪوڙن الزامن واري ڇريءَ سان قتل ڪيو ويو. جيڪڏهن اهي سوين ڪارڪن غدار هيا، ويڪائو هيا، سي آئي اي جا ايجنٽ هيا ته پوءِ ان ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪهڙي قباحت ٿي رهي ته اها پارٽي ڪنهن عوامي انقلاب برپا ڪرڻ لاءِ ٿوروئي جوڙي ويئي هئي اها ته غدارن پيدا ڪرڻ جي فيڪٽري هئي؟؟!! هر دفعي پارٽيءَ مان خارج ٿيندڙن تي غداري جا الزام لڳا، هر دفعي پارٽين جا سربراهه سرخرو رهيا. اهڙن روين ترقي پسند سياست جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو ۽ هاڻي جيڪا ترقي پسند سياست آهي اها ترقي پسندي جي نالي ۾ رينگٽ آهي. وقت گذرڻ سان سوشلسٽ پارٽين جا اڳواڻن ڪک پتيءَ مان ڪروڙ پتي بڻجي ويا، ٻيا جيڪي ڇوٿين دنيا جا مفڪر هئڻ جون دعوائون ڪندا هيا انهن وري وڃي دهشت گردن جا اوتارا وسايا، ٻيا توبهه تائب ٿي، ڪفر مان جان آجي ڪري گيڙو ڪپڙا پهري مست ملنگ جو روپ ڌاري صوفي فقير ٿي پيا، ٽين وري مزاحمت جي آڙ ۾ ڀتاخوريءَ ڪئي. ڪٽي سٽي اها ڳالهه ڪبي ته ترقي پسند سياست، ترقي پسند پارٽيون وڃي نالي ماتر بچيون، جي ڪا شيءِ بچي ته اهي اڳواڻ صاحبان هيا، انهن جا اوتارا وسندا رهيا ۽ اهي ٺٺ ٺانگر جي ڊوڙ ۾ ڪرپٽ وڏيرن کان به گوئيون کڻ
حقيقي انقلاب، تبديلي ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي ڪي اهڙيون ترقي پسند پارٽيون جڙن جيڪي پنهنجي ڪارڪنن، عوام، قوم ۽ ڪنهن حد تائين پوري انسانذات آڏو جوابدهه هجن، جن وٽ مستقبل لاءِ چٽو نظريو هجي، جن وٽ گڏيل قيادت جو تصور هجي، وٽن مظبوط تنطيم ڪاري هجي، جيڪي ذاتي مال ميڙڻ واري هوس ڇڏي عوام ۾ سيڙپڪاري ڪن، عوام سان گڏجن، سندن ڏک سک ۾ شرڪت ڪن، سندن ڀرجھلا ٿين، عوام سان ملي انهن جهڙو ٿي انهن جي تربيت ڪن. عام ماڻهون جيڪو وڏيرڪي ڏائڻ ذهنيت جي نشاني تي آهي ان کي اتان ڪڍي پنهنجي صفن ۾ وٺي اچن. اهو ڪو سولو ڪم ناهي، اهو ڪم قرباني جو گھرجائو آهي. هي ڪم اهي سرانجام ڏيندا جيڪي مست ملنگ ٿي ڪري جھرجھنگ ڪاهي پوندا، در در تي وڃي ڪڙو کڙڪائي پنهنجي ڳالهه ڪندا. يقين سان چئي سگھجي ٿو ته کين ان راهه ۾ ڪيئي رڪاوٽون درپيش اينديون، مٿن چٿرون ٿينديون، مٿن الزامن جا انبار لڳايا ويندا، سندن زندگين کي زهر بڻايو ويندو پر ڇا ڪجي ٻي ڪا راهه سجھي به نه ٿي، ڪنهن نه ڪنهن کي ته اهو اڙانگھو، اڻ ڏٺل رستو وٺڻو ئي پوندو.

Tuesday, May 31, 2016

سکر سي ئي ڏينهن جي مون گھاريا بند ۾ ؛ سائين شاهنواز راڄپر پاران ايم آر ڊي (1983ع کان وٺي 1985ع) قيدي طور گھاريل ڏينهن جي يادگيرين مان هڪ چونڊ ياد




پاڪستان جي تاريخ ۾ ايم آر ڊيءَ جي جمهوري جدوجهد  ڪنهن سنگ ميل کان گھٽ ناهي جنهن ۾ سنڌ جي مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ هزارين ڪارڪنن عظيم قربانيون ڏنيون هيون، جيل ڪاٽيا هيا، تشدد برداشت ڪيو هو، کولين ۾ بند ڪيا ويا هيا، کانئن عام قيدين وارو ڪم ورتو ويندو هو. اڄ پياري پاڪستان اندر جيڪا لولي لنگڙي جمهوريت آهي اهو ان تحريڪ جو ڪمال آهي. ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ ڪنهن مخصوص پارٽي يا وڏيرن جي تحريڪ نه هئي سنڌ اندر ته اهو هڪ عوامي سيلاب ٿي اٿيو هو ۽ ان سيلاب آمرن جي مظبوط ڪوٽن کي ڪيرائي وڌو هو. اها ايم آر ڊي جي تحريڪ ئي آهي جنهن اسان سنڌين جو نڪ مٿي ڪيو آهي ۽ اڄ به اسان جا سياسي تجزيه ڪار، ڪارڪن توڙي پارٽين جا اڳواڻ هر فورم تي ان تحريڪ جا حوالا ڏيندا رهندا آهن. ان تحريڪ سان لاڳاپو ئي ماڻهونءَ کي احساس ٿو ڏياري ته ان ڪيترو نه اهم، ڪارائتو ڪم ڪيو هو ۽ پنهنجي وطن لاءِ قرباني ڏني هئي.

خيرپور ضلع اندر ايم آر ڊي جي تنظيم ڪاري واري سموري سرگرمين ۾ جن حصو ورتو هو انهن ۾ ڳوٺ احدي خان راڄپر لڳ ڪنب تعلقه ڪوٽ ڏجيءَ جي رهاڪو ڀنڀي ڪاري ڏاڙهي واري، ڀريل ۽ سهڻي بت رکندڙ، هر وقت ٽهڪڙن جي محفل مچائي زندگي گذاريندڙ، بي باڪ، بهادر ۽ مستقل مزاجيءَ سان مصيبتن کي منهن ڏيندڙ سائين شاهنواز راڄپر جن به هڪ هيا. سائين شاهنواز راڄپر ۽ آءُ انهن چند دوستن منجھاران هياسين جن ضلع سطح تي ايم آر ڊيءَ جي تنظيم ڪاريءَ ۾ الف کان وٺي ي تائين جيڪي به سرگرميون، گڏجاڻيون ٿيون هيون انهن ۾ شرڪت ڪئي هئي.  شاهنواز راڄپر کي ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ ئي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ اهي انهن سياسي قيدين مان هڪ هيا جن کي سڀ کان آخر ۾ آزاد ڪيوويو هيو. ڇوته شاهنواز تنهن وقت جي ضيائي مارشلا جي آڏو ڪنهن به قيمت تي گوڏا کوڙڻ لاءِ تيار نه هو. شاهنواز راڄپر 1983ع کان وٺي 1985ع جي شروعاتي مهينن تائين جيل اندر قيد هيا. هو جيل جو هردلعزيز قيدي هو. سندس تعلق انوقت عوامي تحريڪ سان هو پر جيل اندر سندس سڀني سياسي پارٽين جي سڀني قيدين سان دوستانه تعلقات هيا.

شاهنواز راڄپر سان تازو ئي مون جيل جي جهان متعلق ڪجھ ڳالهيون ڪيون هيون. اها اسان جي ڳالهين جي پهرين قسط هئي، اڃا اسان کي قيد جي انهن ڏهاڙن متعلق تمام گھڻو ڳالهائڻو آهي، گھڻو ڪجھ لکڻو آهي. تاريخ جي ورقن مٿان جيڪا دز پيل آهي انهن کي ڇنڊي ڦوڪي ڪن حقيقتن کي سامهون آڻڻو آهي. حقيقتون ضروري ناهي ته دل لڀائيندڙ يا وڻندڙ هجن، اهي پاڻ کي بي چين به ڪري سگھن ٿيون، اهوبه قطعي ضروري ناهي ته انهن سان اسان سؤ فيصد سهمت ٿيون انهن سان اختلاف به ڪري سگھجي ٿو. اهي ڪي آفاقي ڳالهيون ناهن، اهي ڪنهن فرد جا خيال به ٿي سگھن ٿا. هونئن به چوندا آهن ته ”واڱڻ ڪن لاءِ وائي ته ڪن لاءِ بادي“ سو ائين به ٿي سگھي ٿو ته اهي سچيون حقيقتون هڪ ڌر لاءِ بلڪل ناقابل قبول هجن. اهو سڀ ڪجھ ممڪن آهي. مون چاچي (پيار وچان منڍ کان وٺي سڀ شاهنواز کي چاچو شاهنواز ڪري ڪوٺيندا آهن يا ياد ڪندا آهن) شاهنواز سان اڌ ڪلاڪ تائين جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي ان مان صرف هڪ ڳالهه جي چونڊ ڪئي اٿم، اڄ ان تي پنهنجن خيالن جي اظهار پيو ڪريان، باقي ڳالهيون بعد ۾ ڪبيون.

 اسان جي هن ڪچهريءَ ۾ ڪيئي عجب جهڙيون حقيقتون کلي سامهون آيون. بظاهر ته اهي ننڍڙيون ڳالهيون آهن پر غور ڪبو ته اهي ايتريون ننڍڙيون به ناهن انهن جي پويان ڪي تمام وڏا سبب هوندا. مثال طور سندس چوڻ آهي ته انوقت سندس پارٽي پاران مٿن جيل اندر ڪنهن به قسم جي ڊائري لکڻ تي پابندي لڳائي ويئي هئي. سندس لفظ آهن ته ” جيل ۾ لکڻ ئي ڪونه ڏيندا هيا (هتي ’لکڻ ئي ڪونه ڏيندا هيا‘ مان مراد پارٽيءَ وارا آهن، جيل انتظاميه پاران اهڙي ڪابه پابندي لڳل نه هئي) . جيل ۾ ڪن ساٿين جي هٿ ۾ ڏنڊي ڏني ويئي هئي ۽ اهي چوندا هيا ته خبردار جو ڪو پنو وغيره لکيو اٿو، خبر اٿو ته اهي ڪيتري اهميت وارا پنا هوندا جيڪي اوهان جا کڄي ويندا“. هاڻي جڏهن درياءَ جي پل هيٺيا تمام گھڻو پاڻي وهي چڪو آهي ته مون کي بظاهر اها ’ننڍڙي‘ بظاهر ’بي ضرر‘ ۽ بظاهر ’ڪارائتي‘ پابندي ڪا واقعي ننڍڙي، بي ضرر ۽ ڪارائتي محسوس نه ٿي ٿئي. بظاهر ان ننڍڙي ڳالهه پويان به مون کي ڪنهن شاطر دماغ جي ڊگھي سازش جي بوءِ ٿي محسوس ٿئي. اهو ساڳيو زمانو هو جڏهن پارٽيءَ جو اڳواڻ محترم رسول بخش پليجو صاحب ڪوٽ لکپت جيل اندر بند هو. پارٽي پاران کيس ضمير جو قيدي ڄاڻائي وڏي وٺ وٺان ڪئي ويئي هئي. پارٽيءَ جي سربراهه پاڻ جيل اندر ويهي جيڪي تحريرون ڪيون هيون اهي ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ جي عنوان سان ٻن ڪتابن جي صورت ۾ ڇپجي پڌرو ٿي چڪيون آهن. ان ساڳي زماني اندر هزارين پارٽي ڪارڪن سنڌ جي مختلف جيلن اندر بند هيا، پارٽي سربراهه جيل جي ڊائري تحرير ڪري پي سگھيو پر ڪارڪنن تي پابندي مڙهي ويئي هئي، اها تمام گھڻي تضاد واري ڳالهه آهي.انوقت جيڪي ڪارڪن قيد هيا انهن ۾ تمام گھڻا پڙهيل لکيل، ڄاڻو ۽ سياسي حالتن جو گهرائي سان تجزيو ڪري ڄاڻندا هيا، جي ان قسم جي پابندي مٿن لڳائي نه وڃي ها ۽ ويتر انهن قيدين منجھان علم ادب سان ويجھو لاڳاپيل رکندڙ چونڊ ساٿين کي ان ڳالهه جو پابند بڻايو وڃي ها ته اهي جيل جي صورتحال متعلق تجزيا لکن ته شايد اسان وٽ انوقت جي جيل جي جهان متعلق هڪ ٻه نه پر ڪيئي مستند ڪتاب موجود هجن ها. پنهنجي قيد وارن ڏهاڙن متعلق اهي قيدي اڄ به ڪجھ لکي سگھن ٿا پر موقعي محل ۽ ان مخصوص ماحول اندر ويهي جيڪي ڪجھ لکجي ها اڄ اهو ڪنهن به صورت ممڪن ئي ڪونهي.  منهنجي خيال ۾ اهو هڪ تمام وڏو موقعو هو جيڪو خبر ناهي ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ضايع ٿي ويو هو يا ضايع ٿيڻ ڏنو ويو هو. جيڪڏهن اهو ڪم اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪيو ويو هو ته انوقت جي پارٽي پاليسي بازن جي خسيسس سوچ تي افسوس ٿو ڪرڻو پوي پر جيڪڏهن اهو ڄاڻي واڻي ڪرايو ويو هو ته منهنجي خيال ۾ اهو تمام وڏو ڏوهه جو ڪم هو. 

Friday, May 27, 2016

روڪ جي روڪين سگھين


”تارے زمین پر “ هندي مووي ۾ عامر خان جو هڪ ڊائيلاگ

”دنيا اندر اهڙا اهڙا هيرا پيدا ٿيا، جن سڄي دنيا جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو، ڇوته انهن دنيا کي پنهنجي الڳ نظرن سان ڏٺو هو، دماغ انهن جا ڪجھ هٽيل هيا، آس پاس وارن کان برداشت نه ٿيا، انهن سندن لئه تڪليفون پيدا ڪري ڇڏيون پر ان هوندي به اهي ڪامياب ٿيا ۽ اهڙا ڪامياب ٿيا جو دنيا ڏسندي ئي رهجي ويئي“.

اها ڳالهه سؤ فيصد صحيح آهي، اهڙن ”مٿي ڦريل“ ماڻهن ئي هن دنيا ۾ ڪي حسين رنگ ڀريا، ڪي نيون، نراليون، اڻ ٿيڻيون ايجادون ڪري انسانذات لاءِ سهولتون پيدا ڪيون، انهن مان ڪن وري پنهنجن زمانن ۾ هلندڙ وهنوار موجب سؤ فيصد مڃيل سچ کي للڪاريو ۽ چيو ته اهو جنهن کي اوهين مقدس ڪتابن جي حوالن سان سچ ٿا سمجھو اها اوهان جي اڻ ڄاڻائيءَ کان سواءِ  ڪجھ به ناهي، انهن مظبوط دليلن سان منطقي انداز ۾ ان وقت جي سؤ فيصد سچ کي مڪمل نموني ڪوڙو ثابت ڪري ڏيکاريو. ٻين وري فلسفي جي دنيا ۾ نيون، نراليون ڳالهيون ڪيون جيڪي پڻ پنهنجي دؤر ۾ ڪفر جي زمري ۾ ڄاڻايون ويون. ان نموني انهن انمول انسانن  دنيا جي انيڪ مامرن لاءِ اسان جي سوچ کي وسيع ڪيو، واضع ڪيو ۽ سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ نيون راهون هموار ڪيون, 

اها به حقيقت آهي ته خدا جي زمين تي رهندي پنهنجو پاڻ کي نعوذ بالله خدا جي رتبي جو ڏک ڏيندڙ هر وقت جي فرعونن انهن انمول انسانن مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائي وڌا هيا. جن سچائي کي پرکي ظاهر ڪيو، ڪارائتيون ايجادون ڪيون انهن جي پنهنجي ذاتي زندگيءَ کي ان وقت جي مڃيل مڃايل مذهبي عالمن مٿن ڪفر جون فتوائون ڪڍي زهر بڻائي ڇڏيو هو. ڪن کي جيئري باهه ۾ ساڙيو ويو، ڪن کي شينهن جي پڃرن ۾ واڙي خونخوار جانون هٿان چيرجي ڦاڙجي مرڻ واري اذيت ڏني ويئي، ڪن کي هاٿيءَ جي ڳرن پيرن هيٺان چيڀاڙجڻ جي سزا ڏني ويئي، ڪن جي جيئري کل لهرائي ويئي، ڪن کي سرعام ڦاسي ته ڪن کي زهر جا پيالا پيئڻ تي مجبور ڪيو ويو. اهو سوچيندي ڪيڏو افسوس ٿو ٿئي ته وقت جا صحيح ڏاها، سائنسدان، فلسفي، منطقي سوچ ڌاريندڙ، سماج کي اڳتي وٺي ويندڙن جي ذاتي زندگي ڪا آئيڊيل نه هئي. جسماني تڪليفون ته کڻي انسان برداشت به ڪري وڃي پر ڪو اڌ اکري ماڻهون، ڄٽ، جاهل، ڪوتاهه نظر بادشاهه، نيم ملان، جڏهن پنهنجي وقت جي وڏي ۾ وڏي عالم جي عزت نفس جو ڌڄيون اڏاري، کين ذليل و خوار ڪري، مٿن چٿرون ڪري، سربازار وقت جي تمام وڏن عالمن کي راهه ويندڙن کان ٿڪون هڻائي ته مان سمجھان ٿو ته اهو جسماني تڪيلفن، ايذائن ويندي جسماني موت کان وڌيڪ اذيت ڏيندڙ هوندو آهي.

ان جي ڀيٽ ۾ ان زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ظاهر داريءَ جي ڏک ڏيندڙ منافق ماڻهون، آمر، فتوائن جون فيڪٽريون کولي هلائيندڙ ٺٺ واري زندگي گذاريندا پيا اچن. اڄوڪو ماحول پاڻ سڀني جي سامهون آهي. هن ملڪ اندر حقيقي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالسلام جو نالو وٺڻ به گناهه عظيم آهي، ڪنهن کي خبر ناهي ته سندس قبر ڪٿي آهي جو سندس قبر تي لڳل قطبي کي ئي اڏاريو ويو آهي ۽ ها هن زماني ۾ ئي ڪنهن بي گناهه کي قتل ڪندڙ قاتل کي قانوني گھرجن پٽاندڙ مليل موٽ جي سزا تي وقت جي يزيدن ڌرتي تپائي ٽامون ڪري ڇڏي هئي. هاڻي سندس سندس قبر کي درٻار شهيد/غازي جو نالو ڏئي جهالت ڦهلائڻ جا جتن پيا ڪيا وڃن.

عقل، علم، هنرمندي، منطق، دليل، سائنسي سوچ سان جهالت، انڌن عقيدن، ايڪويهين صديءَ کي تمام گھڻيون صديون پوئتي گھلي وٺي وڃڻ جي خواهش رکندڙ پراڻ پسند جي جنگ هلي پيئي. جنگ جي نتيجن تي ۾ مون کي ٽڪي برابر به ڪو شڪ ناهي ته جهالت جا رکوالا هن هلندڙ وقت ۾ پڻ ساڳي ذلالت ڀري شڪست کائيندا جيئن هنن تاريخ جي سمورن دؤرن ۾ کاڌي آهي ان هوندي ته کين رياست جا بي پناهه وسيلا موجود هيا، وٽن طاقت هئي، وٽن فوجون ۽ فتوائون هيون.

 علم ڪنهن مفتوح علائقي جي ڦرلٽ مان هٿ آيل باندي ناهي جنهن کي هي جاهل پنهنجي جنسي هوس جو نشانو بڻائيندا. علم ته هوا آهي، خوشبوءِ آهي، فلسفو سج جي روشني آهي، ايجادون نئين صبح جون بهارون آهن، هوا، خوشبوءِ، روشنيءَ کي نه ڪو اڳ روڪي سگھيو آهي ۽ نه هاڻي اهو ڪم سندن هٿ وس کان چڙهيل آهي.  مان کين رڳو اهو چوندس ته روڪ جي روڪين سگھين....

Sunday, May 22, 2016

روشنيءَ ڏانهن سفر؛ ڪجھ ڪتابن تي تبصرو


گذريل ڪجھ ڏينهن اندر مون ٻه ٽي ڪتاب پڙهيا آهن. ڊاڪٽر مبارڪ حيدر جا ٻه ڪتاب ”تهذيبي نرگسيت“ ۽ ”مغالطي مبالغي“، رسول ميمڻ جو ڪتاب ”خدا، روح ۽ سائنس“ (سائنس ۽ فلسفو) ۽ اڄ پائلو ڪوئلهو جو ناول  ”ڪيمياگر“ (سنڌيڪار؛ فهيم اختر ميمڻ) پڙهي پورو ڪيو اٿم. انهن چئني ڪتابن وچ ۾ گھڻيون ئي ڳالهيون الڳ الڳ نوعيت جون آهن ته منجھن ڪي هڪ جهڙايون پڻ آهن. ڊاڪٽر مبارڪ حيدر جي ڪتابن ۾ نرگسيت جي مرض ۾ مبتلا مسلمان آباديءَ جو الميو بيان ڪيو ويو آهي ته ڊاڪٽر رسول ميمڻ مذهب ۽ سائنس جي حساس پر تڪراري نوعيت جي عنوانن تي طبع آزمائي ڪئي آهي جڏهن ته پائلو ڪوئلهو جو ”ڪيمياگر“ دنيا جو هڪ انتهائي مقبول ناول آهي جنهن ۾ خوابن جي ساڀيان لاءِ انساني جدوجهد کي فوڪس ڪيو ويو آهي.

            ڊاڪٽر مبارڪ حيدر جا ڪتاب اسان کي هڪ خيالي دنيا مان ٻاهر نڪرڻ جو ڏس ڏيڻ سان گڏ گس به ٻڌائين ٿا. انهن ڪتابن ۾ اسان کي ڄاڻ ملي ٿي ته ڪيئن نه اسان شين کي پنهنجي اصلي، صحيح روپ ۾ ڏسڻ بدران پنهنجي خواهشن موجب ڏسڻ جي ڪوششن ۾ رڻ جا رولاڪ بڻجي ٿا پئون. ڪجھ عيار ۽ مڪار ماڻهون مذهبي جوش ۽ جنون کي چريائپ جي حد تائين وڌائي انهن مان پنهنجا ذاتي ۽ گروهي فائدا حاصل ڪن ٿا. اسان جا اٻوجھ ماڻهون اهو ٿا سمجھن ته اهي خدا ۽ ان جي رسول جي پيروي پيا ڪن، جهاد پيا ڪن ۽ دنيا اندر الله ۽ سندس سچي رسول جو پيغام پيا پکيڙين ۽ مرڻ کان پوءِ واري سدا جاري رهڻ واري دنيا اندر پنهنجي لاءِ جايون پيا جوڙين.  پر افسوس ته سادن ماڻهن جي سچن عقيدن جي سحر پويان حقيقتون  ڪجھ اؤر آهن. اسان جنهن علائقي جا مڪين آهيون اتي ڪن چالاڪ، حرفتي ۽ مڪار ماڻهن مذهب کي ڪاروباري شڪل ڏئي ڇڏي آهي. اهي نام نهاد مذهبي ٺيڪدار مذهبي معلومات کي يا ته وڌائي چڙهائي پيش ڪندا آهن يا وري ڪن حقيقتن کي لڪائي ڇڏيندا آهن. ٻنهي صورتن ۾ سچ کي اجاگر ڪرڻ کان روڪيو ويندو آهي. اسان جا نشرياتي ادارا ڪوڙ بدوڙ جون فيڪٽريون کوليون ويٺا آهن جتي چوويهه ڪلاڪ ڪوڙ جو وکر وڏي طمطراق، اعتماد ۽ فخر سان وڪرو ڪيو پيو وڃي. اليڪٽرانڪ، پرنٽ توڙي سوشل ميڊيا  تي ڪيئي نام نهاد سياسي تجزيا نگار، ڪيئي نام نهاد مذهبي ٺيڪيدار، ڪيئي نام نهاد اسڪالر منجھيل ماڻهن کي وڌيڪ منجهائڻ، عام سادن انسانن کي رڻ ۾ رولائڻ جا جتن پيا ڪن. هٽلر جي دوست مسوليني چيو هو ته هڪ ڪوڙ کي ٻاهتر دفعا ورجايو ماڻهون ان کي سچ سمجھڻ لڳندا. سندس انهن هدايتن کي نظر ۾ رکندي هتي سندس روحاني پوئلڳ ڪنهن ڪوڙ کي محض ستر دفعا نه پر ستر هزار دفعا ورجائي ورجائي ڪاڪڙو ڦاڙي بيان پيا ڪن! عام انسان حيران ۽ پريشان آهن، کين سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته ڇا سچ آهي ۽ ڇا ڪوڙ! اهڙي خسيس پڻي واري ماحول ۾ ڊاڪٽر مبارڪ حيدر جا ڪتاب آرهڙ جي تتل ڏينهن ۾ بڙ جي گھاٽي ڇانو جهڙو ٿڌڙو احساس ڏيارين ٿا.  اسڪالر پنهنجي وت ۽ وس آهر مذهب جي نالي ۾ ٻارڻ بڻجندڙ ماڻهن کي سمجھائڻ، سندن ذهنن تي لڳل ڪَٽ لاهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل نظر اچي پيو.

            رسول ميمڻ پنهنجي ڪتاب ۾ ”خدا، مذهب ۽ سائنس“ ۾ پڻ ساڳي موضوع تي طبع آزمائي ڪئي آهي.  گاڊ پارٽيڪلس ۽ گاڊ جين سندس ڪتاب جا اهم ترين موضوع آهن. سندس چوڻ آهي ته خدا کي انسان کان ٻاهر ڳولهڻ اجايو آهي. خدا ۽ انسان ساڳي ڳالهه آهن ۽ کٽين يا هارائين هنڌ تنهنجو هيءُ آهي. ڪنهن اڄاتل دنيا جي آسري تي هن دنيا جنهن ۾ اسين رهون ٿا جيڪا اکئين ڏسون ۽ پسون ٿا ان کي دوزخ بڻائڻ ڪنهن به صورت عقل منديءَ جو ڪم ناهي. سندس چوڻ آهي ته ڪوبه ماڻهون مڪمل نموني فنا نه ٿو ٿئي هر انسان پنهنجي ايندڙ نسل جي شڪل ۾ زنده ٿو رهي ۽ اها موت جي شڪست ۽ زندگيءَ جي فتح آهي.  ڊاڪٽر رسول ميمڻ جوڪتاب پڙهندي مون کي سندس ڪيل ڳالهيون سنڌ جي صوفين پاران ڏنل پيغام جو تسلسل لڳيون ۽ ائين ڀانيم ته ڊاڪٽر صاحب ان ريسرچ کي اتان کنيو آهي جتي انهن صوفين ان کي ڇڏيو هو. سنڌ جي صوفين پنهنجي شاعريءَ ۾ اهي ڳالهيون بار بار ورجايون آهن ته الله ۽ بندو هڪ آهن، انهن جي وچ ۾ ڪا ٻيائي ناهي، ”مون ۾ تون موجود ازل کان“ آهين، جڏهن به انسان پنهنجو پاڻ ۾ پيهي ڏٺو آهي ته کيس پنهنجو پاڻ ئي نظر آيو آهي. پنهون ڪنهن ٻاهرين دنيا ۾ نه پر اندر ۾ ئي ويٺل آهي، جيڪو ساهه جي رڳ کان به ويجھو آهي. انهن ڳالهين کي صوفي پنهنجي لازوال شاعريءَ ۾ رندي رمزن سان صديون اڳ بيان ڪري ويا آهن. لطيف سائين چئي ويو هو ته ”پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ، ته نه ڪا ڏونگر ڏيهه ۾ نه ڪا ڪيچين ڪاڻ، پنهون ٿيس پاڻ سسئي تان سورهيا“. لطيف مذهب جي نالي دنياوي ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن جي منهن تان نقاب روڙي لاٿا هيا؛ ”منهن ته موسى جهڙو اندر ۾ ابليس.....“ يا ”ان پر نه ايمان جي ڪلمي گو جي ڪوٺائين، دغا تنهنجي دل ۾شرڪ ۽ شيطان، منهن ۾ مسلمان اندر آذر آهين“. يا هي به ته ”روزو ۽ نماز اي پڻ چڱو ڪم، پر اي ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي“. ساڳين ڳالهين کي اڳتي وڌائيندي ۽ چٽي انداز ۾ سچل ڪي ڳالهيون ڪيون. سچل چيو ته ”ڪلمي مون کي ڪين ڪيو مورئون مسلمان، نڪي احمد موڪليو عرب کان اسلام، سچو آهي سبحان پر آدم ليکي آدمي“. ساڳي ڳالهه بيدل سائين به چئي ويا آهن؛ ”مذهب واري قيد کؤن، عشق ڪندءَ آزاد“. سندن وڌيڪ اهو به چوڻ هو ته ”حقيقت ۾ هڪ ٿيو، ڪفر ۽ اسلام، مظهر مولا پاڪ جو، هندو مسلمان، تارا ڪيا تالان، سورج سندي سوجھري“.  انهن اندر اجارڻ،انسانيت سان بنا ڪنهن مذهبي، فرقي يا ذات پات جي پيار ڪرڻ، امن ۽ سلامتي جو ماحول پيدا ڪرڻ جون ڳالهيون وڏي واڪ انڪري ڪيون هيون ڇوته محبوب ۽ معشوق وچ ۾ ڪا دوئي، دوري نه هئي. هر صوفيءَ کي پنهنجن دؤرن ۾ سندن ان بغاوت ڪرڻ تي ظاهرداريءَ جي پاسداري رکندڙ ملن مولوين پاران ڪفر جي فتوائن سان منهن مقابل ٿيڻو پيو هو. صوفين محض اهي دعوائون ڪونه ڪيو هيون پر انهن عملي طرح اهي سڀ خيال پنهنجين زندگين تي لاڳو ڪري ڇڏيا ها.  وٽن سندن عملي زندگي ئي مثال يا دليل هو. ٻئي پاسي مذهب جي ٺيڪدارن جي هٿن ۾ مقدس ڪتابن جي حوالن جون پنهنجي مقصد واريون تشريحون هيون.

            انهن منجھيل مامرن، اڻ ڏٺل ۽ ڏند ڪٿا بڻيل ڳالهين تي سائنسي دليلن سان سير حاصل بحث سائين رسول ميمڻ جن ڪيو آهي ۽ ليکڪ پنهنجي سائنسي دليلن، تجربن جي آڌار تي پنهنجي ڳالهه کي وزنائتو بڻايو آهي. رسول ميمڻ اسان کي سائنس  جي حيرت انگيز وادين جو سير ڪرائيندي، تصويرون ڏيکاريندي، ڪجھ نظر ايندڙ ۽ ڪجھ نظر کان اوجھل شين کي سوليءَ سنڌيءَ ۾ بيان ڪندي سمجھائڻ جون سڀاويڪ ڪوششون ڪيون آهن. اهي ڳالهيون هڪ عام ماڻهون لاءِ ته حيرت انگيز آهن ئي سهي پر انهن جي گوناگوني کي جڏهن پاڻ پسي ٿو ته هڪ ڊاڪٽر هئڻ جي ناتي کيس به اهي ڳالهيون انتهائي انوکيون ۽ نراليون ٿيون لڳن ”هڪ پئٿالوجسٽ جي حيثيت ۾ جڏهن خوردبين ۾ ڏسان ٿو ته دنگ رهجي ٿو وڃان ٿو، نظر نه ايندڙ دنيا سحر انگيز آهي“.

            رسول ميمڻ اهو سڀ ڪجھ ان ڪري پيو بيان ڪري ته سندس ”مقصد هن دنيا کي اهميت ڏيڻ آهي ڇو جو هي دنيا جتي ڪنهن امير جي آهي اتي هڪ غريب جي پڻ آهي. امير وٽ زندگي گذارڻ جا وسيع موقعا آهن. غريب دنيا ۾ محروم رهي ٿو. غريب انصاف جو طالب آهي. کيس دنيا مايوس ڪري ٿي ۽ هو خدا ڏانهن رجوع ڪري ٿو. خدا جو انصاف قيامت ۽ ٻي دنيا آهي. هن دنيا کي عارضي ۽ فاني چئي اهميت نه ٿي ڏني وڃي ائين ڪيترا بي پهچ ماڻهون انصاف جي حسرت رکي دنيا مان هليا وڃن ٿا. جيڪڏهن اها سڌ پئجي وڃي ته خدا جي ذات انسان اندر ان  جي ڪروموسومز کانسواءِ ڪٿي به نه آهي ته اهو حق ۽ انصاف لاءِ جاکوڙيندو. ايوان ۽ عدالتون ڪوتاهين مان نڪري کيس برابريءَ جي بنياد تي انصاف ڏيڻ تي مجبور ٿي پوندا ۽ وسيلن جي ورهاست هڪ جيترا حق ڏئي تعليم هنر ۽ روزگار جا در کوليندي“. ان لاءِ اسان جي عوام کي اها ڳالهه سمجھڻي پوندي ته ”انسان جو ڇوٽڪارو مذهب جي منفي ترغيب مان ٻاهر نڪرڻ ۾ آهي“.
            رسول ميمڻ پنهنجي ڪتاب ۾ سماج اندر جاهليت کي پکيڙيندڙ قوتن پاران ڪوڙ بدوڙ جي ڳالهين تان پردو هٽايو آهي، سندس پنهنجو چوڻ آهي ته ”هي ڪتاب کليل دل روشن دماغ پڙهندڙن لاءِ آهي“ ساڳي ڳالهه ڊاڪٽر مبارڪ حيدر پڻ ڪئي آهي سندس چوڻ آهي ته ”تعظيم جا حقدار اهي سائنسدان، محقق ۽ ڏاها آهن جيڪي زندگيءَ جي حفاظت ۽ خوشحاليءَ لاءِ گس جوڙيندا آهن“. لب لباب ٻنهي جو اهو آهي ته هن ڌرتيءَ تي علم جي روشني اجاگر ٿئي. منجھيل مسئلا چٽا ۽ واضع نموني ماڻهن کي سمجھ ۾ اچن. ماڻهن جي دلين تي لڳل ڪٽ لهي ۽ سندن دماغ نئين روشنيءَ کي پسڻ لاءِ تيار ٿين. عام ماڻهون اهي ڳالهيون سمجهي هن دنيا کي رهڻ لائق بڻائي ۽ فطرت پاران مليل سک ماڻي سگھن.

            ماڻهون پنهنجي خوابن جي حاصلات تڏهن حاصل ڪري سگھي ٿو جڏهن هو نڀاڳ جي ننڊ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پئي، اکيون مهٽي روشني جي ڳولها لاءِ نڪري. جڏهن ڪوبه ماڻهون اهو گس وٺندو ته کيس گھڻين ئي مشڪلاتن سان منهن مقابل ٿيڻو پوندو. کيس ڏکيا ماڻهون، ڦورو ۽ ويڙهو گروهه ملي سگھن ٿا. کيس اڻانگھن ۽ اوکن پيچرن تان لنگھڻو پوندو. قدرتي آفتون به سندس راهه روڪينديون. زهريلا جيت جڻيا کيس اذيت پهچائي سگھن ٿا. کيس بکن ڪاٽڻ ۽ بيمارين سان مد مقابل ٿيڻ کي به نه وسارڻ گھرجي. ”ڏاگھن ڏيرن ڏونگرن ٽنهي ڏنم ڏک...“ جهڙا احساس قدم قدم تي اڀرندا پر ٻئي پاسي جڏهن هو جھرجھنگ، شهر، وستيون، ريگستان، سمنڊ، جبل جھاڳيندو هلندو ته هر موڙ تي کيس سکڻ لاءِ ڪيئي نيون ۽ ناياب شيون ملنديون. کيس محبوب ماڻهون ملندا جيڪي سندس حوصلووڌائيندا.  کيس ڪي گرو ملندا جيڪي الجھيل، منجھيل زندگيءَ جي سُٽَ کي سلجھائڻ ۾ سندس رهنمائي ڪندا.  هوا، واريءَ جا ذرڙا پکي ساڻس ڳالهائيندا، وڻ ٽڻ کيس واٽ وندر جي جا ڏس پتا ڏيندا. سفر جي منزل تي پهچندي سندس سمورا ٿڪ لهي ويندا ۽ اهي ڏک ڏاکڙا کيس سُک لڳندا. سندس اندر ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني جون سڳند ڀريون هوائون گھلڻ لڳنديون. ان جي ڀيٽ ۾ جيڪي پنهنجي خوابن کي خيالي ڳالهه سمجھي گھر جا ڪڪڙ بڻجي ويهندا اهي محروم رهجي مري ويندا.  منهنجي ناقص خيال مطابق اهو لب لباب آهي پائلو ڪوئلهو جي ڪتاب ”ڪيماگر“ جو.

            انسان پاران پنهنجي اندر جي دنيا جيڪا نظرن کان اوجھل آهي يا ٻاهر پکڙيل دنيا جيڪا اڃا تائين سندس لاءِ اڄاتل آهي ان کي پسڻ لاءِ تمام ضروري آهي ته هو اهي سڀ ڪم ڪنهن جبر بداران محبت سان سرانجام ڏئي ڇوته بقول پائلو جي ”محبت ۾ توهان ڪجھ به ڪري سگھو ٿا، ۽ محبت ۾ اهو به سوچڻ ۽سمجھڻ جر گھرج ناهي ته ڇا ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو جيڪي ڪجھ به ٿي رهيو هوندو آهي سو توهان جي اندر هوندو آهي ۽ انسان پاڻ کي واءُ ۾ مٽائڻ جي به صلاحيت رکي ٿو پر ان صورت ۾ جڏهن واءُ سندس واهر ڪري“. سائين رسول ميمڻ جو چوڻ آهي ته ”حق ڳولهڻ نابين جي ڪلهي تي هٿ رکي هلڻ برابر آهي“. سندس وڌيڪ اهو چوڻ آهي ته ”هڪ سوچ سؤ مونجھارن جا در کولي ٿي هڪ مونجھارو سؤ سوالن کي جنم ڏئي ٿو. هر سوال هزارين جوابن ۾ تبديل ٿي هڪ اهڙي بحث تي ختم ٿئي ٿو جنهن جو حل وقت جي سچ ۽ ڪوڙ جي ٻن پور وڇوٽ لڪيرن جي وچ تان لنگھي ٿو“. ڊاڪٽر مبارڪ حيدر ۽ رسول ميمڻ عالمانه انداز سان انهن مامرن/خيالن/ڳالهين تي بحث ڪن ٿا، پائلو ڪوئلهو جو ريڍار ۽ ڪيمياگر عملي نموني پنهنجي خوابن جي تڪميل، خزاني جي ڳولها ۾ دنيا جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي تائين سفر ڪن ٿا اهڙن سوالن جي جوابن جي ڳولها لاءِ دربدر ٿين ٿا، جوکم کڻن ٿا، ڌوڪا کائي سکن ٿا ۽ساهي پٽي وري اڳتي وڌن ٿا ۽ نيٺ منزل ماڻين ٿا.


            علم واٽ به آهي ته روشني به آهي. علم  ڪتاب به آهي ته ان ڪتاب کي پاڙهيندڙ استاد به آهي، علم جو رستو ڪنڊن سان ڀريل آهي ته ڪنڊن سان گڏ سهڻا رنگ برنگي ۽ هڳاءُ پکيڙيندڙ گل به آهن. علم جي واٽن تي هلڻ وارن جي تمام ٿورائي آهي، اڪثر اسان جا نوجوان بس سڌڙيا آهن، انهن کي مڌُ ته کپي پر هو ان مڌ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. کين هر شيءِ اڳ تيار ٿيل گھرجي، کين بس شين کي واپرائڻ مان مزو حاصل ڪرڻ جي هوس آهي. اسان جي نوجوان نسل سفر جي سختين سان لانئون لهي ڪلالن جي ميخاني تائين پنهنجو پاڻ پهچڻ سکيو ئي ناهي. انهن لاءِ لطيف سائين چئي ويو هو ته ”سڌڙيا شراب جون ڪهه پچارون ڪن...“  مڌ، محبوب، اکين ۾ جوت، دل ۾ روشني، دماغ ۾ ڏاهپ تڏهن ايندي جڏهن ماڻهون پاڻ ان لاءِ تيار هوندو.  انهن جا ڳل ڳاڙها هوندا آهن، جيڪي راهن تي ويهي اڻ ڏٺل علائقن ڏانهن ويندڙ قافلن کان کان پڇائون ڪندا آهن ته ڪڏهن لاهوتين جي ٽولين سان گڏجي نڪري پوندا آهن. انهن لاءِ سندن مقرر ڪيل منزل ئي دنيا جي عظيم خوبصورتي هوندي آهي اهي واٽن تي عارضي خوبصورتين تي هرڪي پنهنجو سڀ  ڪجھ وساري ويهي ناهن رهندا. اهي ته سوا گھڙيءَ جا ماڳ هوندا آهن جتي ٿڪ ڀڃي رمتا جوڳي مرليون وڄائيندا پنهنجن واٽن تي هليا ويندا آهن. اچو ته سنڌ اندر علم، ڏاهپ، سونهن، امن، ڀائيچاري، خوشحالي، سهپ جا ڏيئا ٻاريون، اها روشني گھر گھر پهچايون

Sunday, May 8, 2016

منهنجي ستن ٻارن جي ماءُ




8 مئي جي ڏينهن تي سڄي دنيا امڙين جو ڏينهن (Mother’s Day) پئي ملهائي. منهنجي لاءِ سڄي سال جا سمورا 365 ڏينهن جيجل جا ڏهاڙا ئي ته آهن. امڙ کي ياد ڪرڻ جي حوالي سان مون لاءِ جو دم غافل سو دم ڪافر مثل آهي. مون پنهنجي امان لاءِ 26 مارچ 2016 بلاگ بعنوان ”امڙ جون ساروڻيون“  لکيو هو ۽ هن رنگا رنگي دنيا کي ڏيکاريندڙ هستيءَ جي تصوير ان ڏينهن کان ئي فيس بوڪ تي پروفائيل ڦوٽوءَ طور رکي ڇڏي  هئم.

منهنجي خيال ۾ ته هن دنيا جي گولي تي جنم وٺندڙ سڀ عورتون جيڪي امڙيون آهن اهي ڪنهن نه ڪنهن جو ڀيڻو، ڪنهن جون نياڻيون ۽ پنهنجي جيون ساٿيءَ جون گھرواريون پڻ آهن. ان نموني هر عورت عظيم آهي. اڄ مان هڪ اهڙي ماءُ تي ڪجھ لکڻ ٿو چاهيان جيڪا منهنجي ستن ٻارڙن جي ماءُ آهي. منهنجي ستن ٻارڙن جي ماءُ جنهن سان منهنجو پلئه اڄ کان لڳ ڀڳ ٽيتاليهه سال اڳ 1974ع ۾ ان وقت ٻڌو ويو هو جڏهن مان پاڻ هڪ معصوم ٻار هئس ۽ اٺين درجي کي پاس ڪري نائين ۾ پير پاتو هوم. منهنجي ٻارن جي ماءُ مون کان عمر ۾ ٿوري وڏي هئي پر شاديءَ جي ٻنڌڻن لاءِ ننڍي وڏي عمر جي گھٽ وڌائي، پسند ناپسند جي احساسن، جوڙ بي جوڙ وارين ڳالهين کي اسان جا وڏڙا معمولي ڳالهه سمجھندا هيا. جيڪا اهم ڳالهه ڄاتي ويندي هئي اها هئي ”گھر جي ڇوڪري گھر ۾ ئي رهندي“ ۽ ”پنهنجي گھر جو ڇوڪرو“ وغيرهه. انهن معيارن تي اسان سؤ فيصد پورا پئي لٿا سين. اسان جي گھر ۽ منهنجي سهري چاچا قلندربخش جي گھر وچ ۾ بس ماما شاهه بيگ ڪٽوهر جا ٻه ڪمرا هيا ۽ اڱڻ ته ٽنهي گھرن جو ساڳيو هو.

منهنجي گھر واريءَ تي سندس وڏڙن ”پپر“ نالو رکيو هو، پر پوءِ جڏهن شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جو وقت آيو هو ته انوقت پنهنجي نابالغي واري سوچ کي سامهون رکندي مون ان روائتي نالي کي رد ڪري مسلمانڪو نالو ”غلام صغران“ ڪري ڇڏيو هو. پر اڄ به راڄ ڀاڳ ۾ سندس اهو پراڻو روائتي نالو ئي گردش ۾ رهندو آهي. هونئن به هاڻي اسان جي گھرن مان عورتن جا ا هي اصلوڪا نالا جهڙوڪر شاني، کيمي، سياڻي، ڌياڻي، هوٻان، گگل، سراف، بچي، ڦاپل، هير، هيري، جنان، ٿڌي، ڪوڙي، سيزه، ڦٺر، گيمبلي، سانئڻ، ڀاڳڀري، هاٽي، بگي، سليمي، چڱي، ڇٽي، ڌوڌي، هبلي، ڊوڻي سڄڻ، راحت، لالي، ڪونج، ڪڪر، گوشي، سجي، هکي، ڌاڻو، وغيرهه گم ٿيندا پيا وڃن. افعال کڻي ڪهڙا به هجن پر نالن ۾ ته ”شهر ڪا شهر مسلمان هوا ڦرتا هي“ وارو واءُ وريو آهي.

اسان جي شادي ٿيڻ کان بعد لڳ ڀڳ تيرهن سالن تائين منهنجي حياتي رولهڙن واري هئي. مئٽرڪ کان پوءِ شهر ۽ ڳوٺ جي رول ڇوڪرن جي صحبت ۾ اچي مان زندگيءَ جو مقصد بلڪل وڃائي ويٺو هوس، رولو ڪتن وانگي سڄو ڏينهن خيرپور شهر جي گھٽين ۾ ٽولا ٺاهي نوس نوس ڪرڻ اسان جو مشعلو هوندو هو. پڙهائيءَ ۽ ڪلاسن وٺڻ وارو ڪم صفا وساري ڇڏيو هوم. ان گندي ماحول اندر جھيڙا جھڳڙا ٿيڻ اڻ ٽر هو ۽ هڪ اهڙي ئي جھنگاڻ ته منهنجو سِرُ کنيو هو بس پير زور هيا ته بچي ويو هوس. ان ماحول مان مڪتي ڏيارڻ لاءِ بابا سائين مون کي ڪراچيءَ ۾ رهندڙ مائٽ ماما صوبل خان ڏانهن استاد غلام مصطفى ڪٽوهر سان اماڻي ڇڏيو هو ته هڪ ته گھر کان ٽريل هجان ۽ اتي وڃي ڪا نوڪري ڪيان. اتي رهڻ وقت ڪا خاص نوڪري ته نه ڪري سگھيو هوس پر ڪراچي وارا ڏهاڙا ۽ اتي ڪامريڊن سان رهڻ بعد منهنجو هڪ ٻيو جنم ٿيو هو. هڪ ترقي پسند، مثبت سوچ ڌاريندڙ انسان جو روپ وٺي واپس ڳوٺ موٽي آيو هوم. ڳوٺ واپسيءَ ۾ ٻين ڪجھ سببن سان گڏ هڪ سبب امان سڳوريءَ جو ضد به هو ته مان سندس سڪيلڌو پٽ پرديس (ڪراچي) ۾ سندس اکين کان پري نه رهان. ان سموري عرصي اندر مان گھر وارن کي ڪجھ ڏيڻ بدران هردفعي کانئن ڪجھ وٺندو رهندو هوس. بابا سائين هڪ مسڪين ڪڙمي هو، گھر جي حالت ”آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ واري هئي. منهنجي ٻارن جي ماءُ کي سندس ماءُ منهنجي پڦي الله بچائي ڀرت ڀرڻ سيکاري ڇڏيو هو ۽ واندڪائي ڪڍي هوءَ روزانه ڀرت ڀرڻ جو ڪم ڪندي رهندي هئي جڏهن وونئڻ تيار ٿيندا هيا ته امان ۽ منهنجي گھر واري ڦٽين چونڊڻ وارو پورهيو ڪري به ڪجھ پئسا ڪمائي وٺنديون هيون. سندس ان ڪمائي مان ٻارڙن جون خرچيون ۽ ڪي قدر منهنجا خرچ به هلندا هيا. ان زماني ۾ اسان جي گھر ۾ ڏاندن جو جوڙو، هڪ اڌ مينهن يا ڳئون سان گڏ ڪي ٻڪريون به هونديون هيون.  انهن لاءِ پري زمين تان گاهه جون ڀريون ٻڌي گھر کڻي اچڻ بعد ڪتر ڪري مال کي ڏيڻ، گھر جا سمورا ڪم ڪار سرانجام ڏيڻ، ماني ٽڪي ڪرڻ، ٻار پالڻ سندن حوالي هوندا هيا. زمين ۾ هر ڪاهي ان کي ريج ڪرڻ، ٻج ڇٽڻ يا گُڏَ ڪرڻ وارا ڪم ته بابا سائين سرانجام ڏيندو هو پر ڪڻڪ جو لابارو، ڪڻڪ جي وَلِ جي ڍوئائي، ڦٽين جي چونڊي وارا ڪم عورتن لاءِ مختص ٿيل هوندا هيا. جيستائين ٿريشر نه آيا هيا ته ڪڻڪ جي ڳاهه ڳاهڻ وارو ڪم بابا سائين سان گڏ منهنجي امڙ ۽ منهنجي گھر واري گڏجي سرانجام ڏينديون هيون. انهن ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن مان به بابا سائين سان گڏجي رات جو پاڻي ورائڻ ويندو هوم ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳاهه ڳاهڻ، هر هلائڻ ۾ سندن مدد ڪندو هوم. ان نموني گھر ۽ ٻنين جي ڪم ڪار ۾ منهنجي گھر واريءَ جو ڀرپور حصو هوندو هو. سياسي دوستن جي اچ وڃ اسان وٽ متواتر رهندي هئي ته انهن جي ماني ٽڪي، چاءِ پاڻيءَ جا سمورا ڪم به کيس ڪرڻا پوندا هيا. منهنجي گھر واري جيئن ته قرآن شريف پڙهيل آهي ان ڪري هلڪي ڦلڪي سنڌي به پڙهي ۽ لکي وڃي.  

جڏهن مون کي سياست جي لنؤ لڳي هئي ته ان ۾ مان پنهنجي گھر واريءَ کي به شرڪت جا موقعا ڏيندو رهندو هوس. سنڌياڻي تحريڪ ضلع خيرپور جي مختلف ڳوٺن ۾ عورتن جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندي رهندي هئي. ان کان سواءِ به سانگھڙ، سکر، راهوڪي تائين هن سفر ڪيا هيا. اهڙن پروگرامن ۾ شرڪت ڪري سندس نه رڳو ذهني صلاحيتون وڌيون پر دنيا کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جا موقعا پڻ کيس ميسر آيا ۽ منجھيس اعتماد پيدا ٿيو، سنديس حوصلو وڌيو ۽ اسان جي باهمي تعلق ۾ ڀروسي جي فضا مظبوط ٿي.

منهنجي ٻارڙن جي ماءُ ٻهراڙي جي انهن جفاڪش، پورهيت، وفادار عورتن سان تعلق رکي ٿي جن سڄي ڄمار محنت ڪئي هوندي. مون کي اهي ڏينهن ياد ٿا پون ته تمام گھڻي جسماني محنت، اڻ پوري خوراڪ، اڌوري علاج، مسلسل ٻارڙن جي ڄم ڪري اصل هوءَ سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي هئي. ڪاش سندس اولاد پنهنجي ماءُ کي سڃاڻي سگھي ته اهي اڄ جنهن منزل تي آهين اتي پنهنجو پاڻ ڪونهن پهتا، سندن تعليمي ۽ روزگار وارين ڪاميابين پويان سندن ماءُ جي چاليهن سالن کان مسلسل ڏنل قربانين جو وڏو هٿ آهي.

منهنجي گھر واريءَ جي ستن ٻارڙن مان ڇهه فيس بوڪ تي موجود آهن. اڃا تائين انهن پاران مون کي فيس بوڪ تي پنهنجي ماءُ سان انسيت جي اظهار جي ڪا پوسٽ به اپ لوڊ ٿيل نظرن مان ناهي گذري ها هڪ سندس پٽ فيس بوڪ جي ڊي پي آءِ لو يو مدرسو ضرور لڳائي ڇڏيو آهي.

اڄ ڏيهان ڏيهه ملهائي ويندڙ امڙين جي ڏينهن تي مان پنهنجي ٻارڙن جي ماءُ جو شڪريو ادا ڪرڻ ٿو گھران ته جڏهن مون لاءِ زندگي زهر هئي، جڏهن واري ساري واٽ هئي، جڏهن کائڻ لاءِ ٿوهر ملندا هيا، جڏهن دنيا وارن جي وات مان لفظن جي صورت ۾ زهريلا تير نڪرندا هيا جڏهن وات سڻڀي گرهه لاءِ واجهائيندو هو جڏهن سڀ موسمون ساڙينديون هيون ته هن منهنجو ساٿ ڏنو هو بنا ڪنهن شرط شروط جي. اسان جي ڊگھي مسافت ۾ هلڪا ڦلڪا جھيڙا جھٽا به ٿيا پر ساٿ هلندو رهيو. اڄ به اسان ٻنهي جي جدوجهد جاري و ساري آهي نه هوءَ ٿڪي آهي نه مان جھڪيو آهيان. هن وقت تائين اسان پنهنجي اولاد کي رڳو ڏنو ئي هوندو سين ۽ اسان جي ڪوشش اها هوندي ته کانئن ڪجھ وٺڻ بدران اسان کين يا عمر ڏيندا ئي رهون بنا ڪنهن حساب ڪتاب جي.