Saturday, June 18, 2016

Dream "Big Crime"


Mostly I didn’t remember my Dreams.  However, today when I slept in my room for while after morning I saw a Dream and strangely I do remember it completely as it was reality rather than dream. In dream I with my friend Shahid Khair (who is studying in America now a days) were standing on one of city’s chowck. Suddenly one very beautiful bird appears before us. Shahid told me that “that is Shaman, I know him” eventually he called him and Shaman came to him without any hesitation. Apparently Shaman was harassed and confused.  My friend Shahid greeted him and let him go. Besides us one more guy told his friend that “that was Shaman”. Shahid further informed me that: "today Government arrested many Birds and Shaman was one of them"!


I wonder why Government did so; these birds are innocent and not capable to do any crime! Perhaps their innocence is big crime in eyes of government!!!???

Thursday, June 16, 2016

آن لائين سنڌي ڊڪشنريءَ ۾ سنڌي پهاڪن جون غلط سمجھاڻيون.





اڄ جو پهاڪو
ماسيون ٿين نه مائرون،ڪاڪا ٿين نه پيءُ.
ماسِي ٿئي نه ماءُ، چاچو ٿئي نه پيءُ. ماسي = ماٽيلي ماءُ. پيءُ جي ٻي زال.چاچو = نڳو پيءُ، ماءُ جو ٻيو مُڙسُ.ماٽيلي ماءُ ۽ نِڳو پيءُ ڪڏهن به ماءُ پيءُ جو مَٽُ يا نعم البدل نٿا ٿي سگهن. انهن جي پيار ۾ اُها ارپنا نه هوندي. مثال: ”ماءُ ساماءُ ٻيو سڀ دنيا جو، ماسي ٿئي نه ماءُ توڙي ڪڍي ڏئي ساهه.“ (گلقند 119)


خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي بقا لاءِ جيڪي اهم ڪم ڪيا ويا آهن انهن ۾ سنڌي آن لائين ڊڪشنري ۽ لغتن جون سمجھاڻين تي ٻڌل ويب  سائيٽس به هاڻي نظر اچن ٿيون. مون جيڪي ويب سائيٽس بوڪ مارڪ ڪري اسٽيٽس بار ۾ محفوظ ڪري رکيون اٿم ته مٿي ڄاڻايل سنڌي ڊڪشنريءَ به انهن مان هڪ آهي ته جيئن بنا ڪنهن وقت جي زيان جي جلد از جلد پنهنجي گھربل سائيٽ تي پهچي سگھان. پر افسوس ان وقت ٿيو جڏهن ان ۾ ملندڙ 
.معلومات مون کي منجھائي وڌو جنهن جو تفصيل هيٺين ريت آهي.

اڄ جو پهاڪو ”ماسيون ٿين نه مائرون، ڪاڪا ٿين نه پيءُ“ هي پهاڪو آن لائين ڊڪشنري ۽ آن لائين سنڌي لغتون تان مون 
17 جون 2016ع  جي ڏينهن کنيو آهي. منهنجي خيال ۾ ته هن پهاڪي جي جيڪا معنى ڪڍي ويئي آهي اها بلڪل غلط آهي. هتي ماسيءَ کي ويڳي ماءُ ٻڌايو ويو آهي ۽ چاچي کي نڳو پيءُ ڄاڻايو ويو آهي. جڏهن ته ماسي معنى امڙ جي ڀيڻ ۽ 
چاچو معنى والد جو ڀاء؟؟؟؟!!!!

هن ڊڪشنريءَ کي اپ ڊيٽ ڪندڙ ٽيم کي لفظن جي معنى يا لغتن ۽ پهاڪن جون سمجھاڻيون اپ لوڊ ڪرڻ کان اڳ ڪنهن ٻولي جي ماهر کان ضرور صلاح وٺڻ گھرجي. آن لائين ڊڪشنري سڄي دنيا اندر ڪوبه کولي ڏسي سگھي ٿو يا سنڌي ٻوليءَ کي سمجھڻ لاءِ استعمال ڪري سگھي ٿو. هن آن لائين ڊڪشنري ۾ سنڌيءَ مان انگريزي ۽ انگريزيءَ مان سنڌي ٻوليءَ جو ترجمو به ٿيندو آهي پر مون اڪثر مشاهدو ڪيو آهي ته ڊڪشنريءَ ۾ لفظن جو ذخيرو تمام گھٽ آهي. سببن جي ته مون کي خبر ناهي، ٿي سگھي ٿو ته اها ڊڪشنري اڃا تائين اپ لوڊ ۽ اپ ڊيٽ ٿيڻ وارن مرحلن مان گذري رهي هجي پر جيتري به معلومات اپ لوڊ ٿيل هجي گھٽ ۾ گھٽ اها ته صحيح صحيح ڏنل هجي ته جيئن ويب سائيٽ وزٽ ڪندڙ غلط معلومات ملڻ بعد ڪنهن مونجھاري يا غلط فهميءَ جو شڪار نه ٿين. 

Tuesday, June 14, 2016

اجتماعي خود ڪشي ڏانهن ويندڙ سماج


آمريڪا جي شهر اورلينڊو جي هڪ هم جنس پرستن جي ڪلب ۾ فائرنگ ڪندي 49 انسانن کان هن جهان ۾ رهڻ جو حق کسيندڙ پاڻ به هم جنس پرست ئي نڪتو. تازو جيڪا تحقيق ٿي آهي جنهن ۾ سندس هم جنس پرستيءَ جا پڪا ثبوت سامهون آيا آهن. ڪلب جي ميمبرن، سندس اڳوڻي گھر واري، سندس والد ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي. 

http://www.sindhexpress.com.pk/epaper/PoPupwindow.aspx?newsID=130403976&Issue=NP_HYD&Date=20160615

فائرنگ جا محرق کڻي ڪهڙا به هجن پر اهو انسانيت خلاف هڪ انتهائي سنگين جرم هو جيڪو متين نالي افغان نوجوان ڪيو هو. ان جا اثر سالن تائين رهندا جنهن ۾ خاص ڪري مغرب ۾ رهندڙ مسلمان ڪميونٽيءَ کي تمام گھڻيون مشڪلاتون پيش اينديون.

مون کي ان خوني حملي سخت دلي صدمو ته رسايو ئي هيو پر ان کان وڌيڪ صدمو اسان جي غير ذميوار اردو ميڊيا جو رهيو. جماعت اسلامي جي امت اخبار ته سڀ ليڪا لتاڙي ويئي ۽ ان انسانيت خلاف عظيم جرم جي مذمت ته رهي هڪ پاسي پر هن پنهنجي ليڊنگ خبر اها هنئي ته افغان نوجوان 50 آمريڪين کي ڀنڃي ڇڏيو.




جهڙوڪر اهي ڪي تتر يا ڪڪڙ هيا. اردو ميڊيا جي ان نموني جي روئي مان اهو تاثرٿو ملي ته جهڙوڪر اهو حملو بي راهه روي جي شڪار آمريڪن کي راهه راست آڻڻ لاءِ ضروري هو ۽ اهي جيڪي مري ويا اهي جهنم رسيد ٿيا ۽ حملو ڪندڙ غازي صلاح الدين جهڙو هيرو هيو.  

 ٻيو جيڪو مون کي افسوس ٿيو ته اسان جي سوشل ميڊيا تي به هن خبر ڪا گھڻي پذيرائي حاصل نه ڪئي. ائين پئي محسوس ٿيو ته مذهبي شدت پسند گروپن سان گڏ نام نهاد لبرل پڻ جهڙوڪر ان خوني حملي تي ناراض ناهن ٿيا. ڪنهن به غلط ڪم ڪار يا واقعي جي مذمت نه ڪرڻ به ان واقعي جي حمايت ئي ليکي ويندي. 

هاڻي سڀني کي اها خبر پئجي ويئي آهي ته جنهن حملو ڪيو هو ان جو پنهنجو به ساڳي وهنوار ۾ مڪمل نموني ڪارو منهن هيو. اسان جا ماڻهون ۽ ميڊيا وارا بنا ڪنهن اڳواٽ تصديق جي غير ذميواراڻو رويو اختيار ڪندي خبرن ۾ سنسي پيدا ڪري اخبار جو وڪرو ته وڌائيندا آهن پر سندن اهڙي عمل جا عام ماڻهن جي دماغن تي انتهائي غلط اثر پوندا آهن ۽ اهي به هابرڊ قسم جي نفسيات جا مريض ٿي ويندا آهن. هتي رڳو پرنٽ ميڊيا جو مسئلو ناهي هتي ته هڪ کان هڪ ناٽڪي ٽي وي چينلس تي دين جا عالم ٿيو ويٺا آهن ۽ سندن من ۾ جيڪو گند آهي ان کي اوڳاڇي، ٽي وي ڏسندڙ سامعين جو مٿو به پيا ڦيرين. اسان جو معاشرو حقيقي معنى ۾ هڪ وڏي نفسياتي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. هر ماڻهون جي هٿ ۾ لٺ آهي، هر ماڻهون تبليغي آهي، هر ماڻهون مومن ۽ جهادي آهي پر انهن مان 95 سيڪڙو ماڻهون پاڻ انهن ڳالهين کان ڪوهين ڏور آهن. بس سندن اهو مطالبو آهي ته سماج اندر رهندڙ باقي سمورا ماڻهون ائين ئي ڪن جيئن اهي حڪم جاري ڪن ٿا. هت فيس بوڪ تي ڪجھ منهنجا پرين پيارا آهن جيڪي حاڪمانه انداز سان مون کي چوندا آهن ته تون هي ڇو لکيو تو هن ڦوٽو کي شيعر ڇو ڪيو تو هي تبصرو غلط ڪيو وغيرهه.

هونئن به اسان جي مسلم دنيا اندر خدائي فوجدار هئڻ جو انتهائي شدت پسند، انتهائي غلط، انتهائي غير اسلامي، انتهائي نقصانڪار ۽ انتهائي مجرماڻو عمل شروع ٿي ويو آهي.  ڪي مخصوص ماڻهون ٻين ڪن انسانن کي قتل ڪن ٿا، مٿن حملو ڪن ٿا، سندن گھر ساڙين ٿا، زندهه جلائي ڇڏين ٿا رڳو ان ڪري ته کين شڪ هوندو آهي ته اهو فرد يا اهو گروهه ڪو ڏوهه ٿو ڪري يا انهن مٿان اهڙي ڏوهه ڪرڻ جو کين شڪ هوندو آهي يا اهي مٿن اهو الزام ڌري خوني ڪاروايون ڪري پنهنجي انسان دشمن ڪارواين تي پردو رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

اجتماعي خودڪشيءَ ڏانهن ويندڙ هن سماج لاءِ بس دعا ئي ڪري سگھان ٿو. 

Saturday, June 11, 2016

واڪا ڪرڻ مون وس: عورتن تي تشدد بند ڪريو



11/06/2016
ٻه ٽي ڏينهن اڳ هڪ خبر پڙهي هر اک آلي ٿي ويئي هئي ته هڪ ڇوڪريءَ نالي زينت کي سندس بي رحم ماءُ پسند جي پرڻي تي زندهه ساڙي ماري ڇڏيو هو. تازي خبر مطابق لاهور جي رهائشي پنهنجي ڌيءَ ۽ ناٺيءَ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو سندن ڏوهه به بس اهوئي هو ته انهن پسند جي شاديءَ وارو گناهه ڪيو هو. سنڌ جي ٿر واري علائقن ۾ ڪولهي، ڀيل، مينگھواڙ عورتن ۽ ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائيءَ بعد قتلن جون ڪيئي وارڌاتون رپورٽ ٿي چڪيون آهن. اڃا اهي خبرون پئي پڙهيم هڪ ٻي خبر دل ۽ دماغ تي بم وانگي ڦاٽ کاڌو. ملڪ جي مشهور ليکڪه ۽ سوشل ورڪر ۽ عورتن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪندڙ ماروي سرمد کي هڪ ٽي وي شو ۾ هڪ مولانا پاران گاريون ڏنيون ويون. بقول ماروي سرمد جي ته مولانا کيس رنڊي ڪوٺيو ۽ اهو به چيو ته هو سنديس ۽ سنديس ماءُ جي شلوار لهرائي ڇڏيندو ۽ مٿس الرون ڪيون. ٽي وي انتظاميه جي محافظن بعد ۾ ڪاوڙيل مولوي صاحب کي گھر روانو ڪري ڇڏيو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي شيراني صاحب پاران عورتن جي هڏن نه ٽٽڻ جي حد تائين تشدد کي جائز قرار ڏنو ويو. قومي اسمبليءَ جي فلور تان ملڪ جي وزير دفاع مسٽر خواجه آصف پاران تحريڪ انصاف جي عورت ميمبر شيرين مزاريءَ کي ٽريڪٽر جي ٽرالي سان ڀيٽ ڏيڻ ۽ پنهنجي ان ڳالهه کي صحيح سمجهندي ڪنهن به قسم جي معذرت ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ وارن واقعن کي نظر ۾ رکي اهو جائز نموني چئي سگھجي ٿو ته پاڪستان عورتن لاءِ ته جهنم بڻجندو پيو وڃي جڏهن ته سندن حقن جي پاماليءَ جي حوالي سان جنت جهڙي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. هتي جنهن کي وڻي اهو عورتن جي خلاف ڳالهائي سگھي ٿو، پنهنجي مردانگي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ عورتن کي مارڪٽ ڪري سگھي ٿو، غيرت جي آڙ وٺي ڪنهن به نياڻي کي گولين جو پروڻ ڪري ٻن مهينن ۾ ضمانت تي آزاد ٿي پاءُ تيل مڇن کي هڻي گھمي سگھي ٿو.  پاڪستان اندر عورتن جي جذبن سان گڏ سندن جسمن کي آڙاهن ۾ ساڙڻ ڪا وڏي ڳالهه ته نه رهي آهي. اهڙن خونخوار، خوفناڪ مامرن تي عام ماڻهونءَ کان وٺي سرڪاري ڪارندن، سياستدانن، فوجي جرنيلن يا عالم دين جي دعويداري ڪندڙن مان ڪنهن جي به غيرت جي رڳ نه ٿي ڦڙڪي. جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جو ڌاريو دهشت گرد ڪنهن ڌارئي ملڪ جي ڊرون حملي ۾ اسان جي ”مقدس سرزمين“ تي مارجي ٿو وڃي ته ٿرٿلو ٿو مچي وڃي پر ملڪ اندر عورتن سان روزانه مهاڀارين لڙاين تي اسين سڀ اٺ پکيءَ وانگي واريءَ ۾ منهن وجھي پيا هلون.  

منهنجي خيال ۾ ته اهڙا معاشرا ڌوڙ اڳتي وڌندا جن جي اڌ آبادي کي انسان ئي نه سمجھيو وڃي. جن جي ڪٿي به عزت نفس سلامت نه هجي. ٿر جي پوئتي پيل علائقن کان وٺي لاهور جي پوش محلن، ٽي وي ٽاڪ شوز کان وٺي قومي اسمبلي جي فلور تائين، مسجدن، مدرسن کان وٺي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي مهندارن وٽ به انهن جي حيثيت ڪنهن جانور جيتري هجي. ضروت ان ڳالهه جي آهي ته عورتن سان متڀيد وارن قانونن کي هڪدم ختم ڪري عورتن جي حقن جي حفاظت لاءِ ڪي نوان، ترقي پسند، سيڪيولر خيالن تي ٻڌل قانون پاس ڪري ملڪ جي اڌ آباديءَ کي مڪمل تحفظ ڏنو وڃي. واڪا ڪرڻ مون وس....   

Thursday, June 9, 2016

جيل جي جهان ۾ جھاتي: جيل ۽ رانديون.


جيل جي جهان ۾ جيل جو ٿڌو ۽ گرم جا اصطلاح هلندا آهن. جيل جي ٿڌي هجڻ جو مطلب ته قيدين مٿان گھٽ ۾ گھٽ سختي هوندي آهي.  آزادي سان گھمڻ ڦرڻ ۽  جيل اندر قيدين سان يا ٻاهران آيل ملاقاتين سان سولائي سان ميل ملاقات جا موقعا، کاڌي پيتي ۽ عام واهپي جون شيون گھرائڻ جي آزادي وغيرهه. جڏهن جيل گرم هوندو آهي ته سڀ سهولتون ختم ڪيون وينديون آهن ۽ ٻيو ته ٺهيو قيدين کي شنوائين تي ٻاهر وٺي وڃڻ به مسئلو ٿي پوندو آهي. جيل جي اندر ۽ جيل جي ٻاهران يا مٿان چوڪين تي پهرو ڏيندڙ سپاهي هونئن ته ڏاڍا مظلوم لڳند آهن پر جڏهن جيل گرم هوندو ته اهي ڏٻرا سپاهي جن جون پتلونون استري ٿيل مس هونديون آهن اهي به قيدين مٿان چنگيز خان ٿي ڪڙڪندا آهن.

جڏهن جيل ٿڌو هوندو آهي ته سياسي قيدين لاءِ جيل اندر وقت گذارڻ تمام ڏکيو ٿي پوندو آهي ۽ اهي وقت جي رفتار کي پر هڻڻ لاءِ لوڊو، رمي، چوباز جون بازيون لڳائي دل وندرائيندا آهن ۽ وقت پاس ڪندا آهن. ان سلسلي ۾ ”جيل جا ڏينهن ۽ جيل جون راتيون“ جيل جي ڊائري ٻن جلدن ۾ تحرير ڪندڙ محترم اسماعيل راهوءَ جو چوڻ آهي ته ”...جيڪو نڀاڳ ۾ مزو آهي اهو چڱي ڪم ۾ ڪٿي؟ تاش ۾ جيترو آساني ۽ مزي ۾ ٽائيم پاس ٿو ٿئي، اهو لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڪٿي ٿو ٿئي.“ 

پر ڪي ڪي باشعور قيدي ان وقت کي اجايو وڃائڻ بدران ڪتابن پڙهڻ سان گڏ جيل اندر هلندڙ وهنوارن، احساسن، جذبن، واقعن کي قلمبند به ڪندا رهندا آهن.  ”هاڻي صبح جا ڏهه ٿيا آهن ۽ مون اٽڪل27 (ستاويهه) ڪلاڪ ساندهه لکيو آهي“.  شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ساهيوال جيل جي ڊائري ۾ لکي ٿو.

جيڪي هلندي پڄندي وارا قيدي هوندا آهن ته انهن لاءِ جيل به جهڙي اوطاق مثل هوندي آهي ۽ اهي هر شام جو سوم رس جي محفل مچائي پنهنجي ڏکين ڏينهن کي اڳتي ڌڪڻ جا جتن ڪندا آهن.  ڪل وقتي سياسي اڳواڻ جن کي ٻاهر سياسي ڪم ڪار ۾ يڪسوئي گھٽ نصيب ٿيندي آهي ته اهي جيل اندر ويهي پنهنجون يادگيريون يا تحقيق ڪري تخليقون تحرير ڪندا آهن. مان پاڻ جڏهن 1985ع ۾ خيرپور جيل اندر سياسي قيدي هيس ته  هڪ پورو ضخيم ناول چوويهن ڪلاڪن ۾ پڙهي پورو ڪيو هو. چيني ليکڪه يانگ مو جو لکيل ناول ”نوجوانن جو گيت“ مان ٽن ڏينهن ۾ پڙهي پورو ڪيو هو. جنگ اخبار کي مڪمل نموني سان پڙهندا هياسين ۽ ان ۾ ٽارزن جي ڪهاڻي جي روزانه قسط به پڙهي ويندا هياسين. باقي ٻيا جيڪي عام سياسي ڪارڪن هوندا آهن انهن مان اڪثريت مختلف رانديون ڪري وقت کي ڪاٽڻ جا جتن ڪندا آهن. 1985ع واري زماني ۾ خيرپور جيل اندر سائين پرويز علي شاهه جيلاني، مرحوم قاسم ڀٿر، پني عاقل جو وڪيل سومرو، نرس ڪيس ۾ جنم ٽيپ ڪاٽيندڙ اڳوڻو بئنڪر پيرزادو،  محترم امداد چانڊيو، مسٽر نعيم کرل سندس ڀاءُ تسليم کرل (جيتوڻيڪ کرل ڀائر سياسي قيدي نه هيا پر پنهنجي اثر رسوخ ڪري بي ڪلاس ۾ رهندا هيا) تاش تي رمي راند کيڏي وقت پاس ڪندا هيا. مسٽر نعيم کرل اها راند سکي ئي جيل جي اندر هئي. جيئن قاسم پٿر کي جيل اندر رهڻ جو تمام وسيع تجربو هو ۽ کيس ان راند تي تمام سٺي دسترس هوندي هئي ۽ اهو روزانو ٻين سڀني کان تمام گھڻو کٽي ايندو هو. هڪ ڏينهن مسٽر نعيم کرل کيس وينتي ڪئي ته ”يار تون راند کٽين يا هارائين توکي مان روزانو سؤ روپيا 
.ڏيندس بس هڪ مهرباني ڪر جيڪڏهن ان کان مٿي پئسه کٽين ته اهي موٽائي ڏي“.

ان ئي زماني جي ڳالهه آهي ته جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جا ڪيئي نوجوان ڳاڙهي موريءَ ۾ عيد جي ڏهاڙي سائين غوث علي شاهه سان عيد گاهه ۾ ملي کيس سائين جي ايم سيد جي آزاديءَ لاءِ زور ڀرڻ لاءِ پهتا هيا. سائين غوث علي شاهه ان زماني ۾ سنڌ جو وزير اعلى هوندو هو. سائين غوث علي شاهه صاحب سائين جي ايم سيد جي آزاديءَ جو ڪهڙو اعلان ڪري پئي سگھيو هن اهو ڪم ڪيو هو ته ارڙهن جيئي سنڌ جي پرجوش ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي اتي جو اتي گرفتار ڪرائي جيل موڪلي ڇڏرايو هو جن ۾ شبير جمالي، شهيد لالا فهيم ميمڻ ۽ ٻيا شامل هيا. انهن جي جيل ۾ اچڻ ڪري اتي رونقون وڌي ويون هيون ۽ سازگار موسم ۾ اسان اتي پٺو گرم راند به کيڏندا هياسين. هڪ دفعي اهڙي راند هلندي مان زوردار بال جي زد ۾ اچڻ کان بچڻ لاءِ زمين تي ويهي رهيو هوم ۽ بدقسمتيءَ سان منهنجي پويان سائين قاسم پٿر جن بيٺا هيا ۽ بال سڌو وڃي سندن چمڪندڙ ٺوڙهه تي ٺڪاءُ ڪيو هو. سائين قاسم پٿر ته تماشبين هو ڌڪ لڳڻ ڪري سندس چهري تي ڪاوڙ جا ڪيئي رنگ اڀري پيا هيا پر هُن ڪمال بردباريءَ جو مظاهرو ڪندي هڪ لفظ به نه چيو هو. سندس ظبط پٺيان هڪ حقيقت هي به هئي ته بال اڇلائڻ وارو جيئي سنڌ جو هڪ سهڻو نوجوان هو ۽ قاسم پٿر سائين جي ايم 
.سيد جو دلي عاشق پڻ هو.

جيل ۾ راندين جي حوالي سان 1983ع جي ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ ۾ سکر جيل اندر قيدي رهندڙ سائين شاهنواز راڄپر پڻ مون کي دلچسپ ڪهاڻي ٻڌائي هئي. اهو زمانو هو ته جيل سياسي قيدين سان صفا سٿيل هوندا هيا. جيل ان زماني ۾ يونيورسٽين جي هاسٽلن جو ڏک ڏينديون هيون.  سندس چوڻ هو ته؛ ”هر آچر تي اڇي چڪر ۽ ڪاري چڪر ۾ وچ ۾ والي بال راند جي مئچ ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن اڇي چڪر ۾ مئچ کيڏڻ وياسين ته ڪجھ دوستن اعتراض واريو ته جيئن ته قاضي الطاف ڪمزور آهي ان ڪري ان کي مئچ نه کيڏرائينداسين. مون (شاهنواز راڄپر) چيو ته قاضيءَ کي مان پنهنجي پويان ٿو بيهاريان ۽ جي قاضيءَ وٽان ڪو بال ويو ته ان جو ذميوار آءُ هوندس. ان راند ۾ منهنجا هٿ ۽ گوڏا رتو رت ٿي ويا هيا. مخالف ٽيم وارن جي سموري مار الطاف قاضيءَ واري پاسي تي هئي جو هو ڄاڻندا هيا ته اهو پاسو ڪمزور آهي ۽ اهو سڄو پاسو مون پئي ڪور ڪيو. مان جنهن سائيڊ تي هيم ته اتي نيٽ وارو پاسو به سنڀالڻو پئي پيو، پنهنجي سائيڊ به سنڀالڻي هئي جڏهن ته پويان واري پاسي تي به مون کي ئي ڌيان ڌرڻو پئي پيو.  جنهن سائيڊ تي مان بيٺو هوس ان کي نيٽ ڪارنر چيو ويندو هو، اها تمام ڏکي سائيڊ هوندي هئي. اها راند مون دل و جان سان کيڏي ۽ اها راند اسان جي ٽيم ان ته زوردار نموني کٽي ته هادي ڀٽ (هادي بخش ڀٽ اڄ ڪالهه سکر هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن جو جنرل سيڪريٽري آهي) مون کي ڪلهي تي کنيو هو ۽ جلوس جي شڪل ۾ مون کي پنهنجي کولي تائين آندو ويو هو. اها منهنجي تاريخي راند هئي، راند کان پوءِ انور پيرزادي مون کي اچي چميون ڏنيون هيون.

بشير ڏهراج، الطاف قاضي، ننگر،  تاش راند جا شوقين هوندا هيا ۽ راند تي شرطن لڳڻ ڪري هارائيندڙ ڌر اٿ ويهه ڪندي هئي.“

Monday, June 6, 2016

معذوري مجبوري ناهي


مارچ 2013ع ۾ مون هڪ ٽريننگ ضلع شڪارپور جي شهر لکيءَ ۾ ڪرائي هئي. 28 مردن ۽ عورتن تي مشتمل ان گروپ ۾ هڪ نوربانو به هئي. هوءَ ٻارهن ٻارن جي ماءُ هئي. سندس چوڻ هو ته هن هڪ پنهنجي ڇوڪري کي اسڪول ۾ داخلا وٺرائي هئي پر سندس ان پٽ پڙهڻ واري ڪم سان ٽڪي جي به دلچسپي نه ڏيکاري  سندس چوڻ هو ته ”ان ڪري مون کيس موٽر مڪينڪ جي دڪان تي ڇڏيو جتي هاڻي اهو سٺو ڪم ڪار سکي چڪو آهي“.  هن پنهنجو داستان اڳتي وڌائيندي ٻڌايو ته  ”منهنجو هڪ ٻيو پٽ پوليو جي مرض ڪري معذور آهي، پر هو ڏاڍي همٿ وارو آهي ۽ وڏي شوق ۽ چاهه سان درزڪو ڪم سکيائين، هاڻي کيس پنهنجو دڪان آهي جتي پاڻ به ڪم ڪندو آهي ته ڪجھ ٻيا ڪاريگر پڻ اتي ڪم ڪندا آهن ۽ سندس سٺي ڪمائي آهي. کيس پنهنجي ڌنڌي ۾ ڀڙ ڏسي ويجھي هڪ مائٽ ساڻس مٽي ڪئي ۽ هاڻي کيس ٽي نياڻيون آهن جڏهن ته ڇوٿون ڇوڪرو سندس گھرواريءَ جي پيٽ ۾ آهي“.  هن پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو ته ”ان منهنجي پٽ وٽ ڪن ادارن جا ماڻهون آيا جيڪي معذور ماڻهن جي مدد ڪندا آهن ۽ هنن کيس به مدد جي آڇ ڪئي پر منهنجي پٽ اهو چئي کانئن ڪجھ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته کيس الله تعالى سڀ ڪجھ عطا ڪري ڇڏيو آهي اوهين ڀلي مون جهڙي ڪنهن ٻئي معذور جي مدد ڪريو جيڪو ڪمائي جي لائق نه هجي“.

ان سکيا هلندي مون سکيا وٺندڙ دوستن سان گڏجي لکيءَ جو چڪر هنيو هو. شهر جي هڪ چوڪ تي عاشق سولنگي جو درزڪو دڪان آهي. اسين ان تي چڙهي ساڻس سندس ڪاروباري سرگرمين جهڙوڪر موڙي، هنرمندي، آمدني متعلق سوال ڪري رهيا هياسين ته هن پنهنجي ڪاريگرن جو تعارف ڪرايو. سندس چئن ڪاريگرن مان ٻه پوليو جي مرض جا ماريل معذور هيا جڏهن ته ٻه ڪاريگر گونگا ۽ ٻوڙا هيا.

مان سنڌ اندر جڏهن به پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل بي روزگار نوجوانن کي روزگار خاص ڪري سرڪاري نوڪريءَ لاءِ ٽڪي پيسي جي سياستدانن، وڏيرن، ڪامورن جي درن تي ڌڪا کائيندي ڏسندو آهيان ته مون کي نوربانو جو معذور ڇوڪرو ۽ عاشق سولنگيءَ جا چار معذور ڪاريگر ياد اچي ويندا آهن. همٿ، توجهه ۽ جذبو هجي ته ماڻهون جسماني معذوري يا رڪاوٽن کي ٿڏي عزت ۽ وقار واري زندگي گذاري سگھي ٿو.

Saturday, June 4, 2016

خوش فهميون، خود فرييبيون ۽ انقلابي نرگسيت



”جيڪڏهن آءُ جيل جي اندر نه اچان ها ته شايد سڄي زندگي اهو سمجھي نه سگھان ها ته جيل ۾ ڇا ٿيندو آهي ۽ اهو ادراڪ ڪڏهن به منهنجي پلئه نه پوي ها ته هڪ قيدي ۽ هڪ آزاد شهري جي احساس ۽ محسوسات ۾ ڪيترو فرق ٿيندو آهي“. محترم محمد اسماعيل راهو جيل ڊائري ”جيل جا ڏينهن جيل جون راتيون“ جلد ٻيو ۾ صفحه نمبر 231 تي پنهنجي جيل ياترا واري تجربي کي بيان ڪيو آهي. سندس وڌيڪ اهو به چوڻ آهي ته ”حقيقت ۾ هو (ڪوبه ماڻهون) پنهنجي آزاد زندگي جو قدر ۽ قيمت ڪڏهن به ڄاڻي نه سگھندو. قيد ئي آزاديءَ کي سمجھڻ ۾ مدد ڪندو آهي“ ص 232 . مان سوچيان پيو ته جيڪڏهن سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز کي جيل ۾ نه وجھن ها ته اهو جيڪو شاهڪار ڪتاب ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ آهي اهو ڪڏهن به کانئس نه لکجي سگھي ها. انهن ڳالهين کي سامهون رکي ماڻهون جڏهن جيل جي جهان تي نظر وجھي ٿو ته جيل سکيا گھر هئڻ سان گڏ تخليقي ادب جو مرڪز ٿو نظر اچي. دنيا اندر هزارين ڪتاب، ناول، جيل جون ڊائريون، شاعري جا شاهڪار جيل اندر تخليق ٿيل آهن. 1985ع ۾ لڳ ڀڳ پنج يا ڇهه مهينا مون به خيرپور جيل جي ديوارن پٺيان گذاريا هيا. پنهنجي جيل جي يادگيرين کي ڪنهن ٻئي دفعي سهيڙبو اڄ سائين شاهنواز راڄپر سان سندس جيل جي تجربن تي ڳالهه ٻولهه جي ٻي قسط تي پنهنجو تبصرو ٿو قلم بند ڪيان. سائين شاهنواز راڄپر کي ايم آر ڊي جي هليل تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ جي پاداش  ۾ (1983ع کان وٺي 1985) تائين سکر سينٽرل جيل اندر رکيو ويو هو ۽ مون ساڻس 31 مئي 2016ع تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.

 ان ڪچهري ۾ سائين جن ٻڌايو هو ته سکر جيل ۾ سندن هنڊيوالن ۾ پير شهاب الدين  نواب شاهه جو، قاضي الطاف هالاڻيءَ جو بشير ڏهراج محبت ديرو جتوئيءَ جو ۽ ننگر خان رند نواب شاهه جو هوندا هيا. سندس چوڻ هو ته سندس تعلق عوامي تحريڪ سان هو جڏهن ته پير شهاب الدين سنڌ هاري ڪميٽيءَ سان سلهاڙيل هيو جڏهن ته باقي سمورا پ پ پ سان واسطو رکندا هيا. پير شهاب الدين جن جو تڪيه ڪلام هوندو هو ”ظالم سماج“ ، سندس تڪيه ڪلام جي مناسبت سان اسان پنهنجي کوليءَ ۾ سندس نالو ئي ظالم سماج رکي ڇڏيو هو. هڪ ڏينهن پ پ پ جي ننگر خان رند کانئس پڇيو ته ”پير ڏي خبر توهان وارو انقلاب ڪڏهن ايندو؟“ جواب ڏنائين ته ”جيڪڏهن ڄام ساقيءَ کي آزاد ڪيو وڃي ته پنجن سالن اندر انقلاب اچي ويندو“. تنهن تي ننگر خان کيس چيو هو ته ”اها ته ڪا ڳالهه ئي ڪونهي ڪو، جيل ٽوڙي ڄام ساقيءَ کي ٻاهر ٿا ڪڍون پنجن سالن جي مختصر عرصي ۾ ظالم سماج کان ته جان ڇٽي پوندي“. ان زماني جي ڳالهه ئي آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي تڏهوڪي شاهه عبدالطيف ڪيمپس خيرپور جي هال ۾ شاگرد تنظين جو ڪو گڏيل احتجاجي ميڙاڪو مارشلائي جبر خلاف رکيل هو. ان ۾ منهنجي پياري دوست ۽ سپاف جي اڳواڻ مرحوم سبزل حاجاڻو جذباتي تقرير ڪندي اهو چيو هو ته ”هو (يعني پ پ پ ۽ سپاف وارا) جيڪڏهن چاهين ته جنرل ضيا الحق کي پنجن منٽن ۾ هٽائي سگھن ٿا“ سندس چيل ان جملي تي هال ۾ ويٺل دوستن وچ ۾ ٽهڪڙو مچي ويو هو ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ (SST) جي تڏهوڪي اڳواڻ قطب جوڳيءَ کيس مخاطب ٿيندي چيو هو ته ”يار پوءِ دير ڇا جي آهي، جلدي ڪري اهو ڪم سرانجام ڏيو هروڀرو هي ايم آر ڊيءَ جو جهنجهٽ به ڇو کڻون“.

مٿي ڏنل مثالن ۽ عملي نموني ترقي پسند سياست ۾ پنهنجي زندگيءَ جي جواني وارا سال سيڙائڻ بعد پتو پوي ٿو ته اسان جي ترقي پسندن جو انقلاب ڏانهن رويو ڏاڍو ڇسو هوندو هو ۽ اڃا تائين آهي. خير سان ڄام اقي آزاد ٿيو، سرخ انقلاب جي ته ڪا چڻنگ به اسان پسي نه سگھياسين پر ان جي ابتڙ محترم ڄام ساقيءَ کي کاٻي ڌر واري سياست مان گم ٿيڻ ۾ پنج سال به نه لڳا! اسان جا نعرا ڪيڏا نه خوش فهمين تي ٻڌل هوندا هيا ته ” گرتی ہوئی دیواروں کو ایک دہکا اور دو،  آمریکا کے یاروں کو ایک دہکا اور دو“ ۽ پوءِ ٿيو ڇا؟ ان گرتي ديوار کي سيمنٽ هڻي، سريا وجھي مظبوط بڻايو ويو، آمريڪا جي ديوار ڪرڻ بدران ترقي پسندن جو ”ڪعبو“ سوويت يونين ڌڙام سان ڪري پيو ۽ اسان پوءِ ان موالي ڪامريڊ وانگر رهجي وياسين جنهن پنهنجي محبوبه کي چيو هو ته؛ میں تمہارے زانو پہ سر رکھ کر سویا ہوں، انقلاب آئے تو جگا دینا ساتھی“.

پاڪستان اندر ترقي پسند سياست خوش فهمين ۽ خود فريبين جي ور چڙهيل رهي آهي. اسان اڃا تائين انهن طلسمي  جزيرن جي سحر مان نڪري نه سگھيا آهيون. بظاهر ته اسين سائنسي نظرين جون ڳالهيون ڪندا آيا آهيون پر اسان جو حال ڪنهن ويساهه وسوڙيل غلامانه ذهنيت رکندڙ مريد کان بنهه گھٽ ناهي. اسان جي دماغن اندر اهي دل ڪش تصويرون اڄ به والار ڪيون ويٺيون آهن ته هن ملڪ ۾ انقلاب جي اڳواڻيءَ لاءِ ڪو عظيم گھوڙيسوار هيرو ايندو، جيڪو بهادر هئڻ سان گڏ دنيا جا سمورا علم ڄاڻندو هوندو ۽ هر معاملي ۾ اهو نه صرف پارٽيءَ جي پر پوري قوم ۽              ڪن حالتن ۾ ته ايشيا ۽ پوري دنيا جي سياست جي رهنمائيءَ جا بار پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي کڻندو ۽ پوءِ اسان جا وارا نيارا ٿي ويندا. اسين اهڙي عظيم اڳواڻن جي نه صرف ڳولا ڪندا رهيا آهيون پر وقت بوقت اسان اهڙا بت جوڙي پنهنجن ڪلهن تي ويهاري جھمريون به پائيندا آيا آهيون. پر خدانخواسته اهو عظيم اڳواڻ انقلاب آڻي نه سگھيو ته پوءِ  ضرور سندس خاندان مان ڪونه ڪو سندس جهڙو ڏاهو اڀري اينديو ۽ انقلابي قافلي جي سرواڻي ڪندي ٻيڙا پار لڳائيندو. منڍ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسان جي ترقي پسندن، قومپرستن جي دل ۽ دماغ ۾ اهڙيون هوائي ڳالهيون                      ايتري ته سگھ سان ويهاري ويون هيون ته چڱا ڀلا ڏسڻا وائسڻا سياسي ڪارڪن ان خيال جي ابتڙ هڪ اکر به ٻڌڻ به گوارا نه ڪندا هيا ۽ نه هاڻي ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪو ڪارڪن  ان قسم جا جائز اعتراض اٿاريندو هو ته ان کي گستاخي وارو عمل سڏي ان کي عظيم انقلاب جي عوامي سيلاب اڳيان بند ٻڌڻ برابر گناهه عظيم باور ڪرائيندا رهيا آهن. اهڙن    روين رکڻ ڪري هن ملڪ ۾ ترقي پسند سياست جا ترا لڳي ويا. پارٽين اندر ڪم ڪندڙ ڪارڪن شخصيت پرستيءَ جي   ڌٻڻ ۾ اهڙا ته جڪڙجي ويا ته اڃا تائين اتان پنهنجي جان آجي ڪري نه سگھيا آهن. اسان عظيم اڳواڻن جي نالي ۾ جيڪي بت جوڙيا  انهن جو قد ڪاٺ پارٽين کان به مٿي هليو ويو. پارٽيون ته اوجهڙ اندر رهيون بس ليڊر نظرن ۾ رهيا. نعرا جيڪي اسان هنيا ته اهي هن قسم جا هيا ”تنهنجو ساٿي منهنجو ساٿي....“، تنهنجو رهبر منهنجو رهبر...“، ”رهبر ڪير قوم جو...“. سوال ٿو پيدا ٿئي ته اها شخصيت پرستيءَ واري ڌپ ورتل سوچ هئي/آهي يا سائنسي سوچ؟ ان زماني ۽ اڄ تائين پارٽين جي سياسي لائين، حڪمت عملين، تنظيم ڪاري، جدوجهد وارن ڳالهين تي بحث ڪرڻ بدران اسان اڃا تائين ان ڳالهه تي اٽڪيا بيٺا آهيون ته ڪهڙي پارٽيءَ جو اڳواڻ ڏاهو، بهادر، سچو، نيڪ، الله جو ٻانهو آهي!! ڪنهن    ڀلجي ڪري به اهو نه پڇيو هوندو ته ”ڀلا ڏيو خبر اهو هيوي ويٽ ريسلر جيڪو اوهان جو اڳواڻ آهي ان کان به پڇاڻو ٿي سگھي ٿو يانه؟ سندس فيصلن کي چئلينج ڪرڻ جو اختيار به ڪنهن فرد يا اداري کي آهي يا نه؟ پارٽي، پارٽيءَ جو  منشور، پارٽي پاليسيون مٿاهيون آهن يا پارٽيءَ جو سربراهه؟“ پر جيڪڏهن ڀلجي ڪري ڪنهن اهڙو سوال  اٿاريو به هوندو ته کيس اڳواڻن پاران پارٽين مان غداري، ٽراٽسڪائيڊ، سي آئي اي جي ايجنٽ جا بهتان هڻي تڙي ڪڍيو  ويو هوندو. اڄ جڏهن پويان ڏسان ٿو ته مون کي ڪيئي انمول گڻائتا، ڏاها ساٿي ٿا نظر اچن جيڪي پارٽي سربراهن جي    اهڙين روين جو شڪار ٿيا ۽ کين تنظيمي ڀڃڪڙين جي ڪوڙن الزامن واري ڇريءَ سان قتل ڪيو ويو. جيڪڏهن اهي    سوين ڪارڪن غدار هيا، ويڪائو هيا، سي آئي اي جا ايجنٽ هيا ته پوءِ ان ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪهڙي قباحت ٿي رهي ته اها  پارٽي ڪنهن عوامي انقلاب برپا ڪرڻ لاءِ ٿوروئي جوڙي ويئي هئي اها ته غدارن پيدا ڪرڻ جي فيڪٽري هئي؟؟!! هر دفعي پارٽيءَ مان خارج ٿيندڙن تي غداري جا الزام لڳا، هر دفعي پارٽين جا سربراهه سرخرو رهيا. اهڙن روين ترقي پسند سياست جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو ۽ هاڻي جيڪا ترقي پسند سياست آهي اها ترقي پسندي جي نالي ۾ رينگٽ آهي. وقت گذرڻ سان سوشلسٽ پارٽين جا اڳواڻن ڪک پتيءَ مان ڪروڙ پتي بڻجي ويا، ٻيا جيڪي ڇوٿين دنيا جا مفڪر هئڻ جون دعوائون ڪندا هيا انهن وري وڃي دهشت گردن جا اوتارا وسايا، ٻيا توبهه تائب ٿي، ڪفر مان جان آجي ڪري گيڙو ڪپڙا پهري مست ملنگ جو روپ ڌاري صوفي فقير ٿي پيا، ٽين وري مزاحمت جي آڙ ۾ ڀتاخوريءَ ڪئي. ڪٽي سٽي اها ڳالهه  ڪبي ته ترقي پسند سياست، ترقي پسند پارٽيون  وڃي نالي ماتر بچيون، جي ڪا شيءِ بچي ته اهي اڳواڻ صاحبان هيا، انهن جا اوتارا وسندا رهيا ۽ اهي ٺٺ ٺانگر جي ڊوڙ ۾ ڪرپٽ وڏيرن کان به گوئيون کڻي ويا.

حقيقي انقلاب، تبديلي ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي ڪي اهڙيون ترقي پسند پارٽيون جڙن جيڪي پنهنجي ڪارڪنن، عوام، قوم ۽ ڪنهن حد تائين پوري انسانذات آڏو جوابدهه هجن، جن وٽ مستقبل لاءِ چٽو نظريو هجي، جن وٽ گڏيل قيادت جو تصور هجي، وٽن مظبوط تنطيم ڪاري هجي، جيڪي ذاتي مال ميڙڻ واري هوس ڇڏي عوام ۾ سيڙپڪاري ڪن، عوام سان گڏجن، سندن ڏک سک ۾ شرڪت ڪن، سندن ڀرجھلا ٿين، عوام سان ملي انهن جهڙو ٿي انهن جي تربيت     ڪن. عام ماڻهون جيڪو وڏيرڪي ڏائڻ ذهنيت جي نشاني تي آهي ان کي اتان ڪڍي پنهنجي صفن ۾ وٺي اچن. اهو ڪو سولو ڪم ناهي، اهو ڪم قرباني جو گھرجائو آهي. هي ڪم اهي سرانجام ڏيندا جيڪي مست ملنگ ٿي ڪري جھرجھنگ ڪاهي پوندا، در در تي وڃي ڪڙو کڙڪائي پنهنجي ڳالهه ڪندا. يقين سان چئي سگھجي ٿو ته کين ان راهه   ۾ ڪيئي رڪاوٽون درپيش اينديون، مٿن چٿرون ٿينديون، مٿن الزامن جا انبار لڳايا ويندا، سندن زندگين کي زهر بڻايو ويندو پر ڇا ڪجي ٻي ڪا راهه سجھي به نه ٿي، ڪنهن نه ڪنهن کي ته اهو اڙانگھو، اڻ ڏٺل رستو وٺڻو ئي پوندو.