هي چرٽ جا گهڙيل پٿر آهن. هنن جي گهڙت لڳ ڀڳ چاليهه هزار سال اڳ روهڙيءَ جي جابلو علائقن ۾ پيليوليٿڪ دئور جي انسانن هٿان ٿيل آهي. هو ڇرٽ جا پٿر جبلن مان ڪڍي انهن کي گڏ ڪري ان مان مختلف قسم جا اوزار ٺاهيندا هيا. اروڙ، شاهنودي بادشاهه ۽ ان جي آسپاس جي علائقن ۽ اڌم سلطان بادشاهه وارن علائقن ۾ هن قسم جا ڪيئي ورڪشاپ آهن. اڌم سلطان وارو ورڪشاپ ته ميلن تائين پکڙيل آهي. اهي انسان انهن پٿرن جي رڳڙ سان باهه ٻارڻ به سکي ويا هيا ۽ پنهنجي شڪار ڪيل جانورن کي باهه ۾ ڀڃڻ (سجي ڪرڻ) پڻ سکي ويا هيا. انوقت تائين اهي ڪنهن به قسم جو لباس ڪونه پائيندا هيا. پٿر جي دئور وارو انسان جهنگلي جانورن کان ٿورو ايڊوانس هو نه ته جانورن ۽ انسانن وچ ۾ تمام گهٽ فرق هوندو هيو جڏهن ته پيليوليٿڪ دئور جو انسان انهن کان الاهي وڌيڪ ايڊوانس هو.اسان جو هي جابلو سلسلو انساني تهذيب جو مک مرڪز رهيو آهي. پوري دنيا اندر تهذيب هتان کان پکڙي آهي پر افسوس ته هي سمورا آثار ڌرتي جي گولي تان ميسارجڻ جي تمام ويجهو آهن. بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جابلو علائقو پٿر ڍوئيندڙن جي انڌن هٿوڙن ۽ ٽيڪمن جي زد ۾ آهي.لطيف يونيورسٽي پندرهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي موجود آهي جنهن جا آرڪيالاجيءَ جا ڊاڪٽر پروفيسر پنهنجي ايرڪنڊيشن رومس ۾ ويهي ملٽي ميڊيا تي تحقيق ۾ تمام گهڻو مصروف آهن، کين بظاهر هنن عظيم آثارن جي مٽجڻ جي ذري برابر پرواهه ڪونه ٿي ڏسجي ۽ نه ئي سکر يا خيرپور جي ضلع اانتظاميه جي ڪن تي جونءِ چري....-----------------------------------------لکين سال اڳ جڏهن انسانن پنهنجي بچاءُ ۽ شڪار لاءِ پٿر مان اوزار ۽ هٿيار ٺاهڻ سکيا هيا ته هي اوزار/هٿيار ان دئور سان تعلق رکن ٿا. شاهنودي بادشاهه ۽ ڇتن شاهه بادشاهه جي درگاهن جي وچ تي جبل جي چوٽيءَ تي هڪ اهڙي ماٿري آهي (جنهن کي اسان مصور ماٿري جو نالو ڏنو آهي) جتي اهي اوائلي انسان رهندا هيا. انهن انسانن جي رهائش جا چٽا پٽا نشان اتي اڄ به موجود آهن. اتي انهن رهڻ لاءِ ڪيئي پلاٽ ٺاهيا هيا، هر پلاٽ جي چوڌاري پٿر رکيل آهن ۽ اهي اتي سون جي تعداد ۾ آهن. اتي بعد ۾ پيليوليٿڪ دئور جا انسان به رهيا هيا ۽ انهن جا ورڪشاپ جڙيل آهن. اسان هي پٿر اتان نموني طور کنيا هيا جڏهن ته اتي ان قسم جا ننڍا توڙي وڏا پٿر جهجهي انگ ۾ موجود آهن جن کي انساني هٿن سان گهڙيو ويو آهي. مون ان مصور ماٿري جي هڪ ننڍڙي وڊيو به ٺاهي هئي جنهن کي ٿوري دير بعد اپلوڊ ٿو ڪريان.
امير گل ڪٽوهر جو بلاگ Amir Gul Katohar's Blog
Friday, November 23, 2018
جت وڻ ناهي اتي ڪانڊيرو به درخت آهي. وڻن جي اهميت تي لکيل نوٽ
ن ماڻهو جي اڃ جي طلب گهٽجي ويندي آهي. الله سائينءَ انسانن لاءِ جيڪي انيڪ نعمتون خلقيون آهن ته وڻ انهن اهم نعمتن ۾ شمار ٿئي ٿو.
وڻن جي اهميت خاص ڪري جابلو علائقن ۾ ته تهان وڌيڪ آهي نه رڳو آسيس وٺڻ پر گرميءَ ۾ ٻُرندڙ جبلن جي گرمي پد کي موافق رکڻ لاءِ پڻ ۽ هي ته هت اڪيلو وڻ هو پر جبلن ۾ خاص ڪري برساتي نين وارن گسن تي قدرتي طور لکين وڻ ڦٽندا آهن. پر افسوس ته پٿر مافيا وانگر هت هڪ ٽمبر مافيا به آهي جيڪي انهن وڻن کي اسرڻ ئي ڪونه ٿا ڏين.
وڻن جي اهميت خاص ڪري جابلو علائقن ۾ ته تهان وڌيڪ آهي نه رڳو آسيس وٺڻ پر گرميءَ ۾ ٻُرندڙ جبلن جي گرمي پد کي موافق رکڻ لاءِ پڻ ۽ هي ته هت اڪيلو وڻ هو پر جبلن ۾ خاص ڪري برساتي نين وارن گسن تي قدرتي طور لکين وڻ ڦٽندا آهن. پر افسوس ته پٿر مافيا وانگر هت هڪ ٽمبر مافيا به آهي جيڪي انهن وڻن کي اسرڻ ئي ڪونه ٿا ڏين.
اسان جو رڳو آثار قديمه وارو کاتو ئي ستل ناهي پر ان سان گڏ جهنگلات کاتي سان گڏ ماحولياتي کاتي وارن جو ته لڳي ٿو ڪو وجود ئي ناهي.
جيڪڏهن هن ڌرتيءَ تي ڪو قانون وجود نه ٿو رکي ته ان جو اعلان ٿيڻ گهرجي هروڀرو آسرو ته نه رهندو.
ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه جو روئڻو روئجي.
جت نه پکيءَ پير....کاهوِڙي ڪردار فيض علي ڪٽوهر کي پيٽا
تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو آهي.
ڳوٺ پنواڙي ۾ سڀ کان غريب گهراڻي جو ڇوڪرو نويد علي ڪٽوهر فيض علي جو پٽ آهي جيڪو پنهنجي محنت ۽ پنهنجي والد جي اتساهه بدولت چين ۾ ايم فل اسڪالر شپ حاصل ڪري اتي اعلي تعليم پيو حاصل ڪري. سندس ان عمل مان ثابت ٿو ٿئي ته پئسو سڀ ڪجهه ناهي
هوندو.
هونئن فيض عليءَ جي پنهنجي حياتي زهر ڀري رهي آهي. يونيورسٽي مان ايم اي اڪنامڪس فرسٽ ڪلاس ڪيل فيض علي کي ڪنهن به اداري نوڪري نه ڏني ان جو سبب اهو نه هو ته جو وٽس ڪا صلاحيتن جي کوٽ هئي. يونيورسٽي جا استاد ته اڄ به سندس کجيءَ جي فصل تي لکيل تحقيقي ڪتاب پنهنجي شاگردن کي پڙهڻ لاءِ رفر ڪندا آهن ان جو سبب اهو آهي وٽس پرچي نه هئي. فيض علي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران اڪنامڪس ۾ ليڪچررشپ جو لکتي امتحان (جيستائين مون کي ياد اچي پيو) چار دفعا پاس ڪيو هو.
فيض عليءَ جي وڏي ۾ وڏي خامي اها آهي ته کيس نام نهاد ڊپلوميسي ناهي ايندي ۽ اهو سڀ ڪنهن کي سچ منهن تي ڦهڪائي هڻندو آهي ڀلي اڳلو ڪو وڏو سياستدان، ڪامورو يا قومپرست ۽ انقلابي به ڇونه هجي.
مون کي فخر آهي ته مان فيض علي جي خاندان سان تعلق رکان ٿو.
آخر ۾ مرشد لطيف جي سر کاهوڙي جا ٻه بيت کيس ارپيندس:
سڪا منهن سندن، پيرين پراڻا کيٿڙا،
سا جوء ڏوري آئيا سونهان جت منجھن،
ڳجها ڳجھيون ڪن تهان پراهين پنڌ جون.
...
جت نه پکيء پير تت ٽمڪي باهڙي
ٻيو ٻاريندو ڪير کاهوڙڪيء کير ري
Saturday, July 29, 2017
ڪشمور کان ڪوهستان تائين
ويٺلن تان واري وري
سڄو سال ساڳي قسم جي حياتي گذارڻ بلڪل ائين آهي جيئن اٺ
چيچڙي ۾ هڪ مخصوص دائري ۾ ڦرندو رهي. ڪوڪم کڻي ڪيترو به دل پسند ڇونه هجي پر صبح
شام ۽ روزانه سالن تائين اهو ڪرڻ بيزار ڪري وجھندو آهي. اهو بلڪل ائين هوندو آهي ته
اوهان ڪنهن اهڙي ڪمري ۾ بند آهيو جتي دونهون پيو ڀرجندو وڃي ۽ هڪ وقت اهڙو ايندو
ته اوهان جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳندو. ٻوساٽجي مرڻ کان اڳ اهو ضروري آهي ته ڪمري جي ڪا
دري، ڪو دروازو ڪو ڄارو کلي ته جيئن ڪمري اندر موجود دونهي کي ٻاهر وڃڻ ۽ ٻاهرين
تازي هوا کي اندر اچڻ جو موقعو ملي. زندگي نار جي ڍڳي وانگر ساڳين گسن تي گذارڻ جو
نالو ناهي، زندگي ۾ ماڻهون کي هلندڙ وهنوار کان هٽي ڪري اهڙين جاين تي وڃڻ جي دل
به چاهيندي آهي جيڪي اڻ ڏٺل ۽ اڻ ٻڌل هجن، ڪا نواڻ هجي. اهي احساس انوقت تهان وڌي
ويندا آهن جڏهن اوهان کي رواجي ڪمن ڪار واري وهنوار کان مڪتي مليل هجي خاص ڪري
تعليمي شعبي ۾ جڏهن سياري يا خاص ڪري اونهاري جي وئڪيشن هوندي آهي ته من ۾ اهي
خيال وڏي ولولي سان جاڳي پوندا ته ڪنهن نئين جهان ڏانهن نڪرجي. هر سال وانگر هن
سال به منهنجي خواهش هئي ته پنهنجي پروفيسر دوستن سان يونيورسٽي جي بس ۾ سير لاءِ
نڪرجي جنهن لاءِ دوستن سان پروگرام به جوڙيو هيوسين. ان وچ ۾ پرين پيار پروفيسر
غلام مرتضى لانگاهه ۽ پروفيسر نورمحمد ملڪ مون کي هج ڪري کين به ساڻ کڻي هلڻ جي
ڳالهه ڪئي. جڏهن ساڳي ڳالهه مون سنگت سان سلي ته انهن گنجائش نه هئڻ ڪري معذرت
ڏيکاري، هوڏانهن هنن دوستن وري اصرار ڪيو ته جيڪڏهن بس ۾ گنجائش ناهي ته پاڻ
پنهنجي سر ٿا پروگرام جوڙيون. ان نموني مون يارن جي صلاح کي مان ڏيندي الڳ پروگرام
جوڙيو هوسين. ان لاءِ صلاح اها بيٺي ته ٽيئي ڄڻا منجهند جو لانگاهه صاحب وٽ ڪشمور
۾ گڏ ٿينداسين ۽ ٽڪيٽون لانگاهه صاحب بوڪ ڪرائي ڇڏيندو. اهو 17 جولاءِ 17ع ڇنڇر جي
گرم شام هئي جڏهن مرتضى پاران پرتڪلف ۽ مزيدار لنچ کان پوءِ اسان سوهان ايڪسپريس
جي ٿڌڙي ماحول واري بس ۾ اچي سيٽون والاريون هيون سين. اها بس لاڙڪاڻي کان هلي هئي
۽ ان جو ۽ اسان جو آخري اسٽاپ پنڊي هو. تمام نئين بس هئي ان جو سيٽون ڏاڍيون آرام
ڏيندڙ هيون. جيتوڻيڪ اسان کي پوئين پاسي سيٽون مليل هيون پر پوءِ به روائتي جھاڪا
ڪونه پئي سهڻا پيا. ان هوندي ته بس ۾ واءِ فاءِ جي سهولت هئي پر بس ڪنڊڪٽر جي چوڻ
مطابق ته اها سهولت مسافرن لاءِ ناهي پر اها اهي حفاظتي طور تي اهي استعمال ڪندا
آهن. بس ۾ ڊي وي ڊي لڳل هئي جنهن ۾ پهريون انڊين سيڪسي گانا پئي هليا جنهن بعد ٻه
عدد هندي فلمون هلائي اها بند ڪئي ويئي هئي. جڏهن بس جي انتظار ۾ انهن جي اڏي تي
ويٺا هياسين ته بس جو مالڪ ۽ سندس نوجوان پٽ به اتي اچي پهتا هيا. خبر پئي ته اهي
بسون ڪشمور جي ڪنهن ڊومڪي جون آهن. مون کي تمام گھڻي خوشي ٿي ته سنڌ جا ماڻهون
هاڻي اهڙي ڌنڌن ۾ پڻ سيڙپ ڪاري ڪري رهيا آهن. مسافرن ۾ پڻ اڪثريت سنڌي ماڻهن جي
هئي جيڪي عيد ملهائي پنهنجن خاندانن سان گڏ واپس اسلام آباد پنهنجي نوڪرين تي واپس
پئي ٿيا. اسان ڪشمور کي ڇهين وڳي کن الوداع ڪيو هو ۽ جلدي ئي اسان واري سواري
پنجاب جي روڊن تي ڊوڙي رهي هئي. هاڻي اها ته سڀني کي خبر آهي ۽ اهو چوڻ بس وڌاءَ
ئي ٿيندو ته پنجاب جا روڊ هر حساب سان سنڌ جي روڊن کان بهتر هيا. اسان جو گھڻو تڻو
سفر رات وڳڙي ۾ ئي ٿيو هو. سفر ڪندي اسان اسلام آباد ۾ رهندڙ پنهنجي پياري دوست شاهنواز
چاچڙ سان رابطو ڪري کيس پنهنجي سفر جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ اسان جي هن پياري دوست خلوص
دل سان دعوت ڏني هئي ته اسان سڌا وٽس هليا اچون. صبح جو جڏهن پير وڌائي جي بس
اسٽاپ تي پهتا هياسين ته ان کان اڳ مون پاڻ واري موبائيل تي اوبر ۽ ڪريم ڪار سروس
جون ايپ اول ئي انسٽال ڪري ڇڏيون هيون پر جيئن ته مان پهريون دفعو اهو استعمال پئي
ڪيم ان ڪري ڪري سمجھ ۾ نه پئي آيو ته ان کي صحيح نموني ڪيئين استعمال ڪريان. نيٺ
اسان هڪ پرائيويٽ ٽيڪسي ڪري بارهه کوهه کان ٿيندي ڪورنگ روڊ وٺي وڃي بني گالا وٽ
رسيا هياسين. (جاري).
Friday, July 21, 2017
سا جوءِ ڏوري آيا
پاڻ جنهن دنيا جا رهواسي آهيون اتي تعليمي ميدان ۾ مثبت
تبديلي آڻي لاڳو ڪرڻ ماڪوڙيءَ کي مساڳ هڻڻ جهڙو دقيق ڪم آهي. وسيلن جي کوٽ، سياسي
دٻاءُ، غير اتساهي ماحول، قدم قدم تي رڪاوٽون، هر ڳالهه تي اعتراض، ڪامورڪا رويا،
غير هنر مند انساني وسيلا سڀ گڏجي اوهان کي ان ڳالهه لاءِ قائل ڪرڻ جي سر ٽوڙ ڪوشش
ڪندا ته تعليمي عمل ۾ سڌاري جي ڳالهه کي ڇڏي معاملن کي جيئن جوي تيئن هلڻ ڏنو وڃي.
اسڪولن، ڪاليجن يا يونيورسٽين ۾ اعلى عهدن تي پهتل ماڻهون جڏهن نوان نوان ايندا
آهن ته انهن جي مغز ۾ ڪيئي رٿائون هونديون آهن ۽ سندن من ۾ هلچل مچيل هوندي آهي ته
بس عهدي تي پهچان ته اصل واهڙ وهائي ڇڏيندس. پوءِ جيئن جيئن وقت گذرندو رهندو آهي،
ڀانت ڀانت جا ماڻهون کيس ملندا آهن ۽ اهي کيس ان قسم جي چريائي کان پري رهڻ جون
صلاحون ڏيندا آهن ۽ کيس انهن ماڻهن جا مثال ڏيندا آهن جن اهڙي ڪم جون ڪوششون ڪيون
هيون ۽ پوءِ کين ان جي تمام ڳري قيمت ادا ڪرڻي پيئي هئي. ان نموني اهي هوريان
هوريان قائل ٿي هڪ ڏينهن هڪ روايتي عملدار بڻجي ويندا آهن. اهڙن ورائتي عملدارن کان
ڪنهن کي به ڪا شڪايت ناهي هوندي ڇوته اهي ڪنهن نه ڪنهن نموني هر ڪنهن جو ڪونه ڪو
جائز يا ناجائز ڪم يا مطالبو پورو ڪندا رهندا آهن. ڪو دير سان آيو ته خير آهي،
جيڪڏهن ڪنهن ڪو پيرڊ ڪونه ورتو ته ڪو آسمان ته ڪري ڪونه پوندو، جيڪڏهن هڪ غير
حاِضر استاد جي جاءِ تي ٻئي سندس دوست صحيح ڪري ڇڏي ته ان کي به نظر انداز ڪبو،
مالهي، پٽيوالا، چوڪيدار ٿوري گھڻي خوشامند ڪري پنهنجو الو سڌو ڪرائي ويندا آهن،
ڪلرڪ، اسٽنٽ، سپرينٽينڊنٽ وغيرهه جيڪڏهن ڪو ٽڪو پيسو شاگردن کان وڌيڪ اڳاڙي ڪندا
آهن ته انهن تي به ڪک رکبا ۽ امتحانن ۾ استادن جون ڊيوٽيون سندن من پسند بلاڪن ۾
لڳرائڻ تي ڪو اعتراض نه ڪبو. اهي عملدار استاد تنظيمن جي خوشامند ڪرڻ سان گڏ مٿين
عملدارن کي به راضي رکي ڄاڻندا آهن.
پر ائين به ناهي ته سڀ اهڙا آهن، اڃا به ڪي آهين ڪلڃڳ ۾
ڪاپڙي، جيڪي انهن سمورن رڪاوٽن کي ٿڏي پنهنجو گس جوڙي وٺندا آهن. جنهن به چيو آهي
ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته هن دنيا کي ڪن مٿي ڦرين ئي تبديل ڪيو آهي، اهي مٿي ڦريا
دنيا وارن جي وهنوارن کان ابتو هلندا آهن، ساڳي ڳالهه لطيف سرڪار پڻ ڪئي آهي ته؛
اَکِ اُلِٽِي
ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عامَ سين؛
جي لَهوارو لوڪَ وَهي، تُون اوچو وَههُ اوڀار؛
مَنجھان نَوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.
اڄ
اسان جي تعليمي ادارن کي اهڙا وي سي، اهڙا پرنسپل ۽ اهڙا هيڊ ٽيچر گھربل آهن.
اوهان پنهنجي آس پاس ۾ نهاري ڏسو جيڪڏهن اوهان کي ڪو اسڪول ڪوڪاليج، ڪو تعليمي
ادارو سٺو نظر اچي ته يقين ڄاڻو ته اتي ڪو اهڙوئي انسان ويٺو هوندو جنهن جي اک
الٽي هوندي هو عام کان الٽو وهنوار ڪندو هوندو. يقين ڄاڻو ته تعليمي سڌاري ۾
تعليمي اڳواڻي جو وڏو عمل دخل آهي. حقيقي تعليمي اڳواڻ اهو آهي جيڪو ڪين مان ڪجھ ۽
ڪجھ مان سڀ ڪجھ ڪري ڏيکاري. جيئين ته مان پاڻ هڪ اداري جو پرنسپل آهيان ۽ پوري
ايمانداري سان اهو چوان ٿو ته ڀلي اجگر جيڏيون رڪاوٽون به ڇونه هجن پر جيڪڏهن پرنسپل
جي نيت صحيح آهي، وٽس جذبي سان گڏ حوصلو آهي، کيس اڳواڻي وارا گُر به اچن ٿا ته
اهو سمورن رڪاوٽن کي لنگھي پار پوندو ۽ اداري کي چار چنڊ لڳائي ڏيکاريندو.
Friday, June 9, 2017
جنهن دل پيتا عشق دا جام سا دل مستون مست مدام
جڏهن ملڪ ۾ گھٽ ٻوسٽ وارو ماحول هجي، جتي سمورا معاملا
ميمبر تي ويٺل نيم ملان خطره ايمان جهڙا ماڻهون سرانجام ڏيندا هجن، جتي مذهبن ۽
فرقن جي نالي ۾ انسانن وچ ۾ ورهاست جو عمل جاري هجي، جتي حڪمران به اهڙي عمل جي يا
ته پٺڀرائي ڪندا هجن يا اهي اهڙين قوتن کان ڪئو کائيندا هجن، اهڙي تمام مربوط ۽ مظبوط،
اونداهي ماحول ۾ جيڪڏهن ڪو بهار جي مند ۾ تازي هوا جي جھوٽي جي گھر ڪري، ته مٿس
تعزيرون هڻي سر عام سنگسار ڪرڻ جا حڪم ناما جاري ٿيڻ معمول جو ڪم هجي، ته ڪير
هوندو جيڪووقت جي فرعون بڻيل ماڻهن کي سرعام للڪار ڪري سندن ڀاري برجن کي ريزا
ريزا ڪرڻ وارو ڪارنامو سرانجام ڏيندو؟ منهنجي خيال ۾ جان جوکي ۾ وجھي اهڙا ڪم
ماضيءَ ۾ صوفي ۽ حال ۾ سائنسي تعليم واري هٿيار سان ليس انقلابي پارٽيون، توڙي
فلاسافر، شاعر سرانجام ڏيندا رهيا آهن. جيئن هن دئور جي عظيم شاعر شيخ اياز جو
ڪلام آهي ته؛
مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان!
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن،
ٿو آئون سندءِ ديوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري بُرجَ لُڏن،
تون هيڻو آن هٿيار سان-
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
ٿي تند وڙهي تلوارن سان!
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن،
ٿو آئون سندءِ ديوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري بُرجَ لُڏن،
تون هيڻو آن هٿيار سان-
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
سنڌ جو سرموڙ، بي
باڪ، سچ جو ساٿاري شاعر صوفي سچل سرمست اهڙن شاعرن ۽ صوفين جو سرواڻ شاعر رهيا آهن.
حق ۽ سچ جي ڳالهه سچل سائين بنا ڪنهن هٻڪ جي وڏي بي باڪي، للڪار ۽ جرئت سان ڪئي
آهي جيڪو مثالي آهي.
اول ڀيري ڀَڃُ، جي بَندَ خيالات جا؛
تَنهِن پڄاڻان وَڃُ،
حلا جي حيرت ۾.
سچل سائين جي رسالي جي پهرين باب ”توحيد“ جو پهريون شعر ئي
اسان کي سوچڻ سمجھڻ جا نوان گس ٿو ڏئي. اها سوچ ڪا عام سوچ ناهي، هي اونهي ۽ زماني
وارن کان ابتي سوچ آهي. اوهان جي دماغ ۾ اڳواٽ جيڪي نظريا سوچون، خيال زبردستي وڌل آهن اول انهن کي ڀڃو،
ڇوته اهي بند خيالات آهن ۽ پوءِ پنهنجي منزل طرف رڙهه. انگريزي ۾ اهڙي نموني جي
سوچ کي Thinking out of Box چيو ويندو
آهي. معنى ته انا، سماج، نظرين جي دائرن مان نڪري ڪري سوچڻ اهو هرڪنهن جي وس جي
ڳالهه ناهي. ڪي ڪي ماڻهون هوندا آهن جيڪي بقول لطيف سائين جي ته الٽي اک رکندا آهن
جڏهن عام لهوارو وهندو آهي ته اهي اوچي ڏانهن سفر ڪندا آهن؛
”اک اُلٽي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عامَ سِين
جَي لَهوارو لوڪُ وَهَي، تون اوچو وَهُ اوڀارِ
منجهان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺيرو پِرِيَ ڏي.“
جَي لَهوارو لوڪُ وَهَي، تون اوچو وَهُ اوڀارِ
منجهان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺيرو پِرِيَ ڏي.“
اهڙي سوچ جا ڪيئي عڪس ۽ اولڙا اسان کي سچل جي فڪر ۾ ملن ٿا.
ڀڳت ڪبير جو شعر آهي ته؛
حد حد جائے ہرکوئی، لاحد گیا نہ کوئے،
حد لاحد کے بیچ میں کھڑا کبیرا روئے۔
ڀڳت ڪبير حد ۽ لاحد وچ تائين ته پهتو آهي پر هاڻي کيس خبر
نه ٿي پوي ته اڳتي ڇا آهي. سچل کيس جواب ٿو ڏئي ته؛
حد حد وڃي هرڪوئي، لاحد وڃي پير،
سچو سو فقير جيڪو حد لاحد لنگهي وڃي.
سچل زماني وارن پاران ٺاهيل انهن دائرن کي ٽوڙيو، کين
للڪاريو، مٿن ڇٿرون ڪيون ۽ پنهنجي قول ۽ پنهنجي فعل جي سچائي سان زندگي گذاري. وقت
جي عالمن پاران مٿس فتوائون جاري ڪيون ويون، کيس قتل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون پر
سچل پنهنجي نالي جي لڄ رکندي هڪ انچ به پوئتي نه هٽيو. هن پنهجي للڪار کي سرعام
ورنايو، ورجايو؛
ڪلمي مون کي ڪين ڪيو، مورئون مسلمان،
نه ڪي احمد موڪليو عرب کان اسلام،
سچل آهي سبحان پر آدم ليکي آدمي.
اها بي باڪي ۽ اها جرئت
شايد ئي ڪنهن شاعر ۾ هجي ته هو ان نموني ان الحق جو نعرو هڻي پڙ ۾ لهي پوي؛
نه مان مريد نه مان پير، ساري فقرَ جو فقير.
نه مان حاڪم، نه مان ظالم، آھيان اَمُن جو امير.
نه مان طاعَتَ نه مان تقويٰ، آھيان ورہَ جو وزير.
نه مان گھُمڻ نه مان گھَتڻ، آھيان عِشق جو اسير.
نه مان ڪُڇَڻ نه مان پُڇَڻُ، آھيان دوست لئه دلگِير.”سچوءَ“ ٻَڌ محڪم سِرَ تي، محبت جو مَنديرُ.
مٿي بيان
ڪيل شعر ۾ سچل مريد ۽ پير، حاڪم ۽ظالم، طاعت ۽ تقوى، گھمڻ ۽ گھتڻ، ڪڇڻ ۽ پڇڻ کي رد
ڪري ساري
فقر جو فقير، امن جو امير، ورهه جو وزير، عشق جو اسير ۽ دوست لئه دلگير
ٿيڻ کي ترجيح ڏيندي نظر اچي ٿو. هڪ پاسي سچل حاڪمن کي ظالم سان گڏي ٿو ته ٻئي پاسي
فقر جو فقير سڏائيندي فخر ٿو محسوس ڪري ۽
هونئن ته سچل آزاديءَ جو علمبردار آهي پر جڏهن ڳالهه عشق جي اچي ٿي ته
رضاڪاراڻه طور تي ان جو اسير ٿيڻ ۽ محبت جو مندير سر
تي ٻڌي نڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري.
هاڻي مان اوهان کي مٿي ٻڌايل پنهنجي خيال ڏانهن وٺي وڃڻ ٿو
چاهيان. ڏسو منهنجي خيال ۾ ته اهي صوفي پنهنجي وقت جا عظيم انقلابي رهنما ئي ته
هيا جن پنهنجي معروضي حالتن کي سامهون رکي پنهنجي قول ۽ فعل جي سچائيءَ سان سندن
مقابلي ۾ سئو دفعا وڌيڪ طاقتور ڌرين کي شڪستون ڏنيون ۽ نتيجي ۾ لکين انسان سندن
پوئلڳ ٿيا ۽ سندن واٽن تي هلندي زندگين کي سڦل بڻايو. پر افسوس ته وقت گذرڻ سان
اسان ماڻهن سندن ڄاڻايل گسن کي ڇڏي ڏنو، سندن ٻڌايل سبقن کي وساري ڇڏيو ۽ اسان وري
انهن واٽن جا راهي ٿياسون جن جي اهي مذمت ڪري ويا هيا. هنوقت حالت اها آهي ته انهن
عظيم صوفي اڳواڻن جا بظاهر وارث گھڻا تڻا اهڙا پيدا ٿي پيا آهن جيڪي هاڻي انهن
صوفين پاران انسانن جي هڪ جهڙائيءَ جي سبقن کي وساري ويٺا آهن ۽ پيري مريديءَ جا
سلسلا شروع ڪري ڏنا اٿن. اهڙا عمل جن جي سندن وڏڙا منع ڪري ويا هيا. ”نه مان مريد
نه مان پير، ساري فقر جو فقير“ جهڙن موتي جڙيل لفظن کي پٺي ڏيئي روشني ڦهلائڻ
بدران انسانن کي وري پيري مريدي جي غلاظت واري غلاميءَ جي بدترين راهن ڏانهن وٺي
وڃڻ جا جتن ڪري رهيا آهن.
وقت جي گھرج آهي ته اسان پنهنجي صوفين جي ڏسيل واٽن تي
هلون. پنهنجي اکين تي چڙهيل عينڪن پٽاندڙ انهن کي هروڀرو شيعو، سني، وهابي، پڪو
مسلمان، ڪٽر انقلابي ڪري پيش ڪرڻ بدران اهي جيئن هيا تيئن پيش ڪريون.
Saturday, June 3, 2017
تبصرن جا اطلاع حاصل ڪرڻ لاءِ:
هتي ڪلڪ ڪريو