دوستو 24 نومبر 2021 جي ڏينهن تي سنڌ جو هڪ عظيم ليکڪ جناب رسول ميمڻ گذاري ويو. رسول ميمڻ هڪ بهتري لکاري هو. سندس ڪريڊٽ تي ڪيترائي ڪتاب آهن جن ۾ خاص ڪري ناول ۽ ڪهاڻيون پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سندس مرتيو سنڌي ادب کي وڏو ڌچڪو آهي. سندس مغفرت لاءِ دعاگو آهيان. سندس موت جي خبر پڙهي مون کي پهريون خيال اهو آيو ته پاڻ سڀ هت هڪ خاص وقت لاءِ آيل آهيون ۽ سفر جي پڄاڻيءَ کان گھڻوتڻو بي خبر آهيون. ان ڪري پاڻ سڀني کي گھرجي ته پنهنجي من اندر جيڪي اڌما آهن، جيڪي منصوبا آهن، جيڪي اڌورا ڪم آهن انهن کي بنا دير سرانجام ڏئي ڇڏيون. ڪجھ ڪم ڏکيا پڻ هوندا، ڪن ڪمن ٿيڻ لاءِ وڌيڪ وقت پڻ گھربل هوندو پر اهي ڪم جيڪي پاڻ اڄ ڪري سگھڻ جي حالت ۾ آهيون گھٽ ۾ گھٽ انهن کي ته ڪري ڇڏيون ۽ ٻين ڪمن يا منصوبن جي رٿابندي جوڙي رکون. دوستو ڪوشش ڪيو ته هن ننڍڙي گولي جنهن کي پاڻ ڌرتي ماتا چئون ٿا ان تي ڪي نشان ڇڏي وڃون. ڪو ڪتاب، ڪو ادارو، ڪا تخليق، ڪا سونهن، ڪا چڱائي، ڪا ڀلائي ڪري پوءِ هي جهان ڇڏيون. اها ڳالهه نه ڪيو ته اوهان ڪجھ ڪرڻ جهڙا ناهيو، مان اها ڳالهه ٻڌڻ لاءِ بلڪل تيار ناهيان. هر انسان ۾ الله سائين ڪا نه ڪا خوبي رکي آهي ۽ هو چاهي ته ان کي استعمال ڪري سڀاويڪ ڪم ڪري سگھي ٿو. بس نڪما انسان ڪجھ ڪرڻ بدران رڳو ٻين جي ڪمن مان ڪيڙا ڪڍندا آهن. اهو سڀ ڪجھ اوهان تي منحصر آهي ته اوهان ڪهڙي صف ۾ ٿا بيهو، تخليق ڪرڻ وارن ۾ يا خالي تنقيد ڪرڻ وارن ۾، اردوءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته
” جو برستے ہیں وہ گرجتے نہیں اور جو گرجتے ہیں وہ برستے نہیں“.
مان سدائين اها ڪندو آهيان ته جيڪڏهن
ڪو ڪم الف ڪري سگهي ٿو ته ب ڇو ڪونه ٿو ڪري سگهي اصل مسئلو ڪم جو ناهي اصل مسئلو
انسان جو پنهنجو هوندو آهي. اسان مان ڪجهه اهڙا انسان به آهن جيڪي ڪک ڀڃي ٻيڻو
ناهن ڪندا ۽ پنهنجي ناڪامين جي الزامن جو ڀريون ٻڌي ٻين جي مٿان اڇلائيندا آهن ۽
جيڪي ڪامياب انسان آهن انهن جي ڪاميابيءَ کي وري ابتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌائي اهو
چوندا آهن ته سندن ڪاميابين پٺيان سندن هٿ آهي.