Sunday, January 22, 2012

مڙيا مڇ هزار ڀاڱا ٿيندي سهڻي


منهنجي ڊائريءَ مان هڪ ورق


12مئي 1999...ٽائيم 11.15 رات


  ڪاليج اندر فرسٽ ييئر ۽ انٽر جا امتحان جاري آهن. انڪار جي باوجود امتحاني ڪم ۾ جوٽيو ويو آهيان. هينئر امتحان اجھو هي؛ ٽائيم تي شاگردن کي سوالي ۽ جوابي ڪاپيون مهيا ڪيون ٿا. کين هرروز سوالي ڪاپي ڏيڻ بعد اهو تاڪيد ڪندا آهيون ته “بابا جلدي جلدي ڳائيڊن مان جوب ڳولهي ڪڍي وٺو ۽ باقي ۽ باقي ڪتاب يا مواد اسان جي حوالي ڪيو”. ان بعد لڳي ويندا آهيون جوابي ڪاپين تي صحيح ڪرڻ کي، حاضريءَ وارو پنو ڀرڻ ۽ شاگردن کان صحيح ڪرائڻ مان فراغت بعد سڪون سان ڪاپي جي ڪم ۾ رڌل شاگردن تي هڪ مهربان نظر ڦيرائيندا آهيون ۽ آرس ڀڃي، هڪ عدد اوٻاسي ڏيئي پنهنجي ڪنهن ڪليگ کان پڇندا آهيون ته اڃ چاءِ الائي ڇو دير ڪئي آهي ته ان وچ ۾ ڪو نه ڪو شاگرد اٿي بيهندو آهي يا اشارو ڪندو آهي ۽ اسين فرمانبردار نوڪر وانگي وٽس وڃي پهچندا آهيون. اهو گھڻو ڪري گائيڊ مان ڳوليل جواب کي سوال سان ڀيٽائي ان جي درستگيءَ جو تعين اسان کان ڪرائيندو آهي ۽ اسان (اسان مان مراد گھڻو ڪري سڀ انويجيلٽر) پنهنجي علمي قابليت جي ڌاڪ ويهارڻ خاطر سوال ۽ جواب تي هڪ نظر ڦيرائي کين ان جي صحت بابت آگاهه ڪندا آهيون. موٽ تي گڏ ڏيوٽي ڪندڙ ٻئي انويجيلٽر سان شاگردن جي پڙهائيءَ ۾ عدم دلچسپي ۽ سندن نااهليءَ تي ٽوڪ زني يا ڪو اگرو تبصرو ڪري پيا امتحاني هال ۾ مٽر گشت ڪندا آهيون. اڄ ڪالهه شاگرد انويجيلٽر کان ته هڪ ٽڪو به لڪ لڪاءُ نه ٿا ڪن، ويتر انهن کي جهڙوڪر مددگار بنائي ڇڏيو اٿن. انويجليٽر محض جواب جي صحيح هجڻ جي تصديق وارو نيڪي جو ڪم ئي ناهن ڪندا، پر ڪي وڌيڪ ڪوآپريٽو قسم جا استاد ڳائيڊن مان سوال ڳولهي شاگردن جي تريءَ تي رکڻ جو ثواب به ڪمائيندا آهن. اڳ شاگرد انٽرنل يا ايڪسٽرنل کان ڪجھ اک هڻندا هيا پر هاڻي انهن کان لڪائي ڪاپي ڪرڻ وارو “فيشن” به پراڻو ٿي چڪو آهي. بس ڏئي وٺي ڪا بورڊ جي ٽيم آئي يا ڪو انتظاميه جو عملدار يا ميجسٽريٽ ايندو آهي ته انهن کان “ڪن هڻبو” نه ته مڙوئي خير. استاد پنهنجيون ڊيوٽيون پنهنجن پٽن يا ويجھن عزيزن جي بلاڪن ۾ هڻائي سندن ٻيڙو ساحل تائين پهچائڻ جا انتظام ڪندا آهن. ڪجھ پروفيسر اهڙا به آهن جيڪي شاگردن کي ٽيوشن ان گرنٽيءَ سان ڏيندا آهن ته اوهان کي سٺن مارڪن ۾ پاس ڪرائڻ سندن فرضِ منصبي آهي. امتحان جي سيزن ۾ انهن پنهنجن شاگردن جي ڀرپور مدد ڪندا آهن، پيپرن جي چڪاس ۾ انهن جا پيپر ڳولهي هٿ ڪري کين ڀليون مارڪون ڏياريندا آهن. پوءِ جي خوشقسمتيءَ سان انهن مان ڪو ڇوڪرو پوزيشن کڻندو آهي ته ان کي پنهنجي عظيم ڪاميابي ڄاڻائي وري ٻئي مرحلي لاءِ “گراهڪ” ڦاسائڻ واري عمل ۾ ان کي سندَ طور پيش ڪندا آهن. پٽيوالا ڪجھ ڇوڪرن سان “ڊيل” هينئن ڪندا آهن ته شاگردن کان پئسه اوڳاڙي استادن کي ايلاز منٿون ڪري سوالن جا جواب هٿ ڪري پنهنجي ڪلائنٽ تائين پهچائيندا آهن پر جيڪي پهرين جوڙ جا حرفتي پٽيوالا هوندا آهن اهي ٻاهر حل ٿي آيل ڪاپيءَ کي وڏي چالاڪي سان واسطيدار ڇوڪري تائين پهچائي پنهنجي “روزي حلال” ڪندا آهن. هن “خير جي ڪم” پوليس وارا پنهنجو شاندار پارٽ ادا ڪندا رهندا آهن. سڀئي ملي جلي ڪري تعليم جي لاش کي ڳجھين وانگر پٽين ٿا.... امتحان فراڊ آهن، ڌوڪو آهن، اسان سڀني جي منهن تي دانگي جي ڪارنهن آهن. ان صورت ۾ ڪيئن تعليم جو سرشتو سڌري سگھندو. جيڪي چالاڪ آهن، جيڪي پئسي جي ڏيتي ليتي ڪري ڄاڻن، جيڪي ٺيڪدار قسم جي استادن سان لهه وچڙ ۾ هوندا آهن اهي سؤ فيصد ڪامياب ۽ ڪامران هوندا آهن. گذريل يونيورسٽيءَ جي امتحانن ۾ بي ڪام ۾ پهرين پوزيشن هڪ پروفيسر جي پٽ کنئي جڏهن ته ان ڀلجي ڪڏهن ڪلاس روم جو منهن به نه ڏٺو هيو ۽ باگڙجيءَ جو سيد ڇوڪرو جنهن پوري سيشن ۾ شايد هڪ ڏينهن به گسايو نه هيو ان کي ڪنڊون ڪري پاس ڪيو ويو آهي. مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي......

Monday, November 21, 2011

مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان جلدي بستري حوالي ٿيڻ ٿو چاهيان

ڪالهه رات دير تائين روهڙي جي قاضي محلي ۾ سائين علي حسين قاضيءَ جي اوطاق تي راڳ رنگ جي محفل ۾ مگن هياسين. ان محفل ۾ سائين غلام مرتضى لانگاهه،



قاضي علي حسين، استاد علي بخش شيخ، مير حسن سيال، الطاف ۽ مون (امير گل ڪٽوهر) سميت ڪجھه ٻيا دوست موجود هيا. جيئين جيئن رات پئي ٺري ته سازن ۽ سرن ۾ سرور پئي ويو وڌندو. دل ئي نه پئي چاهيو ته ان محفل جي ڪا پڄاڻي ٿئي. محفل جي وچ وچ ۾ سياست، سنڌ، موسيقي، تعليم، جي موضوعن تي به ويچار پئي ونڊيا سين. قاضي علي حسين سائين اسان جي اهڙن محفلن سجائڻ جو روح روان هوندا آهن. سائينجن ئي پنهنجي موسيقي جي استاد سائين علي بخش شيخ جن کي دعوت ڏئي گھرايو هيو جيڪي راڳ جا ڄاڻو ته آهن ئي سهي، ان سان گڏ سريلي آواز وارا ۽ موسيقي جي انسٽرومينٽ وڄائڻ جا به ماهر آهن. ساڻس گڏ مير حسن سيال (جيڪو تمام سٺو اڀرندڙ راڳي آهي) ۽ ڍولڪ تي سنگت ڪرڻ لاءِ سائين الطاف جن کي به هيا. راڳ رنگ جي وچ ۾ چانهن جا دؤر به پئي هليا. مون ان محفل کي پنهنجي موبائيل جي ڪيمرا ۾ وڊيو رڪارڊ به پئي ڪيو. جيئن ته سندس بئٽري ڊائون هئي ان ڪري وقفي وقفي سان چارج تي رکڻ ڪري ڪجھه سريلا ڪلام رهجي به ويا. جيئين ته اها سڄي رڪارڊنگ موبائيل ۾ ڪئي هئم ان ڪري ان جي تصويرن توڙي آواز جو معيار سٺو نه هيو. پر مون ان ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ بنا اهي ڪم پئي ڪيا ته جيئن انهن گھڙين کي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ محفوظ ڪري ڇڏيان. ڪجھه ڏينهن اڳ سائين ظهور احمد سولنگيءَ سان نيٽ تي چيٽ پئي ڪيم ۽ کيس اهڙي هڪ محفل جو احوال ڏنو هوم، سائين جن مون تي زور ڀريو هيو ته معيار پنهنجي جاءِ تي پر اسان کي جيترو ٿي سگھي اهڙن محفلن، ڪچهرين، بحثن کي فلم بند، قلم بند يا آواز بند ضرور ڪرڻ گھرجي. ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي هڪ اڌ اسم کي ڇڏي لڳ ڀڳ سموري محفل کي رڪارڊ ڪري ڇڏيو. رات جو ٻارهين کن جڏهن سکر گھر پهچي انهن فائيلس کي يو ٽيوب تي اپ لوڊ ڪرڻ لڳس، انٽرنيٽ جي ڍري اسپيڊ ڪري اهو ڪم ويو اينگھجندو ۽ رات جا ساڍا ٽي ٿي ويا. بهرحال تيستائين ٽي چار اسم يوٽيوب تي اپ لوڊ ڪري ڇڏيا هئم. آذان جي آواز کان ٿورڙو اڳ وڃي بستري حوالي ٿيس. صبح جو ڇهين ساڍي ڇهين جي لڳ ڀڳ اک کلي انوقت بجلي بند هئي. جيئين ته مون واري موبائيل جي بيٽري بلڪل ڪنزيوم ٿي چڪي هئي ان ڪري ڪنهن به يار دوست سان رابطي کان محروم هيس. نيٺ دير سان بجلي آئي، موبائيل کي چارج ڪري تڙ تڪڙ ۾ تڙ ڪري وري روهڙي سائين قاضي صاحب جي اوطاق تي ترسيل سائين غلام مرتضى لانگاهه جن کي موٽر سائيڪل تي کڻي سکر آياسين. سکر ۾ فقير محمد فائونڊيشن پاران مهاڻن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان هڪ پروگرام سنڌوءَ جي پيٽ ۾ رکيو ويو هيو



جنهن ۾ انهن دريائي وڏا ٻيڙا بوڪ ڪرائي ڇڏيا هيا انهن تي لب مهراڻ کان چڙهياسين ۽ سنڌوءَ جي پيٽ ساڌ ٻيلي کان ٿورو اڳ لينسي ڊائون پل جي ڀرسان پهچي واپس ٿياسين. زبردست سين هيو. هڪ ٻيڙي ۾ مڱڻهار فقير سازن سروندن سان ڳائي وڄائي رهيا هيا، هڪ ۾ سکر جا ڪاهوڙي صحافي سنڌوءَ جي سونهن ۽ سوڀيا کي پنهنجي ڪيمرائن جي اکين ۾ محفوظ ڪري رهيا هيا. سنڌو جي پيٽ ۾ سيرڪندي دريا جي ٻنهي ڪنارن سان گڏ سکر ۽ روهڙي شهر جي هڪ نئين انداز جي سونهن ۽ سوڀيا کي پسيو سين. اهو حُسن دريا جي ڪنارن تان بيهي ڪنهن به صورت ۾ پسي نه ٿو سگھجي. دريا ۽ مهاڻي جو رشتو اهڙو ئي آهي جهڙو امڙ جو پنهنجي اولاد سان هوندو آهي. سکر جي مهاڻا (ملاح ۽ ميراڻي) برادريءَ کي پنهنجن سياستدانن سان سخت قسم جو شڪايتون آهن، جن جو هنن برملا اظهار پڻ ڪيو. سندن چوڻ هيو ته اهي هن ڌرتي، سنڌوءَ جا صدين کان وارث آهن پر هي ڌرتي ۽ سنڌوءَ جون ڇوليون کانئن کسڻ جو سازشون چوٽ چڙهيل آهن . اڳواڻن مرحوم فقير محمد ميراڻي جي تمام گھڻي واکاڻ پئي ڪئي جنهن پنهنجي اولاد کي تعليم جي زيور سان مالا مال ڪيو. جنهن جو نيڪ اولاد جهڙوڪر سرجن ڊاڪٽر شاهد حسين ميراڻي،



پنهنجي برادري سان گڏ سڀني سنڌي ماڻهن جي خدمت پيو ڪري. نوجوان پروفيسر ساجد حسين ميراڻي پنهنجو مٽ پاڻ آهن.



سڀاءَ جا سلڇڻا شاهه عبدالطيف يونيورسٽيءَ جي پبلڪ ايڊمنسٽريشن شعبي ۾ ليڪچرار آهن. اڄ ڪالهه مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ايم فل پيا ڪن. يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ سندن پي ايچ ڊيءَ ۾ داخلا پڻ ٿي چڪي آهي. ان کان علاوهه هن محفل ۾ سکر جو ڄاتل سڃاتل سماجي ورڪر سائين دلبر ميراڻي، بئنڪر اشفاق ميراڻي ۽ برادريءَ سان تعلق رکندڙ سوين ننڍا توڙي وڏا موجود هيا. ان يادگار سفر مان موٽي وري ڪاليج جو رخ رکيو سين جتي سائين غلام مرتضى لانگاهه ۽ وفا شاهه صاحب جن جي ڪچهري ڪاليج جي پروفيسرس سان رکي هئم. ياد رهي ته اهي ٻئي ڄڻا سائين اسد منگي ۽ مان تازوئي آغا خان يونيورسٽيءَ مان ايم ايڊ ڪري آيا آهيون. ڪاليج اندر سائين زبير مڱريو، پروفيسر نعيم صادق، ذالفقار پنهور ۽ ٻين دوستن سان ڀرپور علمي بحث مباحثو ٿيو. ان ڳالهه تي متفق ٿياسين ته اسان سڀني کي پنهنجي صلاحيتن ۽ وسيلن آهر تعليمي ترقيءَ لاءِ جاکوڙڻ گھرجي. دوستو مان ان سڄي ڊيگھه مان چوڻ اهو ٿو چاهيان ته هنوقت ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان، جلدي بستري حوالي ٿيڻ ٿو چاهيان ته جيئن ڪالهه کان ڏينهن رات وٺ وٺان مان پيدا ٿيل چور چور جسم کي ڪجھه فرحت ملي سگھي. وري ملنداسين ڪجھه نون ڳالهين، واقعن ۽ تبصرن سان گڏ...موڪلاڻي ناهي. سدائين گڏ...







Thursday, November 17, 2011

پاڻيءَ مٿي جھوپڙا مورک اڃ مرن

 


اسين ايڪويهن صديءَ ۾ رهون ٿا جيڪا ڊسڪوريءَ جي صدي آهي، جنهن ۾ انسانذات جيڪا ترقي ڪئي آهي ان جو اڳ مثال به نه ٿو ملي. اڄ سيٽلائٽ جي سهولت جي ڪري انفارميشن جو هڪ نه کٽندڙ طوفان آهي جيڪو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ واقعن ۽ لقائن کي هڪ لحظي اندر پوري دنيا ۾ ڦهلائي ٿو ڇڏي. انٽر نيٽ ذريعي سڄي دنيا جا ماڻهون هڪ ٻئي سان تمام آسانيءَ ۽ سستائي سان رابطو ڪري رهيا آهن ته ان ذريعي ڪروڙين قيمتي دستاويز، تعليمي، ثقافتي، تاريخي، تهذيبي، فنون لطيف سان واسطو رکندڙ لکين فائيل هڪ ٻئي سان ونڊي رهيا آهن. هاڻي ڄاڻ تي ڪنهن جي به هڪ هٽي ناهي رهي. انٽرنيٽ ذريعي ماڻهون رابطن جو جهان جوڙي لکن جا اجتماع ڪري رهيا آهن. دنيا جي ملڪن سمنڊ جي پاڻيءَ کي صاف ڪري پيئڻ جي لائق بڻائي ڇڏيو آهي. روڊ، ريل، جهاز ۽ پاڻيءَ جي ٻيڙن ذريعي سفر جا بي شمار فرحت ڏيندڙ وسيلا جوڙيا ويا آهن.


ٻئي پاسي اسين آهيون جيڪي هن ايڪويهين صديءَ ۾ به انسان جي لاءِ جيڪي انتهائي ضروري شيون آهن انهن کان بلڪل محروم آهيون. مثال طور سکر شهر جي رهواسين کي اڳوڻي دؤر جي بادشاهه سائين ناصر شاهه جي دؤر ۾ ميونسپل وارن پاران جيڪو پاڻي ملندو هيو اهو ڪنهن به صورت ۾ پاڻي چورائڻ جي لائق نه هيو. سکر جي ساڃهوند ماڻهن ارباب اختيار اڳيان ڪيئي دفعه کليل ڪچهرين ۾ اها ڳالهه برملا چئي هئي ته خدا جي واسطي شهر واسين کي اهو انساني غلاظت سان ڀرپور پاڻي نه پياريو پر ڪجھ به نه وريو. سنڌ جي ماڻهون کانئن بلڪل مايوس ٿي ويا هيا ۽ انهن سوچيو هيو ته بادشاهه ناصر حسين سندن اهو آواز اصلي ڪونه ورنائيندو ان ڪري انهن سائين خورشيد احمد شاهه اينڊ ڪو کي عوامي اڳواڻ سمجھي ووٽ ڪيو ۽ کانئس اها اميد رکي هئائون ته سائين جن جڏهن وزير نه هيا ته پاڻ ريجنٽ جهڙي علائقي ۾ رهندا هيا ۽ کين ماڻهن جي مسئلن جي خبر هوندي ۽ اهو ايندي ئي سندن گھٽ ۾ گھٽ صاف پيئڻ جي پاڻي وارو پراڻو مسئلو ضرور حل ڪندا. سائينجن جڏهن کان وزير ٿيا آهن سکر جي حالت ۾ ذري برابر سڌارو اچي نه سگھيو آهي. روڊ ساڳي نموني اڊڙيل آهن، تعليم تباهه آهي، شهر ۾ آلودگي حد کان وڌي ويئي آهي ۽ پيئڻ لاءِ اهو ساڳيو انساني مُٽ گاڏڙ پاڻي مهيا ڪيو پيو وڃي. هاڻي ته حد اتي وڃي بيٺي آهي ته اهو پاڻي به پنجن ڏينهن کان بند آهي. مون سميت اسان جي پنجن ڪليگس پنهنجا ٻار ڳوٺ موڪلي ڇڏيا آهن جو ايترو پاڻي به گھر ۾ موجود ڪونهي ته ننڍي ٻارن جي گندگيءَ کي صاف ڪري سگھجي. سکر دريا جي ڪناري تي جڙيل آهي، جنهن ۾ بئراج لڳل آهي ۽ ان بئراجي علائقي ۾ ٻاروهي پاڻي جو تمام وڏو ذخيرو جمع ٿيل هوندو آهي. پر ان هوندي ماڻهون هڪ هڪ بوند جي حاصلات لاءِ پاڻي جا ڏونگا کنيو در در ڀٽڪندا پيا وڃن. هاڻي ماڻهون اهو چوڻ لاءِ مجبور ٿي پيا آهن ته جيڪڏهن پنهنجي دؤر ۾ سائين ناصر حسين شاهه بادشاهه هيو ته اڄوڪي دؤر ۾ وري سائين خورشيد احمد شاهه صاحب جن شهنشاهه آهن.


گھڻي ڊيگھ کان پاسي ٿيندي بس ايترو لکندس ته بقول لطيف سائين جي ته؛


پاڻيءَ مٿي جھوپڙا مورک اڃ مرن. 


 

 

پاڻيءَ مٿي جھوپڙا مورک اڃ مرن....

Thursday, October 27, 2011

سکر بورڊ جي چيئرمين سيد غلام مجتبى شاهه صاحب کي مبارڪباد.

اها ڳالهه سيد غلام مجتبى شاهه صاحب کي ثابت ڪرڻي پوندي ته واقعي سندس مقرري سٺو عمل آهي. جيئين ته سائين جن ڪاليجي استادن جي تنظيم سپلا ۾ به ڪم ڪري چڪا آهن ۽ سندن انوقت استادن جي حقن لاءِ سٺي ڪنٽريبيوشن هئي پر هاڻي اهي سپلا جا نمائندا ناهن هڪ اهم اداري جا سربراهه آهن جتي کيس يارن کي راضي رکڻ بجاءِ سنڌ جي ٻورڊن اندر انتها تي پهتل بدديانتين تي ڌيان ڏيڻو پوندو. سنڌ کي بچائڻو آهي ته سنڌ جي تعليم کي بچايڻو پوندو. جيڪي ادارا اهو خير جو ڪم سرانجام ڏيئي سگھڻ جي قابل آهن انهن ۾ اسان جا اهي انٽرميڊيئيٽ ۽ سيڪنڊري بورڊ وڏي، اهم، سگھاري جاءِ والارين ٿا. پر افسوس ته ماضيءَ ۾ ڪنهن به سرڪاري بورڊ ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو. ڪاپي ڪلچر، پئسن تي پوزيشنون ڏيڻ، بورڊ جي ملازمن جي ٻارن جون پوزيشنس اچڻ، تمام دير سان رزلٽن جو اچڻ، امتحان جو انتهائي ناقص طريقه ڪار، اسيسمنٽ نالي ۾ عظيم مشڪري، شاگردن ۽ شاگردياڻين جو بورڊن جي درن تي سرٽفيڪيٽس حاصل ڪرڻ لاءِ ڌڪا کائڻ، بورڊ جي ملازمن هٿان سندن بي عزتيون ڪجھ ڪارستانيون آهن جيڪي اسان جي بورڊن ڪرتا ڌرتائن جو شيوو رهيا آهن. سپلا سائين جن کي مبارڪباد ڏني آهي ان جو جواب سائين جن کي بورڊ اندر مثبت تبديلين سان آڻڻ گھرجي. جي سائيجن اهو سڀ ڪجھ ڪيو ته مان کيس يقين سان چوان ٿو ته تاريخ ٿي سگھي ٿو ته سندس ڀاءُ وفاقي وزير خورشيد احمد شاهه کي ته وساري ڇڏي کيس ضرور ياد رکندي، ٻي صورت ۾ سائين جن به هڪ روائتي طاقتور وزير جا ڪاموري ڀاءُ جي حيثيت سان سڃاتا ويندا. سڀ ڪجھ سندس هٿ ۾ آهي.

Wednesday, October 26, 2011

سنڌ جي تعليمي ترقيءَ جا خواهشمند ضرور پڙهن



خيبر پختون خواهه ۾طالبان جو زور آهي جيڪي سڀ کان وڌيڪ تعليم دشمن آهن. کين خاص ڪري ڇوڪرين جي تعليم ته سراسر ڪفر لڳندي آهي، ان ڪري ڳولهي ڳولهي ڇوڪرين جي اسڪولن جون اڪثر عمارتون ڊاهي پٽ  ڪري ڇڏيون اٿن. ڊان جي 26 آڪٽوبر 2011 جي شماري ۾ هڪ رپورٽ خبر ٿي آهي ته هڪ نوجوان ڇوڪري پنهنجي مڱينديءَ کي اسڪول وڃڻ کان روڪيو پر ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي مهناز سندس اهڙي ڳالهه کي نظر انداز ڪندي اربع ڏينهن اسڪول وڃي رهي هئي ته سندس ان مڱيندي اسڪول ويندڙ رستي تي کيس قتل ڪري ڇڏيو.


سنڌ اندر اهڙي ڪابه صورتحال ناهي. ٻهراڙي جا ڪجھ ماڻهون يا نوجوان بي سمجھيءَ ڪري کڻي ڇوڪرين جي تعليم کي سٺو نه سمجھندا هجن پر اهي ان انتها تائين وڃڻ جو سوچي به نه ٿا سگھن. سنڌ اندر ڪوبه اسڪول ان ڪري ڪڏهن به ڊاٿو ناهي ويو ته اهو ڇوڪرين جو آهي. سنڌ جو اڪثريتي عوام پنهنجي سمورن ٻارڙن بشمول نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جو دلي خواهش مند آهي. ان سوچ جو مظهر اهي سرڪاري اسڪولي عمارتون آهن جيڪي ڳوٺاڻن وڏين سفارشن ۽ رشوتن عيوض پنهنجن ڳوٺن ۾ جوڙايون آهن ته اتي سندن ٻار علم جي اڃ اجھائيندا. هت سوال هي آهي ته ان سڀ هوندي به سنڌ جي تعليم خيبر پختون خواهه جي معيار کان تمام گھڻي پوئتي پيل آهي. ان جو هڪ ننڍڙو ۽ واضع ثبوت ملڪ کي هلائيندڙ ڪامورن جي چونڊ يعني سي ايس ايس جي امتحان ۾ پاس ٿيندڙ  اميدوارن جا انگ اکر آهن،  جنهن مطابق سنڌ جو نمبر پنجاب، خيبر پختون خواهه کان پوءِ ٿو اچي.


اها حالت انتهائي تشويشناڪ ته آهي پر ان جو ڪارڻ ڳولهڻ ڪو ايڏو ڏکيو ناهي جيڪو اسان کي اچرج ۾ وجھي ڇڏي. جيئن ٻيا سرڪاري محڪما شديد بدعنواني جو شڪار آهن،  ساڳيو حال تعليم کاتي جو به آهي. ڪنهن به محڪمي ۾ سواءِ رشوت جي ڪم ٿئي اهو ممڪن ئي ناهي. سرڪاري ملازم پنهنجي نوڪريءَ کان سواءِ هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن. اهو ساڳيو حشر تعليم کاتي سان به آهي. جتي ملازمن جي ڀرتيءَ کان وٺي سندن پوسٽنگ تائين سياسي مداخلت ڪنهن کان لڪل ناهي. ووٽرن کي راضي ڪرڻ ۾ ٻه محڪمه پنهنجو مٽ پاڻ آهن، پهريون تعليم کاتو ۽ ٻيو صحت کاتو. اسان جا اڪثر سياستدان پنهنجي سياسي دڪانداري کي چمڪائڻ لاءِ تعيلم ۽ صحت کاتن سان روز روز زبردستي زنا وارو عمل ورجائيند رهيا آهن.   آغا خان يونيورسٽي_ انسٽيٽوٽ فار ايجوڪيشنل ڊويلپمنٽ ۾ ايم ايڊ ۾ ٿيسز لاءِ   مان مواد گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ مون ڪيترن ئي گورنمنٽ ڊگري ڪاليج جي پرنسپلس جا انٽرويوڪيا هيا. هڪ عورت پرنسپل پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو هيو ته سندس ڪاليج ۾ سڀ کان وڏو درد سر اهي ننڍا ملازم آهن جيڪي تازوئي سياسي بنيادن تي ڀرتي ٿي آيا آهن. اهي ڪم ته پنهنجي ايم اين اي جي گھر ۾ ڪندا آهن بس مسٽررول تي حاضري ڀرائڻ لاءِ سندن ڪاليج اندر اچڻ ٿيندو آهي. انهن کي جڏهن ڪاليج جي ڪم ڪار لاءِ چوندا آهيون ته ويتر اهي اسان تي اکيون ڦوٽاريندا آهن. ان کان سواءِ جيڪي انتظامي شعبا آهن انهن تي اهي ماڻهون مقرر ٿيل آهن جيڪي به اسان جي عقل کان وانجھيل سياستدانن جا دادلا ۽ مٽيون ڀريندڙ آهن. اتر سنڌ جي قبائلي علائقي مان مون سان گڏ ايم ايڊ ڪندڙ منهنجي سدا بهار دوست هڪ اهڙي ڳالهه ٻڌائي هئي جيڪا زندگي ڀر مون کان وسري نه سگھندي. ان ٻڌايو هيو ته سندس تر جي هڪ استاد سندس علائقي مان آنڱوٺي ڇاپ وڏيري جي پيرن تي ڪري ايلاز پئي ڪيا ته “خدا جي واسطي مون کي هڪ دفعو تعليم کاتي جو ايِ ڊي او بڻايو پوءِ پادر هڻي مون کان ڪم وٺجو”. هاڻي جڏهن اهڙا جتيون چٽيندڙ تعليم کاتي جا ڪامورار مقرر ٿيندا ته اهو کاتو ڪهڙيءَ طرح سڌري سگھي ٿو. هن وقت تعليم کاتو انڪم ٽيڪس کان به وڌ ڪمائي وارو کاتو بڻجي پيو آهي. بدلي هجي يا پوسٽنگ، داخلا هجي يا ڪو ٻيو ڪم بنا رشوت جي ڪلارڪ ڪڙو هڪ ڪرسي کان اٿي ٻي ته به ويهڻ گوارا نه ڪندؤ. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ هيڊ ٽيچر، پرنسپل، ۽ وائيس چانسلر به جڏهن پنهنجي پنهنجي سيٽ جي مناسبت سان ڏوڪڙ ڏيئي اها ڪرسي والاريندا ته انهن جي ايجنڊا تي تعيلم جي سڌاري ۽ واڌاري کان سواءِ باقي سمورا مال ميڙڻ جا اسم زير غور ضرور ايندا.


ڳالهه اتي ئي ختم ٿئي ها ته به خير هو،  پر اسان جي تعليمي ادارن ۾ پرائمري کان وٺي يونيورسٽي ليول تائين جيڪي استادن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ جوڙيل تنظيمون جهڙوڪر “پ ٽ الف”، “گسٽا” “سپلا” آهن انهن جي ايجنڊا تي به تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري جو ڪو پروگرام ناهي. اهي استادن جي پگھارن، پوسٽنگس، ۽ ٻين سهولتن جي حاصلات لاءِ ته مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن پر انهن مان ڪنهن به ڀلجي ڪڏهن تعليم جي سڌاري، اسڪولن جي تالا بندي يا انهن کي گودام طور استعمال ڪرڻ، ان جي معيار کي بلند ڪرڻ، استادن جي غير حاضري ۽ پنهنجي ڪم کان ڪن لاٽار متعلق ڪو جلوس، ڪا بک هڙتال نه ڪئي آهي. اهي استادن جي حقن جي ڳالهه ته ڪندا آهن پر استادن کي ڀلجي ڪري به پنهنجي فرض طرف راغب ڪرڻ لاءِ ڪجھ به ناهن چوندا.



آخر ۾ سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر ڪجي ته ڇا ڪجي؟ جيڪي سنڌ سان سچا آهن، جيڪي سنڌ جي تعليم جي واڌاري جو دلي درد رکن ٿا،  جيڪي واقعي به هن مظلوم قوم جي زندگين ۾ حقيقي تبديليءَ جا خواهشمند آهن، انهن جو اندر جلي ڪوئلو ٿي ويو آهي. هت مان هي ڳالهه ڪنهن قومپرست سياسي پارٽي جي نه ٿو ڪريان جن جا ڪارڪن خود تعيلم جي تباهيءَ لاءِ اوترائي ذميوار آهن، جيترا حڪمراني ڪندڙ وزير، مشير ۽ ڪامورا آهن. هتي مان ڳالهه پنهنجي انهن دوستن جي ٿو ڪريان جيڪي واقعي به سنڌ جي تعليم کي دنيا جي سڌريل ملڪن جي سطح تي ڏسڻ جا خواهشمند آهن. مان تمام گھڻين ڪچهرين، بحثن مباحثن، عملي طور ريسرچ ڪرڻ ۽ ريسرچ مواد پڙهڻ بعد ان نتيجي تي پهتو آهيان ته جيڪي ڪجھ ڪرڻو پوندو سو اوهان ۽ مونکي ڪرڻو پوندو. نه ته حڪمران ڌر جا وڏيرا سياستدان، نه قومپرست انا پرست، نه استادن جي تنظيمن ۾ ڪم ڪندڙ مفاد پرست، نه ئي اندر ڪارا ڪامورا ڪجھ ڪري سگھندا، جيڪي ڪجھ ڪرڻو آهي.....مان لفظ ورجايان ٿو مونکي ۽ اوهان کي گڏجي ڪرڻو آهي. ان سلسلي ۾ اهي ڳالهيون ذهن ۾ رکڻيون آهن ته پاڻ وٽ نه ته ڀرتي، نه پوسٽگ، نه ئي انفراسٽڪچر کي ٺيڪ ڪرڻ جو ڪو اختيار آهي.  پاڻ هٿين خالي آهيون، ڪي وڏا وسيلا به پاڻ وٽ موجود ناهن پر ان هوندي به جيڪي ڪجھ پاڻ ڪرڻ جي قابل آهيون اهو سڀ ڪجھ ٻين کان ڪونه ٿيندو. ان ڪري اسان کي پنهنجي پلاننگ پنهنجي کل اندر رهي ڪري ڪرڻي آهي. اها ڀلي انگ کرن سان سٿيل خوبصورت پاور پرزينٽيشن نه هجي، ڪو هلڪو مثبت خيال پنهنجي دماغ ۾ اچي، جيڪو پاڻ پنهنجي هنر، صلاحيت، عقل، فهم ۽ وسيلن سان سرانجام ڏئي سگھون ٿا اهو ڪرڻ گھرجي. سنڌ جي تبديلي ۽ ترقي جي پيڙهه وارو پٿر پاڻ اڄ ئي رکي سگھون ٿا. اوهان مان هرهڪ دوست سوچي ته هو ڪهڙي سٺي تعليم دوست ڪم ڪرڻ جي قابل آهي، اهو کيس اڄ ئي ڪرڻ گھرجي.


اوهانجي صلاحن، راين، تجويزن جو منتظر.


فقير امير گل ڪٽوهر


03337121187

Tuesday, October 25, 2011

خيبر پختون خواهه ۾طالبان جو زور آهي جيڪي سڀ کان وڌيڪ تعليم دشمن آهن. کين خاص ڪري ڇوڪرين جي تعليم ته سراسر ڪفر لڳندي آهي، ان ڪري ڳولهي ڳولهي ڇوڪرين جي اسڪولن جون اڪثر عمارتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون اٿن. ڊان جي 26 آڪٽوبر 2011 جي شماري ۾ هڪ رپورٽ خبر ٿي آهي ته هڪ نوجوان ڇوڪري پنهنجي مڱينديءَ کي اسڪول وڃڻ کان روڪيو پر ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي مهناز سندس اهڙي ڳالهه کي نظر انداز ڪندي اربع ڏينهن اسڪول وڃي رهي هئي ته سندس ان مڱيندي اسڪول ويندڙ رستي تي کيس قتل ڪري ڇڏيو.


سنڌ اندر اهڙي ڪابه صورتحال ناهي. ٻهراڙي جا ڪجھ ماڻهون يا نوجوان بي سمجھيءَ ڪري کڻي ڇوڪرين جي تعليم کي سٺو نه سمجھندا هجن پر اهي ان انتها تائين وڃڻ جو سوچي به نه ٿا سگھن. سنڌ اندر ڪوبه اسڪول ان ڪري ڪڏهن به ڊاٿو ناهي ويو ته اهو ڇوڪرين جو آهي. سنڌ جو اڪثريتي عوام پنهنجي سمورن ٻارڙن بشمول نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جو دلي خواهش مند آهي. ان سوچ جو مظهر اهي سرڪاري اسڪولي عمارتون آهن جيڪي ڳوٺاڻن وڏين سفارشن ۽ رشوتن عيوض پنهنجن ڳوٺن ۾ جوڙايون آهن ته اتي سندن ٻار علم جي اڃ اجھائيندا. هت سوال هي آهي ته ان سڀ هوندي به سنڌ جي تعليم خيبر پختون خواهه جي معيار کان تمام گھڻي پوئتي پيل آهي. ان جو هڪ ننڍڙو ۽ واضع ثبوت ملڪ کي هلائيندڙ ڪامورن جي چونڊ يعني سي ايس ايس جي امتحان ۾ پاس ٿيندڙ اميدوارن جا انگ اکر آهن، جنهن مطابق سنڌ جو نمبر پنجاب، خيبر پختون خواهه کان پوءِ ٿو اچي.


اها حالت انتهائي تشويشناڪ ته آهي پر ان جو ڪارڻ ڳولهڻ ڪو ايڏو ڏکيو ناهي جيڪو اسان کي اچرج ۾ وجھي ڇڏي. جيئن ٻيا سرڪاري محڪما شديد بدعنواني جو شڪار آهن، ساڳيو حال تعليم کاتي جو به آهي. ڪنهن به محڪمي ۾ سواءِ رشوت جي ڪم ٿئي اهو ممڪن ئي ناهي. سرڪاري ملازم پنهنجي نوڪريءَ کان سواءِ هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن. اهو ساڳيو حشر تعليم کاتي سان به آهي. جتي ملازمن جي ڀرتيءَ کان وٺي سندن پوسٽنگ تائين سياسي مداخلت ڪنهن کان لڪل ناهي. ووٽرن کي راضي ڪرڻ ۾ ٻه محڪمه پنهنجو مٽ پاڻ آهن، پهريون تعليم کاتو ۽ ٻيو صحت کاتو. اسان جا اڪثر سياستدان پنهنجي سياسي دڪانداري کي چمڪائڻ لاءِ تعيلم ۽ صحت کاتن سان روز روز زبردستي زنا وارو عمل ورجائيند رهيا آهن. آغا خان يونيورسٽي_ انسٽيٽوٽ فار ايجوڪيشنل ڊويلپمنٽ ۾ ايم ايڊ ۾ ٿيسز لاءِ مان مواد گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ مون ڪيترن ئي گورنمنٽ ڊگري ڪاليج جي پرنسپلس جا انٽرويوڪيا هيا. هڪ عورت پرنسپل پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو هيو ته سندس ڪاليج ۾ سڀ کان وڏو درد سر اهي ننڍا ملازم آهن جيڪي تازوئي سياسي بنيادن تي ڀرتي ٿي آيا آهن. اهي ڪم ته پنهنجي ايم اين اي جي گھر ۾ ڪندا آهن بس مسٽررول تي حاضري ڀرائڻ لاءِ سندن ڪاليج اندر اچڻ ٿيندو آهي. انهن کي جڏهن ڪاليج جي ڪم ڪار لاءِ چوندا آهيون ته ويتر اهي اسان تي اکيون ڦوٽاريندا آهن. ان کان سواءِ جيڪي انتظامي شعبا آهن انهن تي اهي ماڻهون مقرر ٿيل آهن جيڪي به اسان جي عقل کان وانجھيل سياستدانن جا دادلا ۽ مٽيون ڀريندڙ آهن. اتر سنڌ جي قبائلي علائقي مان مون سان گڏ ايم ايڊ ڪندڙ منهنجي سدا بهار دوست هڪ اهڙي ڳالهه ٻڌائي هئي جيڪا زندگي ڀر مون کان وسري نه سگھندي. ان ٻڌايو هيو ته سندس تر جي هڪ استاد سندس علائقي مان آنڱوٺي ڇاپ وڏيري جي پيرن تي ڪري ايلاز پئي ڪيا ته “خدا جي واسطي مون کي هڪ دفعو تعليم کاتي جو ايِ ڊي او بڻايو پوءِ پادر هڻي مون کان ڪم وٺجو”. هاڻي جڏهن اهڙا جتيون چٽيندڙ تعليم کاتي جا ڪامورار مقرر ٿيندا ته اهو کاتو ڪهڙيءَ طرح سڌري سگھي ٿو. هن وقت تعليم کاتو انڪم ٽيڪس کان به وڌ ڪمائي وارو کاتو بڻجي پيو آهي. بدلي هجي يا پوسٽنگ، داخلا هجي يا ڪو ٻيو ڪم بنا رشوت جي ڪلارڪ ڪڙو هڪ ڪرسي کان اٿي ٻي ته به ويهڻ گوارا نه ڪندؤ. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ هيڊ ٽيچر، پرنسپل، ۽ وائيس چانسلر به جڏهن پنهنجي پنهنجي سيٽ جي مناسبت سان ڏوڪڙ ڏيئي اها ڪرسي والاريندا ته انهن جي ايجنڊا تي تعيلم جي سڌاري ۽ واڌاري کان سواءِ باقي سمورا مال ميڙڻ جا اسم زير غور ضرور ايندا.


ڳالهه اتي ئي ختم ٿئي ها ته به خير هو، پر اسان جي تعليمي ادارن ۾ پرائمري کان وٺي يونيورسٽي ليول تائين جيڪي استادن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ جوڙيل تنظيمون جهڙوڪر “پ ٽ الف”، “گسٽا” “سپلا” آهن انهن جي ايجنڊا تي به تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري جو ڪو پروگرام ناهي. اهي استادن جي پگھارن، پوسٽنگس، ۽ ٻين سهولتن جي حاصلات لاءِ ته مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن پر انهن مان ڪنهن به ڀلجي ڪڏهن تعليم جي سڌاري، اسڪولن جي تالا بندي يا انهن کي گودام طور استعمال ڪرڻ، ان جي معيار کي بلند ڪرڻ، استادن جي غير حاضري ۽ پنهنجي ڪم کان ڪن لاٽار متعلق ڪو جلوس، ڪا بک هڙتال نه ڪئي آهي. اهي استادن جي حقن جي ڳالهه ته ڪندا آهن پر استادن کي ڀلجي ڪري به پنهنجي فرض طرف راغب ڪرڻ لاءِ ڪجھ به ناهن چوندا. آخر ۾ سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر ڪجي ته ڇا ڪجي؟ جيڪي سنڌ سان سچا آهن، جيڪي سنڌ جي تعليم جي واڌاري جو دلي درد رکن ٿا، جيڪي واقعي به هن مظلوم قوم جي زندگين ۾ حقيقي تبديليءَ جا خواهشمند آهن، انهن جو اندر جلي ڪوئلو ٿي ويو آهي. هت مان هي ڳالهه ڪنهن قومپرست سياسي پارٽي جي نه ٿو ڪريان جن جا ڪارڪن خود تعيلم جي تباهيءَ لاءِ اوترائي ذميوار آهن، جيترا حڪمراني ڪندڙ وزير، مشير ۽ ڪامورا آهن. هتي مان ڳالهه پنهنجي انهن دوستن جي ٿو ڪريان جيڪي واقعي به سنڌ جي تعليم کي دنيا جي سڌريل ملڪن جي سطح تي ڏسڻ جا خواهشمند آهن. مان تمام گھڻين ڪچهرين، بحثن مباحثن، عملي طور ريسرچ ڪرڻ ۽ ريسرچ مواد پڙهڻ بعد ان نتيجي تي پهتو آهيان ته جيڪي ڪجھ ڪرڻو پوندو سو اوهان ۽ مونکي ڪرڻو پوندو. نه ته حڪمران ڌر جا وڏيرا سياستدان، نه قومپرست انا پرست، نه استادن جي تنظيمن ۾ ڪم ڪندڙ مفاد پرست، نه ئي اندر ڪارا ڪامورا ڪجھ ڪري سگھندا، جيڪي ڪجھ ڪرڻو آهي.....مان لفظ ورجايان ٿو مونکي ۽ اوهان کي گڏجي ڪرڻو آهي. ان سلسلي ۾ اهي ڳالهيون ذهن ۾ رکڻيون آهن ته پاڻ وٽ نه ته ڀرتي، نه پوسٽگ، نه ئي انفراسٽڪچر کي ٺيڪ ڪرڻ جو ڪو اختيار آهي. پاڻ هٿين خالي آهيون، ڪي وڏا وسيلا به پاڻ وٽ موجود ناهن پر ان هوندي به جيڪي ڪجھ پاڻ ڪرڻ جي قابل آهيون اهو سڀ ڪجھ ٻين کان ڪونه ٿيندو. ان ڪري اسان کي پنهنجي پلاننگ پنهنجي کل اندر رهي ڪري ڪرڻي آهي. اها ڀلي انگ کرن سان سٿيل خوبصورت پاور پرزينٽيشن نه هجي، ڪو هلڪو مثبت خيال پنهنجي دماغ ۾ اچي، جيڪو پاڻ پنهنجي هنر، صلاحيت، عقل، فهم ۽ وسيلن سان سرانجام ڏئي سگھون ٿا اهو ڪرڻ گھرجي. سنڌ جي تبديلي ۽ ترقي جي پيڙهه وارو پٿر پاڻ اڄ ئي رکي سگھون ٿا. اوهان مان هرهڪ دوست سوچي ته هو ڪهڙي سٺي تعليم دوست ڪم ڪرڻ جي قابل آهي، اهو کيس اڄ ئي ڪرڻ گھرجي. اوهانجي صلاحن، راين، تجويزن جو منتظر. فقير امير گل ڪٽوهر 03337121187

Monday, October 24, 2011

لب مهراڻ تي رهاڻ... 24 آڪٽوبر 2011


اڄ الائي ڇو هرطرف اداسي ئي اداسي هئي، ڪنهن شيءِ يا وندر سان دل نه پئي لڳي، جڏهن دل جي وندر لاءِ پياري دوست سائين عزيز جويي کي ايس ايم ايس ڪيم ته سندس به حالت ساڳي هئي. شايد محترمه نصرت ڀٽو جي مرتئي جو اثر فضا ۾ ڇانيل هيو. اهڙي ذهني حالت مان نڪرڻ لاءِ سنڌوءَ ڪناري جڙيل لبِ مهراڻ جو رخ ڪيم. سڀ کان پهرين موبائيل جي ڪيمرا ۾ سنڌوءَ جي سونهن کي قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم


.



اتي مٽرگشت پئي ڪيم ته اوچتو سائين زبير مڱرئي تي نظر پئي جيڪو پنهنجي مخصوص دلبرانه انداز ۾ ڪنن ۾ موبائيل جي مائيڪروفون وڌيون پئي گھميو. سائين پارڪ جي ڪنڊ ۾ پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيل بئنچ وٽ وٺي هليو پر ان تي ڪو ٻيو ستو پيو هيو ۽ آس پاس ۾ به ڪا بئنچ واندي ڪانه هئي. مختلف بئنچن تي جوڙا راز ونياز ڪرڻ ۾ مصروف هيا. سائين چيو ته هلون ٿا هوٽل تي اتي چاءِ به ٿا پيئون ته ڪچهري به ٿا ڪريون. هوٽل تي نوجوان انگريزيءَ جو پروفيسر مسٽر ذالفقار پنهور ، تازو ئي سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪندڙ نوجوان مسٽر افضل شر ۽ سندس دوست ڪليم الله ميمڻ ويٺا هيا.


اسان جي اڄوڪي ڏينهن واري ڪچهري کڻي هئي ته اڻ رٿيل، اوچتي پر ان ۾ دوستن جيڪي ڳالهيون ڪيون اهي سانڍڻ جهڙيون هيون. مسٽر افضل شر شڪايت ڪئي ته اسان واري سي ايس ايس واري گروپ ۾ ڪامياب اميدوارن ۾ ٽيون نمبر هيو. سڀ کان ٽاپ تي پنجاب، ٻئي نمبر تي خيبر پختونخواهه ۽ ٽئين نمبر تي سنڌ هئي. سائين ذالفقار پنهور تازا انگ اکر ٻڌائيندي انڪشاف ڪيو ته گذريل گروپ ۾ ته سنڌ مان پاس ٿيندڙ اميدوارن جو انگ تهان گھٽ ٿيو آهي.  ان جي سببن تي سڀني يارن پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ٽيڪا ٽپڻي ڪئي. پنهور صاحب جو چوڻ هيو ته سنڌ جي تعيلم ڪيئن سڌري جڏهن سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن ۾ استاد ڪڪڙ به ساڻ کنيو ٿا اچن ۽ ان کي ميز تي رکي ٻارڙن کي پڙهائين ٿا. اهي پاڻ ته حقي ۾ پاڻي جهڙي چاءِ پيئندا آهن پر پنهنجن ڪڪڙن کي بادام ۽ پستا کارائيندا آهن.  هاڻي اهڙن استادن وٽان پڙهيل ٻار به ڪوڪڙي (ڪڪڙن ڌارڻوارا) ئي ٿيندا. سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته جڏهن شاگردن کي پرائمري، سيڪنڊري ۽ هائيرسيڪنڊري ليول تي صحيح تعليم نه ملندي ته کين ڪاليج جا استاد ڪيئن پڙهائي سگھندا، يا سندن مؤثر سکيا ڪري سگھندا. مان سندس ڳالهين سان متفق ٿيندي اهو واڌارو ڪيم ته تعليم ۾ سڌارا تڏهن مؤثر رهندا جڏهن اهي ڪنهن اڪيلي اسڪول يا ليول تي آڻڻ بدران پوري تعليمي نظام جو حصو نه ٿا بڻجن. مون وڌيڪ اهو به واڌارو ڪيو ته جيڪڏهن هڪ سٺو استاد ڪوشش ڪري چڱي نموني ڪلاس کي تعليم ڏيندو ته ان سان ان ڪلاس جي سکيا جو عمل مؤثر ٿيندو پر جڏهن هڪ هيڊ ٽيچر يا پرنسپل ڪوشش ڪندو ته پوري ادار کي فائدو پوندو. ان ڪري اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي سطح تي اڳواڻي واري تصور کي اڳيان رکي سڌارا آڻڻا پوندا.


تعليم کان پوءِ ڪچهريءَ جو رخ سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي امتحانن جي طريقي ڪار طرف هليو ويو. ذالفقار پنهور جيڪو تازوئي پي سي ايس جي امتحان ۾ قسمت آزمائي چڪو هيو ان مسٽر ڪيلم الله ميمڻ کي ڪجھ مذيدار ٽپس ٻڌايا. هت مون کي اهو ٻڌائڻ وسري ويو هيو ته مسٽر ڪليم الله پڻ پي سي ايس جو لکت وارو امتحان پاس ڪري چڪو آهي ۽ ڪجھ ئي ڏينهن ۾ کيس زباني امتحاني مرحلن مان گذرڻو آهي. پنهور صاحب کيس پهرين جيڪا صلاح ڏني ته هو پهرين فرصت ۾ قصص الانبياءِ کي پڙهي ان ۾ قصن کي ياد ڪري. مون پهريون اهو سمجھيو ته هو ڀوڳ پيو ڪري پر سندس چهري تي ڇانيل سنجيدگيءَ کي ڏسي مان سمجھي ويس ته هو کيس اهو صلاح سچ پچ ۾ ڏئي رهيو آهي. سندس چوڻ هيو ته بورڊ جي ميمبرن جو گھڻو تڻو زور ميمري چڪاس ڪرڻ تي آهي. مثال طور هو اهو پڇي سگھن ٿا ته حجاج بن يوسف کي گھڻيون گھرواريون هيون ۽ انهن مان سندس پنجين گھرواري جو نالو ڇا هيو! سندس چوڻ هيو ته بورڊ وارن کانئس سوال ڪيو ته پراڻي سکر ۾ جيئي شاهه جو اصلي نالو ڇا آهي؟ جڏهن مون کين ٻڌايو ته ان جو اصلي نالو خيرالدين شاهه راشدي آهي ته سندن اصرار هيو ته نه تون غلط آهين ان جو اصلي نالو صدرالدين شاهه آهي. هاڻي اسان جي اعلى امتحاني سرشتي جو حال اهو آهي ته اهي اميدوار جي سوچڻ، سمجھڻ، شين کي پرکڻ، پنهنجي ڳالهه کي منطقي طور تي پيش ڪرڻ جي صلاحيتن جي پرک بدران اهو ٿا ڏسڻ ته انهن کي ڪيتريون تاريخون، جڳهيون، نالا، سن ياد آهن. ان مان اسان اهو اندازو بخوبي لڳائي سگھون ٿا ته اهڙن امتحانن ۾ صرف اهي پاس ٿي سگھن ٿا جيڪي طوطي وانگر رٽو هڻي اچن.


ڪچهريءَ مان اٿڻ تي ته ڪنهن جو روح نه پئي ٿيو پر هاڻي سج به دريا جي اولهندي پاسي وڃي ٽٻي هنئي هئي ۽ هرڪنهن کي ڪي ڪم ڪار به هوندا سو وري ملڻ جي اميد سان اها رهاڻ پوري ٿي. سائين زبير کي پنهنجي تنهائيءَ ۾ پنهنجي دل جي دنيا کي آباد ڪرڻ لاءِ اتي ئي ڇڏي اسان سڀ پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽي آياسين.


نوٽ؛ مان هي ٻه اکر سائين ظهور احمد سولنگي صاحب جي نانو ٿو ڪريان جنهن مون کي هي ٻه اکر لکڻ لاءِ همٿايو هيو.