Thursday, October 30, 2014

ّخوشبوءَ ڀريل خط



30 آڪٽوبر 2014 
 01.10pmسکر
اسلام عليڪم حق موجود سدا موجود
محترم سائين هي دؤر انفرميشن ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيءَ جو آهي جنهن ۾ ڪٿان به، ڪڏهن به، ڪوبه، ڪنهن سان به،  بنا دير جي موبائيل فون رستي يا انٽرنيٽ جي سهولت رستي رابطو ڪري سگھي ٿو. جيئن ته هاڻي موبائيل رکڻ هر ڪنهن جي ضرورت بڻيل آهي، ڪچي عمر جي ٻارڙن کان وٺي نوانوي سالن جي پوڙهن/پوڙهين وٽ به گھڻو تڻو اها سهولت موجود آهي.
 پر ان ساڳي ئي  دؤر ۾ جڏهن رابطن لاءِ ايڏيون مؤثر سهولتون موجود آهن، مون کي هي افلاطوني خيال دل ۾ آيو آهي ته ڪن پيارن ڏانهن خط لکي ساڻن حال احوالي ٿيان، کين اندر جون ڳالهيون سڻائي پنهنجي دل جو غبار صاف ڪيان ۽ سندن من ۾ آيل انيڪ خيالن ۽ خوابن کي جوابي خطن  جي صورت ۾ پڙهي انهن جي خوشبوءَ سان پنهنجي تن من کي مهڪايان.
منهنجو خيال آهي ته جڏهن اسين فون رستي هڪ ٻئي سان حالي احوالي ٿيون ٿا ته اهي ڳالهيون ڪٿ به رڪارڊ ڪونه ٿيون ٿين. لکن ۽ ڪروڙن جا خيال به وسيع دنيا جي پولارن ۾ گم ٿيو وڃن پر خطن جي صورت ۾ لکيل خيال وري به ڊاڪيومنٽ جي شڪل ۾ ڪنهن نه ڪنهن وٽ محفوظ رهڻ جا امڪان هوندا آهن. ماضيءَ ۾ مختلف عالم انسان پاران هڪ ٻئي سان خط و ڪتابت تي ٻڌل لازوال ۽ شاندار تاريخ ڪتابن جي صورت ۾  موجود آهي. ان ڪري مان چاهيان ٿو ته ان ختم ٿي ويل شاندار روايت کي وري جياريان، هڪ دفعو وري مان اوهان جهڙن دلوارن جي خطن جو انتظار ڪريان، خط ملن ته انهن کي اکين تي رکي چميون ڏئي کوليان ۽ انهن خيالن جي خوشبوءَ وسيلي پوري جڳ کي مهڪايان.
ڀلا هن حقيقت کان ڪير انڪاري ٿيندو ته هر نئين شيءِ سٺي ناهي ٿيندي ۽ هر پراڻي شيءِ خراب ناهي هوندي. مان سمجھان ٿو ته ماضيءَ جو قصو بڻجي ويل خطن جو سلسلو خراب ناهي، اهو هڪ شاندار ڪم آهي ۽ اهو جاري رهڻ گھرجي، نئين جدت سان، نئين طريقي سان ۽ نئين نموني سان پر اهڙين روايتن کي دفن ٿيڻ کان بچائجي.
هونئن ته مان ڳالهين مان ڳالهوڙو ٺاهڻ جو ته ماهر آهيان پر اڄ الائي ڇو سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته ڇا لکان؟
ڇوته جڏهن ماڻهون وٽ لکڻ لاءِ تمام گھڻو مواد هوندو آهي ته سندس لاءِ لکڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. پاڻ جنهن دؤر ۾ رهون ٿا ان دؤر جي تقاضائن کي نظر ۾ رکي جڏهن پنهنجي قوم، مظلوم مارو ماڻهن جي حالت زار تي نظر ٿي پوي ته اکر به روئي ٿا ويهن ۽ شاعري نوحا خواني بڻجي ٿي وڃي. سنڌ جي سياست ۾ يزيدي ڪلچر اسان لاءِ ٻاروهي ئي حشر جو ڏينهن برپا ڪري رکڻ جا سمورا امڪان پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ڪجھ ماڻهون جيڪي دهليءَ جا ٺڳ آهن جيڪي پنهنجو پاڻ کي مهاجر/پناهه گير سڏائڻ تي فخر ٿا محسوس ڪن ۽ مهاجر کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ کي رسول خدا جي شان ۾ گستاخي ٿا سمجھن ۽ اهي ساڳيا جڏهن منهنجي امڙ سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ جي گار ٿا ڏين پر اهڙي ڪريل حرڪت تي کين ڪوبه شرم نه ٿو اچي،  شايد انڪري ته اهي اهڙي ڪنهن جوهر کان ڪوهين پري آهن، پر مون کي افسوس ٿو ٿئي نام نهاد سنڌ جي عوامي حڪمرانن تي جيڪي پنهنجي ماءُ (ڌرتي ماتا) کي لکنوءَ جي بازار حسن مان سکيا ورتل کدڙا ڪلچر جي نمائندن پاران ڏنل گار کي به اکين تي رکي چميون پيا ڏين؟؟؟!!! اهي اقتداري ڀنگ پي اڙٻنگ ٿي نشي واري صورت ۾ پنهنجي واپاري اڳواڻن ڏانهن نهارين ٿا ته اهو ڪو فرمان جاري ڪري ته هو ان کي اڳتي وڌائين وٽن ذاتي طور تي ڪوبه خيال نه ٿو سجھي ۽ لڳي ٿو ته اهي دل ۽ دماغ رکڻ واري مخلوق ناهن پر ڪي روبوٽ آهن جن کي ڪو ماسٽر مائنڊ (جيڪو پاڻ به لطيف جذبات کان عاري آهي جيڪو سنڌ جي وحدت ۽ وجود جو پڻ انڪاري آهي) ڪمانڊ ڏئي پيو هلائي.
هن ساڳي انفرميشن ڪميونيڪشن واري دؤر ۾ دنيا اندر اسان جو شمار واحد (شايد) قوم ۾ آهي جيڪا پنهنجي تعليمي نظام کي تباه و برباد ڪري خوشيءَ وچان هنڀوڇيون پئي هڻي.  ماستر صحافي يا اين جي اوز جا ڪارندا ٿي پيا آهن، صحافي بليڪ ميلر بڻجي ويا آهن، ڪامورا يزيدي ڪردار پيا ادا ڪن، وڏيرا، پير، مير، ملان مولوي ۽ سياستدان فرعون بڻجي پيا آهن انهن کي قارون جو خزانو گھرجي ته اهي پنهنجا ذاتي گھر ڀرين، تعليم واري هٿيار کي استعمال ڪندي ترقي ڪرڻ جا سمورا دڳ هنن اندر ۾ ابليس ماڻهن بند ڪري رکيا آهن.
 سنڌ ڌرتي صوفين جي سرزمين رهي آهي، اهي صوفي ڪي عام انسان نه هيا، وڏا عالم هوندا هيا، جت زماني جي عالمن ۽ فاضلن جو علم کٽندو هيو ته انهن صوفين جي خيالن جي اڏام اتان شروع ٿيندي هئي. انهن صوفين جي صداحيات فلسفن جي آڌرا سنڌ جيئندي رهي آهي، اڳتي وڌندي رهي آهي. اڄ ان صوفين جي ديس ۾ جڏهن سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ مدرسا گنڀين وانگي ڦٽي نڪرڻ شروع ٿيا آهن ته اسهپ وڌي ويئي آهي، فرقيواريت جو زهر نسل جي رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳو آهي، جاهلن جا لشڪر شهرن ۽ ڳوٺن ۾ نڪري نروار ٿيا آهن، جن جي هٿن ۾ ڏنڊا آهن جن جي وات ۾ ڪنڊا آهن، جن جي ذهنن ۾ نفرت جو بارود رکيو ويو آهي، کين ڪجھ سمجھ ۾ نه ٿو اچي، ستر حورن ۽ شرابن تهورا جي لالچ ۾ هو ڪنهن به انسان يا مذهب جي تذليل ڪري سگھن ٿا، ڪنهن تي به توهين رسالت جو الزام ڌري کيس سرعام ماري هيرو جو درجو ماڻي سگھن ٿا.  
اڄوڪي منهنجي سنڌ جيڪا قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، جنهن ۾ پئٽرول، گئس، ڪوئلي جا املهه خزانا موجود آهن پر ان هوندي به سنڌ جا ماڻهون پاڪستان جي سڀني صوبن کان وڌيڪ غريب آهن، اسان جا نوجوان بي روزگار آهن، ڳوٺ برباد ته شهر اجڙيل آهن. هر چوڪ تي سوين پنندڙ ماڻهون هٿ ڊگھيريون هر ايندڙ ويندڙ کي ايلاز ڪندي نظر ٿا اچن.
سو مون اڳ ئي چيو پئي ته جڏهن لکڻ لاءِ اوهان جو اندر صفا ڦاٽندو هجي ته ماڻهون لکي گھٽ سگھندو آهي. مان به انهن مان هڪ آهيان. جيڪڏهن اوهان منهنجي هن خط جو جواب موڪليو ته پاڻ اها ڪچهري تهان وڌائي سگھون ٿا.
اڄوڪي ڳالهه ٻولهه کي اتي ئي بريڪ ٿا هڻو. شل سنڌ سلامت رهي، خوشحال رهي ان خوشحال سنڌ ۾ اوهان جهڙا انمول انسان گھمندا ڦرندا رهن، محبت جي مٺاس ورهائيندا وتن.

اوهان جو پنهنجو امير گل ڪٽوهر
گھر نمبر 03،
گورنمنٽ اسلاميه ڪاليج ڪالوني سکر سنڌ
7121187 0333 

Monday, October 13, 2014

اسان تي الزام آندا جڳ جيئڻ جا


تازو مون هڪ وڊيو پنهنجي فيس بوڪ جي وال تي شيعر ڪئي هئم جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته خيبر پختون خواه ۾ ڪي ماڻهون هڪ پاڏي کي ذبح ڪرڻ جي نيت سان پڪڙڻ ۾ ڏکيائيءَ کي مد نظر رکندي، پهريون ان جي مغز ۾ گولي هڻي ڪيرائي پوءِ ان کي ذبح ڪندا آهن. اها وڊيو مون پنهنجي هڪ پروفيسر دوست کي ٽيگ ڪري کانئس پڇيو هوم ته شريعت مطابق قرباني يا ذبح ڪرڻ وارو اهو طريقو صحيح آهي يا غلط آهي. منهنجي ان پياري پروفيسر تفصيل سان ڳالهه مون کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مون سندس ڳالهين کي پسند ڪيو. سندس چوڻ هو ته؛
This is not a right way, Islam does not teach this method. It is also new for me. In my opinion, if buffalo is alive after fire before 'ZIBH' it is Hilal but not acceptable for " QURBANI" It is hilal but very cruel way. I am astonished to see this video. more over I will tell you later but soon what what ulma -e- karam say about this vedio
  پر الائي ڪٿان منهنجو هڪ ٻيو مهربان دوست هڪ ٻئي ڪمينٽ ڪندڙ دوست کي جواب ۾ اهو لکيو ته ”اسان ملان ٿوروئي آهيون جو فتوا ڏيون.......اوهان سائين اميرگل کان پڇو ان بابت........سائين جيد عالم آهن“. يعني ته مان ملان آهيان ۽ سڄو ڏينهن فتوا جو دڪان کوليو ويٺو آهيان.  خبر نه ٿي پوي ته دوست مون تي ايترو الائي ڇو ڪاوڙيل آهي ته منهنجي هر ڳالهه کيس اُگري ٿي لڳي. هي منهنجو ساڳيو مهربان دوست آهي جنهن ڪجھ وقت اڳ ملاله يوسفزئي تي خوني حملي ۾ حملي آورن جي بچاءُ ۾ هلايل ڪهاڻي مون اسان کي ٻڌائي حيران ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ”اهو سڀ ڊرامو آهي، طالبان ڪي ٻار آهن جو ايترو ويجھي کان گولي هڻن ۽ اها ڇوڪري بچي وڃي“. ڪيڏو نه اعتماد آهي اسان جي پروفيسر پياري کي طالبان جي صحيح نشاني تي!!!! مون کيس بروقت چيو هو ته قبلا حقيقت ۾ اوهان کي دلي صدمو اهو رسيو آهي ته ملاله بچي ڇو ويئي!!!
مان اڄ به اهو ٿو سمجھان ته مون کي منهنجا دوست، يار ڪليگ ۽ مهربان ان ڪري پسند ناهن ڪندا ڇوته منهنجا خيال سندن فرقي وارانه سوچن جي بلڪل ابتڙ آهن. مان ڪنهن مذهبي فرقي جي مؤقف ۾ انساني تذليل جي مخالفت ڪندو آهيان. مان صوفي روح رکندڙ انسان آهيان جنهن جو مذهب محبت آهي، خلوص آهي، ايثار ۽ قرباني آهي. مان شيخ اياز جو به مڃيندڙ آهيان جنهن چيو هو ته ”جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽٽو مون ائين سمجھو ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي“. مان اهو به سمجھان ٿو ته سنڌ جي بقا به ان ڳالهه ۾ آهي ته اسين رواداري جو پاسو کڻون، فرقيواريت جي زهر کان پاڻ به بچون ۽ ٻين کي پڻ ان کان بچايون. هي جيڪي جن ڀوت پيدا ٿيا آهن جيڪي انساني کوپڙين سان فوٽ بال پيا کيڏين، جيڪي مسجدن، مندرن، چرچن، امام بارگاهن ۾ بم گولا رکي کين اڏائين ٿا جيڪي نماز پڙهندڙ مسلمانن کي به ڪونه ٿا بخشين. اهي ساڳيا ئي آهن جن اولياءُ الله، نبين جي مزارن کي به پنهنجي ڪروڌي ذهن سان ڀسم ڪري الله اڪبر جا نعرا هنيا، اهي سنڌ وارن جي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ فائدي مند ناهن. اهي اسان سان ارغونن ۽ ترخانن واري ڪار ڪندا. هاڻي اهي اسان جي ذهن تي قابض آهن اڳتي هلي ڪري جڏهن ڌرتيءَ تي قابض ٿيا ته پوءِ ڪاري وارا ڪک وڃي بچندا ۽ انوقت جڏهن اسان پنهنجو سڀ ڪجھ لٽائي چڪا هونداسين ته پنهنجي غلطين جو احساس ٿيندو. ان کان اڳ جو اهو ٿئي اسان کي انهن جي راهه ۾ بند ٻڌڻ گھرجن ۽ مان سمجھان ٿو ته ان قسم جا خيال ئي آهن جيڪي منهنجي مهربان دوست کان هضم ڪونه پيا ٿين ۽ هو منهنجي خلاف قلمي ۽ زباني جهاد ڪري پنهنجا ٻئي جهان پيو بچائي. مان دعا ٿو ڪريان ته شل هو هن دنيا اندر جيڪي به خوشيون آهن اهي ماڻي، مولا کيس صحت ڏي، عزت ڏي، وقار ۽ بلندگي عطا فرمائي ۽ کيس اڳئين جهان ۾ پڻ بخشش عطا ٿئي.  

Thursday, September 18, 2014

(رفليڪشن 1) هڪ انٽرپرينوئر ڊويلپمنٽ ٽريننگ (EDT) دؤران ورتل نوٽس (2013/07/27)



اسان کي 36 ٽرينيز جي لسٽ مليل هئي جنهن مان ڪل 29 اچي سگھيا آهن. جيئن ته شهيد بي نظير ڀٽو انڪم سپورٽ وارن جو وسيله حق پروگرام غريب ۽ بيوهه عورتن لاءِ آهي ته جيئن اهي ڪاروباري سرگرميون شروع ڪري غربت جي هيٺائين حد کان مٿي اچي عزت واري زندگي گذاري سگھن. پر سنڌي سماج مڪمل نموني هڪ مرداڻو سماج آهي جتي گھر کان ٻاهريان سمورا ڪاروباري ڪم مرد حضرات سرانجام ڏيندا آهن ان ڪري هر بينيفشريءَ کي اها سهوليت ڏني ويئي آهي ته اهي جي چاهين ته پاڻ سکيا وٺن نه ته گھر جو ڪو ڀاتي نامزد ڪن جيڪو بعد ۾ سندن ڪاروبار کي هلائڻ وارو هجي.  اڄ سکيا جو ٻيو ڏينهن آهي. هن پروگرام جي پويان ڪيئي ادارا آهن.  BISP وارن پاران هي پروگرام جاري ڪيو ويو آهي جنهن کي مقامي سطح تي SWAFCO عمل ۾ آڻيندي، سرمايو PPAF فراهم ڪندي جڏهن ته سکيا Mantech & Arc وارا ڪرائي رهيا آهن. ڪالهه صبح سان پروگرام جي جو افتتاحي اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ سکيا ڏيندڙ ماسٽر ٽرينرس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي دوستن شرڪت ڪئي هئي. هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي تنظيم جو تعارف ڪرائڻ سان گڏ سکيا وٺندڙن کي همٿايوپڻ هيو. ان اجلاس کان پوءِ سکيا جي هال ۾ پهتاسين جتي تعارف وارو مرحلو پورو ڪيو ويو. سکيا ڏيندڙ توڙي وٺندڙ هوٽل ۾ ترسيل آهن ان ڪري سکيا لاءِ مناسب وقت مليو وڃي.
سکيا حاصل ڪندڙن جون ذهني صلاحيتون جهڙوڪر ٻڙي برابر آهن. تعليم جي اڻ هوند، وڏيرڪي سماج، ماڻهن تائين ڄاڻ جي گھٽ رسائي ۽ ڪميونيڪشن گيپ ڪري عام ماڻهونءَ جي سوچ کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي ۽ اهي سوچ ۽ سمجھ جي سطحي ڄاڻ رکن ٿا. شروعاتي جائزي مان معلوم ٿيو ته اهي ان ڳالهه تي ڏاڍو خوش آهن ته سرڪار پاران کين ٽي لک روپيه ملڻ وارا آهن باقي ڪاروباري سرگرمين متعلق سکيا کي هو گھٽ اهميت وارو سمجھن ٿا. هاڻي اسان جو ڪم آهي ته کين ان ڳالهه لاءِ قائل ڪريون ته اهي مليل پئسه اجايو کپائڻ بدران ڪنهن منافع بخش ڪاروبار ۾ سيڙائين ته جيئن اهي غربت جي وڪڙ مان جان ڇڏائي اقتصادي معاملي ۾ پاڻ ڀرا ٿي پنهنجي خاندان سميت عزت واري زندگي گذارڻ جي قابل ٿي سگھن. اسان پنهنجي اهڙن ٽارگيٽس کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششن ۾ رڌل آهيون. ڪالهه مون جوش ۽ جذبي سان سکيا واري عمل جو ماحول پيدا ڪيو هوته مون ڏٺو پئي ته سڀني جي چهرن تي تازگيءَ جي لهر اچي ويئي هئي ۽ اهي خوشي محسوس ڪري رهيا هيا. هڪ سکيا حاصل ڪندڙ اميربخش شر ته اهو به چيو ته ”اوهان اسان کي اهو ڏنو آهي ته جيڪر هاڻي ڀل سرمايو نه به ملي ته اسان پنهنجي زندگي سٺي گذاري وينداسين“. پهرين ڏينهن جي پهرين ڪلاڪ ۾ اهڙو ريسپانس مهنجي خيال ۾ ته تمام خوش ڪندڙ ڳالهه آهي.  پر ڪجھ يار اهڙا به آهن جن جي سمجھ بلڪل ٻڙي برابر آهي. هڪ مري بلوچ آهي جيڪو اردو ته رهي پري جي ڳالهه سنڌي به سمجھي يا ڳالهائي نه ٿو سگھي. جيئن ته منهنجي مادري زبان به ٻروچڪي آهي ان ڪري کيس سمجھائڻ لاءِ بلوچڪي زبان به استعمال ڪرڻي پوي ٿي. باقي سکيا حاصل ڪندڙن ۾ ڪجھ بيمار ته ڪي تمام وڏي ڄمار وارا آهن. هڪ سائيءَ جو مريض آهي جنهن کي هر ٻئي ڏينهن تي انجيڪشن ڪرائي پوندي آهي. سائي جي مريض کي آرام جي سخت ضرورت هوندي آهي پر جيئن ته ڪڻي ۾ سندس گھرواريءَ جو نمبر نڪتو هيو ان ڪري کيس اها سکيا وٺڻي لازم آهي.
اسان جو ماڻهون پاڻ سوچڻ، فيصلا ڪرڻ، ذهن استعمال ڪرڻ بدران نقل ڪرڻ، ٻئي جي تقليد ڪرڻ کي اهم سمجھي ٿو. وڏيرڪو جاگيرداراڻو سماج اهو ئي ته سيکاريندو آهي ته بس چند زميندار ماڻهون ئي عقل مند آهن. خدا پاڪ طرفان کين عقل، هنر سان گڏ پئسو، زمين ۽ جائيداد مليل آهي ۽ غريب جيڪو پستين ۾ رهي ٿو، تڪليفون ۽ ڏک ڏاکڙا سهي ٿو ته اهو سندن مقدر ۾ لکيل آهي. افسوس ته اسان جو ماڻهون ڀلجي به ان جي ابتڙ ڪونه ٿو سوچي ته اهو واقعي به آسمان واري ناهي لکيو، اهو سڀ ڪجھ زمين تي رهندر ڪجھ عيار، مڪار، حرفتي، ظالم ماڻهن ۽ طبقن جي ڪارگذاري آهي. ماڻهون جڏهن چٽي ۽ واضع سوچ ڌاريندو ته ڌپ ڪري ويل جاگيرداراڻي ماحول مان نڪرڻ جي ڪوشش به ڪندو. بس ڇا ڪجي بدبوءِ واري ماحول ۾ رهي رهي اسان جي ماڻهن جي سنگھڻ جي حِس ئي مري چڪي آهي. هڪڙا جاگيردان، وڏيرن، زميندارن، سيدن پيرن جي جتي جي خاڪ بڻيل آهن ته ٻيا وري پنهنجي ذات جي چڱن مڙسن جي ڪڍ لڳل آهن ته جڏهن ته ٽيان نيم ملان خطره ايمان ملن جي تقليد پيا ڪن. ان نموني اڪثريتي عوام “چلي جارهي هي خدا ڪي سهاري” مثل زندگي گذاري رهي آهي. ڪاش ڪا اهڙي مشين ايجاد ٿئي جنهن ۾ سڀني سنڌي ماڻهن کي وجھجھي جڏهن اهي ٻاهر اچن ته سندن ذهن اجرا، صاف ۽ هر قسم جي غلاميءَ آزاد ٿي هجن.
ٿوريون گھڻيون هي اسان جون ڪوششون ان مشين واريون ئي آهن. جيڪڏهن اسان وٽان سکيا وٺندڙن ٻڌايل ڳالهين تي عمل ڪيو ته اميد ته اهي ضرور ڪامياب ويندا. ڪاميابي ڪوششن، تجربن، ناڪامين مان ملندي آهي. کين هن دفعي هي هڪ سنهري موقعو مليو آهي، پئسه کين ملن ٿا، سکيا کين اسين ڏيون پيا، سندن حوصلا وڌايون پيا. اميد ته انهن مان اڪثريت ان تي عمل ڪري ڪاميابيون ماڻيندي. آمين.    

Tuesday, September 16, 2014

،سائينمَ سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، .دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين. شاهه عبدالطيف ڀٽائي Random Clicks: Beautiful Sindh

Random Clicks: Beautiful Sindh

Sindh's Cultural Ambassador in America  Emily Hauze


River Indus @ Lab e Mehran Sukkur

Child diving in Mir Wah location situated b/w Therrhi and Khairpur city

Sindhi Sea Side Karachi

Tomb of Quid e Azam Muhammad Ali Jeena

Sun Flower Crop on road b/w Sukkur and Shikarpur

Date Palm Trees Famous product of Rohri and Khairpur

Beautiful Roof Bricks at tomb of Shah Abdul Latif Bhittae Bhitt Shah 


SINDH: Land of Love-Peace-Brotherhood, Harmony (Message for World from Sufi's of Sindh)

،سائينمَ سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
 .دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
شاهه عبدالطيف ڀٽائي





Tuesday, August 26, 2014

ڪلاس روم پرئڪٽس جي ريسرچ



گھڻي وقت بعد ڪالهه سکر ۾ برسات پئي هئي ۽ موسم جي خوشگوار ٿي وڃڻ ڪري سکر واسين ڪو سک جو ساهه کنيو هو. اڄ خير، برسات ته نه پئي آهي پر اڀ تي ڪڪر ڪارونڀار ڪيون بيٺا آهن ۽ ٿڌڙي هوا جسم مان ڪتڪتايون ڪڍي جهڙوڪر شهه پيو ڏي ته؛ گھر جي ڪمري مان نڪري ٻاهر گھنگھور گھٽا جو مزو وٺ!!!
موبائيل تي وقت ڏٺم ڏينهن جا سوا ٻه کن ٿيا ها، ڪاليج ٽائمنگ ۾ اڃا منو ڪلاڪ کن هيو.  سوچيم ته ڀلا اڄ سوير ئي ٿو وڃان، ڪاليج جي ڇت تي ويهي موسم جو مزو به ماڻيندم ته روهڙي جي لينسڊائون پل جو نظارو به ڪندس.
ڪاليج منهنجي ڪواٽر کان سڏ پنڌ تي آهي، اتي پهچندي پهچندي مون کي اڍائي ٿي ويا ها. ڪاليج جي سيڪنڊ فلورتي جيئن ئي پهتم ته بي ڪام ٽو جي ڪلاس ۾ ڪنهن ماڻهونءَ جو سايو نظر آيو. ڪلاس روم اندر ويم ته اتي منهنجو يار ۽ ڪليگ پروفيسر صغير احمد ڪجھ ڳولهي رهيو هو. پروفيسر صاحب جا وار وڏا ۽ وکريل هيا، سندس اکين تي نظر جو ٿلهو چشمو چڙهيل هو. چشمو هڪ مضبوط ڏوري سان ٻڌل هيو ۽ اها ڏوري سندس ڳچي ۾ پيل هئي. هن اهو بندوبست ويسر جي مرض ڪري ڪيو هو. سندس هٿ ۾ نوٽ بوڪ ۽ بال پين ها ۽ هو ڪلاس روم جو وڏي غور سان جائزو وٺي ڪي نوٽس وٺي رهيو هو.  
“اسلام عليڪم پروفيسر پيارا” مون وڏي آواز ۾ کيس سلام ورائيندي چيو، وڏي آواز ۾ کيس سلام ان ڪري ڪيم ڇوته پروفيسر صاحب ڪجھ عرصي کان ڪنن کان ٻوڙا به ٿيندا پيا وڃن. پروفيسر صاحب منهنجو آواز ته ٻڌي ورتو هيو پر شايد سمجھي نه سگھيو هو ته اهو آواز ڪنهن جو ۽ ڪٿان آيو آهي.  هو اٿي کڙو ٿيو، هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو، مون هڪ دفعو وري وڏي واڪي کيس سلام ورايو. “وعليڪم والسلام وعليڪم والسلام،  يار سلام فضيلت سان به ڪري سگھجي ٿو هروڀرو رڙين ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.”؟ پروفيسر صاحب الٽو مون تي ڪاوڙ ڇنڊيندي وراڻيو. مون سندس ڪاوڙ نظر انداز ڪندي کانئس پڇيو ؛  “يار سويل سويل خالي ڪلاس ۾ ڇا پيو ڪرين؟” وراڻيائين ته “ڪلاس روم پرئڪٽس تي ريسرچ پيو ڪريان”.  سندس جواب ٻڌي، مان بيهوش ٿيندي ٿيندي رهجي ويو هوس.  پنهنجو پاڻ تي ڪنٽرول ڪندي سُري سندس پاسو ورتم، همدردي طور سندس ڪلهي تي هٿ رکي چيم ؛ “يار هي ڪهڙي ڪلاس روم پرئڪٽس جي ريسرچ آهي، جنهن ۾ نه ٻار آهن نه ئي ڪو استاد آهي؟”. ڪاوڙ ۾ منهنجو ڪلهي تان هٿ هٽائيندي مون کان ٿورو پرڀرو ٿي بيهي مون ڏانهن اهڙي نموني تڪڻ لڳو جهڙوڪر مون کان ڪو وڏو ڏوهه سرزد ٿي ويو هجي. “تو جهڙا ڀوڪ ئي ته آهن، جن جي افعالن ڪري سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آهي”. پروفيسر صغير منهنجي سوال جو جواب ڏيڻ بدران ڏاڪا ٻڌي مون تي چڙهي ويو. مان پروفيسر جي اهڙي قسم جي جارحاڻي حملي لاءِ بلڪل تيار نه هوس ۽ هڪو بڪو ٿي هيڏانهن هوڏانهن تڪڻ لڳم، خدا جو شڪر بجا آندم جو انوقت اتي ڪوبه پٽيوالو يا شاگرد موجود نه هيو. ڌڪ پچائي،  مٿس جوابي حملو ڪندي چيم؛“آخر ڪار تنهنجي چوڻ جو مقصد ڇا آهي؟ چرين وانگي خالي ڪلاسن جي ڌوڙ، درن درين، بئنچن مان آخر ڪار تون ڪهڙي قسم جي ڪلاس روم پرئڪٽس جي کوجنا وارو ڪم پيو ڪرين؟”. کيس منهنجي ترش لهجي جو ادراڪ ٿي ويو هو، چپن تي مرڪ سجائي مون طرف آيو ۽ منهنجو هٿ وٺي دوستاڻا انداز ۾ چيائين؛ “يار ناراض نه ٿي، ڏس ڪالهه ڪامن روم ۾ ان ڳالهه تي بحث هليو هو نه،  ته ڪاليج ۾ داخلا پاليسي ڇا هئڻ گھرجي؟” منهنجي جواب لاءِ هو مون ڏانهن تڪڻ لڳو، مون هاڪار ۾ پنهنجو ڪنڌ ڌوڻي ساڻس سهمت ٿيندي چيو “ته پوءِ؟”   هاڻي پروفيسر مون کي هٿ کان وٺي ڪاري بورڊ وٽ بيهاري ٻڌائڻ لڳو “هي هڪ هوادار ڪمرو آهي، ڪمري جي درين کي لڳل سموريون هڙڪيون ٽٽل آهن، ڪمري ۾ بجليءَ جو نظام جڳاڙ سڳاڙ تي پيو هلي، چئن پکن مان ٻه فنڪشنل آهن، چئن بلبن مان صرف هڪ ٻري ٿو،  ڪلاس روم ۾ ڪل ملائي ويهه بئنچون رکيل آهن، هر بئيچ تي ٽي شاگرد آسانيءَ سان ويهي سگھن ٿا ان حساب سان سٺ ٻارن جي ويهڻ جي گنجائش آهي پر جي سوڙهه سنگهيڙ ڪبي ته چار به ويهاري سگھجن ٿا ۽ ان نموني وڌ کان وڌ اسي ٻارن کي ڪلاس ورم اندر ويهاري سگھجي ٿو”  هڪ ئي ساهيءَ ۾ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪيل ريسرچ مون تي عيان ڪئي. “صحيح، ته پوءِ؟” مون سندس ڳالهه نه سمجھندي سندس اکين ۾ نهاريو. “ته پوءِ” هن منهنجي سوال کي چٻاڙيندي چيو ته “بي ڪام ٽو ۾ ست ۾ سؤ شاگرد انرولڊ آهن، انهن جي ڪلاس روم پرئڪٽس لاءِ هيءُ هڪڙو ڪمرو ئي مختص آهي. اوهان مهرباني ڪري مون کي سمجهائي سگھو ٿا ته اسي ٻارڙن جي گنجائش واري ڪلاس روم ۾ ست سؤ  شاگردن کي ڪيئن ويهاريندا ۽ کين ڪيئن پڙهائيندا؟  ڇا اوهان وٽ علاءُ الدين جي ڏيئي وارو جن آهي جيڪو اهو ڪم سرانجام ڏيندو؟” پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيائين ته “ڪلاس روم پرئڪٽس جي کوجنا هلندڙ ڪلاسن اندر استادن ۽ شاگردن وچ ۾ پڙهائڻ وارن طور طريقن، روين سان تعلق ته رکي ٿو پر انفرا اسٽڪچر جي جانچ جونچ سان پڻ ڪيئي ڳالهيون سمجھي ۽ پرکي سگھجن ٿيون!!!”. پروفيسر صاحب واقعي به مون کي لاجواب ڪري وڌو هيو، پنهنجي اندر جي شرمندگيءَ کي لڪائيندي کيس چيم ؛ “ٺيڪ آ ٺيڪ آ مالڪ هاڻي گھڻي ٿي ريسرچ، ٻاهر هل ته سهاني موسم جو مزو ماڻيون” مون سندس هٿ پڪڙي کيس گھليندي ٻاهر وٺي آندم.
مٿي آسمان ڏانهن نهاريم جتي اڃا به گھنگھور گھٽا جو گھيرو هيو، هوا ۾ ساڳي ٿڌاڻ هئي،  آسمان تي ڪبوترن  سان گڏ ڪيئي رنگا رنگ لغڙ اڏامي رهيا هيا، روهڙيءَ واري پل تان ڪا ريل ڪوڪون ڪندي گذري رهي هئي. اسين ٻئي ڄڻا پنهنجن پنهنجن خيالن ۾ گم چپ چاپ ڪاريڊور ۾ رکيل ڪرسين تي ويهي رهياسين.  ان ويل منهنجي ڪنن تي پهرين پيرڊ جي گھنڊ جو آواز آيو. پروفيسر صغير صاحب کي اتي ڇڏي،  ڊسٽر ۽ چاڪ کڻي ساڳي بي ڪام ٽو جي ڪلاس ۾ شاگردن کي بزنس ڪميونيڪيشن پڙهائڻ لاءِ پهچي ويس.
 مون کي ڪلاس ۾ ويٺي ويٺي پورو منو ڪلاڪ گذري چڪو آهي، ڪلاس جي در ۾ ديد وجھي شاگردن جي اچڻ جي راهه پيو تڪيان پر اڃا تائين هڪ به شاگرد نه پڳو آهي، اجھو ٻئي پيرڊ جو گھنڊ به وڄي چڪو آهي.  

مٿي ڏنل ڪهاڻيءَ تي اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر ۾ سنڌي/اردو ادبي سوسائٽي پاران هڪ تنقيدي ويهڪ اگسٽ 23، 2014 جي ڏينهن تي ٿي هئي، هيٺ ان گڏجاڻيءَ جو مفصل احوال پڻ ڏجي ٿو.
(امير گل ڪٽوهر).



سنڌي/اردو ادبي سوسائٽي گورنمنٽ اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر جي هفتيوار گڏجاڻين جي ٻيهر اجراءُ جي پهرين گڏجاڻي جيڪا 2014/08/23 ڇنڇر ڏينهن ٿي هئي ان جي رپورٽ.
پروفيسر گل ڪٽوهر
            تعليمي ادارن جو مقصد ئي هي آهي ته اهڙو ماحول پيدا ڪجي جنهن ۾ شاگرد/استاد سوچڻ، سمجھڻ، پرکڻ جهڙن اعلى انساني گڻن جا مالڪ ٿي سگھن.اسان جي ملڪي ڪريڪيولم جا هدف پڻ اهي ئي ٻڌايا ويا آهن.  اهي چوڻ لاءِ ته چند لفظ آهن پر عملي طور تي اهي ڪم انتهائي ڏکيا، پيچيده ۽ جاکوڙ جا گھرجائو آهن. حقيقت ۾ اهڙو جڙيل ماحول ئي ڏاهپ جي آبياري ڪندو آهي ۽ اعلى انساني گڻن وارا انسان نڪري نروار ٿيندا آهن، جيڪي ملڪ ۽ قوم کي سماجي، اقتصادي ۽ انساني ترقيءَ جي آسمان طرف وٺي وڃڻ جو سبب بڻجندا آهن. افسوس ته اسان جي تعليمي ادارن اندر اسان جي پرنسپلس، هيڊ ٽيچر توڙي ٽيچرس مان اڪثريت کي اهڙين ڳالهين جو تمام گھٽ ادراڪ آهي. اسان جا اڄوڪا تعليمي ادارا رٽي باز طوطن جون لوڌون ڪڍن ٿا، جن وٽ تنقيدي، تعميري، تخليقي طور تي شين، لقائن، واقعن تي سوچڻ، سمجھڻ، پرکڻ جو فقدان آهي. حقيقت ۾ اسان جا اڄوڪا تعليمي ادارا بيروزگارن جون لوڌون پيدا ڪندڙ ڪارخانا بڻجي ويا آهن، جتي شاگردن جو صرف پئسو ئي نه پر وقت به برباد پيو ٿئي، کين ڊگريءَ جي نالي ۾ هڪ بي ڪار ڪاغر جو ٽڪڙو هٿ ۾ ڏيئي گھر موڪليو پيو وڃي، جنهن جي ملڪي يا بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ ڪابه وقعت ناهي.  
            هت سوال ٿو اٿي ته آخرڪار ڪارائتو تعليمي ماحول ڪيئن جوڙجي ته جيئن اسان جا استاد، شاگرد توڙي مٿيان عملدار تعليم جي حقيقي اوسر طرف اچن؟! اهو هڪ تمام اڻانگهو عمل آهي پر ناممڪن ته ڪجھ به نه آهي. جيڪڏهن نيتون سچيون هجن، ماڻهون مسلسل چڱائي جو سفر جاري رکي، سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ڪري ته ملڪي ڪريڪيولم اندر رکيل هدف حاصل ڪري سگھجن ٿا. اهي ڳالهيون سوچي اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر جي دوستن سنڌي/اردو ادبي سوسائٽي جي پليٽ فارم کي ٻيهر فعال ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي. فيصلو ڪيو ويو آهي ته هر ڇنڇر جي شام جو پنجين وڳي سوسائٽي جي گڏجاڻي ٿيندي،  جنهن ۾ استاد ۽ شاگرد پنهنجون لکڻيون کڻي اچي پڙهندا،  جن تي گڏيل نموني بحث مباحثو ڪيو ويندو ۽ سکڻ ۽ سيکارڻ واري ماحول جي آبياري ڪئي ويندي. ان سلسلي جي پهرين ڪڙي طور سوسائٽي جي گڏجاڻي ڪامرس ڊپارٽمنٽ ۾ 2014/08/23 ڇنچر جي ڏينهن تي ٿي گذري جنهن ۾ پروفيسر صاحبان ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ، منظور بيدار، اقبال شيخ، سيد شاڪر شاهه، محمد دين شيخ، ڪاشف مغل، اختر ڀٽي، عبدالسميع سولنگي ۽ اميرگل ڪٽوهر شرڪت ڪئي. هن گڏجاڻي ۾ پروفيسر اميرگل ڪٽوهر پنهنجي ڪهاڻي “ڪلاس روم پرئڪٽس جي ريسرچ”  تنقيد لاءِ پيش ڪئي.
              ڪهاڻي تي ڳالهائيندي اردو ادب جي نواجوان پروفيسر ۽ شاعر سيد شاڪر چيو ته هي تمام سٺي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڪاليج جو حقيقي ماحول ظاهر ڪيو ويو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هن ڪهاڻي ۾ سندس دل جي ڳالهه تمام مؤثر نموني ڪئي ويئي آهي. هن ڪهاڻيڪار کي واڌايون ڏيندي مستقبل ۾ پڻ اهڙي تخليقي ڪم کي جاري رکڻ تي زور ڏنو.
            اڪنامڪس جي ڄاڻو پروفيسرر محترم محمد دين شيخ ڪهاڻي جي واکاڻ ڪندي چيو ته هي هڪ تمام ڪامياب تجربو آهي ۽ هو ڪهاڻيءَ مان متاثر ٿيڻ کان رهي نه سگھيو آهي. هن صلاح ڏني ته ڪهاڻي جي جنهن نموني پچاڻي ڪئي ويئي آهي اها ڪنهن حد تائين تشنى آهي، هن صلاح ڏني ته ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ۾ ڪجھ وڌيڪ سٽون شامل ڪيون وڃن ته وڌيڪ سٺو ٿيندو. موصوف ان سلسلي ۾ نموني طور چند سٽون لکي ايوان ۾ پيش به ڪيون.
            ڪامرس جي نوجوان پروفيسر ڪاشف مغل پڻ ڪهاڻيءَ کي ساراهيو ۽ پنهنجي پسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو.
            اسلامڪ اسٽڊيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪيل، باشعور پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ پنهنجي تنقيدي تبصري ۾ چيو ته ڪاليج اندر گذاريل پندرهن سالن واري ڊگھي عرصي ۾ پهريون دفعو هن کي هن قسم جي شاندار ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ملي آهي،  جيڪا نئين به آهي ته تمام ڪارائتي پڻ. ڪهاڻيءَ جي پلاٽ تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر صاحب چيو ته ڪهاڻيءَ ۾ استاد پنهنجو پورو ٽائيم ڪلاس روم ۾ ويهي شاگرد جو انتظار ٿو ڪري پر ڪوبه شاگرد نه ٿو اچي ته ان ڳالهه مان ثابت ٿيو ته استاد ته پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ هروقت موجود آهي پر شاگردن جي غير حاضري تمام وڏو مسئلو آهي، ان سلسلي ۾ ڪاليج جي پرنسپلس کي ڀرپور ڪوششون وٺڻ گھرجن. وڌيڪ سندس چوڻ هو ته اسي شاگردن جي گنجائش واري ڪلاس ۾ ست سؤ شاگردن جي داخلا پڻ هڪ سواليه نشان آهي ۽ ان تي سوچڻ جي ضرورت آهي. آخر ۾ موصوف ڪهاڻيڪار جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهو تمام سٺو آغاز آهي، اسان سڀني کي ان جي تقليد ڪرڻ گھرجي. ضروري ناهي ته اسان ڪا ڪهاڻي لکي کڻي اچون پر اسان ڪو تعليمي سڌاري متعلق مضمون، شاعري به لکي کڻي اچون ته تمام بهتر ٿيندو جيئن تباهه ٿيندڙ تعليم ماحول کي ٻنجو اچي سگھي
            اردو ادب جي سينئر پروفيسر ۽ ڊپارٽمنٽ جي هيڊ اختر ڀٽي چيو ته پاڻ ڪالهه جنهن ڳالهه تي بحث ڪيو هو ليڪک ان تي اڄ هڪ ڪامياب ڪهاڻي لکي ڪري کڻي آيو آهي اها ڳالهه تمام گھڻي متاثر ڪن آهي. ڀٽي صاحب ڪهاڻيءَ ۾ ڪيل منظر نگاري جي تمام گھڻي واکاڻ ڪئي.
            سنڌي ادب جي سينئر پروفيسر، ڊپارٽمنٽ جي هيڊ، سنڌي اديب ۽ سنڌي ادبي سنگت سکر جي اڳوڻي سرگرم ڪارڪن، اڳوڻي سياسي ورڪر مسٽر منظور بيدار ڪهاڻيءَ جو فني جائزو پيش ڪندي چيو ته ڪهاڻيءَ ۾ ٻه ڪردار ڏيکاريا ويا آهن،  جيڪي ٻئي ذميوار انسان آهن. ڪهاڻي جي منظر نگاري تمام سٺي ڪئي ويئي آهي. ڪهاڻيءَ جي پلاٽ ۾ سڄي سنڌ جي تعليمي ماحول جي عڪاسي ٿي ملي. ڪاليج اندر جيڪڏهن ست سؤ شاگرد اچي وڃن ته پوءِ ڇاٿيندو؟ ڇا اسان ان لاءِ تيار آهيون؟ جيڪڏهن واقعي به سڀ شاگرد جن ريگيولر داخلا ورتي آهي ڪاليجن اندر اچن ته تعليمي ادارن کي چار چنڊ لڳي وڃن. بيدار صاحب پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو ته هي هڪ برننگ اشو آهي جنهن تي اسان جي وزير تعليم، سيڪريٽري تعليم کان وٺي اسان سڀني کي سوچڻ گھرجي. ڪامياب ڪهاڻي لکڻ تي ڪهاڻي جي ليکڪ کي مبارڪباد ڏني.
            سنڌي ادب جي نوجوان ۽ محنتي پروفيسر مسٽر اقبال شيخ ڪهاڻيءَ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي چيو ته ڪهاڻيءَ جو جيڪو موضوع آهي اهو مضمون جو موضوع آهي پر ليکڪ ڪمال ڪاريگريءَ سان هن سنجيدهه موضوع کي ادبي انداز ۾ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ پيش ڪري نئين روايت جو بنياد وڌو آهي. ڪهاڻي ۾ تعليمي ماحول پيدا ڪرڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي ويئي آهي. ڪهاڻي به مختصر آهي ته ڪردار به مختصر آهن. هونئن ڪهاڻين ۾ ڪو ميجر (مک) ڪردار ته ٻيا مائينر (ننڍا) ڪردار هوندا آهن جن ۾ مائنر ڪردار ميجر ڪردار جي چوگرد ڦرندا رهندا آهن. پر هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻئي ميجر ڪردار ادا ڪرڻ وارا ڏيکاريا ويا آهن. ڪهاڻي جي ٻوليءَ کي ساراهيندي اقبال شيخ راءِ ڏني ته جيڪڏهن ڪهاڻيءَ ۾ ڪجھ وڌيڪ ڪردار هجن ها ته ڪهاڻي تهان وڌيڪ دلچسپ ٿئي ها.
            اسٽيٽسٽڪس جي نوجوان پروفيسر مسٽر عبدالسميع سولنگي صاحب چيو ته ڪهاڻيءَ جو موضوع تمام سٺو آهي، اسان سڀني کي سوچڻ گھرجي ته جي تعليم جي تباهه ڪن صورتحال تي اڃا به اسان اک نه پٽي ته SRTC  ۽ ٻين اهڙن ادارن وانگي پاڻ به تباهه ٿي وينداسين. ڪهاڻيءَ ۾ منظر نگاريءَ کي ساراهيندي سولنگي صاحب چيو ته 2005 ۾ جڏهن هو هتي هڪ استاد جي حيثيت ۾ آيو هو ته ڪلاس شاگردن سان ڀريل هوندا هيا پر هاڻي خالي ڪلاس ڏسي روئڻ ٿو اچي. سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته باوجود ڪوششن جي شاگردن جي سراسري نه ٿي وڌي اها تمام تڪيلف ڏيندڙ ڳالهه آهي ان تي سڀني کي سوچڻ گھرجي.
            آخر ۾ ڪهاڻيڪار پروفيسر اميرگل ڪٽوهر سڀني دوستن جو شڪريو ادا ڪيو جن سندس ڪاوش جي ساراهه ڪئي هئي يا بهتريءَ لاءِ صلاحون ڏنيون هيون. ليکڪ جو چوڻ هو ته سندس دلي خواهش آهي ته اسان جي تعليمي ادارن ۾ اجاين سجاين بحثن مباحثن بدران جيڪڏهن ڪارائتن اسمن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي ته ان سان پڻ تعليمي ماحول تي خوشگوار اثر پوندا. پنهنجي ڪهاڻي متعلق سندس چوڻ هو ته هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪن انتهائي اهم مامرن جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ سندس اها دلي خواهش آهي ته ڪهاڻي پڙهڻ بعد پڙهندڙ جي دماغ ۾ ڪي سوال اڀرن، هو سوچڻ تي مجبور ٿئي ۽ مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي ذهني صلاحيتن مطابق انهن تي عمل پيرا ٿئي. ليکڪ چيو ته هن ڪهاڻيءَ جي ڪلائمڪس ۾ پنهنجي پاران مسئلي جي حل جو ڪو فارمولو مڙهڻ يا ڀاشن ڏيڻ بدران سمورا آپشن کليل رکيا آهن. سندس بس اها ئي خواهش آهي ته هر پڙهندڙ جي دماغ ۾ هي سوال اڀري ته “ آخراس درد ڪي دوا ڪيا هي”.  

Thursday, August 21, 2014

ننڍڙو سوال سنڌ واسين کان



هي 01 آڪٽوبر 2013 جي شام جو قصو آهي  3 بجه جيئن ئي پهرين پيرڊ جو گھنڊ مسٽر علي نواز وڄايو ته ڪلاس جو رخ ڪيم. انوقت ڪلاس ۾ اڃا رڳو هڪ شاگرد پهتل هو. ڪلاس ۾ دوستاڻو ماحول پيدا ڪرڻ ۽ شاگرد کي ڪلاس ۾ ڳالهه ٻولهه تي آماده ڪرڻ لاءِ ساڻس زماني جهان جون ڳالهيون ڪندي هدايت ڪيم ته “کيس ڪوشش ڪري پنهنجي گھر، خاندان ۽ اوڙي پاڙي وارن لاءِ هڪ مثالي ماڻهونءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.  جھيڙن جهٽن ۾ پنهنجو پاڻ ۽ ٻين جي جھڳن کي جھڻ ڪرڻ مڙسي ناهي پر جي ماڻهون پنهنجي علم، هنر، حرفت، جدوجهد، محنت سان پنهنجو پاڻ کي ٺاهي ۽ ٻين جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪري ته اها ئي حقيقي مڙسي چئبي”.   
 منهنجي همٿائڻ تي ان شاگرد پنهنجو اندر کولي منهنجي سامهون رکيو. سندس ڪهاڻي اڄوڪي سنڌ جي ڪهاڻي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڳوٺ ۾ سندن برادريءَ جي ماڻهن جو ڳوٺ جي ٻئي برادريءَ جي ماڻهن سان گاهه جي ڀريءَ تي جھيڙو ٿي پيو هو. ٻنهي برادرين جا ڳچ سارا ماڻهون گوڙ تي ڳوٺ جي چوڪ تي گڏ ٿي ويا. ٻنهي برادرين مان شريف ۽ پرامن ماڻهون به هيا پرٻنهي پاسي جي شرارتي ماڻهن جڏهن هڪ ٻئي کي ڪچيون گاريون ڏيڻ شروع ڪيون ته جھيڙو ٽري نه سگھيو. ان جھيڙي ۾ مخالف برادريءَ جا ٻه ماڻهون قتل ٿي ويا جڏهن ته هڪ نوجوان جيڪو سندس سڳو سؤٽ ۽ ڀيڻويو هيو جھيڙي کي ٽاريندي مٿي ۾ گولي لڳڻ ڪري بيهوش ٿي ڪري پيو. اهو پوءِ چار سال بيهوشيءَ واري حالت ۾ رهيو ۽ سندس علاج معالجي تي پندرهن لکن کان وڌيڪ خرچ اچي ويو، پر پوءِ به هو زندگيءَ جي ڏور کي سلامت رکي نه سگھيو ۽ گذاري ويو. پنجن سالن کان پوءِ جڏهن ڌريون خرچ پکا ڪري ڪري ٿڪجي پيون ته کين فيصلو ڪرڻو پيو. ان فيصلي ۾ ٻنهي ڌرين تي جيڪي ڏنڊ پيو ان جي حصي پتي ڏيڻ جي سلسلي ۾ کيس پنهنجي پندرهن جريب زمين تان هٿ کڻڻو پئجي ويو ۽ ائين سندس تعليم حاصل ڪرڻ واري ڪم کي پورا پنج سال بريڪ لڳي ويو هو.
سنڌ جي تعليم جي تباهي تي بحث ڪرڻ وقت اسين ياته استادن، تعليمي ڪامورن، سياستدانن، والدين کي ذميوار قرار ڏيندا آهيون. منهنجي خيال ۾ ته اهو به هڪ سچ آهي پر پورو سچ ناهي. مٿي بيان ڪيل ننڍڙي واقعي تي غور ڪرڻ سان خبر پئجي ٿي وڃي ته جنهن ڳوٺ ۾ فساد ۽ دنگو هوندو اتي تعليمي عمل به متاثر ٿيندو. اهڙي حالتن کي پيدا ڪرڻ  جو ذميوار ڪير آهي؟ هاڻي ٿورو غور ڪيو؛ سنڌ جو ڪهڙو علائقو ۽ ڳوٺ آهي جتي چار گھر رهندا هجن ۽ منجھن برادري ۽ قبائيلي جھيڙا هلندڙ نه هجن؟ 

ٻچاپڙائي



 “موسيقيءَ کي پڙهائڻ واري عمل ۾ ڪيئن هڪ مؤثر اوزار طور تي ڪم آڻجي” واري عنوان تي انوقت ڪارائتو بحث مباحثو هلي رهيو هو. ڪمرو پرائمري هيڊ ٽيچرس سان ڀريل هو. هر دوست ان موضوع تي پنهنجا پنهنجا خيال وڏي ذوق ۽ شوق سان پيش ڪري رهيو هو. مون بحيثيت هڪ ماسٽر ٽرينر جي ڪوشش پئي ڪئي ته ڪمري ۾ موجود هر استاد کي همٿايان ته ان ڪارائتي موضوع تي هو به ڳالهائي ۽ ڪنهن حد تائين مان ان معاملي ۾ ڪامياب وڃي رهيو هوس. اسان سڀ جڏهن پوري نموني ان سرگرميءَ ۾ شامل هياسين ته  ڪمري جو ٻيڪڙيل دروازو کليو ۽ اتي منهنجو ساٿي ٽرينر پروفيسر جناب صغير احمد ظاهر ٿيو. پروفيسر صاحب اسڪول جي ڀرسان پنهنجي دوست گھران ناشتو ڪري واپس ٿيا هيا. اهو انهن جو  روز جو معمول هيو. اچڻ سان مون کي پاسي ڪري حلال ۽ حرام جي موضوع تي ڳالهائڻ شروع ڪيائين. چيائين پئي ته اوهان جي روزي حلال تڏهن ٿيندي جڏهن اوهان پنهنجو ڪم پوري تندهي سان سرانجام ڏيندو، پنهنجو پورو پورو وقت پڙهائڻ واري عمل ۾ سيڙهائيندو ۽ ياد رکو چوري ٽڪي جي هجي يا لک جي، چوري هڪ منٽ جي هجي يا هڪ ڪلاڪ جي چوري چوري ٿيندي آهي. مون جيڪو سکڻ ۽ سيکارڻ وارو ماحول ٺاهيو هو اهو ته غارت ٿي ئي ويو هيو پر ساڳي وقت مون کي ڪجھ وقت اڳ پروفيسر صاحب سان گذاريل اها رات ياد اچي رهي هئي.
اها هڪ گرم رات هئي. دريا جي ڪڙ تي اڏيل ڳوٺ جي هڪ ويڪري اوطاق، ڪاڄ ۾ آيل دوستن سان ڀري پيئي هئي. اصل مانيءَ جو پروگرام ته ٻئي ڏينهن رکيل هو پر گھوٽ جا جيڪي گھاٽا يار هيا انهن کي رات جي پروگرام جو سڏ ڏنو ويو هو. اوطاق اندر کٽن ۽ ڪرسين وچ  ۾ شراب جون بالٽيون اهڙي نموني رکيل هيون ته جيئن انهن تائين هرڪو آسانيءَ سان رسي سگھي. رات جو صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل لاءِ سچل جي درگاهه جي مشهور ڳائڻي سائين موٽڻ شاهه جون خدمتون حاصل ڪيون ويون هيون. جيستائين راڳ رنگ جي محفل شروع ٿي ان کان گھڻو اڳ ئي پيئڻ وارو پروگرام شروع ٿي چڪو هيو. هن محفل جي جان پروفيسر مسٽر صغير احمد هيو. پروفيسر صاحب شراب کي لسي سمجھي جام مٿان جام ڳيتي رهيو هو. ڳوٺ جي شرارتي ڇوڪرن جڏهن ڏٺو ته پروفيسر صاحب هاڻي صفا ٽُن ٿي چڪا آهن ته کيس چيڙائڻ لاءِ ساڻس ڀوڳ ٺڪاءُ ڪرڻ لڳا. صغير صاحب جيئن ته آپي کان نڪتل هيا انڪري هو ڀوڳ ڪندڙن کي گاريون ڏيڻ لڳا. هاڻي محفل جو رنگ ئي مٽجي رهيو هيو. محبت جي مٺاس بدران بد مزگي جي ڪڙاڻ هرڪنهن جي اندر کي چيرڻ وارو ڪم پئي ڪيو. نيٺ ڪجھ يار وچ ۾ پيا، پروفيسر صاحب کي ريهي ريجھائي اوطاق جي ڪمري ۾ وٺي ويا ۽ جتي لڳل ايرڪنڊيشن آن ڪري کيس کٽ تي سمهاري ڇڏيائون.
 سڄي رات موٽڻ شاهه جي محبتي محفل هلندي رهي. اسر ويل طبلي جي ٿاپ انوقت بند ٿي جڏهن بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ شروع ٿي چڪي هئي. ڪجھ وقت ابتيون سبتيون باتيون ڪري ٻين وانگر مان پڻ پنهنجي ماڳ طرف واپس موٽڻ لاءِ سوچڻ لڳس. ان ويل مون کي پروفيسر صاحب جي ياد آئي، ڪمري جو در کولي ڏٺم ته پروفيسر صاحب پگھر ۾ شل کٽ تي پاسو ورائي رهيا هيا. مون کيس وڏي واڪ حق ٻولائيندي چيو  “ صبح هوگئي مامون اب اٽهه بهي جا”. اکيون مروٽي، مون ڏانهن ڪُتڙين اکڙين سان ڏسندي چيائين  “هي ڪهڙي حرامپائي آهي ته رات جي ماني ته مون کي نه کارائي اٿَوَ ۽ هاڻي سمهڻ به ڪونه ٿا ڏيو،  ڀلا ڏيو خبر ڪا چاءِ وغيره ملندي؟”. مون کيس چيو ته هرڪو ٽڙي پکڙي چڪو آهي ۽ ساڏين کي سوين ڪم ڪرڻا آهن، افرا تفري وارو ماحول آهي اٿ ته هلڻ جي ڪيون”. کيس منهنجي ڳالهه سمجھ ۾ آئي اکيون مهٽي در کان ٻاهر نڪتو، پاسي ۾ ٺهيل ڇني اندر ڪنڊ ۾ آري تي ويٺل ڪڪڙ جي هيٺيان ٻه آنا کڻي چيائين “اچ ته هلون”. مون کيس چيو ته اهي آنا ڇو کنيا اٿئي؟ وارڻيائين ته “گھر پهچي ناشتو تيار ڪرائي کائيندم”.