امير گل ڪٽوهر جو بلاگ Amir Gul Katohar's Blog
Tuesday, March 31, 2020
Tuesday, March 24, 2020
سائنس ڏنو سوجهرو
”سائنس ڏنو سوجهرو“ آزاد
بخاري جي ٻارڙن لاءِ ڪيل شاعريءَ جي ڪتاب تي تبصرو.
اميرگل
ڪٽوهر.
هنوقت
سائين آزاد بخاريءَ جي ٻارڙن لاءِ شاعريءَ جو هڪ منفرد ڪتاب ”سائنس ڏنو
سوجھرو“منهنجي هٿن ۾ آهي. ڪتان جو نالو ئي نرالو ۽ موهيندڙ آهي. ڀلي جيڪڏهن ڪو
ماڻهون ڪتاب نه پڙهي پر رڳو سندس نظر ڪتاب جي نالي تي پوي تڏهن به هو سمجھي ويندو
ته ڪتاب ۾ سائنسي سوچ جي اپٽار ٿيل هوندي. مون هي ڪتاب هڪ ئي ساهيءَ ۾ پڙهي پورو
به ڪري ڇڏيو آهي. ڪتاب کي پڙهي پورو ڪرڻ مان منهنجي مراد ڪتاب اندر ڏنل شاعري آهي.
مون ڪتاب جي شاعري پڙهي ان تي تبصرو لکيو آهي هاڻي ان ڪتاب متعلق ٻين لکارين جي
راءِ کي پڙهندس. مون ائين ان ڪري ڪيو ته جيئن ڪتاب متعلق منهنجي پنهنجي ذاتي راءِ
تي ٻين دوستن جي راءِ اثر انداز نه ٿئي.
هي
ڪتاب ”پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور“ پاران سهڻي لکائي ۽ ڇپائي ۾ ڇپرايل آهي. هن ڪتاب
۾ ٻارڙن لاءِ سائنسي شاعري ڪيل آهي. منهنجي ڄاڻ مطابق (ٿي سگھي ٿو ته آءُ غلط
هجان) ته سنڌيءَ ۾ پنهنجي نوعيت جو هي پهريون شاعريءَ جو ڪتاب آهي جنهن ۾ سائنس کي
فوڪس ڪيو ويو آهي. جيئن ته هن ڪتاب جا متوقع پڙهندڙ ننڍڙا ٻار آهن ان مناسبت سان
ٻولي به سادي، سمجھ واري استعمال ڪيل آهي. هر اسم سان گڏ شاعريءَ جي مناسبت وارا
ڦوٽوز پڻ رکيا ويا آهن جيڪي ٻارڙن کي سائنسي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ يقينن مدد ڪندا.
مون کي شاعري ۾ سائين آزاد بخاريءَ جي ترتيب به ڏاڍي وڻي آهي. گھڻو ڪري هر اسم ۾ ڪنهن نه ڪنهن سائنسي اوزار، ايجاد متعلق ڄاڻ مهيا ڪرڻ سان گڏ اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته ان شيءِ جي ڪم جو طريقه ڪار Process ڪيئن آهي، ان جي افاديت ۽ اهميت ڪهڙي آهي، ۽ اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته ان کي استعمال ڪيئن ڪجي يا ڪهڙين ڳالهين جو خاص خيال رکجي. مثال طور سندس هڪ اسم کڻون ٿا ريفريجيٽر جيڪو ڪتاب جي صفح نمبر 36 تي رکيل آهي؛

منهنجي
گھر ۾ فرج آهي،
”ريفريجيٽر“ جا سڏائي........................................هن بند ۾ سائينسي ايجاد جو تعارف ڪرايل آهي.
”ريفريجيٽر“ جا سڏائي........................................هن بند ۾ سائينسي ايجاد جو تعارف ڪرايل آهي.
بخارجڻ
مان گذري ٿي
ٿڌڪار گھڻو هي ڪري ٿي.
داٻ آڻي ٿو ”ڪمريسر“
گئس ڄمائي ”ڪنڊنسر“...........هنن ٻنهي بندن ۾ ان ايجاد (ريفريجيٽر) جي ڪم ڪرڻ واري عمل (Process) جي اپٽار ٿيل آهي.
هن ۾ برف جو ڪمرو آهي،
جيڪو ٿڌڙو ننڍڙو آهي. ...........ايجاد جو ڪم
هن ۾ شربت پاڻي ڀرجي،
تازو توانو ميوو رکجي.
کير لسي به ڇاڻي رکجي،
سبزي گوشت به آڻي رکجي................هنن ٻنهي بندن ۾ ريفريجٽر جي کي ڪهڙن ڪمن لاءِ استعمال ڪجي جو ذڪر ٿيل آهي.
ٻارو هرهر ڪين کپايو،
وقت ضرورت شيون کائو.............آخر ۾ نصيحت.

ڪتاب
پڙهندي هڪ ٻيو اسم به ڏاڍو وڻيو جنهن ۾ سائنسي ۽ مذهبي نقطه نظر کي خوبصورت توازن
سان بيان ڪيو ويو آهي. اهو آهي ”ارتقا“. اويليوئيشن (Evaluation) يا ارتقا متعلق
اسان وٽ ٻه الڳ الڳ ابتڙ رايا آهن. مذهبي خيالن وارن ماڻهن جو خيال آهي ته انسان
ڏاڏي آدم جي اولاد آهي ۽ اهو پيدا ٿيندي ئي عقل وارو هو جڏهن ته سائنسي نقطه نظر
رکندڙ وري ڊارون جي نظرئي تي زور ڏيندا آهن ته انسان جانورن (جهڙوڪر) ڀولڙي جي
سڌريل شڪل آهي. سائين آزاد بخاري انهن ٻنهي خيالن کي وڏي توازن سان اهڙي ته نموني
بيان ڪري ويو آهي ته سائنسي سوچ ڌاريندڙ يا مذهبي خيالن وارا ناراض نه ٿين.
ٻارو
ٻڌايو ٻارو ٻڌايو
دنيا ۾ انسان ڪيئن آيو.
دنيا ۾ انسان ڪيئن آيو.
سائنس
۾ ته ڏسيو ويو آ،
ڀولو وڌي انسان ٿيو آ.
ڀولو وڌي انسان ٿيو آ.
”ڊارون“
جي ٿيوري آ اها،
جنهن کي چئون ٿا ارتقا.
جنهن کي چئون ٿا ارتقا.
مذهب
به هي ٻڌايو آ،
انسان کري ڀولو ٿيو آ.
انسان کري ڀولو ٿيو آ.
عجب
ٻنهي جو رشتو آهي،
سائنس مذهب ڏسيو آهي.
سائنس مذهب ڏسيو آهي.
اڃا
به ماڻهون ڪن ٿا ڳولا
انسان سان ڪيئن جڙيا ڀولا......(هلندڙ تحقيق)
انسان سان ڪيئن جڙيا ڀولا......(هلندڙ تحقيق)
ٻارو
پڙهو ۽ ڪجھ ڪيو ڳولا،
ڪٿان آيا انسان ۽ ڀولا........(ڪا ڳالهه مڙهڻ بدران ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته اوهين پاڻ کوجنا ڪري ان راز کي هٿ ڪريو)
ڪٿان آيا انسان ۽ ڀولا........(ڪا ڳالهه مڙهڻ بدران ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته اوهين پاڻ کوجنا ڪري ان راز کي هٿ ڪريو)
هن
ڪتاب ۾ ڪجھ اهڙين ايجادن جو ذڪر به ملي ٿو جيڪي اڄ ڪالهه عام ناهن پر ان جي ڄاڻ
رکڻ هر ٻار لاءِ ضروري آهي. ڇوته انهن ايجادن سماجن کي صفا ڌوڏي ڇڏڻ وارو ڪم ڪيو
هو. انهن ۾ وي سي آر ۽ ٽرام اچيو وڃن. ڪو وقت هو ته وي سي آر اسٽيٽس سمبل طور ڄاتو
۽ سڃاتو ويندو هو. جيڪڏهن ڪو مٽ مائٽ يار دوست ڪنهن ٻاهرين ملڪ جهڙوڪر سعودي، دبئي
يا آمريڪا مان ملڪ ايندو هو ته هتان سندس گھر وارا يا يار دوست کانئس وي سي آر آڻڻ
جي فرمائش ڪندا هيا. وي سي آر اهڙي ته مقبول ۽ مشهور ٿي جنهن سئنيمان گھرن کي
ڊهرائي اتي شاپنگ سينٽر جوڙائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو هو. ها پر سائنسي ايجادن جي
تڪڙي ترقي وري انهن وي سي آرن کي پڻ جهڙوڪر اينٽڪس جي زمري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. اهي وي
سي آر جيڪي پنجاهه هزار روپين کان وٺي پنجويهه هزار روپين ۾ وڪرو ٿيندا هيا اڄ
ڪالهه لنڊا بازار وارا پٺاڻ انهن کي پنجن سون ۾ ڏيڻ تي تيار ٿيو وڃن پر خريد ڪرڻ
وارو ڪوئي ناهي.
ٻيو
جيڪو ٽرام جو ذڪر آهي ان جي ڄاڻ ته نوجوان ۽ نئين نسل کي بنهه گھٽ هوندي. ٽرامون
جيڪي ڪراچيءَ ۾ هلنديون هيون. انهن لاءِ ريل جي پٽڙيءَ وانگر ٽريڪ ٺهيل هوندا هيا،
سندن مخصوص اسٽاپ هوندا هيا ۽ انهن تي روزانه لکين ماڻهون سفر ڪندا هيا. سائين
آزاد بخاري پنهنجي شاعريءَ ۾ ٽرامن جو ذڪري ڪري نئين نسل کي ان متعلق ڄاڻ مهيا ڪئي
آهي. افسوس ته ان انمول ايجاد جي ڪا نشاني به پياري پاڪستان ۾ ورلي ملي. رياستي
ادارن جي ڪرتائن ڌرتائن کي گھرجي ته ميوزمن يا پارڪن اندر ٽرام جون ڪي بوگيون
رکرائين ته جيئن هر دؤر جي نسل کي انهن جي خبر پئجي سگھي.
اسان
جو سماج انڌن عقيدن جي ور چڙهيل آهي. اسان مان گھڻن کي خبر ئي نه ٿي پوي ته جنهن
قسم جا سبق اسان کي مختلف طريقه تعليم جي ادارن ۾ خشوع ۽ خضوع سان پاڙهيا پيا وڃن
اهي سواءِ دلفريب ڌوڪي جي ٻيو ڪجھ به ته ناهن. افسوس ته چڱا خاصا پڙهيل لکيل
اونداهي جي رکوالن جي پويان رڍن وانگي هلڻ ۾ عافيت ٿا ڀانئين! هنوقت اسان جي سماج
کي سائنسي تعليم، سائنسي فڪر ۽ فلسفي جي اشد ضرورت آهي. مان سمجھان ٿو ته آزاد
بخاريءَ جي هي ننڍڙي ڪاوش ”سائنس ڏنو سوجھرو“ اهڙن سڀاويڪ سوچن لاءِ هڪ ترجمان
ڪتاب آهي.
گھڻي
ڊيگھ کان پاسو ڪندي بس اهو لکندس ته هن قسم جا ڪتاب نصاب ۾ رکيا وڃن يا هن ڪتاب
مان چونڊ شاعريءَ جا اسم سنڌي يا سائنس واري ڪتاب جو حصو بڻائڻ گھرجن.
Monday, March 23, 2020
محمد بخش ڪلادي هڪ سچو، سٻاجهڙو انسان
ڏور ٿيندا وڃن روز
جوڳيئڙا
سنڌي ٻوليءَ جو عاشق، معصوم ۽ پاڪ دل رکندڙ، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو اڳوڻو آفيسر اسان جي پياري دوست پروفيسر رياض ڪلاديءَ جو والد سائين محمد بخش ڪلادي به ڏور ڏيهه هليو ويو. محمد بخش عرف ايم بي ڪلادي هڪ اهڙو ڀاڳوند هو جيڪو هر محفل جي سونهن بڻيل رهندو هو. سکر جي سمورن علمي، ادبي، ثفافتي، سياسي پروگرامن، احتجاجن ۾ شرڪت ڪندو هو. هو هرڪنهن کي سنڌي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي تلقين ڪندو هو. ڪراچي ۾ جتي به ويندو هو، ڪا خريداري ڪندو هو ته هرڪنهن سان سنڌيءَ ۾ مخاطب ٿيندو هو ۽ هو اها تلقين اسان کي به ڪندو هو، سندس چوڻ هو ته سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ڪاروباري ماڻهن جي مجبوري آهي پر جڏهن اسان پاڻ ئي ساڻن نه ڳالهائيندا ته ڪير اسان سان سنڌي ڳالهائيندو.
شل حورن جي هنج ۾ هوندو

نمک حرامي کي تاريخ
نمک حرامی کی تاریخ
جس دھرتی پے پیدا ہوئے، اس سے نفرت، بنگال پہنچے بنگالیوں سے نفرت، سندھ نے اپنی باہیں، دل اور گھر کے دروازے ان کے لئے کھول دئے، سندھ اور سندھیوں سے نفرت، جس کے لئے کہتے تھے "منزل نہیں رہنما چاہیے" اس سے نفرت، ہجرت کے بعد تیسرا نسل ہے پھر بھی مہاجر،
نہ اردو بولنے والے سندھی، پنجابی، بلوچی، پختون، یا بنگالی بن سکے اور نہ ہی پاکستانی
یہ جو زہر تم پال رہے ہو اس سے تم خود ہی مروگے، یاد رکھنا

FACE BOOK UPDATE
سنڌ
حڪومت پاران ڪرونا وائرس کي روڪڻ لاءِ ڏنل ٽن ڏينهن واري لاڪ ڊائون کي پاڻي ڏيندي
سڃو ڏينهن گھر اندر رهيم. ان واندڪائي جو فائدو وٺندي فلم ڊاريڪٽر راجا ڪرشن مينن
پاران جوڙيل فلم “بارا انا، (ٻارنهن آنا) ڏسي ورتم. فلم جي ڪاسٽ ۾ بالي ووڊ جو
ليجينڊ اداڪار نصير دين شاهه، وجي راز، ارجن ماٿر ۽ تانشٿا چٽرجي شامل آهن. مٿيان
ٻڌايل ٽيئي ڪردار ممبيءَ جي هڪ کوليءَ ۾ گڏ رهندا آهن. جن ۾ نصير شاهه زماني جهان
جا ڏڪا کاڌل پڪي عمر جو تمام گھٽ ڳالهائو انسان آهي، ڊرائيوري ڪندو آهي، ٻيو سندس
دوست وجي
راز ٽيهن سالن جو ڪنهن پلازا ۾ چوڪيداري سان لڳل آهي جڏهن ته سندن نوجوان دوست
ارجن ماٿر هڪ هوٽل ۾ بيرا گيري ڪندو آهي. هنن جي روٽين واري زندگي آهي، جيئن ته
سندن تعلق ننڍڙي ورڪنگ ڪلاس سان آهي ان ڪري نه ته سندن ڪمائي مان روزمرهه جي گھرجن
جي پورت ٿيندي آهي نه کين معاشري ۾ عزت ملندي آهي. انهن جي زندگيءُ ۾ هڪدم هڪ ڦيرو
هڪ واقعي ڪري ايندو آهي جيڪو کين عام ماڻهو مان اغوا ڪار ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي.
هي ڪا ڪمرشل، گليمرائيز مووي ناهي ان کي اوهان آرٽ مووي به چئي سگھو ٿا، هي فلم يوٽيوب تي موجود آهي، جيڪڏهن اوهان به گھر ۾ ويٺا آهيو ته واندڪائي ۾ ڪارائتي وندر طور فلم ڏسي سگھو ٿا.
هي ڪا ڪمرشل، گليمرائيز مووي ناهي ان کي اوهان آرٽ مووي به چئي سگھو ٿا، هي فلم يوٽيوب تي موجود آهي، جيڪڏهن اوهان به گھر ۾ ويٺا آهيو ته واندڪائي ۾ ڪارائتي وندر طور فلم ڏسي سگھو ٿا.
فيس بوڪ اپ ڊيٽ، جاهل سياسي اڳواڻ ۽ خوشامندي تپيدار
ڪوٽ ڏجي پ پ پ جو اڳواڻ جيڪو
ڪرونا وائرس پازيٽو مريض آهي سان گڏ ڪجهه خوشامندي تپيدارن ڦوٽو ڇڪرايا، نتيجي ۾
انهن سڀني کي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور معطل ڪري کين 14 ڏينهن لاءِ آئسوليشن وارڊ ۾
واڙائي ڇڏيو.
مان پ پ پ سنڌ جي صدر کي اپيل ڪندس
ته هن جاهل اڳواڻ کي پڻ پارٽي عهدي تان هڪدم فارغ ڪيو وڃي جيڪو وزير اعلي سنڌ سيد
مراد علي شاهه جي ڪوششن کي ناڪام ڪرڻ ۾ رڌل پاتو ويو آهي
let us help needy people in times of crises
سرنديءَ وارا جيڪي زڪوات ڪڍندا آهن، کين اها هاڻي حاجتمندن ۾ ورهائڻ گهرجي، جيڪي عمري تي وڃي نه سگهيا آهن کين اهو پئسو پنهنجي آس پاس ضرورتمندن تائين رسائڻ گهرجي، محرم جي نيازن لاءِ رکيل رقم، سالياني اجتماعن ۽ واعظن لاءِ مختص رقم کي خرچ ڪرڻ جو هي بهترين وقت آهي. جن دوستن شادين ۽ ڪاڄن لاءِ موڙي سنڀاري رکي هئي پر ايمرجنسي جي صورتحال ڪري هو اهو ڪم نه ڪري سگهيا آهن ته کين مستقبل ۾ آهي ڪم سادگي سان ڪرڻ گهرجن ۽ اها رقم نون جوڙڻ جو صدقو سمجهي خرچ ڪرڻ گهرجي.
دوستو مون کي يقين آهي ته اوهان کي اهڙي ڪم جو ثواب ڪيترائي دفعا وڌيڪ ملندو.
سڄي دنيا سان گڏ سنڌ اندر اسان جا ڪيترائي ماڻهو اهڙا ڪم ڪري هڪ نئين تاريخ رقم ڪري رهيا آهن، اوهان جو نالو به اهڙن مڻيادارن جي لسٽ ۾ شامل ٿي اوهان کي تاريخ جو هيرو بڻائي سگهي ٿو.

تبصرن جا اطلاع حاصل ڪرڻ لاءِ:
هتي ڪلڪ ڪريو