دوستو هي ٻه
پير آهن، جن ۾ هڪ منهنجو آهي ٻيو منهنجي پياري اديب دوست عاجز غلام رسول ابڙو جو
آهي. عاجز واري چمپل کي پشاوري چمپل چوندا آهن مون واري جو ڪو خاص نالو ناهي.
دوستون چمپليون ڪي مهانگيون، برانڊيڊ ٻاهرين ملڪن ۾ جڙيل هونديون آهن ڪي مقامي
مارڪيٽ ۾ موچي يا پٺاڻ ٺاهيندا آهن. جيتوڻيڪ مون واري چمپل خالص چمڙي مان ڪنهن
ٻاهرين ملڪ ۾ ڪنهن وڏي ڪمپنيءَ جي جڙيل آهي پر اها برانڊيڊ ان ڪري ناهي ڇو ته اها
مون لنڊا ٻازار مان ڪنهن پٺاڻ جي دڪان تان خريد ڪئي هئي. ڀلي اها لنڊا بازار جي
هوندي برانڊيڊ واري حيثيت ماڻي سگهي پئي جيڪڏهن اها ڪنهن لينڊ ڪروزر گاڏي رکندڙ کي
پاتل هجي ها. چوڻ جو مقصد هي آهي ته چپل جي قيمت ۽ اهميت ۾ وڏو ڪردار پير جو هوندو
آهي. مون وٽ ان قسم جو هڪ عدد نام نهاد برانڊيڊ لانگ بوٽ پڻ آهي جيڪو مان ڊگهي
بائيڪ رائيڊ يا ڪنهن جبل جي چوٽيءَ تي هائيڪنگ ڪندي پائيندو آهيان. ظاهر آهي ان جي
اهميت، افاديت، عزت، احترام، رعب، دٻدٻو، طاقت هزارين ڀيرا وڌيڪ هجي ها جيڪڏهن اها
ڪنهن فوجي جرنل جي پير ۾ پاتل هجي ها. ماڻهن ته ويچاري عظمي بخاريءَ پاران ٻاهرين
ملڪ جي ڪنهن موچيءَ کي ملڪ گهرائي ڪروڙين روپيا ادا ڪري جوتا جوڙائڻ واري ڪم کي
مذاق بڻائي رکيو آهي ۽ اها ڳالهه ميڊيا کان هضم نه پئي ٿئي. پر وقت وڏو بادشاهه
آهي ٿي سگهي ٿو مستقبل ۾ انهن سندس جوتن جي قيمت هڪ ٽڪي جي ٿي وڃي خاص ڪري تڏهن
جڏهن ميڊم فوجي جنرلن جا جوتا پالش ڪرڻ وارو ڪم ڇڏي ڏئي، پر لڳي نه ٿو ته هوءَ ڪا
ايتر چري آهي ۽ هو پنهنجن محسنن کي ڪاوڙائي. پر فرض ٿا ڪريون جيڪڏهن اهي ساڳيا
جنرل مٿس ڪنهن به سبب ڪري ڏمريا ته انهن لاءِ نيب، ڪرپشن جا ڪيس جوڙي کيس اڻ ڄاتل
مدي تائين سندس قيئتي جوتن سميت اندر به ڪري سگهن ٿا. عمران خان تي هڪ ڪيس هٿ ۾
ٻڌڻ لاءِ تحفي ۾ مليل واچ جو پڻ آهي. ڀلا جڏهن عظمي بخاريءَ جي عظيم ليڊر ميڊم
مريم نواز شريف (ياد رکڻ جي ڳالهه آهي ميڊم مريم پنهنجي مڙس ڪيپٽن صفدر جو نالو
پنهنجي پويان ناهي لکندي، گهٽ ۾ گهٽ اسان جو شهزادو بلاول ڀٽو زرداري ته لکندو
آهي) جيڪڏهن سرڪاري پئسن مان ڪيترن ارب ڊالرن سان خريد ڪيل پرائيويٽ جهاز ۾ لنڊن
جا نجي دئورا ڪري سگهي ٿي ته ويچاري عظمي کي ايترو ته حق ملڻ گهرجي. هونئن به ميڊم
ارب ۽ عرب ۾ فرق ناهي رکندي، ان ڪري پاڪستانين کان وڌيڪ عرب ملڪن خاص ڪري قطر ۾
ڏاڍي مقبول آهي.
مون کي لڳي ٿو
مان پنهنجي اصلي موضوع کان هٽي ويو آهيان، ڇا ڪيان ٻروچڪو ٻار آهيان مون کي نه ڍنگ
جا جوتا آهن نه انهن کي موقعي مهل تي پائي سگهندو آهيان. مون کي غربت ۽ ڇڳل جوتا
مقدر ۾ مليا هئا. اسان جي ڳوٺ جي ڀرسان منهنجي ننڍپڻ ۾ واريءَ جون وڏيون ڀٽون
هونديون هيون ً۽ اسين اونهاري ۾ انهن ڀٽن تي وڏن وڏن کٻڙن مان پيرون پٽڻ ويندا
هئاسين ته جوتا نه هئڻ ڪري مان ڀڄي ڪري مينهن جي تازن ڇيڻن ۾ يا منگل شاخ جي پوسل
واري تري ۾ پير رکي انهن کي ٺاريندو هوس. مون کي ڍنگ جا جوتا ته يونيورسٽيءَ جي
وقت به نه هوندا هئا ۽ هڪ دفعي منهنجي مينيجمنٽ پاڙهيندڙ استاد محترم مون کي پيرن
۾ اسپنج جي پاتل چپل ڏسي اهو چئي ڪلاس مان ڪڍي ڇڏيو هو ته “تون يونيورسٽيءَ جو
شاگرد آهين ۽ اسپنج جي چپل سان ڪلاس پيو وٺين، جيستائين ڍنگهه جا جوتا نه پائيندين
مان توکي ڪلاس ۾ ويهڻ نه ڏيندس” پوءِ ڪيترا ڏينهن جوتا نه هئڻ ڪري مان سائين جن جو
ڪلاس اٽينڊ ڪري نه سگهيو هوس. چوڻ جو مطلب ته جوتا عزت به ڪرائيندا آهن ته بي عزت
پڻ.
جوتن جو
استعمال رڳو پيرن ۾ ناهي ٿيندو اهي اهي ڪنهن کي سٽڪو ڏيڻ لاءِ پڻ استعمال ٿيندا
رهيا آهن. سردار، خان، وڏيرا، پير سندن پوئلڳن، راڄ وارن، مريدن کي پنهنجي رکيل
جوتن وٽ هيٺ ويهاريندا آهن. سياڻا مرد پنهنجي گهروارين کي ڊگهي کڙيءَ وارا جوتا
ناهن وٺي ڏيندا.
جوتن جو
استعمال داٻن ڏيڻ يا محاورن ۾ پڻ واهه جواستعمال ٿيندو آهي،
مثال طور “هل
ته هڻائين نه جوتا” “ڇڳل جوتي جهڙو منهن” “تون منهنجي جتي برابر به ناهين” “تو وٽ
ڪڏهن منهنجي جتي جهڙو مهمان آيو آهي جو لئي پيو ڪرين” بوٽ چٽائو، بوٽ پالشي، وغيره
وغيره
اڄوڪي دئور ۾
جيڪي دبنگ جاگيردار ۽ سردار آهن انهن جا وڏڙا انگريزن جا جوتا صاف ڪندا هئا ۽ هاڻي
هو عام خلق کان پنهنجا جوتا پيا صاف ڪرائين. وقت وقت جي ڳالهه آهي، عين ممڪن آهي
ته ايندڙ وقت ۾ اڄ جوتا صاف ڪندڙ اسان جي ايندڙ نسلن کان پنهنجا جوتا صاف ڪرائين.
ڪجهه جوتا صاف
ڪندڙ جيڪي ڪنهن زماني ۾ کير وڪڻندا هئا، اسٽاٽري ڪندا هئا، حجامڪو ڪم ڪندا هئا،
جوئاري، اغواڪار، ڀتي خور، منشيات فروش هئا انهن کي جوتا صاف ڪرڻ واري عظيم ڪم جي
عيوضي ڪري ترقي ڪرڻ جو راز سمجهه ۾ اچي ويو انهن پنهنجون اهي جوکم واريون ڪِرتُون
ڇڏي جوتا صاف ڪرڻ جو ڪم شروع ته اهي راتو رات آسمان جا تارا بڻجي ويا.
هن ملڪ ۾ ڪي
شريف بس ڪپڙو لٽو هڻي جوتا صاف ڪندا آهن پر ڪي ڪي وزير، لساني تنظيمن جا اڳواڻ
فوجي جنرلن جا جوتا پنهنجي زبان سان چٽي صاف ڪندا آهن ان ڪري اهي سوين بي گناهه
انسانن جا قاتل هوندي ملڪ جا وزير آهن، ۽ پر کين ياد رکڻ گهرجي ته بنگالين وانگر
هن ملڪ جا اصلي ماڻهو کين سڌارڻ لاءِ جڏهن جوتن ۾ هٿ وجهندا ته کين اهي به بچائي
نه سگهندا جن جا هو هن وقت جوتا پيا چٽين.
سو دوستو ڀلا
برانڊيڊ جوتا پايو ۽ ملڪ جي شريف شهرين ۾ پنهنجو نالو لکايو.
See less



