Friday, September 11, 2026

”سڙڪ 2“ فلم رويو



ھدايت ڪار مھيش ڀٽ جي لکيل فلم سڙڪ 2 ھاڻي ھاڻي ڏسي پورو ڪيو اٿم، ھي فلم 2020ع ۾ رليز ڪئي ويئي ھئي. فلم ۾ مک ڪردار سنجي دت، عاليہ ڀٽ، اديتيا رائي ڪپور جا آھن. ھن فلم جي مخالفت ھندستان ۾ تمام گھڻي ٿي ھئي، جڏھن ان جو ٽريلر يوٽيوب تي رليز ٿيو ھو تہ لکين ماڻھن ان تي منفي مطلب Dislike تي ڪلڪ ڪيو ھو.

فلم ۾ جيڪا اھم ڳالھ ڏيکاريل آھي اھا ھيءَ آھي تہ ڪي تمام وڏا عيار، مڪار، چالاڪ، حرفتي ماڻھو مذھب کي ھڪ تمام وڏي ڪاروبار جي شڪل ۾ ھلائيندا آھن. حقيقت ۾ انھن گروئن جو پنھنجو مذھبي ڳالھين تي ٽڪو ايمان ناھي ھوندو، پر ھو دنيا وارن آڏو اھو ڏيک ڏيئي طاقت ۽ پئسو حاصل ڪندا آھن.

جيئن تہ فلم ۾ مذھبي گرو ھندو مذھب سان ڏيکاريل آھي ۽ ھندستان جي عام ھندو ماڻھن جو انھن ۾ تمام گھڻو ويساھ آھي ان ڪري فلم جي مخالفت ٿي ھوندي.

ان ۾ ھڪ ڊائلاگ آھي تہ عام ماڻھن لاءِ ”بس ڳالھين جي ڄار جوڙيو، ھن جنم ۾ وعدا ڪيو ۽ انھن وعدن جي ساڀيان لاءِ مماتيءَ کان پوءِ واري زندگي لاءِ وعدا ڪيو
 

Thursday, September 10, 2026

نوَ سال پراڻي ساروڻي

 


دوستو هي منهنجو ڦوٽو نَوَ سال پراڻو ان وقت جو آهي جڏهن منهنجي پوسٽنگ گورنمنٽ ڄام ممتاز حسين ڏهر ڊگري ڪاليج اوٻاوڙي ۾ بحيثيت پرنسپل جي ٿي هئي. تصوير پاڻ ڳالهائي ٿي، ٽيبل تي منهنجي ڊائري ۽ منهنجو ذاتي ليپ ٽاپ رکيل آهن، آفيس جون ڀٿيون ڀوڏر نظر اچن ٿيون جن تي ڪو رنگ روغن ٿيل ناهي. انوقت ڪاليج جي فنڊ ۾ ايتري گنجائش به نه هئي ته مان ڪا ڦرڻي ڪرسي پنهنجي لاءِ خريد ڪري سگهان ها، ايتري تائين ته ڪرسيءَ مٿان رکيل ٽوال پڻ منهنجو ذاتي هو.

پر حقيقت ۾ منهنجيون اهڙيون خواهشون ئي نه هيون. مون ته پرنسپلس جي نالي واري بورڊ تي پنهنجو نالو ئي نه لکرايو هيو.

مون پنهنجي ذهن ۾ هڪ مقصد، هڪ منزل، هڪ رستو چونڊيو هو ته مون کي پنهنجي ڪاليج اندر هڪ اهڙو تعليمي ماحول جوڙڻو آهي ته جيئن شاگردن ۽ ڪاليج وچ ۾ اهڙو ماحو پيدا ٿئي جيڪو چقمق ۽ لوهه وارو هوندو آهي، اهي ٻئي جڏهن آس پاس هوندا آهن ته هڪ ٻئي کي ڇڪي گڏ ٿيندا آهن.

اهو ڪم ان وقت ڪو سولو نه هئو، ڪاليج پوري ريجن ۾ ڌارين جون ڪوڙيون داخلائون ۽ بوگس امتحان ڏيارڻ واري بدبودار ماحول ۾ گوڏن تائين گتل هو. انوقت جو صوبائي وزير تعليم محترم ڄام ممتاز ڏهر صاحب اوٻاوڙي جو رهائشي هو

۽ سندس ئي ڪوششن جي نتيجي ۾ اها ڪاليج قائم ٿي هئي جنهن تي سندس والد صاحب جو نالو رکيل آهي، صاحب موصوف ڪوڙن ماڻهن جي چغلين تي مون کي بشير آباد جون حاضريون لڳرائيندو هيو، نام نهاد صحافين، ڪوڙن قومي ڪارڪنن، بي حس جيالن کي منهنجي خلاف بڇ ڏيئي بڇيو ويو هو، جيڪي ڀتي جي تقاضا ڪندا هئا، جاني مالي نقصان جا دڙڪا ڏيندا هئا، هڪ دفعي ته پسٽل کڻي آفيس پڻ آيا هئا، جيئن ته انوقت گهوٽڪيءَ ۾ جيڪو ڊپٽي ڪمشنر هيو، اهو سنڌ جي چيف منسٽر سائين مراد علي شاهه جو ڀيڻويو هيو ۽ جنهن بورڊ جي امتحانن لاءِ سڄي ضلع جي پرنسپلن، بورڊ عملدارن کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي کين ڪاپيءَ جي روڪٿام لاءِ سخت هدايتون ڪيون هيون، اهڙي ماحول ۾ منهنجي ڪاليج اندر امتحانن ڪرائڻ وارا نام نهاد ماهر، ناني، ماسي مرڻ جا بهانا ڪري ڀڄي ويا هئا، سڄي ذميواري مون سيکڙاٽ کي سونپي ويئي هئي ۽ پوءِ جڏهن يونيورسٽيءَ جي امتحانن جو وقت آيو هو ته تنهن وقت جي ريجنل ڊائريڪٽر جي ملي ڀڳت سان مقامي امتحاني مافيا مون کي ان امتحاني عمل کان ڌار ڪرائي ڇڏيو هو ۽ مون کان ڊي ڊي او پاور پڻ واپس ورتا هئا. ياد رهي ته اوٻاوڙي جي ان ڪاليج ۾ يونيورسٽي پاران ٿيندڙ بي ايس سي، ايم اي، ايم ايڊ، بي ايڊ جا امتحان ڪروڙن جو ڪاروبار هئا.

خير اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي مان جيڪي ٻه سال اتي رهيم پنهنجي مٿي ڄاڻايل مقصد (Goal) تي مضبوطيءَ سان ڄميل رهيم ۽ رب پاڪ جا ڪروڙين ڪرم ان عمل ڪري جيڪو مون کي مان مرتبو، عزت ملي اهو ئي منهنجي زندگيءَ جو عظيم اثاثو آهي.

Monday, August 31, 2026

لب مھراڻ جي ھڪ جھلڪ

 مون پنھنجي نوڪريءَ جا بھترين سال سکر شھر ۾ گذاريا آھن. سکر آ بي اي يونيورسٽيءَ ۾ پاڙھيندڙ پروفيسر محمود ڊول ۽ مان روز پنھنجي گھران نڪري لب مھراڻ جي سامھون واري پارڪ ۾ واڪ ڪرڻ ايندا ھئاسين. اسان ڪجھ دوست سکر ج گرم شامون سنڌوءَ ڪناري پريَنِ جي تڙ تي يا لب مھراڻ وٽ وڃي گذاريندا ھئاسين. انھن دوستن ۾ پروفيسر وحيد انصاري، پيارو شاھنواز چاچڙ جيڪو ھينئر آمريڪا ۾ رھي ٿو، غلام علي سومرو، حبيب ساجد، پروفيسر زبير مڱريو، پروفيسر فقير نذير احمد بھلڪاڻي سان گڏ ٻيا ڪيترائي مھربان دوست ھوندا ھئا. لب مھراڻ جيڪو ھڪ وقت ھڪ خوبصورت ماڳ ھوندو ھو جتي جام ماڻھو گھمڻ ايندا ھئا، درياءَ جي موجن کي ڏسڻ، انڌي ٻلھڻ جون چلولايون جاچڻ، سامھون نظر ايندڙ سکر بئريج جي پل، پاسي کان نڪتل واھن رائيس ڪينال، دادو ڪينال ۽ کير ٿر جو نظارو ڪرڻ. لب مھراڻ جي بلڪل سامھون دريا اندر ھڪ سھڻو ٻيٽ آھي جنھن ۾ وڻ ٽڻ جام نظر ايندا آھن ان جي موھيندڙ کي ڏسندي اکين ۾ ٿڌاڻ اچي ويندي آھي، ان کان سواءِ ھتان کان دريا جي ڪناري جڙيل سکر شھر جو نظارو، سامھون نظر ايندڙ ساڌ ٻيلو، ان کان اڳيان لينس ڊائون ۽ ايوب پل جا نظارا پڻ پنھنجو مٽ پاڻ آھن. سنڌوءَ جي سانت ڀريل پاڻيءَ مٿان ٻيڙيءَ تي چڙھي سير ڪرڻ وارن لمحن ۾ دل تي اثر ڪندڙ احساسن کي ڪھڙن لفظن ۾ بيان ڪجي بس زندگيءَ جا اھي پربھار لمحا ڀانئبا آھن.

اڄ 29 اگسٽ 2026ع جي ڏينھن تي لب مھراڻ جا سار لھڻ ويو ھوم افسوس تہ مون کي ھڪ وڏو ذھني ڌچڪو لڳو ھو، اسان جي سپنن جو اھو ماڳ ھاڻي ڪنھن غريب بيوھ پوڙھي وانگر آخري پساھن وارو لڳو ھو، لب مھراڻ مان ڇٻر وارو لان اجڙيل نظر آيو، ايڪڙ ٻيڪڙ ڪي گل ٻوٽا نظر آيا، گھڻا تڻا وڻ سڪي سڙي ويا آھن، ڪو نئون وڻ يا گل ٻوٽو پوکيل نظر نہ آيو، اتي ڀڃ ڊاھ جا آثار نمايان ھيا جيڪي جھڙوڪر چٻرا ڪڍي چيڙائي رھيو ھو. ھتي مون کي ھيڪڙ ٻيڪڙ جوڙا مختلف ڪنڊن ۾ ويٺي نظر آيا جيڪي راز ۽ نياز جون ڳالھيون ڪري رھيا ھئا، انھن لاءِ ھي ويران ماڳ بھترين ھو جتي ڪنھن جي نظرن ۾ اچڻ کان سواءِ ويھي رھاڻ ڪري سگھجي ٿي. 


  







منھنجي جيون ٽپڻيءَ جي ھڪ ننڍڙي جھلڪ


 مان خيرپور جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ پنواڙيءَ ۾ پيدا ٿيل ھڪ مٽيءَ جو پنوڙو آھيان. منھنجو والد مرحوم علي گل، منھنجو ڏاڏو الاھي بخش عرف گل بھار ٻئي ڳوٺ جا مسڪين مولوي ھوندا ھئا. نڪاح، عيد نماز، جنازي نماز  پڙھائيندا ھئا. رڳو انھن ڪمن مان پيٽ تہ ناھي ڀرجي سگھندو ان ڪري بابا سائين ھارپو ڪندو ھو، تغاري مزدوري ڪندو ھو، جاين جو مستري ھوندو ھو، ٿانون کي ڪلئي ڪندو ھو، کٽون واڻيندو ھو، ھٿ ۾ جھليل پکا کجيءَ جي پنن مان ٺاھيندو ھو جن تي خوبصورت نقش نگار چٽي ڇڏيندو ھو يا انھن تي نالا لکي ڏيندو ھو، ديڳيون پچائيندو ھو مطلب تہ غربت کيس ست ھنريو بڻائي ڇڏيو ھو. ڏاڏا سائين سندس گھر واريءَ جي جوانيءَ ۾  فوت ٿيڻ، ۽ سندس موڀي پٽ استاد اميرگل ڪٽوھر (سينئر) جي بي وقتائتي موت ڪري جھڙوڪر سيلاني بڻائي ڇڏيو ھو ۽ اڪثر بيشتر گھر کان ٻاھر گذاريندو ھو. ياد رھي تہ استاد اميرگل اسان جي ڳوٺ جو  پھريون پڙھيل لکيل پنھنجي وقت جي موچاري ڊگري فائنل پاس ڪيل ھو ۽ ان آڌار تي کيس پرائمري اسڪول ٽيچر جي نوڪري پڻ ڏني ويئي ھئي. منھنجو چاچا مرحوم استاد اميرگل ھڪ قابل، ايماندار استاد ھو ، ھو سائين عطا محمد حاميءَ جو ھم عصر ھو ۽ اھي خيرپور شھر ۾ گڏجي رھند ھئا. ھو اسان جي تڪ جو پھريون استاد ھو جنھن سڀ کان پھرين اسان جي ڳوٺ، آس پاس جي سمورن علائقن ۾ علم جي روشني ھڪ پوري پيڙھي منجھ پکيڙي ڇڏي ھئي ان جي بي وقتائتي موت  ڪري گھر ٻار جو سمورو وزن بابا سائين جي ڪلھن تي اچي پيو ھو ۽ بابا سائين وقت ۽ حالتن کان ھار کائڻ بدران ان سان مقابلو ڪيو ھو ۽ خوب ڪيو ھو. سندس شفقت، دعائن جي سلي ۾ مون جھڙو اٻوجھ انسان، نہ رڳو اقتصادي پاڻ ڀرائي پاسي قدم کنيا ھيا پر اڀرو سڀرو سماج اندر پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جھڙو ٿي سگھيو ھو. گذريل ھفتي سئوٽ عبدالڪريم، پياري پروفيسر ڪليگ نوراحمد سومري (سابق پرنسپل گورنمنٽ ڊگري ڪاليج گلستان جوھر ڪراچي) ۽ نوجوان تحقيق ڪندڙ علي شاھ لڪياريءَ سان کارو ڇاڻ جو چڪر لڳايو ھوسين. انوقت منھنجي جاڳيل نيڻن جي سپنن جو خوبصورت ماڳ سنڌي سمنڊ منھنجي اکين اڳيان ھو ۽ باقي پوري سنڌ منھنجي پويان ھئي. شل منھنجي جيجل ڌرتي خوشحال ٿئي، سرسبز ٿئي، مالا مال ٿئي، ڪو مارو ماڻھو بک نہ ڪاٽي، ڪو علاج لاءِ نہ تڙپي، ھر ڪنھن وٽ پنھنجو جھڳو ھجي، ھرڪنھن جي اولاد کي اعلي تعليم ملي، امن امان ھجي، خوشحالي ھجي، خوشين جي ڳيچ ھجن، ھوجمالو جي ڌن تي منھنجي ڌرتيءَ جا ماڻھو رقص ڪن، جھومن، ڳائين خوشين جا ترانا چون، ھر پاسي وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا، گل گلزاريون ھجن، گلن تي پوپٽن جي اڏام ھجي...
...نيٺ تہ اھڙو ڏينھن بہ ايندو ساٿي 

وقت خواب وانگر آ. شيخ اياز جي شاعريءَ مان چونڊ

 جهومندڙ هوائن ۾

رات ڄام شوري جي
ڪنھن رباب وانگر آ؛
عمر اِئن اُڏامي ٿي
ڄڻ پکي پرن تي آ
وقت خواب وانگر آ.

ممتاز مھر جي آتم ڪٿا ڪتاب ”ڀُلي نہ بيھ بازار ۾“ مان ٽڪرو

ھونئن بہ نفسياتدانن جو چوڻ آھي تہ ذھن جي دنيا تمام پراسرار آھي، بيمار ذھن وارو ماڻھو انيڪ روڳن ۾ ڦاٿل ھوندو آھي. جڏھن تہ صحتمند ذھن وارو ماڻھو پاڻ نہ رڳو خوش گذاريندو آھي پر ڪڏھن بہ پاڻ کي پوڙھو نہ سمجھندو آھي. ڪنھن کي منھنجي ڳالھ وڻي يا نہ وڻي مون پاڻ کي ڪڏھن بہ پوڙھو نہ سمجھيو آھي ۽ انڊيا جي فلمي ادڪار ديوآنند 
وارو لائيف اسٽائيل اپنايو اٿم ”ابھي تو مين جوان ھون 

Sunday, August 30, 2026

قمرشھباز جي شاعريءَ مان چونڊ، دل کي ڇھندڙ خيال



منهنجي مَن جو ميرو پاڻي، اُجلو تنهنجو تن!

منهنجي مَن جو ميرو پاڻي، اُجلو تنهنجو تن!

پلڪون پنڇي بنجي مون کان اڏريو هاءِ وڃن...

گهائل بادل، ڇا لئه پاڳل، تنهنجا نيڻ ٽمن؟...

تنهنجون يادون، جهوُنجهڪڙي ۾، جڳنو ٿي جرڪن...

جاڳي جاڳي، وياڪل راڳي، تنهنجا گيت روئن...

وارَ وارَ سان هار اسان ئي ماڻي آهي سجن...