Monday, July 9, 2012

عظيم تر تباهي

                            


     ڪي ڪي خطرا اهڙا هوندا آهن، جن جو تعلق ڪنهن خاص قوم، ملڪ يا خطي سان ناهي هوندو پر اهي پوري ڪائنات جي سمورن ساهوارن لاءِ هڪ جهڙو تباه ڪن هوندا آهن. اوهان  جوڇا اهو خيال آهي ته ايٽمي هٿيارن جي موجودگي ۽ روزبروز انهن ۾ واڌارو هن ڪائنات لاءِ تمام وڏو خطرو آهي؟ ۽ اوهين اهو سوچيو ٿا ته ان سان نه رڳو نسل انساني پر باقي ساهوارا به  تهس نهس ٿي ويندا ۽ زندگيءَ جون علامتون مٽجي ختم ٿي وينديون. اها ڳالهه واقعي به وزنائتي آهي، پر جي مان چوان ته ايٽم بمن ۽ سموري گولابارود کان  به تمام وڏو خطرو اڃان ڪو ٻيو موجود آهي ته ڇا اوهان اعتبار ڪندا!  اهو هيءُ ته سرمائيدار ملڪن تيزرفتار ترقيءَ جي حاصلات لاءِ فطرت جي توازن کي ڊانوا ڊول ڪرڻ جي حماقت ڪري وڌي آهي ۽ هاڻي سال بسال اسان جي هن سهڻي من مونهڻي ڪائنات  تي جيڪو ڌرتيءَ جو ٽڪڙو آهي ان جي گرمي پڌ ۾ هرروز اضافو ٿي رهيو آهي. پهاڙن تي ڄميل گليشيرز پگھري رهيا آهن ۽ ڏينهون ڏينهن انهن جو تعداد گھٽجندو پيو وڃي، صاف سٿري قدرتي پاڻيءَ جا ذخيرا پڻ گھٽبا پيا وڃن ۽ پوري ڪائنات جي موسمي صورتحال ۾ ڊرامائي تبديليون نوٽ ڪيون پيون وڃن، يا ته سالن تائين برسات نه ٿي پئي ۽ جي پوي ٿي ته تمام گھڻي ٿي پئي ۽ علائقن جا علائقا ان جي لپيٽ ۾ اچي لڙهي ٿا وڃن. سمنڊ زمين کي پائيندو ٿو وڃي. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري پيو ٿئي ڇو ته قدرت پاران اسان جي ڌرتي تي جوڙيل گرين هائوس گئس واري ڇاڻيءَ ۾ ڇيد ٿيندا پيا وڃن. هن وقت دنيا جي سمورن ساڃاه وند سياڻن ماڻهن ۽ سائنسدانن جو اهو گڏيل مؤقف آهي ته پوري نسل انسانيءَ سان گڏ سموري ساهواري مخلوق کي جي ڪو تمام وڏو، انتهائي خطرناڪ، ڀوائتو خطرو آهي ته اهوئي آهي.


                 ٽم فلينري آسٽريليا جو جڳ مشهور سائنسدان آهي جنهن کي آسٽريليا جو وڏي ۾ وڏو اعزاز مليل آهي. کيس گرين هائوس گئس معاملي تي تمام گھڻي تشويش، ڳڻتي ۽ ڳاراڻو آهي. سندس مؤقف آهي ته هنوقت آسٽريليا تي ان جا انتهائي خطرناڪ اثر ظاهر ٿيڻ لڳا آهن. آسٽريليا جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ ماڻهن جي پيئڻ لاءِ صاف شفاف پاڻيءَ جي دستيابي مسئلو بڻيل آهي جڏهن ته زرعي پيداوار لاءِ ان جي فراهمي گھٽ ٿيندي پئي وڃي. سندس وڌيڪ اهو به چوڻ آهي ته  ملڪ جي پيداوار ۾ گھٽتائي انفرا اسٽرڪچر جي خراب رٿابنديءَ ڪري نه پر ان ڪري آهي ڇوته گرين هائوس پاليوشن جي ڪري ڌرتيءَ مان پاڻيءَ جا ذخيرا ختم ٿيندا پيا وڃن. سندس چوڻ آهي ته اڄ آسٽريليا جا شهري ان مسئلي جو بدترين نموني سان شڪار بڻيل آهن پر اهو ڏينهن پري ناهي ته آمريڪا، برطانيه ۽ يورپ سميت دنيا جا سمورا ملڪ ان جو شڪار ٿيندا. هن ڪوئلي تي بجليءَ جي پيداوار کي جاهلانه طريقو سڏيندي اهڙي طرز تي بجليءَ جي پيداوار کي بنادير بند ڪري متبادل طريقا ڳولهڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته اسان سج جي ڪرڻن، هوا جي لهرن ۽ جيو ٿرملن ذريعي به اها حاصل ڪري سگھون ٿا، ان سلسلي ۾ هن پنهنجي حڪومت کي چيو آهي ته جي اها ان معاملي ۾ واقعي سنجيده آهي ته بجليءَ جي پيداوار لاءِ هڪ نئون شهر اڏي اتي ان ۾ اها ايتري پيدا ڪري سگھجي ٿي جو اها پوري ملڪ  جي سمورين ضرورتن جو هڪ صدي  تائين پورائو ڪندي رهندي. ياد رهي ته آسٽريليا اهو ملڪ آهي جت تمام عظيم ٻيلا آهن، پر هاڻ ماحول جي آلودگيءَ ڪري سندن انهن ٻيلن ۾ باهيون لڳڻ ڄڻ معمول بڻجي ويو آهي، ان تي قابو ڪرڻ لاءِ کين جيڪي پاپڙ پيلڻا پوندا آهن ان کان به وڌيڪ درد سندن لاءِ  انهن ڀڙڪندڙ باهين ڪري ماحول جو گرم ٿيڻ آهي. اديب هجن يا دانشور يا سائنسدان سڀ جو سڀ  دنيا ۾ آلودگيءَ واري اشوءَ تي ڏاڍي تشويش ۾ مبتلا آهن. ويندي هالي ووڊ جي فلم ميڪرز کي پڻ ان معاملي جي سنگينيءَ جو احساس آهي جو انهن ساڳي مسئلي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ شاندار فلم ٺاهي آهي، ان جو نالو آهي،                                     


 Day after tomorrow


جنهن ۾ انهن  ڏاڍي اثرائتي نموني اهو ڏيکاريو آهي ته فطرت سان هٿ چراند ڪرڻ جا ڪيڏا ڳرا نتيجا ڀوڳڻا ٿا پون. اها ساڳي ڳالهه اقوامِ متحده جي ايٽمي هٿيارن واري سابق انسپيڪٽر مسٽر برنڪس به ڪئي آهي ته ايٽمي هٿيارن کان تمام گھڻي وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه آهي زمين جي گرميءَ جو وڌڻ، هن ان سلسلي ۾ اهو به چيو ته قومن ۽ ملڪن کي ايٽمي توانائيءَجي پر امن استعمال لاءِ اها طاقت حاصل ڪرڻ جي اجازت هئڻ گھرجي جو ائين ڪرڻ سان ماحول گندو نه ٿيندو، ياد رهي ته هي يار   اقوامِ متحده پاران عراق ۾ ايٽمي هٿيارن جي ڳولها لاءِ موڪليل انسپيڪٽر هيو جنهن اها رپورٽ ڏني هئي ته عراق ۾ وڏي تباهي ڦهلائيندڙ هٿيار موجود نه آهن.                                                                     


              ڪيڏي نه افسوس ۽ ڏک جي ڳالهه آهي ته پياري ملڪ پاڪستان ۾ جنهن نموني ٻين مختلف اشوز تي کل هاڻپ پاليسيون پيون هلن ته ماحول جي متاثر ٿيڻ جو ته لڳي ٿو ڪنهن کي ڪو ارمان ۽ نه ڪا ڳڻتي ڳاراڻو آهي. اسان جا سمنڊ، درياءُ، وڏا شهر، ڍنڍو ڍورا گندگيءَ جو ڍير ٿيندا پيا وڃن. هاڻ جيڪڏهن ڪي ڌريون ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻيٽن تي اڏجندڙ شهرن کي اهڙي پس منظر سان ڏسن ٿا  ۽ کين مستقبل ۾ ماحول تباه برباد ٿيندي نظر ٿو اچي، ته  بجاءِ انهن جي جائز نقطن تي غور ڪرڻ جي کين ڪنهن ٻي اينگل سان ڏٺو ۽ سمجهيو پيو وڃي.                            


             ماحول جي تباهيءَ جو هڪ وڏو سبب وڏا ڊيم به آهن، ان جي تباه ڪارين جو هلڪو عڪس ته مون پنهنجي اکين سان ان وقت ڏٺو هو جڏهن اسين سانگھڙ ضلع ۾ اڏيل چوٽياريون ڊيم کي 2003ع ۾ ڏسڻ وياهئاسين، ان جي آس پاس جون زمينون سم ۽ سيراب جي ور چڙهي ويون هيون، جهنگلي جيوت تباه ٿي ويئي هئي، بهرحال اهو چوڻ ته وڏن ڊيمن جڙڻ سان ماحول تي انتهائي هاڃيڪار اثر پون ٿا، ان ۾ ڪو ڪوڙ نه ئي ڪو وڌاءُ آهي. گھڻا ماڻهون ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جا ان ڪري به مخالف آهن، ان سان هڪ طرف ته سرحد جو هڪ پورو شهر تباه ٿي ويندو ته ٻي پاسي سنڌ وارا زرعي پاڻيءَ کان هڪ طرف محروم ٿيندا پر ان کان وڏو سانحو اهو به رونما ٿي سگھي ٿو ته ان جي اڏاوت سان جي هڪ پورو درياءُ ئي مري کپي وڃي!!!!!                                                              


          اهڙي حالت ۾ نه رڳو انساني نسل مشڪلاتن جو شڪار ٿيندو پر آبي جيوت جي ته نسل ڪشي ٿي ويندي. سمنڊ تيزيءَ سان زمين کي پائي ويندو، تمر جا رهيل ٻيلا به تباه ٿي ويندا ۽ نتيجي طور تي سوناميءَ جهڙيون هولناڪ تباهيون اڻٽر ٿي پونديون. اهو ساڳيو عمل ٻيٽن تي جڙندڙ عمارتسازي سان به عمل ۾ ايندو، ان ڪري به پوريءَ دنيا ۾ ماحول سان پيار ڪندڙ ڪارڪن اهڙن انسان دشمن ۽ ڪائنات دشمن رٿائن جي مخالفت ڪندا آهن. مان حڪومت پاڪستان کي اها صلاح ڏيندس ته هو ماحول دشمن اهڙن سمورن  رٿائن کي هڪدم ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ۽ کيس اهڙو ڪوبه ڪم نه ڪرڻ گھرجي جنهن سان خوشگوارماحول آلوده ٿئي.                                                            


Ag_katohar@yahoo.com

واڪا ڪرڻ مون وس

روزانه ” خبرون “ جي 25 جنوري 2007 جي شماري ۾ ڇپيل ڪالم




                        مين پرائمري اسڪول ڪنڌرا اهو ادارو آهي جت اسان ڪنڌرا شهر ۽ ان جي آسپاس جي سمورن اسڪولن جي استادن ۽ هيڊ ماسٽرن جي پيشورانه سکيا جو ڪم سرانجام ڏنو هو. هڪ گروپ ۾ خيرپور تعلقي جي ڳوٺ عيسن ڀيو جي رهواسي عبدالرزاق ڀيو جو نالو به شامل هيو. عبدالرزاق ڀيو پڪيءَ عمر جو مذهبي خيالن وارو، نيڪ، پنهنجي پيشي سان والهانه عقيدت رکڻ وارو انسان آهي. هن پنهنجي پيشي کي عمر جا ستاويهه قيمتي سال ارپيا آهن، هو اسڪول جو ڪم به عبادت سمجهي سرانجام ڏيندو آهي ۽ کيس ” استاد “ سڏائڻ تي فخر محسوس ٿيندو آهي. سندس اسڪول تعلقي روهڙي ۽ تعلقي خيرپور جي سرحد تي آهي، روهڙي کان پري ۽ ڪٽيل هئڻ ڪري ڪوبه سپروائيزر، ايل سي او يا ڪو ٻيو مٿيون عملدار ان پاسي رخ گھٽ ڪندو آهي ها البته خانه پوريءَ لاءِ ڇٺي ڇهه ماهي ڪو اتي به جهاتي پائي ويندو آهي. هن اسڪول ۾ ايس ايم سي فنڊ کي استعمال ڪندي پنجٽيهه هزار روپين جي معمولي رقم سان ڳوٺاڻن جي مدد سان هڪ عدد ڪمرو به جوڙايو آهي. سندس چوڻ هو ته هڪ آفيسر سندس اسڪول جي دؤري تي آيو ۽ هر شيءِ ٺيڪ ٺاڪ ڏٺائين پر آخر ۾ پنهنجي ” ذهانت “ ثابت ڪرڻ لاءِ اها گوهر افشاني فرمائڻ جو حق استعمال ڪيائين ته اهڙو ڪمرو ته وڌ کان وڌ پنجويهه هزار روپين ۾ جڙي سگھي ٿو، تو ڏهه هزار روپيه وڌيڪ خرچ ڪيا آهن!!

                    سکر ضلعي ۾ تعليمي سڌارن جي مد ۾ اسرا جي هڪ ٽيم ” ليڊ “   وارن هٿان هرهڪ پرائمري اسڪول کي هڪ هزار ڊالر يعني اڻهٺ هزار روپيه ڏناويا هئا ته جيئن اهي پنهنجي اسڪول ۾ هڪ عدد وڌيڪ ڪمرو ڪلاس روم لاءِ جوڙين مون اڪثر هيڊ ماسٽرن کي اها شڪايت ڪندي ٻڌو هو ته ايترن ٿورن پئسن ۾ ڪمرو ٺهڻ ممڪن ئي ناهي، حالانڪه ائين به نه هيو، اهي جيڪي مثبت سوچ ڌاريندڙ ۽ هر ڪم کي بروقت سرانجام ڏيندڙ هيڊ ماسٽر هئا انهن ساڳين پئسن مان ڪمرا تعمير به ڪرائي ڇڏيا هئا. ڪيڏي نه حيرت جهڙي ڳالهه چئبي ته جيڪڏهن ڪو ڀاڳوند اهو ساڳيو ڪم رڳو پنجٽيهه هزارن ۾ سرانجام ٿو ڏئي ته به ان تي اعتراض آهي . مون پنهنجي ٻن سالن واري تجربي ۾ ان ڳالهه جو مشاهدو ڪيو آهي ته گھٽ ۾ گھٽ پرائمري سطح تي ڪجهه عملدارن جو تعليمي تباهي ۾ نمايان ڪردار آهي. انهن مان گھڻن کي ته خبر ئي نه آهي ته مانيٽرنگ ٿيندي ڇا آهي ! ۽ جيڪي سپروائيزر آهن انهن مان ڪجهه ته بنهه  ڪورا ڄٽ آهن، بس اهي مٿين آفيسرن جا خوشامندي ۽ انهن لاءِ مال ٺاهيندڙ ۽ ڪجهه انهن مان پنهنجو حصو پتي حلال ڪندڙ وڌيڪ آهن. مون کي اڄ به اهو عملدار ياد آهي جنهن سکيا لاءِ چونڊيل ماسٽر ٽرينرس کي ڪن ڳالهين تي بليڪ ميل ڪري هزارين روپيا هڙپ ڪيا هئا ۽ اهو ساڳيو آفيسر انهن سينٽرن تي اچي ايمانداري ۽ سچائي سان پنهنجي ڪم کي سرانجام ڏيڻ جون تلقيدون ڪندو هو. مين پرائمري اسڪول سکر اهو اسڪول هو جتي اسان پهرين گروپ جي سکيا ڪئي هئي ان ۾ ڳچ تعداد فيميلز جو به هيو اهي اسان جي ڳالهين ۾ اچي ڪجهه پير پختا ڪري مٿين عملدارن کي رشوت نه ڏيڻ واري واعدي تي ڪجهه عرصو ته قائم رهيون، پر وڏي دٻاءُ ڪري کين جهڪڻو پيو ۽ هنن پنهنجن پنهنجن اسڪولن جي آڊٽ جي مد ۾ روائتي نموني هڪ هڪ هزار مٿين آفيسرياڻيءَ کي ڏنا هئا، اها جيئن ته وڏي زماني ساز، لڪڙ هضم پٿر هضم ڪندڙ مشهور آهي، سو ان انهن پئسن مان پاڻ کان مٿين آفيسرياڻي کي جڏهن ” چاٽو “  نه ڪرايو ته اها به آپي مان نڪري ويئي ۽ پوءِ ڳالهه وڃي ڊي سي او صاحب جي ٽيبل تي پهتي هئي. اسان جو آخري گروپ به فيميل تي مشتمل هيو. اتي هڪ ڏينهن خوفناڪ قسم جي بلا عورت نه ڪا هم نه ڪا تم ڪري اسان واري ڪمري ۾ گھڙي آئي، معلوم ٿيو ته اها تعلقي جي آفيسرياڻي آهي ۽ ان اچڻ سان مون تي اچي اکيون ڦوٽاريون ته هوءَ ڪنڊ ۾ ويٺل ٽيچر ڪنهن جي حڪم سان هتي اسان واري سينٽر تي ويٺل آهي، کيس اهو به احساس نه هيو ته مان نه ته سندس ماتحت هيس ۽ نه سندس سوالن جا جواب ڏيڻ جو پابند، جڏهن ته منهنجو گريڊ  به کانئس مٿي هيو، بهرحال مون تحمل سان کيس سمجهايو ته هي جيڪي هتي ويٺل آهن، انهن سمورين کي اوهان جي ٽيبل تان نڪتل آرڊرن جون ڪاپيون اسڪول ۾ موڪلي هتي سکيا لاءِ گھرايو ويو آهي. سندس اتي اچڻ ۽ صوبيداراڻي نموني رويو رکڻ ڪري، اسانجي ڪلاس ۾ جيڪا انتهائي خوشگوار فضا قائم هئي اها ته غارت ٿي ويئي ويتر هڪ قسم جي نفرت انگيز ڪشمڪش وارو ماحول جڙي پيو هو ۽ ان ماحول کان بچڻ لاءِ مون ڏهن منٽن جو وقفو ڪري ڇڏيو هو، مون کي سندس رويي ته واقعي رنجايو هو پر افسوس ان ڳالهه جو هو ته ڪلاس انوقت مختلف سرگرمين ۽ گروپ ورڪ ۾ جوڙيل چارٽن ۽ ماڊلن سان ڪنوار وانگر سينگاريل هيو کيس انهن ڪمن سان ڪابه دلچسپي نه هئي ته سندس استاد نون ۽ جديد لاڙن تحت پڙهڻ، انتظام سنڀالڻ جو ڪم سکي رهيون آهن.

  مون اهو به مشاهدو ڪيو آهي اهي استاد جيڪي پنهنجي ڪم جا ڄاڻو ۽ ماهر آهن ۽ تعليم جو ڀلو دل ۽ جان سان چاهيندا آهن، ڪرپٽ آفيسرن جو سڌو سنئون ننشانو به اهي ئي بڻجندا آهن. اڪثر ڪري اهو ڏٺو ويو آهي ته اسڪولن جي انسپيڪشن ۽ سپروائزنگ ان لاءِ نه ڪئي ويندي آهي ته اتي ڪم ڪندڙ استادن ۽ اسڪول جي مجموعي ڪارڪردگيءَ کي جانچجي، استادن ۽ هيڊ ماسٽرن جي همٿ وڌائجي، کين تعليمي عمل ۾ مدد مهيا ڪجي ۽ اهڙي نموني سندن ڪارڪردگي وڌائجي پر اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته اهي وزٽ محض بهانو هوندا آهن، انهن دؤرن دؤران استادن ۽ هيڊ ماسٽرن جي غلطين، خامين کي هٿ ڪري کين بليڪ ميل ڪرڻ جو عمل سرانجام ڏنوويندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ايماندار ماڻهون سندن اڏيل اهڙين ڪوڙڪين ۾ ڦاسڻ کان انڪار ڪندو آهي ته کيس بدلي ڪري سندس ڪيل ” ڏوهه “ جي سزا ڏني ويندي آهي. پني عاقل ۾ مردن جي گروپ ۾ هڪ سپروائيزر هيو جنهن جي آئيڊيل آفيسر هڪ اهڙي ميڊم عملدار هئي، جيڪا پٽيوالي کان وٺي پروفيسرن سان وڙهڻ، ڦڏا ڪرڻ جي ماهر ليکي ويندي هئي. ان جو قصو بيان ڪندي ٻڌايائين ته ” سائين ڇا ڳالهه ڪجي، هو جڏهن به هن پاسي وزٽ تي ايندي هئي ته  هن غريب ( وٽس ) وٽ ايندي هئي. هڪ دفعي ذري گھٽ هندستان جي سرحدن جي ويجهو هڪ اهڙي هيڊ ماسٽر کي ڳولهي هٿ ڪيائين جنهن هڪ ڌڪ سان اسڪول جي فنڊ مان ٻه لک ڪڍرائي کپائي ڇڏيا هئا ! “ مون جڏهن کانئس  ورائي سوال پڇيو هو ته ڀلا ڏي خبر پوءِ ان هيڊ ماسٽر جي نوڪري ختم ٿي، کيس ڪا سزا ملي؟ ان سوال جو ته وٽس جواب ئي نه هيو!!!

پرائمري اسڪولن جي وزٽ لاءِ عملدار اوچتو اچي ڪڙڪندا آهن ۽ ان کي ڇاپي جو نالو ڏيندا آهن. اسڪولن ۾ ڇاپا؟!  ڇاپا ته ايس ايڇ او ۽ صوبيدار هڻندا آهن، استادن تي ڇاپن مان ته اهو تاثر ٿو ملي جهڙوڪر اهي وڏا ڏوهي هجن. جي اسڪول جي ڪم جي نگراني يا مشاهدو ڪرڻو مقصود هجي ته اهو ڪم محض هڪ يا ٻن ڪلاڪن ۾ ڪيئن ٿو ڪري سگھجي، ان ڪم لاءِ ته هڪ هڪ پورو ڏينهن هڪ هڪ اسڪول کي ڏجي، اتي ترسجي، استادن سان گڏ شاگردن سان ملجي، سندن قابليت جو ڪاٿو ائين لڳائي سگھجي ٿو. گھڻن هيڊ ماسٽرن اها به شڪايت ڪئي ته وزٽ کان پوءِ اهي عملدار کانئن گاڏيءَ جي  تيل لاءِ پئسن جو مطالبو ڪندا آهن. پرائمري سطح تي سپروائيزري ڪم ۾ انقلابي تبديلين جي ضرورت آهي. سپروائيزر ايماندار ، تعليم سان والهانه عقيدت رکندڙ اهڙا استاد مقرر ڪجن جيڪي پنهنجي ڪم جا انتهائي ماهر  ۽ جاڻو به هجن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نيڪ سيرت ۽ مثبت سوچ رکندڙ ايماندار استادن جي همٿ افزائيءَ ڪجي، کين شابس سان گڏ سندن ڪم ۾ مدد ڪجي، همٿائجي، سٺن استادن جا قصا سڀني کي ٻڌائجن، انهن کي تمغا ڏجن، سندن نالي سندون جاري ڪجن ته پوءِ ئي پيڙهه جي پٿر وارو درجو رکندڙ پرائمري تعليم جو معيار بلند ٿي سگھي ٿو.





ٽيهه سال اڳ واري ۽ اڄوڪي سنڌ

اڄ اتفاق سان 1985ع جي ڊائري کولي جو پڙهيم ته ان


۾ عوامي شاعر اسماعيل ” اداسي “ جي هيءَ تخليق اکين مان گذري، جيڪا هن انوقت سرجي هئي جڏهن هو ملڪ ۾ جمهوري راڄ جي مطالبي ڪرڻ جي پاداش ۾ جيل جي جهان ۾ رهڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو هيو ۽ هن کي اتي جيڪي نظر آيو هيو ان کي عوامي انداز ۾ پيش ڪيو هئائين، اچو ته اول اهو پڙهون،


ظلم ضيا جو زور وٺي ويو، اونڌه ڇانئي ڪاري ٻاٽ،


ڪارا چڪر پاڳل خانا، گھمي ڏٺاسون ڦاسي گھاٽ.


قيد جي قهري ڪوٽن ۾، ڪيئن ڪونڌر قتل عام ٿيا،


بمن  ۽  بندوقن  جو  بک  ٿيا، صبح  ٿيا، ڪي  شام ٿيا.


ڪن لئه ڦاهيون، ڪن لئه ڦٽڪا، ڪن لئه بڻيا بجلي شاٽ.


آزاديءَ جي ڪاڻ اچي هت رنگ ڌٺوسون نئو روپ“


چانهه ته جهڙي چوپائي مُٽ، دال ته جهڙي ڌوتل ڌوپ،


مسڪينن لئه مار مصيبت، مفت خورن جا هت به ٺاٺ.


فوجي ڇانوڻيءَ منجهه ڏسو يار، پاپين ڪيترا پاپ ڪيا،


لٽڪايا جن لعل لکين، تن ڪٽي ڪٽي ڪواب ڪيا،


پر    پورا نه تن جا پوءِ به ٿيا، جي لڌا لٽيرن خوني خواب.


لٽڪايو يا لالچ ڏيو، پر حق جو نعرو هڻنداسين،


موت قبولي ماڳ وطن لئه مرڪي ڦاهي چڙهنداسين،


اداسي آخر واپس ٿيندا، کرن هنيا جي خوني کاٽ.


اهو سندس سادو پر خوبصورت انداز هيو جنهن مان انوقت جي حالتن جي چڱيءَ  طرح پرک ٿئي ٿي. پر جڏهن مون ان دؤر کان وٺي اڄ تائينءَ جو تجزيو ڪيو ته انتهائي ڏک ۽ افسوس ٿيو ته اڄ به اسان لاءِ اها ڪاري رات جاري آهي ، ڦاسي گھاٽ اڄ به حق گھرندڙ انسانن سان آباد آهن، ڪيئي ڪونڌر گم ڪيا ويا آهن، ٻيو ته ٺهيو انهن جي باري ۾ ڪو اطلاع ڏيڻ به گوارا نه ٿو ڪيو وڃي ته آيا اهي زنده سلامت به آهن يا......................؟!!!


غور ڪري ڏسبو ته اڄ به حالتون اهيئي 30 سالن واريون پراڻيون ئي آهن، ساڳيو ضيالحق جي دؤر ۾ شروع ڪيل ڪالاباغ وارو رينگٽ جاري آهي، بلوچن لاءِ حق جي گھر ڪندڙ نواب اڪبر بگٽيءَ کي جنهن نموني وڏي بيدردي ۽ بي حيائيءَ سان گولين جو بک بڻايو ويو، اهڙو مثال ته پوئين دؤر ۾ به نه ٿوملي. بي روزگاري اڳ کان به وڌي ويئي آهي، خود ڪشين جي تعداد ۾ روز بروز اضافو ٿيندو پيو وڃي، اُن دؤر ۾ شروع ڪيل قبائلي جهيڙا هن وقت عروج تي پهتل آهن، هاڻ ته باقاعدي انهن هڪ منافع بخش ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، ۽ اهڙن جهيڙن جي طفيل ڪي نالي ۾ نهال خودرو سردار اٻوجهه ۽  اڻ پڙهيل ماڻهن جي جذبن سان کيڏي، کين مختلف قبيلن جي دشمنيءَ جا ڊپ ڏيئي، انهن جا قيمتي ووٽ حاصل ڪري، قومي ۽ صوبائي اسمبلين ۾ پهچڻ کان علاوه ضلع ناظم به ٿي ويا آهن. سنڌ جي تعليم کي هٿ وٺي ضيا جي وقت ۾ تباه ڪيو ويو هيو ۽ انوقت جي ڪجهه شاگرد ڌرين اڻسڌيءَ طرح فوجين جي لاڳو ڪيل پاليسن کي سنڌ دوستيءَ جي رنگ ۾ همٿايو هيو، انوقت سندن  اهوچوڻ هوندوهيو ته جيئن ته فلاڻن ادارن ۾ سندن اڪثريت آهي ان ڪري باقي ٻين شاگرد تنظيمن کي سياست ڪرڻ جو حق ناهي، سندن اهڙن پاليسين ڪري سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن ادارن ۾ خوني جهڳڙا شروع ٿي ويا هئا، هاڻ ته اهي شاگرد تنظيمون ئي نه رهيون آهن، جي آهن ته نالي ماتر، پر سنڌ جي تعليمي تباهيءَ جو جيڪو ٻج ان دؤر ۾ ڇٽيو ويو هو اهو هاڻ پچي راس ٿيو آهي.  ضيا جي دؤر ۾ سنڌ جي وزير اعلى هٿان جوڙايل دهشت گرد تنظيم هاڻ مچي مواڙ ٿي پئي آهي ۽ سموري سنڌ سندن مٺيءَ ۾ بند آهي، ۽ اهي سموري اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ آهن. ضيا جي دؤر ۾ جيل جهورائي ڌاڙيل آزاد ڪرائي ڌاڙيل ڪلچر کي متعارف ڪرايو ويو هيو اهو به پنهنجي اوج تي آهي ۽ ڪي علائقا اڻ اعلانيل انهن جي هٿ وس آهن. 1985 ۾ غير جماعتي بنيادن تي ڪرايل اليڪشن ۽ اليڪشن بعد ميمبرن کي سياسي رشوت طور ڏنل ڪروڙين روپين وارو جوڙيل وهنوار اڄ به جاري آهي. ان جو مثال هن کان مٿي ڪهڙو ٿي سگھي ٿو ته رات وچ۾ ٺاهيل پارٽي ملڪ جي مقبول ترين ۽ ڪامياب ترين پارٽيءَ طور آندي وڃي ٿي. ان کان علاوه ڪلاشنڪوف ڪلچر به ان ئي خوني دؤر جي پيداوار آهي، جنهن جي نالين مان نڪتل لکين گولين هزارين مائرن جون هنجو اجاڙ ڪري ڇڏيون آهن. ان کان علاوه هيروئن جي وبا کي به ساڳي وقت ۾ ميدان تي آندو ويو هيو، سنڌ ۽ ملڪ جي سمورن ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ زنده لاشن جي شڪل ۾ گھمندڙ لکين نوجوان، ٻار توڙي ٻڍا ان جو گھمندڙ ڦرندڙ مثال آهن، سو اهو چئي سگھجي ٿو ته وقت ته تمام گھڻو وهامي چڪو آهي پر اسانکي وري به پوئتي ڌڪيو ويو آهي !.  سنڌ جي باشعور ماڻهن، سياسي پارٽين ماضيءَ ۾ ايم آر ڊي جهڙي عاليشان جدوجهد هلائي پاڻ ملهايو هو، ۽ خاموش اهي اڄ به ويٺل ناهن پر جي حقيقت پسند ٿي تجزيو ڪبو ته اهو واضع نظر ايندو ته اڄ تمام گھڻن مصيبتن ۾ گھيريل هوندي به اها ماضيءَ واري مزاحمت ڪانهي. ڪالهه پاڻ ارپڻ ۽ قربانيءَ جا جذبا اتم سمجهيا ويندا هئا، ۽ اڄ انهن کي ڪم عقلي سمجهيو پيو وڃي، اڄ مال ٺاهڻ، تعلقات رکڻ، کي ئي سڀ ڪجهه سمجهيو پيو وڃي. ٻيو ته ٺهيو اسماعيل اداسيءَ جهڙا عوامي ۽ مزاحمتي شاعر ڳولهيندي نه ٿا لڀن. حالانڪه شاعرن جون ته خيرن سان هر شهر توڙي ڳوٺ ۾ فوجون لڀي وينديون، پر بس منجهن نه ته ڪو فن نظر ٿو اچي نه فڪر ۽ نه ملڪ وطن جو ذڪر. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ظلم زيادتيءَ، خلاف اديبن، دانشورن، شاعرن، هارين ۽ مزدورن کان سواءِ سمورن سنڌ دوست پارٽين، گروهن پاران هر محاذ ۽ هر مورچي تان حق ۽ سچ جانعرا گونجڻ گھرجن، ڇو ته اڻ ٿڪ جدوجهد ۾ ئي قومن جي بقا ۽ بلنديءَ جو راز سمايل آهي............................................!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!


Ag_katohar@yahoo.com


Gul5552005@hotmail.com

هڪ اڻ ڇپيل تحرير

                                                                                                                                                                                                      


” آلا نيڻ بهارن جا “ شاعري جي ڪتاب جو سرجڻهار ڪو ٻيو نه پر


سنڌپوليس جو آفيسر محترم فياض ڏاهري آهي. ڪو چئي سگھي ٿو ته ڪٿي پوليس جي نوڪري ۽ ڪٿي شاعري، انهن جا ته رستا ئي الڳ الڳ آهن، پر نه، فياض ڏاهريءَ شاعري ڪري ان ناممڪن کي ممڪن ۽ ان ڏند ڪٿا کي حقيقت جو روپ ڏيئي ڇڏيو آهي. سندس شاعريءَ جي صحيح  پرک ته شاعر ۽ تنقيد نگار ئي ڪري سگھن ٿا، مان اوهان کي سندس مٿئين ڪتاب تان ورتل هڪ نظم پڙهائڻ ٿو چاهيان جنهن ۾ هن پنهنجي پيشي متعلق ڏاڍا نفيس خيال ۽ نڪتا پيش ڪيا آهن


اسان لئه شهادت به عظمت،                                                                      


الئه جي ڪا آهي يا ناهي!                                                                         


اسان جيڪي راتين جا رکوال سڏجون،                                                         


سدا راه جي رهزنن ساڻ جوٽيون جنگيون ٿا،                                                    


اسان جيڪي بي ڏوه ماريا وڃون ٿا..                                                             


خرابيون هتان جي نظامن ۾ آهن،                                                                  


رڳو رت منهنجو نه سگھندو سڌاري،                                                              


اسان لئه شهادت به عظمت.                                                                      


الئه جي ڪا آهي يا ناهي.                                                                         


اسين نفرتن جي روين جا ماريل،                                                                     


نه قاضي سڏياسون نه غازي سڏياسون،                                                           


اسان جي شهيدن جون گمنام قبرون،                                                           


نه گل تن تي نه ڏيئا ٻرن ٿا                                                                          


اسان لئه شهادت به عظمت،                                                                       


الئه جي ڪا آهي به ناهي!                                                                          


                                                                       


              اهو آهي هڪڙي سچي پچي سپاهي جو درد ۽ سندس اندر جو آواز، ڪاش ته جيڪر سڀ پوليس وارا اهڙا درد دل رکندڙ ٿي پون ته سنڌ ڌرتيءَ تي رهندڙ تمام وڏي  بي قصور، بي وس، اٻوجهه ۽ مظلوم ماڻهن جي دکن دردن ۾ ٽي حصا گھٽتائي اچي وڃي.  پر ڇا ڪجي حقيقتون ڪجهه اؤر آهن. ٿاڻن اندر جنهن نموني جو رويو ماڻهن سان رکيو ويندوآهي اهو ڪنهن کان لڪل ناهي. ڪيئي بي گناه اتي ويندا ته پنهنجي پيرن تي آهن پر موٽندي کين بي ساکين جو سهارو وٺڻو پوندو آهي پر پوءِ به اهي  انهن کان خوشنصيب ليکيا ويندا آهن جن جو اتي موت دل جي پراسرار دؤرن پوڻ ڪري ٿيندو آهي ۽ اهي ماڻهن جي ڪلهن تي کڄي نڪرندا آهن. اهڙي ئي هڪ اسٽوري ذرا مختلف پس منظر ۾ سائين امرجليل ” نيٺ گونگي ڳالهايو “ ناول جي صورت ۾ لکي هئي. ان ناول جو مک ڪردار پيدائشي گونگو هيو، ۽ پنهنجي پياري دوست اسلام کي ڳولهڻ اسلام آباد ويو هيو ۽ اتي ايجنسين هٿان گرفتار ٿيڻ بعد سندس لاش  واپس ڪرڻ وقت اهو سرڪاري بيان جاري ڪيو ويو هيو ته ملزم مرڻ کان اڳ۾ پهريون ۽ آخري دفعو ڳالهائي اهو اقرار ڪيو هيو ته هو واقعي دهشت گرد آهي


            اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته روهڙيءَ ڀرسان ٽول پلازه کان ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڏينهن ڏٺي جو 11 بجه نوجوان هدايت الله سولنگيءَ کي  ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪيو ويو ۽ ان بي گناه  نوجوان کي مارڻ بعد سندس لاش کي، ايس ايڇ او بهادر شڪار ڪيل ڪنهن جهنگلي جانور وانگر   گھليندي گھليندي اچي پنهنجي گاڏيءَ ۾ ڦٽي ڪيو، ۽ اسان جي ” راتين جي رکوال “ ۽ ” رهزنن سان جنگيون جوٽيندڙ “ ( فياض کان معذرت ) پوليس وارن پيرڳوٺ جي نوجوان محمد علي کي 50 هزار رشوت نه ڏيڻ جي ناقابل معافي جرم جي پاداش ۾ نڪ ۽ وات ۾ چن وجهي اهڙو ته مهٽو ڏنو جو هو ٻن ڏينهن کان بيهوش آهي ۽ پوليس عملدارن مٿس به خود ڪشيءَ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.  پر مون کي ذهني ۽ روحاني طرح جنهن وارڌات واقعي جهنجهوڙي وڌو آهي اها آهي حضور بخش ملڪ جي درد ڪٿا، بيان کان ٻاهر، امڪان کان مٿي، انسانيت جي بدترين تذليل وارو ان جي نازڪ عضوي کي وڍڻ وارو مڪروه عمل. خبر ناهي لاڙڪاڻي پوليس جي انهن عملدارن جو حضوربخش جي” نازڪ عضوي “ اهڙو ڪهڙو ڏوه ڪيو هو جنهن جي کيس ايڏي وڏي سزا ڏني وئي. هاڻ عزت سان ان نوجوان جي زنده رهڻ جا ڀلا ڪهڙا امڪان باقي بچيا آهن؟!  سندس اخبارن ۾ ڇپيل تصويرون، ان بدنصيب پاران واهر لاءِ پهتل ماڻهن آڏو ڪيڪون ۽ ريهون معاملي جي سنگينيءَ کي بخوبي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن.  اسان جو شاعر دوست محترم فياِض ڏاهري پوليس هٿان ائين مرندڙن، ڪٽجندڙن، بي عزتو ٿيندڙن جو درد به محسوس ڪندو آهي، الاءِ نه؟!، جي سندس جواب ’ها‘ ۾ آهي ته پوءِ کيس اهي درد ڪٿائون به ضرور لکڻ گھرجن




    Ag_katohar@yahoo.com


 

Sunday, June 24, 2012

صنفي توازن ۽ معاشرتي ترقي

 ترقي يافته ملڪن ۽ سماجن جي ڳوڙهن اڀياسن مان معلوم ٿيو آهي ته سندن تيز ڪاميابين پويان ٻين سببن سان گڏ سندن پاران هڪ ٻئي سان دنياوي وهنوارن، ميل ملاپن، لڳ لاڳاپن، رشتن ناتن ۾ روا رکيل توازن جو به وڏو ڪردار رهيو آهي.  اهي تبديل ٿيندڙ وقت سان گڏ پنهنجن روين ۾ پڻ تبديلي آڻيندا آهن. انهن جو مثال وهندڙ دريائن وارو هوندو آهي. سوچيندڙ سماج دريائن جي انهن تيز وهڪرن جيان هوندا آهن جيڪي پنهنجي اندر ڦٽي ڪيل گند ڪچري کي پنهنجي تيز رفتاريءَ سان لوڙهي ڇڏيندا آهن. ان جي ابتڙ جيڪي پوئتي پيل، وقت جي رفتار جو گھٽ اندازو لڳائيندڙ، ۽  پراڻن دقيانوسي خيالن کي چهٽيل سماج هوندا آهن انهن جو مثال هڪ جاءِ تي بيٺل، ڌپ ڪري ويل گندي پاڻيءَ  جي ان  دٻي وارو هوندو آهي. جنهن جي پوسل ۾ ڪيئي زهريلا جراثيم پيدا ٿي ڪري بيماريون پکيڙيندا آهن. اهڙا سماج ترقي جي تيز رفتار ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويندا آهن. ان ڪري جيڪي سماج ۽ فرد ترقي جي راهن تي پنهنجي وک وڌائڻ جا خواهش مند آهن انهن کي سڀ کان پهرين انهن سببن جو اڀياس ڪرڻو پوندو. مثال طور اسان جي سماج جي ترقي ۾ جيڪي اڪيچار رڪاوٽون آهن انهن ۾ هڪ رڪاوٽ صنفي معاملن جي حساسيت جو صحيح ادراڪ نه هئڻ به آهي. سنڌ جي شهرن ۾ عام طرح ۽ خاص طور تي ٻهراڙين ۾ جيڪي به ريتون رسمون رائج آهن، اڪثر اٻوجھ ماڻهون انهن کي الهامي سمجھن ٿا. سندن پڪو ۽ پختو رايو آهي ته سندن وڏن جيڪي ڪيو هيو اهو سؤ سيڪڙو صحيح هيو ۽ کين به انهن ريتن، رسمن ۽ رواجن تي اکيون پوري عمل ڪرڻ گھرجي. اسان جا اڪثر سنڌي ماڻهون پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي اهڙن معاملن تي ڳالهه ٻولهه کي ئي گناهه سمجھن ٿا.  ٻه مهينه اڳ جي ڳالهه آهي جڏهن مان پنهنجي ويجھن رشتي دارن ۾ ٿيل فوتگيءَ لاءِ تڏي تي ويٺو هوس ۽ ڳالهين ٻولهين هلندي مون کين التجا ڪئي ته اهي پنهنجي نياڻين کي علم جي زيور سان مالا مال ڪن.   منهنجي اها ڳالهه ٻڌي هڪ انتهائي ويجھي مائٽ سخت رد عمل ڏيکاريندي چيو ته هو مون وانگي اڃا ايترا بي غيرت ناهن ٿيا جو پنهنجن ڇُوڪِريُن کي اسڪولن ۾ موڪلين.   ٻهراڙين ۾ اڪثر وڏڙن جي واتان ٻڌو آهي ته ”عورتن کي عقل کڙيءَ ۾ هوندو آهي ۽ سج لٿي کان پوءِ اتان به نڪري ويندو آهي.“ ان جو مطلب اهو ٿيو ته عورتون ڄمندي ئي عقل کان وانجهيل هونديون آهن. ان ڪري ساڻن رويو به اهڙو ئي رکيو وڃي. اسان جڏهن ڳوٺ کان اسڪول پڙهڻ لاءِ سائيڪل تي سوار ٿي نڪرندا هئاسين ته رستي ويندي هڪ ماڻهون ملندو هيو جيڪو روزانو پنهنجي زال ۽ هڪ عدد گڏهه سان شهر ويندو هيو.  هو زال سان مسلسل ڳالهائيندو رهندو هيو. سندس ڳالهائڻ ۾ جھجھيون گاريون ئي هونديون هيون جيڪي هو پنهنجي گھرواريءَ کي ڏيندو رهندو هيو ۽ جڏهن پنهنجي گڏهه کي چهبڪ هڻندو هيو ته ان سان گڏ هڪ اڌ پنهنجي زال کي به وهائي ڪڍندو هيو.  پر سندس گھر واري بلڪل چپ رهندي هئي. سندس چهري تي ڪي به تاثر نه اڀرندا هيا. مون کي پنهنجي بابا ٻڌايو هيو ته اها سندس زال ڪا گونگي ۽ ٻوڙي ناهي سڀ ٻڌي ۽ سمجهي ٿي.  کيس سندس مڙس ڪٽي ماري پنهنجي گڏهه جهڙو گگدام بنائي ڇڏيو آهي. اڃا ڪالهه جي ڳالهه آهي ته هڪ پڙهيل لکيل دوست وٽان هڪ عدد ميسيج پهتو ته جنت ڇاهي؟ سندس ئي جواب هيا ته هڪ عدد بنگلو ڊفينس ۾، ٻه ٽي نوجوان ۽ حسين گرل فرينڊس،  نوڪر چاڪر، مرسڊيز گاڏي، بليڪ بيري، ايپل جو ليپ ٽاپ، جھجھو بئنڪ بئلنس ۽ هڪ عدد گونگي ۽ ٻوڙي زال؟؟؟؟ ان ميسيج مان شهري مردن جي تعصبي روش جي کلي نمائش ٿئي پئي ته اهي پڻ پنهنجن گھروارين کي پنهنجي زندگيءَ تي بار سمجھن ٿا. ساڻن گذاريل وقت کي بس زماني سازي ڪري برداشت ڪن ٿا. 


 منهنجي امڙ روزانه اسر ويل بستري کي ڇڏي جنڊ پيهي گھر جي سمورن ڀاتين لاءِ اٽو ٺاهيندي هئي. ڏاندن، مينهن، ڳئون ۽ ٻڪرين کي گاهه ڏئي سندن ڇيڻا ميڙي ڍير تي اڇلائيندي هئي. ان ڪم کان فارغ ئي نه ٿيندي هئي ته وري گھاگھر ۾ لسي مکڻ ٺاهڻ سان گڏ سمورن گھر جي ڀاتين لاءِ ماني به پچائيندي هئي. اڃا کيس ان ڪم مان پوري طرح فرصت ئي نه ملندي هئي ته گھر جو اڱڻ صاف ڪرڻ لاءِ ٻهاري هٿ ۾ کڻندي هئي. ان بعد ٿانو ٿپا ڌوئڻ جو ٽائيم ٿي ويندو هيو. ڪپڙا ڌوئڻ جو ڪم به لڳ ڀڳ هڪ نه ته ٻئي ڏينهن تي کيس ئي ڪرڻو پوندو هيو. گھر جي انهن ڪمن مان فراغت ملڻ بعد هوءَ ڍور ڍنگرن لاءَ گاهه پٺي لاءِ گھر کان ڪيئي ڪلو ميٽر پري زمين رواني ٿي ويندي هئي. جتان گاهه جون ڀريون ٻڌي مٿي ته کڻي ايندي هئي. گاهه کي ڪتر ڪري کڙ ملائي مينهن ۽ ڏاندن کي ڏيڻ، مانجھاندي، سج لٿي جي ماني ۽ ٻوڙ رڌڻ کان پوءِ سمورن گھرڀاتين جي کٽن کي اڱڻ ۾ رکي انهن تي بسترا وڇائڻ جو ڪم به کيس ئي ڪرڻو پوندو هيو. لابارا ڪرڻ، ڳاهه ڳاهڻ، رليون سبڻ، کجي جي پتن مان تڏا جوڙڻ، ڀرٿ ڀرڻ وارا ڪم اضافي هوندا هيا.  هوءَ سڀ کان اول اٿندي هئي، سڀ کان گھڻو ڪم ڪندي هئي، سڀني جي سار سنڀار لهڻ بعد ئي بستري حوالي ٿيندي هئي.  پر سندس اهي ڪم ڪنهن به ليکي چوکي ۾ ڪونه ايندا هيا.  کيس بنا ڪنهن سبب جي بابا سائينءَ جو مار موچڙو الڳ سهڻو پوندو هيو.   اسان جي معاشري ۾ عورتن پاران اقتصادي وهنوار ۾ ادا ڪيل سندن عظيم ڪردار کي انتهائي خسيس سمجھيو ويندو آهي،  کين اهو باور ڪرايو ويندو آهي ته اهي پنهنجن مڙسن کي خوش رکن، ٻارن کي پالين ۽ گھر گھاٽ لاءِ وڌ کان وڌ بنا معاوضي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏين. اسان جو مرداڻو معاشرو کين گھر جي ڪم ۾ رات ڏينهن جنبيل نوڪرياڻين جي نگاهه سان ڏسندو آهي.  مون هتي پنهنجي گهر جو مثال ڏئي سمجهايو آهي جيڪي ڪجھ مون پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ پرکيو هيو پر درحقيقت ته اها ته سموري ڳوٺ ۽ سنڌ جي ٻهراڙين جي ڪهاڻي هئي ۽ اڪثر جاين تي اڄ به جاري و ساري آهي.


اسان جي هن سماج ۾ عورت کي به بس هڪ وکر جيتري اهميت مليل آهي. ڪجھ وڌيڪ ڪردارن جو ذڪر ڪري پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندس،  جن جو مون ذاتي طرح مشاهدو ڪيو آهي. هڪ جواڻ جماڻ ڇوڪِرِيءَ جي شادي هڪ تمام ننڍي عمر جي ڇُوڪري سان محض ان ڪري ڪرائي ويئي ڇوته ان ڇوڪري جي ماءُ جي شادي وقت اهو طئي ٿيو هيو ته ٻي ڌر هڪ سڱ کين ڏيڻ جو پابند آهي. جيستائين ڇوڪرو جوان ٿيو تيستائين سندس گھرواريءَ جي جواني ختم ٿي ويئي. ڇوڪري ٻي پنهنجي پسند جي شادي هم عمر ڇوڪريءَ سان رچائي ۽ هاڻي سندس اڳين پوڙهي زال سندس نيئن ڪنوار جي ٻانهي طور گھر ۾ ڪم ڪار ڪندي آهي. ان نموني هڪ انسان جي سڄي ڄمار اسان جي جاهل سماج جي غلط ريتن رسمن جي ور چڙهي ويئي ۽ هن زندگي جو ڪو سک نه ماڻيو.


اهڙي ئي ڏي وٺ جي شاديءَ ۾ هڪ ڌر پنهنجي لهڻي جي ٻانهن ان وقت گھري جڏهن اڃا ڇوڪريءَ جي عمر يارنهن سال مس ٿي هئي. شادي بعد کيس جلدي ئي پيٽ ٿي پيو.  ننڍي عمر، اڻ پوري کاڌ خوراڪ، حد کان وڌيڪ ڪم ڪار، علاج معالجي جي اڻهوند ڪري کيس انتهائي پيچيدهه بيماري وڪوڙي ويئي. ڊاڪٽرن چڪاس بعد ٻڌايو ته اهو ٻار ڪيرائڻو (ايبارشن) پوندو پر ان صورت ۾ اها ڇوڪري وري ٻار پيدا ڪرڻ جي لائق به نه رهندي.  ٻي صورت ۾ ڇوڪري جي زندگيءَ بچي نه سگھندي. نيٺ ڇوڪري جي زندگي بچائڻ لاءِ پهرين آپشن کي قبول ڪيو ويو. هاڻي ڇوڪري جواڻ جماڻ آهي پر کيس سمورن گھر ڀاتين واتان روز ذليل ٿيڻو پوندو آهي ته ”هو نڀاڳي آهي ۽ ٻار ڄڻڻ جي لائق به ناهي“ حالانڪه ان ۾ سندس ته ڪو قصور ئي ناهي. پر هن مرداڻي سماج ۾ هر ڏوهه عورت ڏانهن منسوب ڪيو ويندو آهي. جيڪي رشتا ناتا ٿين ٿا انهن ۾ گھڻو تڻو ڪردار گھر جي مردن جو هوندو آهي. انهن رشتن ناتن ڪري جيڪي جھيڙا جهٽا ٿين ٿا ته ان جو سڌو سنئون نشانو وري عورتون ئي بڻجنديون آهن. شاديءَ جي ٻنڌڻن لاءِ جيڪي ڳالهيون ٻوليون هلنديون آهن انهن ۾ ڇوڪرن کي ته ڪنهن حد تائين آزادي مليل هوندي آهي ته هو پنهنجي پسند ناپسند جواظهار ڪري سگھن پر ڇوڪرِي جي پسند ناپسند پڇڻ کي ئي بي غيرتي سمجھيو ويندو آهي. اهڙن رشتن ڪري ڪيئي مونجھارا پيدا ٿي پوندا آهن جيڪي اڳتي هلي خوني رتوڇاڻ جو سبب به بڻبا آهن. اهو تماشو روز اسان جي اڳيان ٿيندو آهي ته شادين مرادين تي ڳائي وڄائي خوشيون ملهائيندا آهيون پر اهي خوشيون پاڻيءَ تي ڦوٽي جيان صفا عارضي هونديون آهن. سڱاوندي ڪندڙ ڌريون سالن، مهينن ڪن صورتن ۾ ته ڪجھ هفتن بعد ئي هڪ ٻئي تي لٺيون اڀيون ڪيون بيٺا هوندا آهن. محبت، پيار، پنهنجائپ، خلوص وارا جذبا جيڪي شاديءَ جي تقريب کان اڳ يا ڪاڄ هلندي ڏٺا ويندا آهن، اهي پوءِ اڻ کٽ اختلافن، تڪرارن، جھيڙن جھٽن جي صورت اختيار ڪري ويندا آهن. اهڙن تڪرارن ۾ ٻنهي ڌرين جون عورتون سڀ کان وڌيڪ لوڙينديون آهن. طلاقون، مارڪٽ، طعنا طنقا سندن زندگين کي زهر بڻائي ڇڏينديون آهن.  عورتون جسماني توڙي ذهني تشدد برداشت ڪري، بي عزتيون سهي به ڏوهاري سمجھيون وينديون آهن ۽ مرد بدمعاشي ڪرڻ، جھيڙا جھٽا ڪرڻ، قتل جهڙيون سنگين وارڌاتون ڪرڻ بعد به مڙس ماڻهون سڏبا آهن. اسان جا ڳوٺ اهڙن مڙس ماڻهن سان سٿيل آهن جيڪي پنهنجي گھروارين، ڀيڻن، ڀاڄايائين جي عزت سان زندگي گذارڻ جا سمورا گس بند ڪيون ويٺا آهن.










اسان جو سماج عورت کي انسان نه پر هڪ جانور تصور ڪري ٿو. جنهن کان وڌ کان وڌ ڪم ورتو ويندو آهي، کيس بس ايترو کارايو پياريو ويندو آهي ته جيئن هوءَ زندهه رهي سگھي، ٻار ڄڻي سگھي، الله الله خير سلا. زماني جا قدر بدلجي ويا آهن يا بدلجي رهيا آهن پر پنهنجي سماج ۾ عورتن سان مت ڀيد وارو ماحول جيئن جو تيئن موجود آهي.


صنفي اڻ برابري اسان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ وڏو چئلينج آهي. سماج ۾ عورتن کي درپيش مسئلن ۽ مشڪلاتن جي ڄاڻ رکڻ تمام ضروري آهي، ڇوته قومي ترقي تڏهن ٿي سگهندي جڏهن عورتن کي برابريءَ وارو رتبو ڏيئي کين قومي ترقيءَ ۾ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جي لائق بڻايو ويندو، ۽ سندن لاءِ سماج اندر اهڙا موقعا پيدا ڪيا ويندا ته جيئين اهي هنرمند ٿي ڪري گھر ۽ وطن جي خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگھن.   عورتن سان متڀيد واري روين تي ٻڌل قانونن جي خاتمي کانسواءِ ڪو به معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي.  اسان کي معاشري اندر بهادر، جفاڪش عورتن کي عزت ڏيڻي پوندي.  سماج جي سمورن وهنوارن ۾ سندن شموليت، اهم فيصلن ۾ سندن راءِ جو احترام ڪرڻو پوندو. مٿن تشدد جو خاطمو ڪري ساڻن تعصب ۽ امتيازي سلوڪ وارين روين کي پاسيرو رکي کين برابري جي بنياد تي اڳتي اچڻ جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا.  ڇوته عورتن سان متڀيد وارن روين سان مجموعي طور تي معاشرو ڪمزور ٿيندو آهي. اسان جي آئين ۾ اها ڳالهه واضح آهي ته ڪنهن سان به جنس جي بنياد تي امتيازي سلوڪ نه ڪيو ويندو. عورتن کي بااختيار بڻائڻ هاڻي اسان جي هر پڙهيل لکيل ۽ سمجھ ڀريل مرد ۽ عورت جي ايجنڊا تي هميشه سر فهرست رهڻ گھرجي. عورتن کي پڻ پنهنجو پاڻ اڳتي اچڻ ۽ قومي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. اسان سڀني کي گھرجي ته عام گھٽ سمجھ وارن ماڻهن ۽ انتهاپسندن پاران عورت دشمن پاليسن کي رد ڪريون. ڇوڪرين جي تعليم تي وڌ کان وڌ توجه ڏيون ته جيئن مستقبل ۾ ٿيندڙ امڪاني تباهڪارين کان به بچاءُ ٿي سگھي ته ماضي جي ڪيل غلطين جو ازالو به ٿي وڃي.   


آخر هي نڌڪ، نود معاشرو ڪو آفاقي ته ڪونهي. اهي سموريون ريتون رسمون اسان انسانن جون پنهنجون جوڙيل ۽ ٺاهيل آهن. جيئن اهي اسان ٺاهي پنهنجي پاڻ تي لاڳو ڪيون آهن بلڪل ساڳي نموني ان مان جند آجي به ڪري سگھون ٿا. مدي خارج سمورين ڳالهين کي لت وهائي، ڌوڙ جي ڍير تي اڇلائي، ڀلين روين کي اپنائي سگھون ٿا. ان ڳالهه لاءِ هرو ڀرو ڪنهن وڏي فلسفي سکڻ جي ضروت به ناهي ۽ نه ئي ڪا وڏي جنگاڻ ڪرڻي آهي يا ڪوخرچ لڳڻو آهي. بس ڏيئي وٺي پنهنجو دماغ درست ڪرڻو آهي. صنفي حساسيت کي سمجھي ان جا صحيح حل ڳولهي پنهنجي گھر اوڙي پاڙي ۽ پوري سماج تي لاڳو ڪري ان تي عمل ڪري ترقيءَ جي ڏاڪن تي چڙهڻو آهي.  اسان کي اٺ پکيءَ واري وانگر منهن واريءَ ۾ لڪائي اهو نه سمجھڻ گھرجي ته جيڪي ڪجھ ٿي رهيو آهي ان کي زمانو نه ٿو ڏسي يا اها بي خبر هوندي. حقيقت ۾ ته بي خبر اسين پاڻ آهيون جو زندگي سان سلهاڙيل تمام اهم ڳالهين تي اکيون پوري ٿا ڇڏيون. اها روش هڪدم مٽائي اسان کي سماج جو ذميوار فرد بڻجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ان نموني اسان هڪ عزت ڀريو، متوازن معاشرو قائم ڪرڻ جي قابل ٿي وينداسين.  


    


Saturday, April 28, 2012

ترقي يا تنزلي؟

اسان جو اڄوڪو نسل ڏاڍو سياڻو ٿي ويو آهي. کين پنهنجي وڏڙن پاران غير شرعي انداز ۾ زندگي گذارڻ جي پروڙ پئجي ويئي آهي. اسان جي پوئين نسل ته ڪڏهن سوچيو به نه هيوته اهي سني،  شيعه يا وهابي آهن. اهي سڀ ته هڪ مسيت ۾ نماز ادا ڪندا هيا.  گڏجي سڏجي عالمن جي واعظن ۽ مجلسن ۾ شرڪت ڪندا هيا. ننگر نياز کائڻ ۾ ڪنهن کي به ڪو عيب نظر نه ايندو هيو اهي اهڙي عمل کي  بدعت ۾ شمار نه ڪندا هيا.  هڪ پيش امام جي ڪڍ ڪي هٿ کولي ته ڪي هٿ ٻڌي نماز ادا ڪندا هيا. پر اڄوڪو، خاص ڪري مرد مومن مرد حق ضيا الحق کان پوءِ وارو نسل مذهبي معاملن،  شرعي احڪامن جي چڱي ڄاڻ حاصل ڪري چڪو آهي. هاڻوڪو نسل سمجهي چڪو آهي ته مخالف فرقي جي مسجد ۾ وڃڻ شريعت جي عين خلاف آهي ڇوته سڀ مسجدون سڀني مسلمانن جون نه پر اهي ڪن مخصوص فرقن وارن جون آهن.  مخالف فرقي جي عالم پويان نماز پڙهڻ نجس آهي. ان ڪري اسان کي بس پنهنجي فرقي جي ڳالهه ڪرڻ گھرجي، ان جا گڻ ڳائڻ گھرجن ڇوته بس اسان جو فرقو ئي جنتي آهي، باقي سڀ ڪافر ۽ واجب القتل آهن ۽ اهي انشاءَ الله جهنم جو ٻارڻ ٿيندا.


 


اڳ ڳوٺ، راڄ ڀاڳ جو چڱو مڙس اهو هوندو هيو جنهن وٽ عقل، علم، ڏاهپ جاگڻ هوندا هيا. اهي نيڪ ۽ ايماندار هئڻ سان گڏ ذات پات جي فرق کان سواءِ سڀني سان انصاف ڪندڙ هوندا هيا. اهي ڏاڍا بردبار ۽ درگذر ڪندڙ هوندا هيا. اهي شريف ماڻهن جا دوست جڏهن ته لچ لوفر جا ويري ليکيا ويندا هيا. ڪيڏا نه چريا هيا!!!!؟؟؟ ڀلا اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته ڳوٺ جو چڱو مڙس پئسي وارو، زميندار، سردار يا پير کان سواءِ ڪو ڪمي ڪاسبي ٿئي. اها چوڻي ته سڀني کي ياد هوندي ته اصل سي خطا نهين، ڪم نسل سي وفا نهين، سو اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته غريب ڪڙمي ڪاسبي جو پٽ وري ڳوٺ جو چڱو مڙس ٿئي. اها ڳالهه هاڻوڪي نسل کي اسان جي سردارن، راڄ ڀاڳ جي پڳدارن سٺي نموني سمجهائي ڇڏي آهي.  اسان واري ذات يا پاڙو ئي افضل ۽ اتم آهي ان ڪري اسان کي پنهنجي اصل نسل برادري، ذات پات تي فخر ڪرڻ گھرجي. اسان جو اڄوڪو نسل ائين ئي ته ڪري پيو.  پنهنجي برادريءَ جو لوفر، قاتل يا غنڊو به مخالف برادري جي انتهائي شريف ماڻهون کان سوين دفعه وڌيڪ بهتر آهي. جيئن ته اسان جي لوفر ڇورن مخالف دشمن برادريءَ کي سخت جاني ۽ مالي نقصان پهچايو هوندو ان ڪري اهي اسان جي ذات پات وارن جا حقيقي هيرا آهن.  مخالف برادريءَ جو هر ڏٺل اڻ ڏٺل، واسطيدار يا غير واسطيدار ماڻهون ڀلي اهو نيڪ، غريب، شريف يا انسان دوست ڇونه هجي اسان جو دشمن آهي. دشمن پاڙي مان چڱائيءَ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آهي. جيڪڏهن مخالف برادريءَ اسان جا ٻه بي گناهه ماڻهون ماريا آهن ته اسان کي سندن چار بي گناهه ماڻهون مارڻ گھرجن تڏهن ئي ته پاڻ راڄ ڀاڳ ۾ ڪنڌ کڻي هلڻ جهڙا ٿينداسين. دين، ايمان، ٻچن جو وارث برادريءَ جو سردار ئي آهي. ڀل ته ڇونه سوين غريب قتل ٿي وڃن پر سردار جي پٽڪي جو ور نه وڃڻ گھرجي. ڀل ته اسان جي گھر ۾ پاءُ اٽي جو به نه هجي پر سردار، وڏيري کي جيترو گھڻو پئسو، مال ملڪيت، عاليشان بنگلا، قيمتي گاڏيون هونديون ته اهو اسان جو شان آهي. غريب غربي لاءِ ڇوڪرن ۽ خاص ڪري ڇوڪرين کي پڙهائڻ انتهائي بي غيرتي آهي. سردار ته مالڪ آهن جيڪڏهن انهن جا ڇورا يا ڇوڪريون ولايت ۾ به پڙهن پيا ته اهو انهن جو شان آهي. ڀلا جي سردارن جا ٻار پڙهيل نه هوندا ته اهي سياستون ڪيئن هلائيندا راڄ ڀاڳ جي سنڀار ڪين ڪندا. ٻيو ته سياست ڪرڻ جو حق به صرف وڏيرن، سردارن يا پيرن کي ئي آهي. اسان جي عزت ان ۾ آهي ته سردار ، پير يا وڏيرو جنهن به پارٽيءَ ۾ اعلان ڪري اسان به ساڻس گڏ هجون.


 


هن دؤر جا اديب به ڏاڍا سياڻا ٿي چڪا آهن. ڪڏهن ڀلجي ڪري به مخالف گروپ جي اديب جي ڪنهن شاهڪار تخليق جي ساراهه نه ڪبي. پر جيڪڏهن ڪا راءِ به ڏبي ته ڳولهي ڳولهي ان جي اوڻاين کي وائکو ڪبو. ڇوته عظيم ادب ته اسان جو گروپ ئي تخليق ڪري سگھي ٿو. محض اسان جو گروپ صحيح، اصلي نج ادب تخليق پيو ڪري باقي سڀ ادب جي نالي تي ڪارو داغ آهن. صرف مان ئي عظيم اديب آهيان ۽ منهنجيون لکڻيون ئي ادب جي دنيا ۾ ڌماڪو آهن. مان صرف تقرير ڪرڻ، صدارت ڪرڻ ۽ ٻين تي تنقيد ڪرڻ جو حق رکان ٿو. منهنجي ڳالهه کي سڀ ٻڌن، پر مان پنهنجو وارو وٺي هليو ويندس، مان ٻين ڪوچڙن اديبن کي ٻڌي ڇا ڪندس. ادبي گڏجاڻين ۾ مان پنهنجي تخليق ڪيئن ٿو تنقيد لاءِ پيش ڪري سگھان جو منهنجي پائي جو ته هڪ به اديب ناهي. اهو منهنجو شان ناهي ان ڪري ٻين کي پنهنجيون لکڻيون پيش ڪرڻ گھرجن مان سندن اصلاح ڪندس.


 


سنڌ ۾ ڪيئي قومپرست، ترقي پسند، جمهوريت دوست پارٽيون آهن. انهن مان ڪنهن سان به ڳالهائبو ته جواب ملندو ته بس سندس پارٽي ئي صحيح پارٽي آهي ۽ سندس پارٽيءَ جواڳواڻ ئي عظيم آهي. منهنجي پارٽي ۽ منهنجي پارٽي جو اڳواڻ ئي قومپرستي، جمهوريت دوستي ۽ ترقي پسندي جو ٺيڪدار آهي. هن دنيا اندر جيڪو ڪجھ وهي واپري ٿو ان جي ڄاڻ به بس منهنجي اڳواڻ کي ئي آهي. اهو ۽ صرف اهو سنڌ ۽ سنڌين جو رهبر آهي، قائد آهي، اڳواڻ آهي ۽ هيرو آهي. کيس دنيا جي سمورن علمن جي وسيع ڄاڻ حاصل آهي. سنڌ جا ماڻهون جيڪڏهن نجات حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن ته کين بنا دير سندن پارٽي ۾ شامل ٿيڻ گھرجي. ڇوته ان پارٽيءَ کان سواءِ سڀ غدار، ڀليل، سنڌ دشمن، مهاجرن جا ايجنٽ، پنجابين جا پوڄاري يا ايجنسين جا ماڻهون آهن.


حوالو؛....ڪنهن به ڏينهن جي ڪا به سنڌي اخبار پڙهو.  


 

Friday, March 16, 2012

سنڌي/اردو ادبي سوسائٽي اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر

سنڌي/اردو ادبي سوسائٽي اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر ۾  پندرهه روزهه ادبي گڏجاڻي بتاريخ 16 مارچ 2012، ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ جي صدارت ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ پروفيسر صاحبان ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ، منظور بيدار، اختر علي ڀٽي، شعيب ميمڻ،  شاڪر علي قريشي، عارف الله خان، گل ڪٽوهر،  احمد علي منڱريه، عبدالجبار سولنگي ، سيد عاشق علي، خالد ميراڻي،  فضل انڍهڙ سان گڏ بي اي فائنل ييئر جي شاگردن قادر حسين گوپانگ ۽ رحمت علي شيخ پڻ شرڪت ڪئي. هن ادبي پروگرام ۾ ٻه اسم ؛ پروفيسر شاڪر علي قريشيءَ اردو غزل جڏهن ته پروفيسر شعيب ميمڻ هڪ مضمون ”جديد تعليمي نظام جي ضرورت ۽ اهميت“ تنقيد لاءِ پيش ڪيا.  شاڪر جي غزل کي سڀني تمام گھڻو ساراهيو. فضل انڍهڙ ان تي راءِ ڏيندي چيو ته ”فني ۽ فڪري لحاظ کان اهو هڪ بهترين غزل آهي. ان ۾ رڌم ۽ ترنم سان گڏ بهترين نوان خيال پيش ڪيا ويا آهن“. عارف الله چيو ته لڳي ٿو ته ”شاعر سان ڪا اهڙي وارتا ٿي گذري آهي جنهن کي هن تخليقي انداز ۾ پيش ڪيو آهي“. خالد ميراڻي چيوته ”هو هڪ ادبي فورم ۾ هيا جنهن ۾ کين تنقيد ڪرڻ جو حق نه هوندو هيو بس محض اسان کي تعريف لاءِ چيو ويندو هيو، پر هتي سوسائٽي جو ماحول نهايت شاندار آهي. هن شاعر کي صلاح ڏني ته هو پنهنجي شاعري لکت ۾ کڻي اچي ته جيئن ان کي هٿ ۾ رکي پڙهي بهتر نموني راءِ ڏئي سگھجي“. هن وڌيڪ چيو ته ”شاڪر جي غزل ۾ جيڪو روح هئڻ گھرجي اهو موجود آهي“. ميراڻي صاحب ان غزل جي مناسبت سان اردو ادب جي عظيم شاعر مرزا غالب جو غزل ٻڌائيندي چيو ته ”اها شاعري جيڪا ٻي ڪنهن عظيم شاعريءَ جي ياد ڏياري اها پاڻ به تمام عظيم هوندي آهي“. سندس خيال ۾ غزل جي جنهن نموني پڄاڻي ڪئي ويئي هئي اها شاندار هئي. بي اي ٽو جي شاگرد قادر حسين گوپانگ چيو ته ”اسان شاگردن کي اوهان هن سوسائٽي ۾ جنهن نموني جڳهه ڏني آهي اها اسان جي سکيا لاءِ تمام سٺي ڳالهه آهي. عبدالجبار غزل تي راءِ ڏيندي چيو ته اهو تمام بهترين هيو. هن وڌيڪ صلاح ڏني ته سوسائٽي کي ڪو وڏو پروگرام به ڪرائڻ گھرجي. پروفيسر فريد ابڙو ادبي ويهڪ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي ان خواهش جو اظهار به ڪيو ته ”هن قسم جي  پروگرامن جو معيار وڌائڻ گھرجي ۽ پروگرام وڏي پيماني تي آڊيٽوريم يا گرائونڊ ۾ ڪرڻ گھرجن ۽ ڪنهن ٻاهرين ناليواري عالم کي به گھرائڻ گھرجي“.  بي اي فائنل ييئر جي ٻي شاگرد رحمت علي شيخ غزل جي تعريف ڪئي. سندس چوڻ هو ته ”ماڻهون کي عشق شاعري ڪرائيندو آهي ۽ اسان به ڪوشش ڪنداسين ته ڪا لکڻي کڻي اچون“. احمد علي منڱريو غزل جي تعريف ڪئي. عزل جي تخليقڪار شاعر شاڪر چيو ته ”شاعر کي جيڪي ڪجھ دل ۾ اچي اهو ان کي پيش ڪرڻ گھرجي“. سندس پنهنجي غزل لاءِ وڌيڪ اهو چوڻ هيو ته ”انوقت مون کي جيڪي ڪجھ محسوس ٿيو اهو لکيو“.  هن وڌيڪ چيو ته ” شاعر ۽ سندس محبوب جي وچ ۾ جيڪو رشتو آهي اهو ئي سمجھي سگھن ٿا“. گل ڪٽوهر شاعر جي غزل کي ساراهيندي چيو ته ”ان ۾ جيڪي ڪنٽراس ڏنل آهن اهي واقعي به وڏي اهميت رکن ٿا،.  محفل جي صدارت ڪندڙ عبدالقادر چاچڙ صاحب هن قسم جي گڏجاڻي جي تعريف ڪندي ان جي جاري رهڻ تي زور ڀريو.  سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته ”اسان کي پنهنجن روين ۾ توازن رکڻ گھرجي. اسان جي هي گڏجاڻي ڪاليج اندر هڪ نئين ۽ مثبت ڪلچر کي متعارف ڪرائيندو“.  هن لکارين کي هدايت ڪئي ته آئيندهه اهي پنهنجيون لکڻيون لکت ۾ کڻي اچڻ.  سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته ”تنقيد براءِ تعمير هئڻ گھرجي. ڪنهن جي تخليق تي تنقيد ان انداز سان ڪرڻ گهرجي جيئن ان سان لکاريءَ جي تعمير ٿئي ۽ سندس جذبا به مجروح نه ٿين. شاڪر جو غزل توقع کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ هيو. سندس ماٺيڻي طبيعت کي ڏسي ڪو تصور به نه ٿو ڪري سگھي ته هن نوجوان ۾ ان حد تائين تخليقي صلاحتيون موجود آهن. اسان جو اڄ جون سرگرميون تاريخ جو حصو بڻجي وينديون. شاگردن جي ادبي گڏجاڻي ۾ شرڪت هڪ تمام اهم پيش رفت آهي، ان سان سندن صلاحيتون اجاگر ٿينديون. شاڪر صاحب پنهنجي غزل ۾ حقيقتون پيش ڪيون آهن. جدوجهد ڪرڻ وارا ئي عظيم انسان هوندا آهن. ان ڪري اسان شاگردن ۽ استادن کي اهو گس وٺڻ گھرجي“.


ان کان پوءِ نوجوان پروفيسر شعيب ميمڻ پنهنجون مضمون ”جديد تعليمي نظام جي ضرورت ۽ اهميت“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو جنهن ۾ هن تاريخ جي مختلف مرحلن تي ٽيڪنالاجيڪل ترقيءَ کي سهيڙيندي چيو ته دنيا ۾ هر جاءِ تي ان کي لاڳو ڪيو پيو وڃي پر افسوس ته اسان جا ادارا ان کان محروم آهن. ان ڪري اهي هڪ وڏي وسيلي کان محروم رهجي ويا آهن. سندس مضمون ۾ سنڌ جي تعليمي نظام تي اهو افسوس ڏيکاريل هيو ته”بدقسمتيءَ سان اسان وٽ اڃا تائين ڏهاڪن کان پراڻو تعليمي نظام هلي رهيو آهي ۽ ان ۾ ڪائي جدت ۽ نواڻ نه آئي آهي“.


منظور بيدار مضمون جي تمام گھڻي تعريف ڪئي. اختر ڀٽي چيو ته اهو هڪ شاندار مضمون آهي ۽ ليڪک کي گذارش ڪئي ته کيس ان جي هڪ ڦوٽو ڪاپي ڏني وڃي ته جيئن هو ان کي پنهنجي شاگردن سان به شيعر ڪري سگھي. فضل انڍهڙ مضمون جي تمام گھڻي تعريف ڪئي.


 سيد عاشق سنڌي/اردو ادبي سوسائٽي اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر ۾  پندرهه روزهه ادبي گڏجاڻي بتاريخ 16 مارچ 2012، ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ جي صدارت ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ پروفيسر صاحبان ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ، منظور بيدار، اختر علي ڀٽي، شعيب ميمڻ،  شاڪر علي قريشي، عارف الله خان، گل ڪٽوهر،  احمد علي منڱريه، عبدالجبار سولنگي ، سيد عاشق علي، خالد ميراڻي،  فضل انڍهڙ سان گڏ بي اي فائنل ييئر جي شاگردن قادر حسين گوپانگ ۽ رحمت علي شيخ پڻ شرڪت ڪئي. هن ادبي پروگرام ۾ ٻه اسم ؛ پروفيسر شاڪر علي قريشيءَ اردو غزل جڏهن ته پروفيسر شعيب ميمڻ هڪ مضمون ”جديد تعليمي نظام جي ضرورت ۽ اهميت“ تنقيد لاءِ پيش ڪيا.  شاڪر جي غزل کي سڀني تمام گھڻو ساراهيو. فضل انڍهڙ ان تي راءِ ڏيندي چيو ته ”فني ۽ فڪري لحاظ کان اهو هڪ بهترين غزل آهي. ان ۾ رڌم ۽ ترنم سان گڏ بهترين نوان خيال پيش ڪيا ويا آهن“. عارف الله چيو ته لڳي ٿو ته ”شاعر سان ڪا اهڙي وارتا ٿي گذري آهي جنهن کي هن تخليقي انداز ۾ پيش ڪيو آهي“. خالد ميراڻي چيوته ”هو هڪ ادبي فورم ۾ هيا جنهن ۾ کين تنقيد ڪرڻ جو حق نه هوندو هيو بس محض اسان کي تعريف لاءِ چيو ويندو هيو، پر هتي سوسائٽي جو ماحول نهايت شاندار آهي. هن شاعر کي صلاح ڏني ته هو پنهنجي شاعري لکت ۾ کڻي اچي ته جيئن ان کي هٿ ۾ رکي پڙهي بهتر نموني راءِ ڏئي سگھجي“. هن وڌيڪ چيو ته ”شاڪر جي غزل ۾ جيڪو روح هئڻ گھرجي اهو موجود آهي“. ميراڻي صاحب ان غزل جي مناسبت سان اردو ادب جي عظيم شاعر مرزا غالب جو غزل ٻڌائيندي چيو ته ”اها شاعري جيڪا ٻي ڪنهن عظيم شاعريءَ جي ياد ڏياري اها پاڻ به تمام عظيم هوندي آهي“. سندس خيال ۾ غزل جي جنهن نموني پڄاڻي ڪئي ويئي هئي اها شاندار هئي. بي اي ٽو جي شاگرد قادر حسين گوپانگ چيو ته ”اسان شاگردن کي اوهان هن سوسائٽي ۾ جنهن نموني جڳهه ڏني آهي اها اسان جي سکيا لاءِ تمام سٺي ڳالهه آهي. عبدالجبار غزل تي راءِ ڏيندي چيو ته اهو تمام بهترين هيو. هن وڌيڪ صلاح ڏني ته سوسائٽي کي ڪو وڏو پروگرام به ڪرائڻ گھرجي. پروفيسر فريد ابڙو ادبي ويهڪ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي ان خواهش جو اظهار به ڪيو ته ”هن قسم جي  پروگرامن جو معيار وڌائڻ گھرجي ۽ پروگرام وڏي پيماني تي آڊيٽوريم يا گرائونڊ ۾ ڪرڻ گھرجن ۽ ڪنهن ٻاهرين ناليواري عالم کي به گھرائڻ گھرجي“.  بي اي فائنل ييئر جي ٻي شاگرد رحمت علي شيخ غزل جي تعريف ڪئي. سندس چوڻ هو ته ”ماڻهون کي عشق شاعري ڪرائيندو آهي ۽ اسان به ڪوشش ڪنداسين ته ڪا لکڻي کڻي اچون“. احمد علي منڱريو غزل جي تعريف ڪئي. عزل جي تخليقڪار شاعر شاڪر چيو ته ”شاعر کي جيڪي ڪجھ دل ۾ اچي اهو ان کي پيش ڪرڻ گھرجي“. سندس پنهنجي غزل لاءِ وڌيڪ اهو چوڻ هيو ته ”انوقت مون کي جيڪي ڪجھ محسوس ٿيو اهو لکيو“.  هن وڌيڪ چيو ته ” شاعر ۽ سندس محبوب جي وچ ۾ جيڪو رشتو آهي اهو ئي سمجھي سگھن ٿا“. گل ڪٽوهر شاعر جي غزل کي ساراهيندي چيو ته ”ان ۾ جيڪي ڪنٽراس ڏنل آهن اهي واقعي به وڏي اهميت رکن ٿا،.  محفل جي صدارت ڪندڙ عبدالقادر چاچڙ صاحب هن قسم جي گڏجاڻي جي تعريف ڪندي ان جي جاري رهڻ تي زور ڀريو.  سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته ”اسان کي پنهنجن روين ۾ توازن رکڻ گھرجي. اسان جي هي گڏجاڻي ڪاليج اندر هڪ نئين ۽ مثبت ڪلچر کي متعارف ڪرائيندو“.  هن لکارين کي هدايت ڪئي ته آئيندهه اهي پنهنجيون لکڻيون لکت ۾ کڻي اچڻ.  سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته ”تنقيد براءِ تعمير هئڻ گھرجي. ڪنهن جي تخليق تي تنقيد ان انداز سان ڪرڻ گهرجي جيئن ان سان لکاريءَ جي تعمير ٿئي ۽ سندس جذبا به مجروح نه ٿين. شاڪر جو غزل توقع کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ هيو. سندس ماٺيڻي طبيعت کي ڏسي ڪو تصور به نه ٿو ڪري سگھي ته هن نوجوان ۾ ان حد تائين تخليقي صلاحتيون موجود آهن. اسان جو اڄ جون سرگرميون تاريخ جو حصو بڻجي وينديون. شاگردن جي ادبي گڏجاڻي ۾ شرڪت هڪ تمام اهم پيش رفت آهي، ان سان سندن صلاحيتون اجاگر ٿينديون. شاڪر صاحب پنهنجي غزل ۾ حقيقتون پيش ڪيون آهن. جدوجهد ڪرڻ وارا ئي عظيم انسان هوندا آهن. ان ڪري اسان شاگردن ۽ استادن کي اهو گس وٺڻ گھرجي“.


ان کان پوءِ نوجوان پروفيسر شعيب ميمڻ پنهنجون مضمون ”جديد تعليمي نظام جي ضرورت ۽ اهميت“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو جنهن ۾ هن تاريخ جي مختلف مرحلن تي ٽيڪنالاجيڪل ترقيءَ کي سهيڙيندي چيو ته دنيا ۾ هر جاءِ تي ان کي لاڳو ڪيو پيو وڃي پر افسوس ته اسان جا ادارا ان کان محروم آهن. ان ڪري اهي هڪ وڏي وسيلي کان محروم رهجي ويا آهن. سندس مضمون ۾ سنڌ جي تعليمي نظام تي اهو افسوس ڏيکاريل هيو ته”بدقسمتيءَ سان اسان وٽ اڃا تائين ڏهاڪن کان پراڻو تعليمي نظام هلي رهيو آهي ۽ ان ۾ ڪائي جدت ۽ نواڻ نه آئي آهي“.


منظور بيدار مضمون جي تمام گھڻي تعريف ڪئي. اختر ڀٽي چيو ته اهو هڪ شاندار مضمون آهي ۽ ليڪک کي گذارش ڪئي ته کيس ان جي هڪ ڦوٽو ڪاپي ڏني وڃي ته جيئن هو ان کي پنهنجي شاگردن سان به شيعر ڪري سگھي. فضل انڍهڙ مضمون جي تمام گھڻي تعريف ڪئي.


 

پروفيسر شاڪرچيو ته ”ان مضمون جي ڦوٽو ڪاپي پرنسپل کي به ڏني وڃي ته جيئن هو ان ۾ ڏنل صلاحن تي عمل ڪري تعليمي معيار کي وڌائي سگھي”.  پروفيسر خالد ميراڻي چيو ته ”ترقي يافته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي هر ڪنهن وٽ آهي. پر اسان وٽ ان مان هڪ مخصوص ڪلاس فائدو پيو وٺي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهو هتي به عام ٿيڻ گھرجي“. پروفيسر گل ڪٽوهر نوجوان لکاري جي لکڻين کي وقتائتو قرار ڏيندي سڀني پروفيسرن کي انفرميشن ٽيڪنالاجي سکڻ ۽ ان کي پنهنجي ڪلاس روم پرئڪٽس ۾ شامل ڪرڻ جي تلقين ڪئيئ صدارتي راءِ ڏيندي ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ لکاري جي اٿاريل نقطن کي وڏي اهميت وارو قرار ڏنو ۽ چيو ته ٽيڪنالاجي اسان کي تمام اڻ ڳڻيون سهولتون ٿي ڏئي.


سيد

علي جو چوڻ هوته ”مواد موضوع سان ٺهڪندڙ گھٽ هيو“.


پروفيسر شاڪرچيو ته ”ان مضمون جي ڦوٽو ڪاپي پرنسپل کي به ڏني وڃي ته جيئن هو ان ۾ ڏنل صلاحن تي عمل ڪري تعليمي معيار کي وڌائي سگھي”.  پروفيسر خالد ميراڻي چيو ته ”ترقي يافته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي هر ڪنهن وٽ آهي. پر اسان وٽ ان مان هڪ مخصوص ڪلاس فائدو پيو وٺي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهو هتي به عام ٿيڻ گھرجي“. پروفيسر گل ڪٽوهر نوجوان لکاري جي لکڻين کي وقتائتو قرار ڏيندي سڀني پروفيسرن کي انفرميشن ٽيڪنالاجي سکڻ ۽ ان کي پنهنجي ڪلاس روم پرئڪٽس ۾ شامل ڪرڻ جي تلقين ڪئيئ صدارتي راءِ ڏيندي ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ لکاري جي اٿاريل نقطن کي وڏي اهميت وارو قرار ڏنو ۽ چيو ته ٽيڪنالاجي اسان کي تمام اڻ ڳڻيون سهولتون ٿي ڏئي.


ان نموني اها گڏجاڻي سانجھيءَ تائين هلي پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.