Monday, July 9, 2012

هڪ اڻ ڇپيل تحرير

” آلا نيڻ بهارن جا “ شاعري جي ڪتاب جو سرجڻهار ڪو ٻيو نه پر

سنڌپوليس جو آفيسر محترم فياض ڏاهري آهي. ڪو چئي سگھي ٿو ته ڪٿي پوليس جي نوڪري ۽ ڪٿي شاعري، انهن جا ته رستا ئي الڳ الڳ آهن، پر نه، فياض ڏاهريءَ شاعري ڪري ان ناممڪن کي ممڪن ۽ ان ڏند ڪٿا کي حقيقت جو روپ ڏيئي ڇڏيو آهي. سندس شاعريءَ جي صحيح  پرک ته شاعر ۽ تنقيد نگار ئي ڪري سگھن ٿا، مان اوهان کي سندس مٿئين ڪتاب تان ورتل هڪ نظم پڙهائڻ ٿو چاهيان جنهن ۾ هن پنهنجي پيشي متعلق ڏاڍا نفيس خيال ۽ نڪتا پيش ڪيا آهن

اسان لئه شهادت به عظمت،                                                                      

الئه جي ڪا آهي يا ناهي!                                                                         

اسان جيڪي راتين جا رکوال سڏجون،                                                         

سدا راه جي رهزنن ساڻ جوٽيون جنگيون ٿا،                                                    

اسان جيڪي بي ڏوه ماريا وڃون ٿا..                                                             

خرابيون هتان جي نظامن ۾ آهن،                                                                  

رڳو رت منهنجو نه سگھندو سڌاري،                                                              

اسان لئه شهادت به عظمت.                                                                      

الئه جي ڪا آهي يا ناهي.                                                                         

اسين نفرتن جي روين جا ماريل،                                                                     

نه قاضي سڏياسون نه غازي سڏياسون،                                                           

اسان جي شهيدن جون گمنام قبرون،                                                           

نه گل تن تي نه ڏيئا ٻرن ٿا                                                                          

اسان لئه شهادت به عظمت،                                                                       

الئه جي ڪا آهي به ناهي!                                                                          

              اهو آهي هڪڙي سچي پچي سپاهي جو درد ۽ سندس اندر جو آواز، ڪاش ته جيڪر سڀ پوليس وارا اهڙا درد دل رکندڙ ٿي پون ته سنڌ ڌرتيءَ تي رهندڙ تمام وڏي  بي قصور، بي وس، اٻوجهه ۽ مظلوم ماڻهن جي دکن دردن ۾ ٽي حصا گھٽتائي اچي وڃي.  پر ڇا ڪجي حقيقتون ڪجهه اؤر آهن. ٿاڻن اندر جنهن نموني جو رويو ماڻهن سان رکيو ويندوآهي اهو ڪنهن کان لڪل ناهي. ڪيئي بي گناه اتي ويندا ته پنهنجي پيرن تي آهن پر موٽندي کين بي ساکين جو سهارو وٺڻو پوندو آهي پر پوءِ به اهي  انهن کان خوشنصيب ليکيا ويندا آهن جن جو اتي موت دل جي پراسرار دؤرن پوڻ ڪري ٿيندو آهي ۽ اهي ماڻهن جي ڪلهن تي کڄي نڪرندا آهن. اهڙي ئي هڪ اسٽوري ذرا مختلف پس منظر ۾ سائين امرجليل ” نيٺ گونگي ڳالهايو “ ناول جي صورت ۾ لکي هئي. ان ناول جو مک ڪردار پيدائشي گونگو هيو، ۽ پنهنجي پياري دوست اسلام کي ڳولهڻ اسلام آباد ويو هيو ۽ اتي ايجنسين هٿان گرفتار ٿيڻ بعد سندس لاش  واپس ڪرڻ وقت اهو سرڪاري بيان جاري ڪيو ويو هيو ته ملزم مرڻ کان اڳ۾ پهريون ۽ آخري دفعو ڳالهائي اهو اقرار ڪيو هيو ته هو واقعي دهشت گرد آهي

            اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته روهڙيءَ ڀرسان ٽول پلازه کان ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڏينهن ڏٺي جو 11 بجه نوجوان هدايت الله سولنگيءَ کي  ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪيو ويو ۽ ان بي گناه  نوجوان کي مارڻ بعد سندس لاش کي، ايس ايڇ او بهادر شڪار ڪيل ڪنهن جهنگلي جانور وانگر   گھليندي گھليندي اچي پنهنجي گاڏيءَ ۾ ڦٽي ڪيو، ۽ اسان جي ” راتين جي رکوال “ ۽ ” رهزنن سان جنگيون جوٽيندڙ “ ( فياض کان معذرت ) پوليس وارن پيرڳوٺ جي نوجوان محمد علي کي 50 هزار رشوت نه ڏيڻ جي ناقابل معافي جرم جي پاداش ۾ نڪ ۽ وات ۾ چن وجهي اهڙو ته مهٽو ڏنو جو هو ٻن ڏينهن کان بيهوش آهي ۽ پوليس عملدارن مٿس به خود ڪشيءَ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.  پر مون کي ذهني ۽ روحاني طرح جنهن وارڌات واقعي جهنجهوڙي وڌو آهي اها آهي حضور بخش ملڪ جي درد ڪٿا، بيان کان ٻاهر، امڪان کان مٿي، انسانيت جي بدترين تذليل وارو ان جي نازڪ عضوي کي وڍڻ وارو مڪروه عمل. خبر ناهي لاڙڪاڻي پوليس جي انهن عملدارن جو حضوربخش جي” نازڪ عضوي “ اهڙو ڪهڙو ڏوه ڪيو هو جنهن جي کيس ايڏي وڏي سزا ڏني وئي. هاڻ عزت سان ان نوجوان جي زنده رهڻ جا ڀلا ڪهڙا امڪان باقي بچيا آهن؟!  سندس اخبارن ۾ ڇپيل تصويرون، ان بدنصيب پاران واهر لاءِ پهتل ماڻهن آڏو ڪيڪون ۽ ريهون معاملي جي سنگينيءَ کي بخوبي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن.  اسان جو شاعر دوست محترم فياِض ڏاهري پوليس هٿان ائين مرندڙن، ڪٽجندڙن، بي عزتو ٿيندڙن جو درد به محسوس ڪندو آهي، الاءِ نه؟!، جي سندس جواب ’ها‘ ۾ آهي ته پوءِ کيس اهي درد ڪٿائون به ضرور لکڻ گھرجن

    Ag_katohar@yahoo.com

Monday, June 25, 2012

صنفي توازن ۽ معاشرتي ترقي

 ترقي يافته ملڪن ۽ سماجن جي ڳوڙهن اڀياسن مان معلوم ٿيو آهي ته سندن تيز ڪاميابين پويان ٻين سببن سان گڏ سندن پاران هڪ ٻئي سان دنياوي وهنوارن، ميل ملاپن، لڳ لاڳاپن، رشتن ناتن ۾ روا رکيل توازن جو به وڏو ڪردار رهيو آهي.  اهي تبديل ٿيندڙ وقت سان گڏ پنهنجن روين ۾ پڻ تبديلي آڻيندا آهن. انهن جو مثال وهندڙ دريائن وارو هوندو آهي. سوچيندڙ سماج دريائن جي انهن تيز وهڪرن جيان هوندا آهن جيڪي پنهنجي اندر ڦٽي ڪيل گند ڪچري کي پنهنجي تيز رفتاريءَ سان لوڙهي ڇڏيندا آهن. ان جي ابتڙ جيڪي پوئتي پيل، وقت جي رفتار جو گھٽ اندازو لڳائيندڙ، ۽  پراڻن دقيانوسي خيالن کي چهٽيل سماج هوندا آهن انهن جو مثال هڪ جاءِ تي بيٺل، ڌپ ڪري ويل گندي پاڻيءَ  جي ان  دٻي وارو هوندو آهي. جنهن جي پوسل ۾ ڪيئي زهريلا جراثيم پيدا ٿي ڪري بيماريون پکيڙيندا آهن. اهڙا سماج ترقي جي تيز رفتار ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويندا آهن. ان ڪري جيڪي سماج ۽ فرد ترقي جي راهن تي پنهنجي وک وڌائڻ جا خواهش مند آهن انهن کي سڀ کان پهرين انهن سببن جو اڀياس ڪرڻو پوندو. مثال طور اسان جي سماج جي ترقي ۾ جيڪي اڪيچار رڪاوٽون آهن انهن ۾ هڪ رڪاوٽ صنفي معاملن جي حساسيت جو صحيح ادراڪ نه هئڻ به آهي. سنڌ جي شهرن ۾ عام طرح ۽ خاص طور تي ٻهراڙين ۾ جيڪي به ريتون رسمون رائج آهن، اڪثر اٻوجھ ماڻهون انهن کي الهامي سمجھن ٿا. سندن پڪو ۽ پختو رايو آهي ته سندن وڏن جيڪي ڪيو هيو اهو سؤ سيڪڙو صحيح هيو ۽ کين به انهن ريتن، رسمن ۽ رواجن تي اکيون پوري عمل ڪرڻ گھرجي. اسان جا اڪثر سنڌي ماڻهون پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي اهڙن معاملن تي ڳالهه ٻولهه کي ئي گناهه سمجھن ٿا.  ٻه مهينه اڳ جي ڳالهه آهي جڏهن مان پنهنجي ويجھن رشتي دارن ۾ ٿيل فوتگيءَ لاءِ تڏي تي ويٺو هوس ۽ ڳالهين ٻولهين هلندي مون کين التجا ڪئي ته اهي پنهنجي نياڻين کي علم جي زيور سان مالا مال ڪن.   منهنجي اها ڳالهه ٻڌي هڪ انتهائي ويجھي مائٽ سخت رد عمل ڏيکاريندي چيو ته هو مون وانگي اڃا ايترا بي غيرت ناهن ٿيا جو پنهنجن ڇُوڪِريُن کي اسڪولن ۾ موڪلين.   ٻهراڙين ۾ اڪثر وڏڙن جي واتان ٻڌو آهي ته ”عورتن کي عقل کڙيءَ ۾ هوندو آهي ۽ سج لٿي کان پوءِ اتان به نڪري ويندو آهي.“ ان جو مطلب اهو ٿيو ته عورتون ڄمندي ئي عقل کان وانجهيل هونديون آهن. ان ڪري ساڻن رويو به اهڙو ئي رکيو وڃي. اسان جڏهن ڳوٺ کان اسڪول پڙهڻ لاءِ سائيڪل تي سوار ٿي نڪرندا هئاسين ته رستي ويندي هڪ ماڻهون ملندو هيو جيڪو روزانو پنهنجي زال ۽ هڪ عدد گڏهه سان شهر ويندو هيو.  هو زال سان مسلسل ڳالهائيندو رهندو هيو. سندس ڳالهائڻ ۾ جھجھيون گاريون ئي هونديون هيون جيڪي هو پنهنجي گھرواريءَ کي ڏيندو رهندو هيو ۽ جڏهن پنهنجي گڏهه کي چهبڪ هڻندو هيو ته ان سان گڏ هڪ اڌ پنهنجي زال کي به وهائي ڪڍندو هيو.  پر سندس گھر واري بلڪل چپ رهندي هئي. سندس چهري تي ڪي به تاثر نه اڀرندا هيا. مون کي پنهنجي بابا ٻڌايو هيو ته اها سندس زال ڪا گونگي ۽ ٻوڙي ناهي سڀ ٻڌي ۽ سمجهي ٿي.  کيس سندس مڙس ڪٽي ماري پنهنجي گڏهه جهڙو گگدام بنائي ڇڏيو آهي. اڃا ڪالهه جي ڳالهه آهي ته هڪ پڙهيل لکيل دوست وٽان هڪ عدد ميسيج پهتو ته جنت ڇاهي؟ سندس ئي جواب هيا ته هڪ عدد بنگلو ڊفينس ۾، ٻه ٽي نوجوان ۽ حسين گرل فرينڊس،  نوڪر چاڪر، مرسڊيز گاڏي، بليڪ بيري، ايپل جو ليپ ٽاپ، جھجھو بئنڪ بئلنس ۽ هڪ عدد گونگي ۽ ٻوڙي زال؟؟؟؟ ان ميسيج مان شهري مردن جي تعصبي روش جي کلي نمائش ٿئي پئي ته اهي پڻ پنهنجن گھروارين کي پنهنجي زندگيءَ تي بار سمجھن ٿا. ساڻن گذاريل وقت کي بس زماني سازي ڪري برداشت ڪن ٿا. 

 منهنجي امڙ روزانه اسر ويل بستري کي ڇڏي جنڊ پيهي گھر جي سمورن ڀاتين لاءِ اٽو ٺاهيندي هئي. ڏاندن، مينهن، ڳئون ۽ ٻڪرين کي گاهه ڏئي سندن ڇيڻا ميڙي ڍير تي اڇلائيندي هئي. ان ڪم کان فارغ ئي نه ٿيندي هئي ته وري گھاگھر ۾ لسي مکڻ ٺاهڻ سان گڏ سمورن گھر جي ڀاتين لاءِ ماني به پچائيندي هئي. اڃا کيس ان ڪم مان پوري طرح فرصت ئي نه ملندي هئي ته گھر جو اڱڻ صاف ڪرڻ لاءِ ٻهاري هٿ ۾ کڻندي هئي. ان بعد ٿانو ٿپا ڌوئڻ جو ٽائيم ٿي ويندو هيو. ڪپڙا ڌوئڻ جو ڪم به لڳ ڀڳ هڪ نه ته ٻئي ڏينهن تي کيس ئي ڪرڻو پوندو هيو. گھر جي انهن ڪمن مان فراغت ملڻ بعد هوءَ ڍور ڍنگرن لاءَ گاهه پٺي لاءِ گھر کان ڪيئي ڪلو ميٽر پري زمين رواني ٿي ويندي هئي. جتان گاهه جون ڀريون ٻڌي مٿي ته کڻي ايندي هئي. گاهه کي ڪتر ڪري کڙ ملائي مينهن ۽ ڏاندن کي ڏيڻ، مانجھاندي، سج لٿي جي ماني ۽ ٻوڙ رڌڻ کان پوءِ سمورن گھرڀاتين جي کٽن کي اڱڻ ۾ رکي انهن تي بسترا وڇائڻ جو ڪم به کيس ئي ڪرڻو پوندو هيو. لابارا ڪرڻ، ڳاهه ڳاهڻ، رليون سبڻ، کجي جي پتن مان تڏا جوڙڻ، ڀرٿ ڀرڻ وارا ڪم اضافي هوندا هيا.  هوءَ سڀ کان اول اٿندي هئي، سڀ کان گھڻو ڪم ڪندي هئي، سڀني جي سار سنڀار لهڻ بعد ئي بستري حوالي ٿيندي هئي.  پر سندس اهي ڪم ڪنهن به ليکي چوکي ۾ ڪونه ايندا هيا.  کيس بنا ڪنهن سبب جي بابا سائينءَ جو مار موچڙو الڳ سهڻو پوندو هيو.   اسان جي معاشري ۾ عورتن پاران اقتصادي وهنوار ۾ ادا ڪيل سندن عظيم ڪردار کي انتهائي خسيس سمجھيو ويندو آهي،  کين اهو باور ڪرايو ويندو آهي ته اهي پنهنجن مڙسن کي خوش رکن، ٻارن کي پالين ۽ گھر گھاٽ لاءِ وڌ کان وڌ بنا معاوضي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏين. اسان جو مرداڻو معاشرو کين گھر جي ڪم ۾ رات ڏينهن جنبيل نوڪرياڻين جي نگاهه سان ڏسندو آهي.  مون هتي پنهنجي گهر جو مثال ڏئي سمجهايو آهي جيڪي ڪجھ مون پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ پرکيو هيو پر درحقيقت ته اها ته سموري ڳوٺ ۽ سنڌ جي ٻهراڙين جي ڪهاڻي هئي ۽ اڪثر جاين تي اڄ به جاري و ساري آهي.

اسان جي هن سماج ۾ عورت کي به بس هڪ وکر جيتري اهميت مليل آهي. ڪجھ وڌيڪ ڪردارن جو ذڪر ڪري پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندس،  جن جو مون ذاتي طرح مشاهدو ڪيو آهي. هڪ جواڻ جماڻ ڇوڪِرِيءَ جي شادي هڪ تمام ننڍي عمر جي ڇُوڪري سان محض ان ڪري ڪرائي ويئي ڇوته ان ڇوڪري جي ماءُ جي شادي وقت اهو طئي ٿيو هيو ته ٻي ڌر هڪ سڱ کين ڏيڻ جو پابند آهي. جيستائين ڇوڪرو جوان ٿيو تيستائين سندس گھرواريءَ جي جواني ختم ٿي ويئي. ڇوڪري ٻي پنهنجي پسند جي شادي هم عمر ڇوڪريءَ سان رچائي ۽ هاڻي سندس اڳين پوڙهي زال سندس نيئن ڪنوار جي ٻانهي طور گھر ۾ ڪم ڪار ڪندي آهي. ان نموني هڪ انسان جي سڄي ڄمار اسان جي جاهل سماج جي غلط ريتن رسمن جي ور چڙهي ويئي ۽ هن زندگي جو ڪو سک نه ماڻيو.

اهڙي ئي ڏي وٺ جي شاديءَ ۾ هڪ ڌر پنهنجي لهڻي جي ٻانهن ان وقت گھري جڏهن اڃا ڇوڪريءَ جي عمر يارنهن سال مس ٿي هئي. شادي بعد کيس جلدي ئي پيٽ ٿي پيو.  ننڍي عمر، اڻ پوري کاڌ خوراڪ، حد کان وڌيڪ ڪم ڪار، علاج معالجي جي اڻهوند ڪري کيس انتهائي پيچيدهه بيماري وڪوڙي ويئي. ڊاڪٽرن چڪاس بعد ٻڌايو ته اهو ٻار ڪيرائڻو (ايبارشن) پوندو پر ان صورت ۾ اها ڇوڪري وري ٻار پيدا ڪرڻ جي لائق به نه رهندي.  ٻي صورت ۾ ڇوڪري جي زندگيءَ بچي نه سگھندي. نيٺ ڇوڪري جي زندگي بچائڻ لاءِ پهرين آپشن کي قبول ڪيو ويو. هاڻي ڇوڪري جواڻ جماڻ آهي پر کيس سمورن گھر ڀاتين واتان روز ذليل ٿيڻو پوندو آهي ته ”هو نڀاڳي آهي ۽ ٻار ڄڻڻ جي لائق به ناهي“ حالانڪه ان ۾ سندس ته ڪو قصور ئي ناهي. پر هن مرداڻي سماج ۾ هر ڏوهه عورت ڏانهن منسوب ڪيو ويندو آهي. جيڪي رشتا ناتا ٿين ٿا انهن ۾ گھڻو تڻو ڪردار گھر جي مردن جو هوندو آهي. انهن رشتن ناتن ڪري جيڪي جھيڙا جهٽا ٿين ٿا ته ان جو سڌو سنئون نشانو وري عورتون ئي بڻجنديون آهن. شاديءَ جي ٻنڌڻن لاءِ جيڪي ڳالهيون ٻوليون هلنديون آهن انهن ۾ ڇوڪرن کي ته ڪنهن حد تائين آزادي مليل هوندي آهي ته هو پنهنجي پسند ناپسند جواظهار ڪري سگھن پر ڇوڪرِي جي پسند ناپسند پڇڻ کي ئي بي غيرتي سمجھيو ويندو آهي. اهڙن رشتن ڪري ڪيئي مونجھارا پيدا ٿي پوندا آهن جيڪي اڳتي هلي خوني رتوڇاڻ جو سبب به بڻبا آهن. اهو تماشو روز اسان جي اڳيان ٿيندو آهي ته شادين مرادين تي ڳائي وڄائي خوشيون ملهائيندا آهيون پر اهي خوشيون پاڻيءَ تي ڦوٽي جيان صفا عارضي هونديون آهن. سڱاوندي ڪندڙ ڌريون سالن، مهينن ڪن صورتن ۾ ته ڪجھ هفتن بعد ئي هڪ ٻئي تي لٺيون اڀيون ڪيون بيٺا هوندا آهن. محبت، پيار، پنهنجائپ، خلوص وارا جذبا جيڪي شاديءَ جي تقريب کان اڳ يا ڪاڄ هلندي ڏٺا ويندا آهن، اهي پوءِ اڻ کٽ اختلافن، تڪرارن، جھيڙن جھٽن جي صورت اختيار ڪري ويندا آهن. اهڙن تڪرارن ۾ ٻنهي ڌرين جون عورتون سڀ کان وڌيڪ لوڙينديون آهن. طلاقون، مارڪٽ، طعنا طنقا سندن زندگين کي زهر بڻائي ڇڏينديون آهن.  عورتون جسماني توڙي ذهني تشدد برداشت ڪري، بي عزتيون سهي به ڏوهاري سمجھيون وينديون آهن ۽ مرد بدمعاشي ڪرڻ، جھيڙا جھٽا ڪرڻ، قتل جهڙيون سنگين وارڌاتون ڪرڻ بعد به مڙس ماڻهون سڏبا آهن. اسان جا ڳوٺ اهڙن مڙس ماڻهن سان سٿيل آهن جيڪي پنهنجي گھروارين، ڀيڻن، ڀاڄايائين جي عزت سان زندگي گذارڻ جا سمورا گس بند ڪيون ويٺا آهن.

اسان جو سماج عورت کي انسان نه پر هڪ جانور تصور ڪري ٿو. جنهن کان وڌ کان وڌ ڪم ورتو ويندو آهي، کيس بس ايترو کارايو پياريو ويندو آهي ته جيئن هوءَ زندهه رهي سگھي، ٻار ڄڻي سگھي، الله الله خير سلا. زماني جا قدر بدلجي ويا آهن يا بدلجي رهيا آهن پر پنهنجي سماج ۾ عورتن سان مت ڀيد وارو ماحول جيئن جو تيئن موجود آهي.

صنفي اڻ برابري اسان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ وڏو چئلينج آهي. سماج ۾ عورتن کي درپيش مسئلن ۽ مشڪلاتن جي ڄاڻ رکڻ تمام ضروري آهي، ڇوته قومي ترقي تڏهن ٿي سگهندي جڏهن عورتن کي برابريءَ وارو رتبو ڏيئي کين قومي ترقيءَ ۾ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جي لائق بڻايو ويندو، ۽ سندن لاءِ سماج اندر اهڙا موقعا پيدا ڪيا ويندا ته جيئين اهي هنرمند ٿي ڪري گھر ۽ وطن جي خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگھن.   عورتن سان متڀيد واري روين تي ٻڌل قانونن جي خاتمي کانسواءِ ڪو به معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي.  اسان کي معاشري اندر بهادر، جفاڪش عورتن کي عزت ڏيڻي پوندي.  سماج جي سمورن وهنوارن ۾ سندن شموليت، اهم فيصلن ۾ سندن راءِ جو احترام ڪرڻو پوندو. مٿن تشدد جو خاطمو ڪري ساڻن تعصب ۽ امتيازي سلوڪ وارين روين کي پاسيرو رکي کين برابري جي بنياد تي اڳتي اچڻ جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا.  ڇوته عورتن سان متڀيد وارن روين سان مجموعي طور تي معاشرو ڪمزور ٿيندو آهي. اسان جي آئين ۾ اها ڳالهه واضح آهي ته ڪنهن سان به جنس جي بنياد تي امتيازي سلوڪ نه ڪيو ويندو. عورتن کي بااختيار بڻائڻ هاڻي اسان جي هر پڙهيل لکيل ۽ سمجھ ڀريل مرد ۽ عورت جي ايجنڊا تي هميشه سر فهرست رهڻ گھرجي. عورتن کي پڻ پنهنجو پاڻ اڳتي اچڻ ۽ قومي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. اسان سڀني کي گھرجي ته عام گھٽ سمجھ وارن ماڻهن ۽ انتهاپسندن پاران عورت دشمن پاليسن کي رد ڪريون. ڇوڪرين جي تعليم تي وڌ کان وڌ توجه ڏيون ته جيئن مستقبل ۾ ٿيندڙ امڪاني تباهڪارين کان به بچاءُ ٿي سگھي ته ماضي جي ڪيل غلطين جو ازالو به ٿي وڃي.   

آخر هي نڌڪ، نود معاشرو ڪو آفاقي ته ڪونهي. اهي سموريون ريتون رسمون اسان انسانن جون پنهنجون جوڙيل ۽ ٺاهيل آهن. جيئن اهي اسان ٺاهي پنهنجي پاڻ تي لاڳو ڪيون آهن بلڪل ساڳي نموني ان مان جند آجي به ڪري سگھون ٿا. مدي خارج سمورين ڳالهين کي لت وهائي، ڌوڙ جي ڍير تي اڇلائي، ڀلين روين کي اپنائي سگھون ٿا. ان ڳالهه لاءِ هرو ڀرو ڪنهن وڏي فلسفي سکڻ جي ضروت به ناهي ۽ نه ئي ڪا وڏي جنگاڻ ڪرڻي آهي يا ڪوخرچ لڳڻو آهي. بس ڏيئي وٺي پنهنجو دماغ درست ڪرڻو آهي. صنفي حساسيت کي سمجھي ان جا صحيح حل ڳولهي پنهنجي گھر اوڙي پاڙي ۽ پوري سماج تي لاڳو ڪري ان تي عمل ڪري ترقيءَ جي ڏاڪن تي چڙهڻو آهي.  اسان کي اٺ پکيءَ واري وانگر منهن واريءَ ۾ لڪائي اهو نه سمجھڻ گھرجي ته جيڪي ڪجھ ٿي رهيو آهي ان کي زمانو نه ٿو ڏسي يا اها بي خبر هوندي. حقيقت ۾ ته بي خبر اسين پاڻ آهيون جو زندگي سان سلهاڙيل تمام اهم ڳالهين تي اکيون پوري ٿا ڇڏيون. اها روش هڪدم مٽائي اسان کي سماج جو ذميوار فرد بڻجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ان نموني اسان هڪ عزت ڀريو، متوازن معاشرو قائم ڪرڻ جي قابل ٿي وينداسين.  

Saturday, April 28, 2012

ترقي يا تنزلي؟

اسان جو اڄوڪو نسل ڏاڍو سياڻو ٿي ويو آهي. کين پنهنجي وڏڙن پاران غير شرعي انداز ۾ زندگي گذارڻ جي پروڙ پئجي ويئي آهي. اسان جي پوئين نسل ته ڪڏهن سوچيو به نه هيوته اهي سني،  شيعه يا وهابي آهن. اهي سڀ ته هڪ مسيت ۾ نماز ادا ڪندا هيا.  گڏجي سڏجي عالمن جي واعظن ۽ مجلسن ۾ شرڪت ڪندا هيا. ننگر نياز کائڻ ۾ ڪنهن کي به ڪو عيب نظر نه ايندو هيو اهي اهڙي عمل کي  بدعت ۾ شمار نه ڪندا هيا.  هڪ پيش امام جي ڪڍ ڪي هٿ کولي ته ڪي هٿ ٻڌي نماز ادا ڪندا هيا. پر اڄوڪو، خاص ڪري مرد مومن مرد حق ضيا الحق کان پوءِ وارو نسل مذهبي معاملن،  شرعي احڪامن جي چڱي ڄاڻ حاصل ڪري چڪو آهي. هاڻوڪو نسل سمجهي چڪو آهي ته مخالف فرقي جي مسجد ۾ وڃڻ شريعت جي عين خلاف آهي ڇوته سڀ مسجدون سڀني مسلمانن جون نه پر اهي ڪن مخصوص فرقن وارن جون آهن.  مخالف فرقي جي عالم پويان نماز پڙهڻ نجس آهي. ان ڪري اسان کي بس پنهنجي فرقي جي ڳالهه ڪرڻ گھرجي، ان جا گڻ ڳائڻ گھرجن ڇوته بس اسان جو فرقو ئي جنتي آهي، باقي سڀ ڪافر ۽ واجب القتل آهن ۽ اهي انشاءَ الله جهنم جو ٻارڻ ٿيندا.

اڳ ڳوٺ، راڄ ڀاڳ جو چڱو مڙس اهو هوندو هيو جنهن وٽ عقل، علم، ڏاهپ جاگڻ هوندا هيا. اهي نيڪ ۽ ايماندار هئڻ سان گڏ ذات پات جي فرق کان سواءِ سڀني سان انصاف ڪندڙ هوندا هيا. اهي ڏاڍا بردبار ۽ درگذر ڪندڙ هوندا هيا. اهي شريف ماڻهن جا دوست جڏهن ته لچ لوفر جا ويري ليکيا ويندا هيا. ڪيڏا نه چريا هيا!!!!؟؟؟ ڀلا اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته ڳوٺ جو چڱو مڙس پئسي وارو، زميندار، سردار يا پير کان سواءِ ڪو ڪمي ڪاسبي ٿئي. اها چوڻي ته سڀني کي ياد هوندي ته اصل سي خطا نهين، ڪم نسل سي وفا نهين، سو اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته غريب ڪڙمي ڪاسبي جو پٽ وري ڳوٺ جو چڱو مڙس ٿئي. اها ڳالهه هاڻوڪي نسل کي اسان جي سردارن، راڄ ڀاڳ جي پڳدارن سٺي نموني سمجهائي ڇڏي آهي.  اسان واري ذات يا پاڙو ئي افضل ۽ اتم آهي ان ڪري اسان کي پنهنجي اصل نسل برادري، ذات پات تي فخر ڪرڻ گھرجي. اسان جو اڄوڪو نسل ائين ئي ته ڪري پيو.  پنهنجي برادريءَ جو لوفر، قاتل يا غنڊو به مخالف برادري جي انتهائي شريف ماڻهون کان سوين دفعه وڌيڪ بهتر آهي. جيئن ته اسان جي لوفر ڇورن مخالف دشمن برادريءَ کي سخت جاني ۽ مالي نقصان پهچايو هوندو ان ڪري اهي اسان جي ذات پات وارن جا حقيقي هيرا آهن.  مخالف برادريءَ جو هر ڏٺل اڻ ڏٺل، واسطيدار يا غير واسطيدار ماڻهون ڀلي اهو نيڪ، غريب، شريف يا انسان دوست ڇونه هجي اسان جو دشمن آهي. دشمن پاڙي مان چڱائيءَ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آهي. جيڪڏهن مخالف برادريءَ اسان جا ٻه بي گناهه ماڻهون ماريا آهن ته اسان کي سندن چار بي گناهه ماڻهون مارڻ گھرجن تڏهن ئي ته پاڻ راڄ ڀاڳ ۾ ڪنڌ کڻي هلڻ جهڙا ٿينداسين. دين، ايمان، ٻچن جو وارث برادريءَ جو سردار ئي آهي. ڀل ته ڇونه سوين غريب قتل ٿي وڃن پر سردار جي پٽڪي جو ور نه وڃڻ گھرجي. ڀل ته اسان جي گھر ۾ پاءُ اٽي جو به نه هجي پر سردار، وڏيري کي جيترو گھڻو پئسو، مال ملڪيت، عاليشان بنگلا، قيمتي گاڏيون هونديون ته اهو اسان جو شان آهي. غريب غربي لاءِ ڇوڪرن ۽ خاص ڪري ڇوڪرين کي پڙهائڻ انتهائي بي غيرتي آهي. سردار ته مالڪ آهن جيڪڏهن انهن جا ڇورا يا ڇوڪريون ولايت ۾ به پڙهن پيا ته اهو انهن جو شان آهي. ڀلا جي سردارن جا ٻار پڙهيل نه هوندا ته اهي سياستون ڪيئن هلائيندا راڄ ڀاڳ جي سنڀار ڪين ڪندا. ٻيو ته سياست ڪرڻ جو حق به صرف وڏيرن، سردارن يا پيرن کي ئي آهي. اسان جي عزت ان ۾ آهي ته سردار ، پير يا وڏيرو جنهن به پارٽيءَ ۾ اعلان ڪري اسان به ساڻس گڏ هجون.

هن دؤر جا اديب به ڏاڍا سياڻا ٿي چڪا آهن. ڪڏهن ڀلجي ڪري به مخالف گروپ جي اديب جي ڪنهن شاهڪار تخليق جي ساراهه نه ڪبي. پر جيڪڏهن ڪا راءِ به ڏبي ته ڳولهي ڳولهي ان جي اوڻاين کي وائکو ڪبو. ڇوته عظيم ادب ته اسان جو گروپ ئي تخليق ڪري سگھي ٿو. محض اسان جو گروپ صحيح، اصلي نج ادب تخليق پيو ڪري باقي سڀ ادب جي نالي تي ڪارو داغ آهن. صرف مان ئي عظيم اديب آهيان ۽ منهنجيون لکڻيون ئي ادب جي دنيا ۾ ڌماڪو آهن. مان صرف تقرير ڪرڻ، صدارت ڪرڻ ۽ ٻين تي تنقيد ڪرڻ جو حق رکان ٿو. منهنجي ڳالهه کي سڀ ٻڌن، پر مان پنهنجو وارو وٺي هليو ويندس، مان ٻين ڪوچڙن اديبن کي ٻڌي ڇا ڪندس. ادبي گڏجاڻين ۾ مان پنهنجي تخليق ڪيئن ٿو تنقيد لاءِ پيش ڪري سگھان جو منهنجي پائي جو ته هڪ به اديب ناهي. اهو منهنجو شان ناهي ان ڪري ٻين کي پنهنجيون لکڻيون پيش ڪرڻ گھرجن مان سندن اصلاح ڪندس.

سنڌ ۾ ڪيئي قومپرست، ترقي پسند، جمهوريت دوست پارٽيون آهن. انهن مان ڪنهن سان به ڳالهائبو ته جواب ملندو ته بس سندس پارٽي ئي صحيح پارٽي آهي ۽ سندس پارٽيءَ جواڳواڻ ئي عظيم آهي. منهنجي پارٽي ۽ منهنجي پارٽي جو اڳواڻ ئي قومپرستي، جمهوريت دوستي ۽ ترقي پسندي جو ٺيڪدار آهي. هن دنيا اندر جيڪو ڪجھ وهي واپري ٿو ان جي ڄاڻ به بس منهنجي اڳواڻ کي ئي آهي. اهو ۽ صرف اهو سنڌ ۽ سنڌين جو رهبر آهي، قائد آهي، اڳواڻ آهي ۽ هيرو آهي. کيس دنيا جي سمورن علمن جي وسيع ڄاڻ حاصل آهي. سنڌ جا ماڻهون جيڪڏهن نجات حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن ته کين بنا دير سندن پارٽي ۾ شامل ٿيڻ گھرجي. ڇوته ان پارٽيءَ کان سواءِ سڀ غدار، ڀليل، سنڌ دشمن، مهاجرن جا ايجنٽ، پنجابين جا پوڄاري يا ايجنسين جا ماڻهون آهن.

حوالو؛....ڪنهن به ڏينهن جي ڪا به سنڌي اخبار پڙهو.  

Saturday, March 17, 2012

سنڌي/اردو ادبي سوسائٽي اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر

سنڌي/اردو ادبي سوسائٽي اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر ۾  پندرهه روزهه ادبي گڏجاڻي بتاريخ 16 مارچ 2012، ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ جي صدارت ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ پروفيسر صاحبان ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ، منظور بيدار، اختر علي ڀٽي، شعيب ميمڻ،  شاڪر علي قريشي، عارف الله خان، گل ڪٽوهر،  احمد علي منڱريه، عبدالجبار سولنگي ، سيد عاشق علي، خالد ميراڻي،  فضل انڍهڙ سان گڏ بي اي فائنل ييئر جي شاگردن قادر حسين گوپانگ ۽ رحمت علي شيخ پڻ شرڪت ڪئي. هن ادبي پروگرام ۾ ٻه اسم ؛ پروفيسر شاڪر علي قريشيءَ اردو غزل جڏهن ته پروفيسر شعيب ميمڻ هڪ مضمون ”جديد تعليمي نظام جي ضرورت ۽ اهميت“ تنقيد لاءِ پيش ڪيا.  شاڪر جي غزل کي سڀني تمام گھڻو ساراهيو. فضل انڍهڙ ان تي راءِ ڏيندي چيو ته ”فني ۽ فڪري لحاظ کان اهو هڪ بهترين غزل آهي. ان ۾ رڌم ۽ ترنم سان گڏ بهترين نوان خيال پيش ڪيا ويا آهن“. عارف الله چيو ته لڳي ٿو ته ”شاعر سان ڪا اهڙي وارتا ٿي گذري آهي جنهن کي هن تخليقي انداز ۾ پيش ڪيو آهي“. خالد ميراڻي چيوته ”هو هڪ ادبي فورم ۾ هيا جنهن ۾ کين تنقيد ڪرڻ جو حق نه هوندو هيو بس محض اسان کي تعريف لاءِ چيو ويندو هيو، پر هتي سوسائٽي جو ماحول نهايت شاندار آهي. هن شاعر کي صلاح ڏني ته هو پنهنجي شاعري لکت ۾ کڻي اچي ته جيئن ان کي هٿ ۾ رکي پڙهي بهتر نموني راءِ ڏئي سگھجي“. هن وڌيڪ چيو ته ”شاڪر جي غزل ۾ جيڪو روح هئڻ گھرجي اهو موجود آهي“. ميراڻي صاحب ان غزل جي مناسبت سان اردو ادب جي عظيم شاعر مرزا غالب جو غزل ٻڌائيندي چيو ته ”اها شاعري جيڪا ٻي ڪنهن عظيم شاعريءَ جي ياد ڏياري اها پاڻ به تمام عظيم هوندي آهي“. سندس خيال ۾ غزل جي جنهن نموني پڄاڻي ڪئي ويئي هئي اها شاندار هئي. بي اي ٽو جي شاگرد قادر حسين گوپانگ چيو ته ”اسان شاگردن کي اوهان هن سوسائٽي ۾ جنهن نموني جڳهه ڏني آهي اها اسان جي سکيا لاءِ تمام سٺي ڳالهه آهي. عبدالجبار غزل تي راءِ ڏيندي چيو ته اهو تمام بهترين هيو. هن وڌيڪ صلاح ڏني ته سوسائٽي کي ڪو وڏو پروگرام به ڪرائڻ گھرجي. پروفيسر فريد ابڙو ادبي ويهڪ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي ان خواهش جو اظهار به ڪيو ته ”هن قسم جي  پروگرامن جو معيار وڌائڻ گھرجي ۽ پروگرام وڏي پيماني تي آڊيٽوريم يا گرائونڊ ۾ ڪرڻ گھرجن ۽ ڪنهن ٻاهرين ناليواري عالم کي به گھرائڻ گھرجي“.  بي اي فائنل ييئر جي ٻي شاگرد رحمت علي شيخ غزل جي تعريف ڪئي. سندس چوڻ هو ته ”ماڻهون کي عشق شاعري ڪرائيندو آهي ۽ اسان به ڪوشش ڪنداسين ته ڪا لکڻي کڻي اچون“. احمد علي منڱريو غزل جي تعريف ڪئي. عزل جي تخليقڪار شاعر شاڪر چيو ته ”شاعر کي جيڪي ڪجھ دل ۾ اچي اهو ان کي پيش ڪرڻ گھرجي“. سندس پنهنجي غزل لاءِ وڌيڪ اهو چوڻ هيو ته ”انوقت مون کي جيڪي ڪجھ محسوس ٿيو اهو لکيو“.  هن وڌيڪ چيو ته ” شاعر ۽ سندس محبوب جي وچ ۾ جيڪو رشتو آهي اهو ئي سمجھي سگھن ٿا“. گل ڪٽوهر شاعر جي غزل کي ساراهيندي چيو ته ”ان ۾ جيڪي ڪنٽراس ڏنل آهن اهي واقعي به وڏي اهميت رکن ٿا،.  محفل جي صدارت ڪندڙ عبدالقادر چاچڙ صاحب هن قسم جي گڏجاڻي جي تعريف ڪندي ان جي جاري رهڻ تي زور ڀريو.  سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته ”اسان کي پنهنجن روين ۾ توازن رکڻ گھرجي. اسان جي هي گڏجاڻي ڪاليج اندر هڪ نئين ۽ مثبت ڪلچر کي متعارف ڪرائيندو“.  هن لکارين کي هدايت ڪئي ته آئيندهه اهي پنهنجيون لکڻيون لکت ۾ کڻي اچڻ.  سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته ”تنقيد براءِ تعمير هئڻ گھرجي. ڪنهن جي تخليق تي تنقيد ان انداز سان ڪرڻ گهرجي جيئن ان سان لکاريءَ جي تعمير ٿئي ۽ سندس جذبا به مجروح نه ٿين. شاڪر جو غزل توقع کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ هيو. سندس ماٺيڻي طبيعت کي ڏسي ڪو تصور به نه ٿو ڪري سگھي ته هن نوجوان ۾ ان حد تائين تخليقي صلاحتيون موجود آهن. اسان جو اڄ جون سرگرميون تاريخ جو حصو بڻجي وينديون. شاگردن جي ادبي گڏجاڻي ۾ شرڪت هڪ تمام اهم پيش رفت آهي، ان سان سندن صلاحيتون اجاگر ٿينديون. شاڪر صاحب پنهنجي غزل ۾ حقيقتون پيش ڪيون آهن. جدوجهد ڪرڻ وارا ئي عظيم انسان هوندا آهن. ان ڪري اسان شاگردن ۽ استادن کي اهو گس وٺڻ گھرجي“.

ان کان پوءِ نوجوان پروفيسر شعيب ميمڻ پنهنجون مضمون ”جديد تعليمي نظام جي ضرورت ۽ اهميت“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو جنهن ۾ هن تاريخ جي مختلف مرحلن تي ٽيڪنالاجيڪل ترقيءَ کي سهيڙيندي چيو ته دنيا ۾ هر جاءِ تي ان کي لاڳو ڪيو پيو وڃي پر افسوس ته اسان جا ادارا ان کان محروم آهن. ان ڪري اهي هڪ وڏي وسيلي کان محروم رهجي ويا آهن. سندس مضمون ۾ سنڌ جي تعليمي نظام تي اهو افسوس ڏيکاريل هيو ته”بدقسمتيءَ سان اسان وٽ اڃا تائين ڏهاڪن کان پراڻو تعليمي نظام هلي رهيو آهي ۽ ان ۾ ڪائي جدت ۽ نواڻ نه آئي آهي“.

منظور بيدار مضمون جي تمام گھڻي تعريف ڪئي. اختر ڀٽي چيو ته اهو هڪ شاندار مضمون آهي ۽ ليڪک کي گذارش ڪئي ته کيس ان جي هڪ ڦوٽو ڪاپي ڏني وڃي ته جيئن هو ان کي پنهنجي شاگردن سان به شيعر ڪري سگھي. فضل انڍهڙ مضمون جي تمام گھڻي تعريف ڪئي.

 سيد عاشق سنڌي/اردو ادبي سوسائٽي اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر ۾  پندرهه روزهه ادبي گڏجاڻي بتاريخ 16 مارچ 2012، ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ جي صدارت ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ پروفيسر صاحبان ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ، منظور بيدار، اختر علي ڀٽي، شعيب ميمڻ،  شاڪر علي قريشي، عارف الله خان، گل ڪٽوهر،  احمد علي منڱريه، عبدالجبار سولنگي ، سيد عاشق علي، خالد ميراڻي،  فضل انڍهڙ سان گڏ بي اي فائنل ييئر جي شاگردن قادر حسين گوپانگ ۽ رحمت علي شيخ پڻ شرڪت ڪئي. هن ادبي پروگرام ۾ ٻه اسم ؛ پروفيسر شاڪر علي قريشيءَ اردو غزل جڏهن ته پروفيسر شعيب ميمڻ هڪ مضمون ”جديد تعليمي نظام جي ضرورت ۽ اهميت“ تنقيد لاءِ پيش ڪيا.  شاڪر جي غزل کي سڀني تمام گھڻو ساراهيو. فضل انڍهڙ ان تي راءِ ڏيندي چيو ته ”فني ۽ فڪري لحاظ کان اهو هڪ بهترين غزل آهي. ان ۾ رڌم ۽ ترنم سان گڏ بهترين نوان خيال پيش ڪيا ويا آهن“. عارف الله چيو ته لڳي ٿو ته ”شاعر سان ڪا اهڙي وارتا ٿي گذري آهي جنهن کي هن تخليقي انداز ۾ پيش ڪيو آهي“. خالد ميراڻي چيوته ”هو هڪ ادبي فورم ۾ هيا جنهن ۾ کين تنقيد ڪرڻ جو حق نه هوندو هيو بس محض اسان کي تعريف لاءِ چيو ويندو هيو، پر هتي سوسائٽي جو ماحول نهايت شاندار آهي. هن شاعر کي صلاح ڏني ته هو پنهنجي شاعري لکت ۾ کڻي اچي ته جيئن ان کي هٿ ۾ رکي پڙهي بهتر نموني راءِ ڏئي سگھجي“. هن وڌيڪ چيو ته ”شاڪر جي غزل ۾ جيڪو روح هئڻ گھرجي اهو موجود آهي“. ميراڻي صاحب ان غزل جي مناسبت سان اردو ادب جي عظيم شاعر مرزا غالب جو غزل ٻڌائيندي چيو ته ”اها شاعري جيڪا ٻي ڪنهن عظيم شاعريءَ جي ياد ڏياري اها پاڻ به تمام عظيم هوندي آهي“. سندس خيال ۾ غزل جي جنهن نموني پڄاڻي ڪئي ويئي هئي اها شاندار هئي. بي اي ٽو جي شاگرد قادر حسين گوپانگ چيو ته ”اسان شاگردن کي اوهان هن سوسائٽي ۾ جنهن نموني جڳهه ڏني آهي اها اسان جي سکيا لاءِ تمام سٺي ڳالهه آهي. عبدالجبار غزل تي راءِ ڏيندي چيو ته اهو تمام بهترين هيو. هن وڌيڪ صلاح ڏني ته سوسائٽي کي ڪو وڏو پروگرام به ڪرائڻ گھرجي. پروفيسر فريد ابڙو ادبي ويهڪ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي ان خواهش جو اظهار به ڪيو ته ”هن قسم جي  پروگرامن جو معيار وڌائڻ گھرجي ۽ پروگرام وڏي پيماني تي آڊيٽوريم يا گرائونڊ ۾ ڪرڻ گھرجن ۽ ڪنهن ٻاهرين ناليواري عالم کي به گھرائڻ گھرجي“.  بي اي فائنل ييئر جي ٻي شاگرد رحمت علي شيخ غزل جي تعريف ڪئي. سندس چوڻ هو ته ”ماڻهون کي عشق شاعري ڪرائيندو آهي ۽ اسان به ڪوشش ڪنداسين ته ڪا لکڻي کڻي اچون“. احمد علي منڱريو غزل جي تعريف ڪئي. عزل جي تخليقڪار شاعر شاڪر چيو ته ”شاعر کي جيڪي ڪجھ دل ۾ اچي اهو ان کي پيش ڪرڻ گھرجي“. سندس پنهنجي غزل لاءِ وڌيڪ اهو چوڻ هيو ته ”انوقت مون کي جيڪي ڪجھ محسوس ٿيو اهو لکيو“.  هن وڌيڪ چيو ته ” شاعر ۽ سندس محبوب جي وچ ۾ جيڪو رشتو آهي اهو ئي سمجھي سگھن ٿا“. گل ڪٽوهر شاعر جي غزل کي ساراهيندي چيو ته ”ان ۾ جيڪي ڪنٽراس ڏنل آهن اهي واقعي به وڏي اهميت رکن ٿا،.  محفل جي صدارت ڪندڙ عبدالقادر چاچڙ صاحب هن قسم جي گڏجاڻي جي تعريف ڪندي ان جي جاري رهڻ تي زور ڀريو.  سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته ”اسان کي پنهنجن روين ۾ توازن رکڻ گھرجي. اسان جي هي گڏجاڻي ڪاليج اندر هڪ نئين ۽ مثبت ڪلچر کي متعارف ڪرائيندو“.  هن لکارين کي هدايت ڪئي ته آئيندهه اهي پنهنجيون لکڻيون لکت ۾ کڻي اچڻ.  سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته ”تنقيد براءِ تعمير هئڻ گھرجي. ڪنهن جي تخليق تي تنقيد ان انداز سان ڪرڻ گهرجي جيئن ان سان لکاريءَ جي تعمير ٿئي ۽ سندس جذبا به مجروح نه ٿين. شاڪر جو غزل توقع کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ هيو. سندس ماٺيڻي طبيعت کي ڏسي ڪو تصور به نه ٿو ڪري سگھي ته هن نوجوان ۾ ان حد تائين تخليقي صلاحتيون موجود آهن. اسان جو اڄ جون سرگرميون تاريخ جو حصو بڻجي وينديون. شاگردن جي ادبي گڏجاڻي ۾ شرڪت هڪ تمام اهم پيش رفت آهي، ان سان سندن صلاحيتون اجاگر ٿينديون. شاڪر صاحب پنهنجي غزل ۾ حقيقتون پيش ڪيون آهن. جدوجهد ڪرڻ وارا ئي عظيم انسان هوندا آهن. ان ڪري اسان شاگردن ۽ استادن کي اهو گس وٺڻ گھرجي“.

پروفيسر شاڪرچيو ته ”ان مضمون جي ڦوٽو ڪاپي پرنسپل کي به ڏني وڃي ته جيئن هو ان ۾ ڏنل صلاحن تي عمل ڪري تعليمي معيار کي وڌائي سگھي”.  پروفيسر خالد ميراڻي چيو ته ”ترقي يافته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي هر ڪنهن وٽ آهي. پر اسان وٽ ان مان هڪ مخصوص ڪلاس فائدو پيو وٺي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهو هتي به عام ٿيڻ گھرجي“. پروفيسر گل ڪٽوهر نوجوان لکاري جي لکڻين کي وقتائتو قرار ڏيندي سڀني پروفيسرن کي انفرميشن ٽيڪنالاجي سکڻ ۽ ان کي پنهنجي ڪلاس روم پرئڪٽس ۾ شامل ڪرڻ جي تلقين ڪئيئ صدارتي راءِ ڏيندي ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ لکاري جي اٿاريل نقطن کي وڏي اهميت وارو قرار ڏنو ۽ چيو ته ٽيڪنالاجي اسان کي تمام اڻ ڳڻيون سهولتون ٿي ڏئي.

سيد

علي جو چوڻ هوته ”مواد موضوع سان ٺهڪندڙ گھٽ هيو“.

ان نموني اها گڏجاڻي سانجھيءَ تائين هلي پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.

سنڌي/اردو ادبي سوسائٽي اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر پاران

Tuesday, February 14, 2012

25 ورسيءَ جي موقعي تي شهيد فاضل راهو جو خون ڪنهن لوڙهيو؟ شاهنواز راڄپر

منهنجي دوست امير گل جو ايس ايم ايس آيو ته “جديد سنڌ فاضل راهوءَ جهڙا جاکوڙي ڪردار گهٽ پيدا ڪيا هوندا. ٻينپارٽين کيس سياسي تعصب ڪري نظرانداز ڪيو ۽ وري “پنهنجا” کانئس ان ڪري پري ٿي ويا جو اوچي بڙ هيٺان سندن ننڍو قد نه پڌرو ٿي پوي. فاضل عمل جو ڌڻي هو. سنڌ کيس اڃا تائين سمجهڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي....!!” برابر شهيد فاضل کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي آهي. پر اسان مان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪنهن ڪئي آهي؟ اڄ فاضل کي شهيد ٿئي 25 سال پورا ٿي چڪا آهن. انهي عرصي دوران ڪڏهن اسان مان ڪنهن شهيد فاضل جي ڪيس جي وارتا تي قلم کڻڻ جي همت ساري آهي؟ ڇا ڪنهن اها پڇا ڪئي آهي ته شهيد فاضل جو ڪيس جيڪو تقريبن 13 سال عدالتن اندر هلندو رهيو ته ان جي پوئواري ڪرڻ ۾ سندس پارٽي ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟ ڪهڙا وڪيل ڪيس وڙهڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا ۽ پارٽي جو ان تي ڪيترو خرچ آيو؟ فاضل صاحب جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ سندس پارٽي عوامي نيشنل پارٽي مرڪز توڙي سنڌ جي وحدت جو شهيد فاضل راهو ڏانهن رويو ڪهڙو هو؟ آخر ان جو ڪهڙو سبب هيو جو پنهنجي پارٽي خاص طور سنڌ ۾ پارٽي ادارن اندر هي حڪم سختي سان جاري ڪيا ته “راهوڪي جا رستا بند ڪيا وڃن!؟ آخر اهي ڪهڙا سبب هيا جن ڪري شهيد فاضل راهو جي خاندان کي پارٽي نظرانداز ڪرڻ تي مجبور هئي؟ ڇا ڪڏهن پارٽي جي اندر يا ٻاهر شهيد فاضل راهو جي قتل واري سانحي تي ڪنهن گهرائي سان سوچ ويچار ٿيو، جنهن ۾ سازش جا مختلف پاسا بحث هيٺ آيا هجن؟ مٿين سوالن کان سواءِ به ڪيترائي سوال اڃا به آهن جيڪي جواب طلب آهن. پر سازشي ۽ مصلحتن جي ماريل ماڻهن جي لفظن جي جادوگري اصل حقيقتن تي ايتري دز چاڙهي ڇڏي آهي جو ان کي لاهڻ لاءِ قلم جي جاکوڙ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. آءُ عوامي تحريڪ، ان سان لاڳاپيل سنڌي شاگرد تحريڪ (SST) ۽ ٻين ادارن ۾ ذميوار حيثيت ۾ رهيو آهيان. تنهن ڪري انهي عرصي دوران جيڪو ڪجهه وهيو واپريو اهو به منهنجي سامهون آهي. انهي شروعاتي عرصي دوران پارٽي جي مالي پوزيشن ڪهڙي هئي؟ اها به اسان جي سامهون آهي. يعني ان وقت پارٽيءَ جو آمدني جو ذريعو صرف شهيد فاضل راهو ئي هيو. پر تنهن کان به پائي پائي جو حساب ورتو ويندو ۽ هُن ڪڏهن به اهڙي عمل کي برو نه سمجهيو، خوشي سان حساب ڪتاب ڏئي جان آجي ڪرائيندو هو. ان وقت 1976ع-1977ع ڌاري لطيف آباد نمبر پوڻا پنج ۾ پليجي صاحب واري گهر جڏهن آءُ ۽ سائين ڪرم ساڻس ملڻ وياسين ته پليجي صاحب اسان جي سامهون شهيد فاضل راهو کي فون ڪري چيو ته منهنجي گاڏيءَ جو ٽائر پنچر لڳو پيو آهي. تيل به ڪو نه اٿس ان جو بِلو ڪر! اسان ساڻس ڪچهري پئي ڪئي ته ٻه ننڍا ڇوڪرا اندر آيا ۽ پليجي صاحب کي ڪجهه پئسا ڏئي گاڏيءَ جو ٽائر کولي رڪشا ۾ کڻائي ويا ۽ ٿوري دير ۾ ٺهرائي گاڏي ۾ لڳائي هلڻ لڳا ته پليجي صاحب اسان کي ٻڌايو ته هي فاضل جا ڇوڪرا اسماعيل ۽ اسلم آهن!!! پليجي صاحب کان موڪلائي ٻاهر ٿياسين ته سائين ڪرم مون کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته “تو وٽ پنجاهه روپيا هيا ته به حيدرآباد نه پيو اچين هاڻ ته ڏٺئي نه ته پنهنجي ليڊر وٽ ته ٽڪو به ڪونهي، تون اجائي وڏيرپ ڇڏي ڏي” ايئن اسين پليجي صاحب جي اڻ هوند اسماعيل راهو ۽ اسلم راهو جي فرمانبرداري ۽ شهيد فاضل جي مالڪي ڪرڻ جهڙن گڻن مان ايمان تازو ڪري واپس خيرپور موٽياسين. وقت گذرندو رهيو، ڪيئي لاها چاڙها آيا ڇٽ پٽن سان اچي لڳا، ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ڪري مارشل لا لڳائي وئي، ڀٽو قيد ٿي ڦاسيءَ تي چاڙهي شهيد ڪيو ويو. تنهن کان پوءِ ملڪ ۾ جيڪو سياسي جمود طاري هيو ان کي آڪٽوبر 1979ع ۾ راهوڪي ۾ ٿيل هاري ڪانفرنس ذريعي ٽوڙيو ويو، موٽ ۾ شهيد فاضل راهو پليجي صاحب سميت ڪيترائي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا، جن ۾ خاص طور تي مِٺو مهيري، ادريس ميراڻي، گل چانگ ۽ ٻيا شامل هيا، هنن کي ڪوڙا به هنيا ويا، هلندي 1980ع ڌاري هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن وارن جو نوٽيس پليجي صاحب جي نالي نڪتو ته توهان جيڪو قرض لطيف آباد پوڻا پنج واري گهر لاءِ ورتو هو اهو هاڻي 30000 هزار روپيه ٿي چڪو آهي جيڪڏهن قرض واپس نه ڪيو ويو ته اهو گهر نيلام ڪري پئسا سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايا ويندا. تنهن کان پوءِ پارٽي جو حڪم پهتو هو ته “پنهنجي اڳواڻ جي سهائتا ڪرڻ لاءِ سنڌي ماڻهن اڳيان جهولي ڦهلائڻ کان نه ڪيٻايو، پليجي صاحب جو گهر بچايو!!” پوءِ توکي ته ياد هوندو گل! ڪيئن نه سائين ڪرم پاڻ ٻنهي کي فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ ڊوڙائيندو هو ۽ پاڻ واري موٽر سائيڪل ڪچو پڪو هڪ ڪري ڏنو هو. ايئن سڄي سنڌ خاص طور حيدرآباد ٽيهه، لاڙڪاڻي مان سورنهه ۽ خيرپور مان پنج ۽ باقي ضلعن مان ٿورو ڪي گهڻو فنڊ پارٽي وٽ پهتو هو. مزي واري ڳالهه اها ٿي جو پارٽيءَ فيصلو وري اهو ڪيو ته هن فنڊ مان پندرنهه هزار پارٽي ڏيندي ۽ باقي پندرنهه هزار ساٿي “ناٿو” (شهيد فاضل راهوءَ جو پارٽي اندر نالو) ڀريندو. شهيد فاضل جيتوڻيڪ ان وقت جيل ۾ هيو پر هن پارٽي جو حڪم مڃيندي الائي به ڪٿان پئسن جو بندوبست ڪيو ۽ اهڙي طرح اسان جي قائد، رهبر استاد محترم رسول بخش پليجي صاحب جو گهر نيلامي کان بچي ويو. هتي هڪ ڳالهه ياد ڏياريندو هلان ته لاڙڪاڻي مان جيڪي فنڊ جا سورنهه هزار گڏ ٿيا هيا سي صحبت ٻرڙو دور بيني اندر لڪائي کڻي آيو هو ته متان ڪو ڦر نه ڪري وڃي. انهيءَ کان پوءِ پارٽي اهو سوچڻ شروع ڪيو ته “پارٽي وٽ ڪجهه اهڙا وسيلا هجن جن جي آمدنيءَ مان پارٽي جو ڪار وهنوار آساني سان هلائي سگهجي” فيصلو اهو ٿيو ته بدين ۽ ٺٽي ضلعن جي ضلعي ٽيڪس وارا ٺيڪا پارٽي لاءِ ورتا وڃن. اهو ذمو ساٿي فاضل تي رکيو وڃي ته هو اهي ٻئي ٺيڪا پارٽي لاءِ وٺرائي ڏئي. تنهن کانپوءِ پارٽي ئي ٻه نالا تجويز ڪيا جن ۾ هڪ غلام قادر پليجو ۽ ٻيو حمزو پليجو! هتي تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ٻئي پليجا پارٽي جي ويجهو به ڪو نه هيا!! ٽيون فيصلو اهو ٿيو ته پارٽيءَ جا انتهائي ايماندار ڪارڪن ٺيڪن جو انتظام سنڀاليندا ته جيئن پارٽي کي صحيح لاڀ ملي سگهي. انهي لاءِ ٻه پارٽي ڪارڪن چونڊيا ويا هڪ اسماعيل سولنگي جيڪو يوسف نانگي جي نالي سان مشهور هو ۽ پوءِ سيٺ يوسف سڏجڻ لڳو ۽ ٻيو هو ادريس ميراڻي جن جي ديانت ۽ سچائي تي پارٽي کي پورو يقين هو. شهيد فاضل راهو پنهنجي ذميواري نڀائي ۽ ٺيڪا پارٽيءَ کي مليا، ٺٽو حمزو پليجو ۽ بدين غلام قادر پليجو کي مليا. يوسف نانگو ‎ٺٽو سنڀالڻ لڳو ته ادريس ميراڻي غلام قادر جو سهارو بڻيو. ٺيڪن جو ڪم شروع ٿيو ته همراهن جا رويا ئي تبديل ٿي ويا. جنهن جو آخر نتيجو اهو نڪتو ته پارٽي جا ڪم ڪار ته ڌوڙ ٿي ويا پر پليجا اقتداري ايوانن تائين ضرور پهتا. پارٽي جي حساب ڪتاب ۽ آڊٽ ڪرڻ واروکاتو به بند ڪيو ويو. هنن کان ڪا به پڇا نه ٿي ته ساليانو آمدني ڪيتري ٿئي ٿي ۽ ان مان پارٽي کي ڇا ٿي مليو. پارٽيءَ جي ٻنهي ڪارڪنن جي سچائي ۽ انتهائي ايمانداري دولت جي وهندڙ گنگا ۾ لڙهي ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن هلي وئي. هتي سوال ٿو پئدا ٿئي ته جڏهن شهيد فاضل راهو اڪيلو پارٽي جا مالي وسيلا پورا ڪندو هو ته انهي کان پائي پائي جو حساب ورتو ويندو هو. پر جڏهن پئسن جي گنگا وهڻ شروع ڪيو ته پارٽي مالي وسيلن جو حساب ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو! انهي جو جواب ڪير ڏيندو؟ ڇا ان وقت جي انهي پارٽي گروپ جنهن کي پارٽي يعني پليجي صاحب جا تارا مسيح چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو تن منجهه ايتري اخلاقي جرئت آهي جو هو انهي مامري جي سنڌ جي نوجوان نسل اڳيان حقيقت پيش ڪن!؟ يقينن شهيد فاضل پارٽي جي اهڙي روئي تي تنقيد به ڪئي هئي ته احتجاج به ڪيو هو، اها ته سندس نيڪ نيتي هئي جو هن ڪڏهن به اهڙن ناروا طريقن جو سهارو وٺندي پارٽيءَ ۾ ڪا گروپ بندي نه ڪئي. انهي عرصي دوران ايم آر ڊي واري جهدوجهد شروع ٿي چڪي هئي سڄي سنڌ رڻ گجيو راڙو ٿيو، وارو منظر پيش ڪري رهي هئي گرفتارين جو سلسلو شروع ٿي چڪو هو انهي جهدوجهد ۾ پيپلز پارٽي کانپوءِ ٻيو نمبر عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جو تعداد پنجونجاهه هيو. جيل اندر اسٽڊي سرڪل هلائڻ ۽ ڪارڪنن جي سار سنڀال ۽ نظم ضبط رکڻ لاءِ پارٽي جي منظوري سان هڪ سيل به قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ آءُ، حمزو هاري ڊاڪٽر ولي عباسي ۽ سراج سيال شامل هياسين. 1984ع ڌاري اسان جي سيل کي پارٽي طرفان هدايت نامو مليو جنهن ۾ ٻين ڳالهين کانسواءِ هڪ اها ڳالهه به چئي وئي هئي ته “دشمن اسان جي صفن ۾ ڏار وجهڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. آمريڪي قونصل جنرل ۽ نويد قمر (جيڪو ان وقت تازو ئي آمريڪا مان پنهنجي تعليم مڪمل ڪري واپس وريو هو ۽ هن وقت وفاقي وزير طور ڪم ڪري رهيو آهي) سان گڏجي ‎ٺٽي بدين ۽ حيدرآباد جا دورا ڪري چڪو آهي. هر جاءِ تي سندن اهو سوال آهي ته عوامي تحريڪ جي ڪم ڪرڻ جو طريقئه ڪار ڪيئن آهي ۽ سندن مرڪز ڪهڙو ۽ ڪٿي آهي؟ تنهن ڪري پنهنجي صفن کي مضبوط رکو ۽ ڪو به اهڙو عمل ۽ حرڪت اوهان کي سرزد نه ٿئي جنهن سان دشمن کي فائدو ملي....!” انهي جو مطلب اهو هو ته جيڪڏهن جيل اندر تشدد وسيلي اوهان کان پارٽيءَ متعلق ڪو پچاڻو ٿئي ته مڙسي سان انهي کي برداشت ڪري وڃجي، پر پارٽي متعلق دشمن کي ڪا به ڄاڻ نه ڏجي. اسين جيل اندر سڀ ساٿي ذهني طور تي ايترا پڪا پختا ٿياسين ته ڀلي اسان کي چيري چچري ماريو وڃي پر اسين ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍنداسين. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ وارن جي وطن دوست مزدور فيڊريشن پاران هڪ پمفليٽ ورهايو ويو جيڪو جيل اندر سندن دوستن وٽ به پهتو... پمفليٽ جو عنوان هيو “سنڌ جي مزدورن، هارين جي جمهوريت پسند جهدوجهد سان پيپلز پارٽي ۽ عوامي تحريڪ جي غداري..!” سموري پمفليٽ ۾ ٻه ئي دليل ڏنل هيا ته “پيپلز پارٽي جي اڳواڻ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي گهر جو ٽيلي فون بحال ٿيڻ (ياد رهي ته جتوئي صاحب انهن ڏينهن ۾ پنهنجي ئي گهر اندر نظر بند ٿيل هو) ٻيو دليل هيو ته عوامي تحريڪ جي سيڪريٽري جنرل رسول بخش پليجي کي ڪوٽ لکپت جيل مان ميو اسپتال منتقل ڪرڻ، جتي پنجاب جي گورنر جنرل جيلاني طرفان خير سگالي طور تي گلدستا پڻ موڪليا ويا آهن...!!” پمفليٽ پهچڻ شرط سياسي قيدين خاص طور تي پيپلز پارٽي ۽ عوامي تحريڪ جي همراهن ۾ تمام گهڻو تيش ڦهلجي ويو. حالت اها وڃي ٿي جو حالتن کي سنڀالڻ اسان جي وس کان ٻاهر ٿي پيو تنهن ڪري اسان پنهنجي ٻن دوستن عوامي تحريڪ جي راهب جت ۽ پيپلز پارٽي جي لاڙڪاڻي واسي مساواتي (هن تي هي نالو شهيد ڀٽي جو رکيل هو) کي هڪ کوليءَ ۾ سڄو ڏينهن بند رکڻو پيو ڇو ته اهي ٻئي دوست ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ ئي نه ٿي آيا، شام جو پيپلز پارٽي جا اڳواڻ آفتاب شعبان ميراڻي ۽ مير هزار خان بجاراڻي آيا جن پيپلز پارٽي ۽ عوامي تحريڪ جي دوستن سان گڏجاڻي ڪري معاملو ٿڏو ڪرايو. وقفي وقفي سان ايم آر ڊي جا اسير به آزاد ٿيندا رهيا. سال 1986ع هلندي عوامي تحريڪ، اين ڊي پي جنهن جو سربراهه خان عبدالولي خان هو ۽ ڪجهه ٻين گروپن کاٻي ڌر جي پارٽي عوامي نيشنل پارٽي (ANP) ٺاهي جنهن جو پهريون تاسيسي اجلاس مرحوم حاڪم علي زرداريءَ جي ڪراچي واري گهر تي ٿيو هو. پاڪستان اندر اهڙي قسم جي برجستي کاٻي ڌر جي پارٽي ٺهڻ تي افغانستان جي تڏهوڪي صدر ڊاڪٽر نجيب الله پارٽي صدر خان عبدالولي خان کي پنهنجي پارٽي وفد سميت افغانستان اچڻ جي دعوت ڏني، جنهن تي اي اين پي جي مرڪزي ڪاميٽي اهو فيصلو ڪيو ته محمد فاضل راهوءَ (جيڪو پارٽي جو سينئر نائب صدر هيو) جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد موڪليو ويندو جنهن ۾ بيگم نسيم ولي خان سميت ٻيا اڳواڻ به شامل هيا، افغانستان جي ويزا وفد جي ٻين مڙني ميمبرن کي ته ملي وئي جيڪي ڊسمبر 1986ع ڌاري افغانستان جي دوري تي وڃڻا هيا، پر فاصل صاحب کي سرڪار ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انهي وچ ۾ پنهنجي پارٽي جي ڪنهن سڄڻ ماڻهوءَ کي اها کڙڪ پئي ته فاضل جي زندگيءَ کي خطرو آهي، سو ان پليجي صاحب کي اهڙو اطلاع ڪرايو، موٽ ۾ پليجي (E-11) اليون اِي محمّد علي سوسائٽي واري بنگلي تي هڪ دونهاندار پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ سرڪار کي خبردار ڪندي چيو ته توهان جا باوردي ماڻهو اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. اسين ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون وغيره ...! پوءِ ستت ئي پليجو صاحب علاج واسطي لنڊن روانو ٿي ويو، جتي به کيس خرچ پکي جي ضرورت هئي، جنهن واسطي فاضل سميت پارٽي جي سمورن دوستن سڄي سنڌ مان چندو گڏ ڪري لنڊن موڪليو هو. نومبر ڊسمبر 1986ع ۾ فاضل صاحب سنڌ جو دورو ڪيو هيو. گڏجاڻين ۾ سندس تقرير جو اڪثر موضوع ئي اهو هو ته “موت کان ڇو ڊڄجي! مرڻو ته اڳي پوءِ ضرور آهي. تنهن ڪري ڪجهه ڪري مرجي ته بهتر!” اڄ به جڏهن رڪارڊ ڪيل سندس تقريرون آءُ ٻڌندو آهيان ته مونکي لڳندو آهي ته فاضل صاحب کي واضح طور ٻڌايو ويو هو ته “اسان سان ٺاهه ڪر نه ته ٻي صورت ۾ مرڻ لاءِ تيار ٿي..!!” ۽ پوءِ 17 جنوري 1987ع تي پاڻ کي ته رات جو 8 وڳي بي بي سي ريڊيو تان ئي اطلاع مليو ته “توهان جو ڀنڀور لٽجي چڪو آهي، اوهان جو فاضل راهو قتل ٿي چڪو آهي” پليجي صاحب جي لنڊن واپسي کانپوءِ مون کي پڪ ڏياري وئي ته پارٽي شهيد فاضل راهو جي پلاند لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙيندي! ڇو ته 18 ڊسمبر 1987 جي رات مون ۽ جمعي نوحاڻيءَ راهوڪي ۾ شهيد فاضل جي قبر جي پاسي ۾ ويهي ڳوڙهن ڳاڙڻ بدران اها رٿابندي پئي ڪئي ته وڌ ۾ وڌ هفتي جي اندر اندر پلاند ٿيڻ گهرجي، اسين اهڙي رٿا جي مختلف پاسن تي سوچي رهيا هياسين ته هڪ پارٽي ساٿي اچي چوڻ لڳو ته توهان کي پارٽي جا ساٿي گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ جو چئي رهيا آهن. تنهن تي اسان ان کي ٺاهوڪي ڇنڊ پٽي ۽ هو هليو ته ويو پر ٿوري دير ۾ عالم شاهه ۽ ڪجهه ٻيا ساٿي اچي نڪتا، جن پارٽي ضابطن ۽ پارٽي لائن تي بحث ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اسان ٻنهي کي اها پڪ ڏياري ته پليجي صاحب کي رڳو پهچڻ ڏيو.......!! ڊسمبر 87 ۾ حسين بخش ناريجي جي پٽن جا طهر ٿي رهيا هيا ته پارٽي طرفان اسان کي اطلاع مليو ته “اپر سنڌ جي مک ساٿين جي گڏجاڻي نئين ديري ۾ حسين بخش جي گهر ٿيندي ان لاءِ اوهان ٻن ساٿين ڪرم وساڻ ۽ شاهنواز راڄپر کي اتي پهچڻو آهي، مونکي سرهائي ٿي ته پليجي صاحب جي موجودگيءَ ۾ اها پهرين گڏجاڻي ٿي رهي آهي يقينن شهيد فاضل جي پلاند ڪرڻ لاءِ ضرور پلاننگ ڪئي ويندي، سو مون مختلف رٿون جوڙي ورتيون ته جيئن گڏجاڻيءَ ۾ ڀرپور انداز ۾ رکي سگهان. نئين ديري ۾ سکر، خيرپور، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جا ٻه ٻه ساٿي پهتل هياسين. رات جي ماني کان پوءِ گڏجاڻي شروع ٿي جنهن ۾ شروعاتي طور عالم شاهه ڳالهايو. سندس سموري رپورٽ يوسف نانگي (اهو پارٽي ساٿي جيڪو ايماندار طور حمزي پليجي کي ڏنو ويو هو) متعلق ڳالهايو جنهن جو تت اهو ٿو بيهي ته “نانگو سپلاير آهي ۽ شهيد فاضل جي پٽ اسماعيل راهوءَ جو اصل خانو خراب ڪري ڇڏيو اٿائين ۽ جنهن جي ڪري اسماعيل راهو پارٽي کان پري ٿي چڪو آهي وغيره...!! مون رپورٽ به ٻڌي پئي ۽ اسماعيل راهو لاءِ ڪاوڙ واري انداز ۾ سوچي به رهيو هيس ته اسماعيل راهو ٿيندو ڪير آهي جو شهيد فاضل راهو جي پارٽي کان پري ٿيندو پيو وڃي، مون دل ۾ اهو پڪو پهه ڪيو ته سج اڀرڻ سان ڳوٺ وڃڻ بجاءِ لاڙڪاڻي کان سڌو حيدرآباد ويندس ۽ ادي شهناز راهو (شهيد فاضل راهو جي وڏي نياڻي) کي ساڻ ڪري اسماعيل راهو جي چڱي نموني خبر وٺندس. ان وقت منهنجي حالت اها هئي جو گڏجاڻي ۾ ڄڻ آءُ موجود ئي نه هيس، ڇو ته مون خيالن ئي خيالن ۾ اسماعيل راهو سان جهيڙو ٿي ڪيو. گڏجاڻي ۾ منهنجي اها حالت ٻئي ته ڪنهن محسوس نه ڪئي صرف ڀر ۾ ويٺل علي حسن ٻپڙ جيڪو منهنجو هم خيال هو ۽ اسان ٻئي گهاٽا دوست به آهيون، تنهن منهنجي اها حالت ڏسي ورتي ته هي ڪنهن ٻئي جهان ۾ آهي. تنهن مونکي ٺونٺ هڻي واپس گڏجاڻي ۾ آندو ۽ اک جي اشاري سان پڇائين ته ڇاهي؟ مون جلدي چٽ تي لکي ڏنس ته اسماعيل راهو سان جهيڙو. خير عالم شاهه جي رپورٽ ڏيڻ کان پوءِ پليجو صاحب کي ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو ته اسين سڀ همه تن گوش سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ تازا ٿي پياسين پليجي جيڪا تقرير ڪئي اها وري شهيد فاضل راهوءَ متعلق ۽ انهن ڄٽ پارٽي ساٿين لاءِ هئي جيڪي پلاند ڪرڻ لاءِ آتا هيا! سندس چوڻ هيو ته ڄٽن جي پارٽي اندر هاڻي ڪا به گنجائش ناهي، فاضل به ڄٽڪيون ڪندو هو، منجهس وڏيرڪيون خوبيون هيون ۽ هو هميشھ بيوقوفيون ئي ڪندو هو...!! اهو ٻڌي آءُ سوچڻ لڳس ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ مون پاسي کان ويٺل سائين ڪرم وساڻ کي ٺونٺ وهائي ڪڍي ته هي ڇا آهي؟ تنهن هٿ جي هلڪي اشاري سان چپ رهڻ لاءِ چيو. آءُ سوچيندو ئي رهيس ته اڃا فاضل جو ڪفن ميرو ته پري جي ڳالهه آ پر سندس خون جا نشان به ڪفن تان ڌنڌلا نه ٿيا آهن ۽ پارٽي قيادت طرفان مٿس ذاتي قسم جي شديد تنقيد ڪئي پئي وڃي آخر ڇو؟ سياسي لائن ۽ سوچ تي تنقيد پارٽي ادارن ۾ ٿيندي رهي آهي، پر هتي هڪ اهڙي پارٽي اڳواڻ تي ذاتي تنقيد ٿي رهي هئي يا اهڙا الزام ٿي لڳا جن جو مون ڪڏهن تصور به ڪو نه ڪيو هو، ڇو ته پارٽي جي مختلف ادارن ۾ مٿس ڪڏهن به اهڙن الزامن متعلق تنقيد نه ٿي هئي، حالانڪه شهيد فاضل ۾ سخت کان سخت تنقيدي جملا برداشت ڪرڻ جي صلاحيت موجود هئي، پوءِ سندس زندگيءَ ۾ ڇو نه مٿس اها تنقيد ڪئي وئي، ان رات مون کي ننڊ ڪا نه آئي، باقي رات ڪاڪي ارباب آگاڻي سان ٻاهر مچ ٻاري ويهي رهيس ۽ سوچيندو رهيس ته آخر هي ماجرا ڇا آهي؟ ايتري ۾ علي حسن ٻپڙ ٻاهر نڪري آيو ۽ چيائين ته سمهين نه ٿو، مون چيومانس ننڊ نه ٿي اچي! چيائين هي گڏجاڻي ۾ ڇا هيو جو هڪ اسماعيل راهو تي ڳالهايو ۽ ٻئي شهيد فاضل تي!؟ چيم اهو ئي ته سوچيان ويٺو جنهن جي ڪري ننڊ نه ٿي اچيم. ڪنهن کان به موڪلائڻ کان سواءِ فجر مهل سڀني کي ننڊ ۾ ستل ڇڏي، صرف ڪاڪي ارباب کان ئي موڪلايم جنهن دعائون ڪندي روانو ڪيو، ويگن ۾ چڙهي سکر هليو آيس. هاڻي مسئلو اهو سامهون آيو ته سنڌ مان پارٽي ڪنهن کي ٿي موڪلي يا ڪنهن جو نالو ٿي ڏئي. اي اين پي جي سينئر نائب صدر لاءِ، انهي سلسلي ۾ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ گهڻن دوستن جو اهو رايو هو ته اسماعيل راهوءَ کي سينئر نائب صدر ٿيڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته جيئن هو سياسي طور پرائي سگهي، ڪجهه ٿورن دوستن جو خيال هو ته هي انقلابي پارٽي آهي جنهن ۾ موروثيت ۽ ذاتيات جو تصور نٿو ڪري سگهجي. پوءِ واري حالت کان ته هر پارٽي جو دوست واقف آهي، هر ضلعي ۾ هيٺين سطح جي يونين تائين “موروثيت هڪ غلط لاڙو” جي عنوان سان هدايت ناما پڙهايا ويا، هر سطح تي بحث ٿيڻ لڳا. نيٺ عالم شاهه پارٽيءَ جو نائب صدر ٿيو ۽ ڄڻ ته سنڌ جو ڪو وڏو مسئلو حل ٿي ويو. سوال اهو ناهي ته اسماعيل راهوءَ کي موقعو ڇو نه ڏنو ويو؟ اصل ڳالهه روين جي آهي، احساس محروميءَ وارا رويا ئي ماڻهو کي خسيس بڻائيندا آهن. شهيد فاضل جو قتل ڪيس جلد ئي قاتل ڌر طرفان بدين کان ڪراچيءَ ڏانهن منتقل ڪرايو ويو. شهيد فاضل جو وڪيل عبدالسلام انصاري هو جيڪو حيدرآباد جو تمام ماهر وڪيل رهيو آهي.اهو به سرڪار پاران ئي اسان تي رحم کائيندي ڏنو ويو هو ته ڇا ياد ڪندا، ان (قتل ڪيس) متعلق اسان جي پارٽي ۽ قائد جا ڪهڙا ويچار هيا؟ پارٽي قتل ڪيس جو ڪراچي ڏانهن منتقل ٿيڻ کانپوءِ ان جي پوئواري ۽ مالڪي مان ڇو هٿ ڪڍي وئي؟ آخر ان جا سبب ڪهڙا هيا؟ ڪيس ۾ پيش ٿيندڙ اکين ڏٺن شاهدن جمن سولنگي، جعفر جاکرو ۽ حسن لوهار کي گولاڙچي شهر ۾ ڌمڪيون ملنديون رهيون ته “خبردار جيڪڏهن توهان فاضل راهو جي حق ۾ ۽ اسان جي خلاف شاهديون ڏنيون ته اوهان جو حشر به اهو ٿيندو جيڪو فاضل راهو جو ٿيو آهي” ان صورتحال کان پوءِ فاضل جي پارٽي دشمن جي ڌمڪائڻ واري عمل تي ڪهڙو رد عمل ڏيکاريو ۽ ڪهڙي رٿابندي ڪئي ته جيئن ڪيس جي شاهدن جيڪي به پارٽي جا ڪارڪن هيا انهن جو تحفط ڪري سگهجي؟ پر ڪنهن ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ جي به تڪليف ڪا نه ڪئي نتيجي ۾ پارٽي کان ڪارڪنن ۾ مايوسي پکڙجڻ لڳي. خود گولاڙچي سرڪاري اسپتال جو ڊاڪٽر لطيف کهڙو جيڪو چانڊڪا ڪاليج جي زماني کان منهنجو دوست رهيو آهي جڏهن اهو ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ مون سان مليو ۽ ڪيس متعلق مون کي ٻڌايائين ته “مون تي گهڻو دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته حاضرين تي به پيش ٿي، تون جيئن چوندين ايئن ٿيندو ٻي صورت ۾ تو لاءِ سٺو نه ٿيندو يعني ان کي ڌمڪائڻ ۽ لالچون ڏيڻ جو ڪم دشمن طرفان ٿي رهيو هو. مون جڏهن ڊاڪٽر لطيف کي چيو ته “يار پرواهه نه ڪر اهڙي ڳالهه ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ توکي ڪجهه نه ٿيندو، تنهن تي مون کي چيائين ته “منهنجو فڪر ڇڏيو، پنهنجي شاهدن جو بچاءُ ڪريو جيڪي ڪيس تي به ڪو نه ٿا اچن. اها هئي شهيد فاضل جي پارٽي جي حالت، ٻيو ته ڇڏيو پر ڪيس هلڻ دوران ته محترم رسول بخش پليجي جا اهي لفظ ته “چانگ (يعني شهيد فاضل جا قاتل) بيوقوف آهن مون کي وڪيل ڪن ها ته آءُ کين ماڻهو جلدي ۾ ئي ڇڏرائي ڏيکاريان هان.....!!” انهي عمل ۽ رويي کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ ٻيو ته ٺهيو پر جڏهن 12 مئي 1990ع ۾ ڪيس جي فتويٰ آئي پئي ته پليجي صاحب کي چيو ويو ته “سائين اڄ شهيد فاضل راهو جي ڪيس جي فتويٰ آهي هلو ته ڪورٽ ۾ هلون!” تنهن تي به سندس جواب اهو ئي هيو ته “ڇا مون کي ٻيا اهم ڪم ڪونهن؟ ڇا هي دنيا جو ايڏو وڏو ڪيس آهي جنهن کي آءُ ٻڌڻ هلان!!” پليجي صاحب سان اها آخري حجت جنهن به ڪئي اسان ان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. هاڻ ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ کپي ته زندهه فاضل کان شهيد فاضل وڌيڪ چڀندڙ ۽ اک جو ڪنڊو آهي..!! هينئر ويب سائيٽس تي ڏيکاريو پيو وڃي ته “عوامي تحريڪ کي پليجو خاندان ۽ بلوچ فيملي ئي منظم ڪري هلايو! ته پوءِ ٻيا ڪارڪن ۽ اڳواڻ ڪيڏانهن ويا!؟ آخري ڳالهه پڇندس ته 1980ع ۾ اسان جي پارٽي وٽ ٽيهه هزار ڪونه هيا، پر اٺن سالن بعد جڏهن ملڪ ۾ عام چونڊون، ٿيون هيون تڏهن پليجي صاحب جو چونڊن وارو خرچ لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪروڙ جي وڃي بيٺو هو. اهي پئسا ڪٿان کان آيا؟ ٻيو ته اليڪشن دوران جڏهن سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ پيپلز پارٽي سان ڳالهايو ويو ۽ شهيد محترمه بينظير اسماعيل راهو واري صوبائي سيٽ ڏئي رهي هئي ته اها ڇو نه ورتي وئي. محترمه بينظير ڀٽو جو اهو چوڻ هيو ته شهيد فاضل راهوءَ جون جمهوريت لاءِ وڏيون قربانيون آهن تنهن ڪري اها سيٽ سندس قربانين ۽ خدمتن جي مڃتا طور سندس پٽ کي ڏئي رهيا آهيون. پر شهيد فاضل جون جمهوريت، عوام جي خوشحالي، پورهيت انقلاب لاءِ ڏنل قربانيون سندس ئي دوست کي قبول ڪو نه هيون.... آخر ڇو؟ مون کي اڃا به ڪيترائي سوال پڇڻا آهن. انهي سڄي کوجنا ۽ واقعن جي تسلسل ۾ مون کي اهو ئي جواب مليو آهي ته ... “تير لڳڻ کان پوءِ جڏهن مون پوئتي نهاريو ته، توسان ئي ملاقات ٿي وئي..!! (پندرنهن وار “افيئر” ۾ شايع ٿيل)

Sunday, January 22, 2012

مڙيا مڇ هزار ڀاڱا ٿيندي سهڻي

منهنجي ڊائريءَ مان هڪ ورق

12مئي 1999...ٽائيم 11.15 رات

  ڪاليج اندر فرسٽ ييئر ۽ انٽر جا امتحان جاري آهن. انڪار جي باوجود امتحاني ڪم ۾ جوٽيو ويو آهيان. هينئر امتحان اجھو هي؛ ٽائيم تي شاگردن کي سوالي ۽ جوابي ڪاپيون مهيا ڪيون ٿا. کين هرروز سوالي ڪاپي ڏيڻ بعد اهو تاڪيد ڪندا آهيون ته “بابا جلدي جلدي ڳائيڊن مان جوب ڳولهي ڪڍي وٺو ۽ باقي ۽ باقي ڪتاب يا مواد اسان جي حوالي ڪيو”. ان بعد لڳي ويندا آهيون جوابي ڪاپين تي صحيح ڪرڻ کي، حاضريءَ وارو پنو ڀرڻ ۽ شاگردن کان صحيح ڪرائڻ مان فراغت بعد سڪون سان ڪاپي جي ڪم ۾ رڌل شاگردن تي هڪ مهربان نظر ڦيرائيندا آهيون ۽ آرس ڀڃي، هڪ عدد اوٻاسي ڏيئي پنهنجي ڪنهن ڪليگ کان پڇندا آهيون ته اڃ چاءِ الائي ڇو دير ڪئي آهي ته ان وچ ۾ ڪو نه ڪو شاگرد اٿي بيهندو آهي يا اشارو ڪندو آهي ۽ اسين فرمانبردار نوڪر وانگي وٽس وڃي پهچندا آهيون. اهو گھڻو ڪري گائيڊ مان ڳوليل جواب کي سوال سان ڀيٽائي ان جي درستگيءَ جو تعين اسان کان ڪرائيندو آهي ۽ اسان (اسان مان مراد گھڻو ڪري سڀ انويجيلٽر) پنهنجي علمي قابليت جي ڌاڪ ويهارڻ خاطر سوال ۽ جواب تي هڪ نظر ڦيرائي کين ان جي صحت بابت آگاهه ڪندا آهيون. موٽ تي گڏ ڏيوٽي ڪندڙ ٻئي انويجيلٽر سان شاگردن جي پڙهائيءَ ۾ عدم دلچسپي ۽ سندن نااهليءَ تي ٽوڪ زني يا ڪو اگرو تبصرو ڪري پيا امتحاني هال ۾ مٽر گشت ڪندا آهيون. اڄ ڪالهه شاگرد انويجيلٽر کان ته هڪ ٽڪو به لڪ لڪاءُ نه ٿا ڪن، ويتر انهن کي جهڙوڪر مددگار بنائي ڇڏيو اٿن. انويجليٽر محض جواب جي صحيح هجڻ جي تصديق وارو نيڪي جو ڪم ئي ناهن ڪندا، پر ڪي وڌيڪ ڪوآپريٽو قسم جا استاد ڳائيڊن مان سوال ڳولهي شاگردن جي تريءَ تي رکڻ جو ثواب به ڪمائيندا آهن. اڳ شاگرد انٽرنل يا ايڪسٽرنل کان ڪجھ اک هڻندا هيا پر هاڻي انهن کان لڪائي ڪاپي ڪرڻ وارو “فيشن” به پراڻو ٿي چڪو آهي. بس ڏئي وٺي ڪا بورڊ جي ٽيم آئي يا ڪو انتظاميه جو عملدار يا ميجسٽريٽ ايندو آهي ته انهن کان “ڪن هڻبو” نه ته مڙوئي خير. استاد پنهنجيون ڊيوٽيون پنهنجن پٽن يا ويجھن عزيزن جي بلاڪن ۾ هڻائي سندن ٻيڙو ساحل تائين پهچائڻ جا انتظام ڪندا آهن. ڪجھ پروفيسر اهڙا به آهن جيڪي شاگردن کي ٽيوشن ان گرنٽيءَ سان ڏيندا آهن ته اوهان کي سٺن مارڪن ۾ پاس ڪرائڻ سندن فرضِ منصبي آهي. امتحان جي سيزن ۾ انهن پنهنجن شاگردن جي ڀرپور مدد ڪندا آهن، پيپرن جي چڪاس ۾ انهن جا پيپر ڳولهي هٿ ڪري کين ڀليون مارڪون ڏياريندا آهن. پوءِ جي خوشقسمتيءَ سان انهن مان ڪو ڇوڪرو پوزيشن کڻندو آهي ته ان کي پنهنجي عظيم ڪاميابي ڄاڻائي وري ٻئي مرحلي لاءِ “گراهڪ” ڦاسائڻ واري عمل ۾ ان کي سندَ طور پيش ڪندا آهن. پٽيوالا ڪجھ ڇوڪرن سان “ڊيل” هينئن ڪندا آهن ته شاگردن کان پئسه اوڳاڙي استادن کي ايلاز منٿون ڪري سوالن جا جواب هٿ ڪري پنهنجي ڪلائنٽ تائين پهچائيندا آهن پر جيڪي پهرين جوڙ جا حرفتي پٽيوالا هوندا آهن اهي ٻاهر حل ٿي آيل ڪاپيءَ کي وڏي چالاڪي سان واسطيدار ڇوڪري تائين پهچائي پنهنجي “روزي حلال” ڪندا آهن. هن “خير جي ڪم” پوليس وارا پنهنجو شاندار پارٽ ادا ڪندا رهندا آهن. سڀئي ملي جلي ڪري تعليم جي لاش کي ڳجھين وانگر پٽين ٿا.... امتحان فراڊ آهن، ڌوڪو آهن، اسان سڀني جي منهن تي دانگي جي ڪارنهن آهن. ان صورت ۾ ڪيئن تعليم جو سرشتو سڌري سگھندو. جيڪي چالاڪ آهن، جيڪي پئسي جي ڏيتي ليتي ڪري ڄاڻن، جيڪي ٺيڪدار قسم جي استادن سان لهه وچڙ ۾ هوندا آهن اهي سؤ فيصد ڪامياب ۽ ڪامران هوندا آهن. گذريل يونيورسٽيءَ جي امتحانن ۾ بي ڪام ۾ پهرين پوزيشن هڪ پروفيسر جي پٽ کنئي جڏهن ته ان ڀلجي ڪڏهن ڪلاس روم جو منهن به نه ڏٺو هيو ۽ باگڙجيءَ جو سيد ڇوڪرو جنهن پوري سيشن ۾ شايد هڪ ڏينهن به گسايو نه هيو ان کي ڪنڊون ڪري پاس ڪيو ويو آهي. مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي......