Thursday, August 9, 2012

”وسيله حق“ شهيد بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام...هڪ جائزو

هن وقت ملڪ جي جيڪا اقتصادي، سياسي صورتحال آهي اها ڪا سٺي ناهي ۽ طرز حڪمراني ۽ حڪمت عملين تي مختلف فورمن تي جيڪي تنقيدون ٿين پيون، انهن کي به نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. اسان جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا اتي ان ڳالهه جي توقع ڪرڻ ته سڀ ڪم سنئين لڱين ٿيندا اهو ته ممڪن ئي ناهي. هن ملڪ ۾ رهندڙ جيڪي ڪروڙ پتي، زميندار، سرمائيدار، طاقتور ۽ پئسي وارا ماڻهون آهن،   اڪثر مشاهدو ڪيو ويو آهي ته سڀ کان وڌيڪ اهي ئي بکيا، حرصي، لالچي ۽ بي ايمان آهن. پياري پاڪستان جي اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ سرمائيدار، جاگيردار، ڊنگ ڪامورا، جنرل، پير، مير،وڏيرا، خان، چوڌري ۽ سردارئي ته آهن،  جن هن ملڪ ۾ ڪنهن به چڱي، عام ڀلائي واري پروگرام کي پنهنجي منزل مقصود تائين پهچائڻ  ئي نه ڏنو ۽ اهي ئي ملڪ جي غريب عوام جي پنهنجن پيرن تي بيهڻ، ترقي ڪرڻ ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن. سندن دلي منشا هوندي آهي ته هن ملڪ ۾  جيڪو مال خزانو يا ملڪيت آهي سڀ ڪجھ اهي ئي هڙپ ڪن. رياستي طاقت ۽ حق حڪمراني ته جهڙوڪر اهي آسمان کان لکرائي کڻي آيا آهن.  سندن خلق خدا سان جنهن قسم جو رويو آهي ان جو اندازو ته 2010 جي مها ٻوڏ ۽ 2011 جي مها برساتين جي بربادين بعد اسان سڀني کي ٿي ويو هيو، جڏهن قدرتي آفتن جي گھيري ۾ آيل ماڻهن لاءِ ٻاهرين دنيا جي سخي ماڻهن ۽ ادارن پاران موڪليل/ پهتل امداد کي هنن جنهن نموني ڪيڪ پيسن وانگر ڪٽي ڪوري ورهائي کاڌو ۽  لٽيو هيو.


مٿي بيان ڪيل ڳالهيون حقيقت تي مبني آهن پر پوءِ به ڪي اهڙا پروگرام يا پراجيڪٽ موجودهه حڪومت پاران متعارف ڪرايل آهن جن کي اسين ڪنهن حد تائين لاڀائتو ۽ عوام دوست چئي سگهون ٿا.  اسان کي سرڪار جي بداعمالين تي تنقيد ڪرڻ جو پورو پورو حق حاصل آهي، حقيقت ۾ هڪ صحيح جمهوريت جي اها ئي ته خوبصورتي هوندي آهي. پر افسوس ته پياري پاڪستان ۾ تنقيد جي معنى محض دوربين ۽ خوردبين رکي بس اوڻاين کي ظاهر ڪرڻ کي سمجھيو ويندو آهي جڏهن ته تنقيد تڏهن مربوط ۽ مڪمل چئبي جڏهن اسان کي اڌ ڀريل گلاس به نظر اچي ۽ اسين پنهنجي تنقيد ۾ ان جو ذڪر به ڪريون. هڪ طرفي تنقيد جي ڪري حقيقتن مٿان هڪ ڌنڌلي چادر اچي ويندي آهي جنهن مان عام ماڻهن کي انهن ڪمن جو صرف منفي پهلو ئي نظر ايندو آهي. وقت جي اهم تقاضا آهي ته جيڪا ڳالهه، شيءِ يا لقاءُ يا عمل جنهن نموني جو آهي، ان کي سمورين چڱاين ۽ لڱاين سان بيان ڪجي.


 هي هيڏي ساري تمهيد شهيد بي نظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام تحت بيواهه عورتن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ ”وسيلئه حق“ پروگرام جي چڱاين کي بيان ڪرڻ خاطر ڪئي ويئي آهي. هي هڪ مربوط پروگرام آهي جنهن جو مقصد غريب، مستحق ۽ بيواهه عورتن کي سندن من پسند ڪاروبار ڪرائڻ لاءِ کين ٽيڪنيڪل ۽ معاشي مدد ڏيئي انهن کي غربت جي هيٺائين لڪير کان مٿي کڻي اچڻ آهي.  شهيد بي نظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام جي شروعات 2008 ۾ ٿي هئي، منڍ ۾ ڪروڙين روپين جا فنڍ چونڊيل نمائندن جي هٿن ۾ رکيا ويا هيا ته اهي مسحق عورتن ۾ هڪ هڪ هزار روپيه ورهائين.  ان پروگرام تحت جيڪي بداعنوانيون ٿيون هيون سي ڪنهن کان به لڪل ناهن.  ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته غريبن جي عزت نفس جو جنازو ڪڍيو ويو هيو. انهن کي هر مهيني چونڊيل نمائندن جي درن تي ڌڪا کائڻ ۽ سندن واٺن هٿان بي عزتو ٿيڻ جو پورو پورو بندوبست ڪيو ويو هيو. ان نموني پنندڙ ماڻهن جي هڪ لوڌ تيار ڪئي ويئي هئي. پر وسيله حق پروگرام ان کان بلڪل منفرد ۽ الڳ آهي. هن پروگرام تحت مڇي تري کارائڻ بدران ماڻهون کي مڇي پڪڙڻ جي سکيا ڏني ويندي آهي،  ته جيئن آئندهه اهو مڇي لاءِ ڪنهن جو به محتاج نه رهي. هن پروگرام جي شروعات ۾ هڪ پيمانو جوڙي ساک وارن ادارن کان هڪ سروي ڪرائي ويئي هئي ته ڪير ڪير ان پروگرام تحت فائدو حاصل ڪرڻ جا مستحق آهن. پوءِ انهن جا نالا ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ڪيا ويا هيا ۽ پوري ملڪ مان انهن ڳولهيل ست لک جي لڳ ڀڳ عورتن جي نالن مان وقت به وقت ڪمپيوٽرائيزڊ ڪڻا ڪڍيا ويندا آهن.   جن جو نالو ڪڻي ۾ نڪرندو ته پوءِ انهن کي ڳولهي هٿ ڪيو ويندو آهي. ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊن جي مدد سان ان ڳالهه جي پڪ ڪئي ويندي آهي ته هي اها ساڳي آهي جنهن جو نالو ڪڻي ۾ نڪتو آهي. گھڻو تڻو اهي عورتون اڻ پڙهيل ۽ بي هنر هونديون آهن. ان ڪري ڪڻي مان نالو نڪرڻ بعد هڪدم روڪڙا پئسه سندن حوالي ڪرڻ جي ٻي معنى اها ٿيندي ته اهي پئسه پاڻي ۾ ڦٽي ڪرڻ. ان ڳالهه کي سامهون رکندي ان ڳالهه جو اهتمام ڪيو ويو آهي ته انهن عورتن کي پئسن ڏيڻ کان اڳ ڪاروباري سکيا ڏني وڃي، کين سمجھايو وڃي ته انهن پئسن کي ڪهڙي ڪاروبار ۾ ڪيئن سيڙائي ان مان منافعو ڪمائي اهي پنهنجي پيرن تي بيهي سگھن ٿيون ۽ غربت جي لعنت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھن ٿيون.  جيئن ته اسان جو هي مرداڻو سماج آهي جتي ڌنڌي ڌاڙي وارا سموراڪم مرد حضرات سرانجام ڏيندا آهن ۽ عورتن کي گھر جي ٻهاري هٿ ۾ ڏيئي پيا ڪنهن جانور وانگر وهائيندا آهن. اسان جو سماج اڃا ان نهج تي ناهي پهتو جتي اها عورتن کي برابري جي بنيادن تي ڪوبه ڪم ڪار يا ڌنڌي ڌاڙي ڪرڻ جو حق ڏئي، ۽ انهن بهادر، باهمٿ عورتن کي شاباش ڏي جيڪي همٿ ڪري ڪي ڪاروباري سرگرميون سرانجام ڏين ٿيون. هونئن ته اسان جو عورتون سڄو ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ڪرت ڪرڻ ۾ رڌل هونديون آهن جنهن جو کين ڪوبه معاوضو ته نه ملندو آهي پر ويتر انهن کي ڪو ڪم ئي ناهي سمجهيو ويندو. مثال طور گھر جي صفائي سٿرائي، رڌپچاءُ، ڪپڙي لٽي جي ڌلائي، ٻارڙن جو پالڻ، مال لاءِ گاهه پٺو ڪرڻ وغيره ها البت  اسان پنهنجي سنڌي سماج اندر عورتن کي گھر جي چوديواري اندر، ڪجھ ڪاروباري سرگرميون ڪرڻ جي اجازت ڏيندا آهيون جيئن ڀرت ڀرڻ يا ڪجھ گھريليون شيون جهڙوڪر رلهي، ٽوپي، ڇنا، تڏا وغيرهه ٺاهڻ. اهڙي صورتحال کي سمجھندي ته اهي جيڪي پئسه انهن مسحق عورتن کي ملندا ته وري به ڪاروباري سرگرميون سندن گھر جا مرد ئي سرانجام ڏيندا، ان ڪري جيڪڏهن ڪاروباري سکيا مسحق عورت کي ڏني وڃي ۽ اهو ساڳيو ڪم وري سرانجام ڏئي ان گھر جو ڪو مرد ته ڳالهه وچڙي پوندي ۽ گھربل مثبت نتيجه ملڻ جا امڪان گھٽجي ويندا. ان مجبوريءَ کي سمجھندي انهن عورتن کي اها اجازت ڏني ويئي آهي ته جيڪڏهن هو ٻڌايل ڪاوربار پاڻ سرانجام ڏينديون ته اهي پاڻ سکيا حاصل ڪن پر جيڪڏهن اهو ممڪن ناهي ته اُهي پنهنجي مڙس، پٽ، پيءُ يا تمام ويجھي گھر جي اهڙي مرد ڀاتي کي مقرر ڪري سگھن ٿيون جيڪو قرض ملڻ بعد اهو ٻڌايل ڪاروبار عملي طرح سرانجام ڏيندو.  سندن اهڙي سکيا سندن ضلع جي حدن اندر ڪنهن سٺي هوٽل يا گيسٽ هائوس ۾ ڪئي ويندي آهي، جتي کين رهائش، کاڌي پيتي جون سموريون سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وينديون آهن. سکيا ڏيندڙ ادارا هرقسم جي ڪوشش ڪندا آهن ته کين ڪاروباري ڪمن ڪارين، لاهين چاڙهين، حساب ڪتاب، مارڪيٽنگ، جا سمورا گُر عملي طرح سيکاريا وڃن. اهڙي ٽريننگ کان پوءِ سندن ڪاروباري منصوبو تيار ڪري حتمي منظوري لاءِ اسلام آباد موڪليو ويندو آهي. جيئن ئي اهو منظور ٿي ويندو آهي ته کين پئسن جي پهرين قسط ڏيڍ لک روپيه ڏنا ويندا آهن.  انهن پئسن مان ڪاروبار جي شروعات بعد وري سندن جاچ جوچ ڪئي ويندي آهي ته ٻڌايل منصوبي مطابق اهي ساڳيو ڪم ڪن پيا يا نه، جيڪڏهن سندن ڪم مطمئين ڪندڙ هوندو ته ان کان پوءِ کين سندن رهيل اڌ  پئسه يعني وڌيڪ ڏيڍ لک روپيه مهيا ڪيا ويندا آهن. هي پئسه کين امداد طور تي نه پر بنا وياج جي قرض جي صورت ۾ ڏنا پيا وڃن، جيڪي کانئن ڪاروباري سرگرمين جي شروعات کان هڪ سال پوءِ تمام آسان قسطن ۾پندرهن سالن تائين وصول ڪيا ويندا. جيئن ته پهرين قسط ملڻ کان پوءِ ٻي ڏيڍ لک جي رقم کي ٻڌايل ڪامياب ڪاروبار جي عملي شروعات سان سلهاڙيل آهي جنهن جو هنن ڪاروباري منصوبو جوڙي جمع ڪرايل هوندو آهي ته ان نموني ان ڪاروباري وهنوار کي جاري رکڻ لاءِ هڪ قسم جو لڀائيندڙ موقعو ميسر ڪيو ويو آهي ۽ ڪوبيوقوف هوندو جيڪو ڏيڍ لک روپين جي هيڏي وڏي رقم کي حاصل ڪرڻ جو موقعو هٿان وڃائيندو. ٻي هن پروگرام جي خاص ڳالهه هي آهي ته هن کي ڊگھي عرصي تائين جاري رهڻ جوڳو بنايوويو آهي. هن پروگرام ۾ اربين روپيه سيڙايا پيا وڃن ۽ ڪابه حڪومت ان کي ختم ڪرڻ جو سوچي به نه سگھندي ڇوته جيڪي ماڻهون ڪاروباري سرگرميون شروع ڪندا ۽ پئسن جي واپيسي ٿيندي ته ڪو احمق حڪمران ئي ائين ڪري سگھي ٿو، ها البت مستقبل ۾ موجودهه پارٽي سرڪار جي جاءِ جيڪڏهن ڪنهن ٻي پارٽيءَ جي حڪومت به جڙي ته اها وڌ کان وڌ هن پروگرام جو نالو مٽائي سگھي ٿي.  


هي هڪ اهڙو مربوط منصوبو آهي جيڪو ڪنهن حد تائين معاشري اندر رهندڙ ڪجھ غريب ۽ بيواهه عورتن جي بي رنگ دنيا ۾ زندگيءَ جا ڪجهه انڊ لٺي رنگ ڀري سگھي ٿو ۽ ان نموني اهي پنهنجي پيرن تي بيهي،  غربت جي خوفناڪ لوڙهي کي لتاڙي عزت ۽ وقار سان زندگي گذارڻ جي لائق ٿي سگھن ٿيون. منهنجي خيال ۾ ته حڪومت وقت پاران شروع ڪيل هي هڪ انتهائي قابل تعريف ڪم آهي. اميد ته هي پروگرام ڊگھي عرصي تائين هلندو رهندو جنهن مان لکين غريب عورتون فيضياب ٿينديون ۽ مڇي ماني ڪمائڻ لائق ٿي ذلت جي زندگي گذارڻ واري جهنم مان نڪري عزت ۽ وقار سان پنهنجو ڪاروبار ڪري گھر کي سکي بنائي سگھنديون.  

نيچ نوڪري، اتم کيتي، وڌندڙ واپار

منهنجو هڪ انتهائي ويجھو دوست آهي، جنهن  پنهنجي عمر عزيز جا ستيتاليهه سال سرڪاري نوڪري جي ڳولها ۾ ڳاري ڇڏيا. اقتصاديات جي شعبي ۾ فرسٽ ڪلاس ڊگري رکندڙ دوست جي سرڪاري نوڪري لاءِ جاکوڙ اڄ به جاري آهي. هن ڪڏهن ڀلجي ڪري به،  اهو نه سوچيو ته سرڪاري نوڪريءَ کان سواءِ به ڪيئي ڪم آهن جن جي ڪرڻ سان انسان خوشحال ۽ عزت واري زندگي گذاري سگھي ٿو. کيس پنهنجي زمين تي کجيءَ جو باغ به آهي پر هو باغ جي پاڻ سنڀار ڪرڻ بدران ٺيڪي تي ڏيئي ڇڏيندو آهي ۽  سندس انهن باغن جي ٺيڪيدارن ان مان لکين روپيا ڪمايا آهن. افسوس ته هن  ڪڏهن به باغ کي واپاري مقصدن لاءِ ڪم آڻي، جھجھو منافعو ڪمائي پنهنجي گھر ۾ خوشحالي آڻڻ لاءِ استعمال ناهي ڪيو، کيس ته بس سرڪاري نوڪري کپي!!!!  اسان ٻنهي جو هڪ ٻيو مشترڪ دوست آهي، جنهن جي تعليم  ته بس اکر شناس جيتري آهي، پر سندس طبيعت ۾ تمام وڏي خود اعتمادي آهي جيڪا کيس پنهنجي ترقي پسند سياسي دوستن جي صحبت ۾ رهڻ ڪري حاصل ٿي آهي. هو هڪ ڪڙمي آهي جيڪو پنهنجيون زمينون پاڻ پوکيندو آهي ۽ ان سان گڏ کجين جي باغن جا ٺيڪا پڻ کڻندو آهي. سندس اهڙي مثبت سوچ ۽ عمل کيس معاشي طرح انتهائي سگھارو بڻائي ڇڏيو آهي. هن پنهنجي ٺيڪيداري جي منافع مان پنجويهه ٽيهه لکن جوگھر جوڙائڻ سان گڏ چاليهه ۽ پنهجاهه لکن تائين زمين به خريد ڪئي آهي.  


 اسان جي معاشري ۾ جيڪي پڙهيل لکيل نوجوان آهي اهي جاگيرداراڻه ۽ وڏيرڪي سوچ  جي اثرن ۾ ڦاسي ڪري ڌنڌي ڌاڙي ڪرڻ کان ائين لنوائيندا آهن جيئن ڪانو وڃي ڪمان کان. چوندا ته ڀلا پڙهيا ان لاءِ ٿوروئي هئاسين ته پڙهڻ بعد دڪان کوليون، اهو ڪم ته اسان پڙهڻ کان سواءِ به ڪري سگھياسين پئي، پوءِ پڙهڻ جو فائدو؟!


هڪ ڳالهه جي وضاحت ضروري آهي ته مسئلو سرڪاري يا غير سرڪاري نوڪري ڪرڻ يا ان جي مخالفت هرگز ناهي،  پر هڪ ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بيهڻ دانشمندي نه چئبي. جيستائين نوڪري نه ملي تيستائين هٿ هٿ تي رکي ويهي رهڻ، ڪوبه ڪم نه ڪرڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي. اڪثر مشاهيو ڪيو ويو آهي ته اسان جي نوجوانن کي نوڪري به سرڪاري کپي. منهنجي خيال ۾ ته اهو هڪ خطرناڪ رجحان آهي، ان کي وائکو ڪرڻ گھرجي ۽ ان جي زهريلي اثرن کان پاڻ بچائڻ گھرجي.  پاڻ جنهن معاشري ۾ رهون ٿا ان ۾ سرڪاري نوڪرين ورهائن وارا سرڪاري ڪرسين تي ويٺل چونيڊل/ٿاڦيل نام نهاد عوامي نمائندا ۽ ڪٺوردل ڪامورا آهن.  وٽن نوڪرين ورهائڻ جو طور طريقو بلڪل الڳ آهي. هو اهو ناهن ڏسندا ته هي اقتصاديات جي شعبي ۾ فرسٽ ڪلاس جي ڊگري رکندڙ هڪ اهڙو اميدوار آهي جنهن کي پنهنجي شعبي تي دسترس حاصل آهي، پر سندن ترجيحات ۾ اهو هوندو آهي ته اميدوار منهنجو ذاتي ماڻهون آهي يانه!!  اهي ميرٽ کي سؤ طلاقون ڏئي جاهل ۽ ڄٽن جي لوڌن کي سرڪاري شعبي ۾ ڀرتي ڪرائيندا رهيا آهن. ان ڪري هن وقت جيڪا حالت سرڪاري شعبي جي ادارن جي آهي اها اسان سڀني جي سامهون آهي.


 


مٿي بيان ڪيل ڳالهين کي سمجھڻ لاءِ اسان کي جاگيرداراڻه سوچ کي سمجھڻو پوندو. ڌپ ڪري ويل جاگيرداراڻي سماج اندر عام ماڻهن جي سوچ ۽ سمجهه کي ڄاڻي واڻي تمام سطحي رکيو ويندو آهي.  ماڻهون پنهنجي هنر، عمل، عقل ۽ جدوجهد جي ٻل تي ڪي منفرد ڪم ڪري نالو ڪمائڻ بدران  پنهنجي ڪڙم ۽ قبيلي تي فخر ڪندا آهن. پنهنجي وڏڙن جي جوڙيل ريتن ۽ رسمن کي صحيفو سمجھي سمجھي پوڄيندا آهن،  ڀلي ته اهڙين روائتن جي پاسداريءَ ۾ سندن جهڳو ئي جھڻ ڇونه ٿي وڃي. سائنسي سوچ رکڻ بدران ماڻهون ملن مولوين، ڀوپن، پيرن، فقيرن، وڏيرن، سردارن جي درن تي ڌڪا کائڻ واري غلامداري سوچ تي فخر ڪندا آهن.  ڪم نه ڪرڻ ۽ واندو ويهڻ کي ڪو عيب ناهي سمجھيو ويندو. اهي هر وقت معجزن جي انتظار ۾ رهندا آهن. سماج اندر هٿرادو پيدا ڪيل فسادن کي ڏاڪڻ طور استعمال ڪندي مال ميڙيندڙ راڄ ڀاڳ جا وارث بڻجيل هوندا آهن. پوليس ۽ روينيو کاتي جي عملدارن جي چاپلوسي ۽ جاسوسي ڪري ناجائز نموني مال ڦٻائيندڙ زماني ساز ۽ ڪامياب انسان ليکيا ويندا آهن. داداگير، بدمعاش، چور ۽ ڌاڙيل مڙس ماڻهون ليکيا ويندا آهن. اهڙي ماحول ۾ پيدا ٿيندڙ زهريلن جراثيمن جو ڦهلاءُ پوري معاشري ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جي ذهنن تي حملي آور ٿي انهن کي گندو ڪرڻ جو ڪم جاري رکندو آهي. انهن ئي اثرن هيٺ عام ماڻهون جي مثبت سوچ ذري گھٽ زيرو هوندي آهي. وڏيرڪو سماج ماڻهن کي پاڻ سوچڻ، پنهنجو پاڻ تي ڀروسو ڪرڻ، پنهنجو ذهن استعمال ڪندي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ بدران وڏيرن تي ڀاڙڻ سيکاريندو آهي.  هنن پنهنجي لاءِ ڏاڍا ڀلا لفظ چونڊي رکيا آهن جهڙوڪر ”وڏيرو، چڱو، ڏاهو، مکي، پٽيل“ وغيره ڄڻ ته هنن کان سواءَ باقي سڄي معاشري اندر ڀينگ آهي. هو ان ڳالهه تي زور ڏيندا آهن ته وڏيري جي عزت ڪرڻ، سندس هر جائز ناجائز ڳالهه سان متفق ٿيڻ، ان تي عمل ڪرڻ ۾ ئي عوام جي ڀلائي آهي. اهي ان ڳالهه تي افسوس ظاهر ڪندا رهندا آهن ته ”ادا اسان جون معاشرو ان ڪري پوئتي رهجي ويو آهي ته چڱي مَٺي، ننڍي وڏي جي شناس ئي نه رهي آهي“. اهي باور ڪرائيندا آهن ته معاشري اندر اهي چند ماڻهون ئي عقل ڪل آهن.  هي جيڪو وٽن ڌن، دولت، عزت، جائيداد ۽ مليڪت آهي ته اها مٿن خدا پاڪ جي مهرباني آهي ۽ جيڪي ماڻهون غريب، بي وس، لاچار، زندگيءَ جي سمورين سهولتن کان ڪوهين پري آهن ته ان ۾ سندن ته ڪو ڏوهه ناهي اهو سمورو وهنوار ته آفاقي آهي. ڀلا جي غريب امير طبقا نه هجن ها ۽ سڀ امير هجن ها ته پوءِ ڪم ڪير ڪري ها. غريب ماڻهون جيڪو پستين ۾ رهي ٿو، ذلتون سهي ٿو، در در ڌڪا ڌوڻا کائي ٿو، عذاب واري زندگي گذاري ٿو ته اهو سندس مقدر آهي. اهڙيون ڳالهيون وڏيرن، جاگيردارن، ملن مولوين، ڀوپن اسان جي عام ماڻهن جي ذهنن ۾ پڻ ويهاري ڇڏيون آهن.  عام ماڻهون ڀل ۾ به ان جي ابتڙ نه ٿو سوچي ته اهو سڀ ڪجھ آسمان واري ناهي لکيو، اها ڪارگذاري زمين تي رهندڙ ڪجھ عيار، مڪار، حرفتي ۽ ظالم ماڻهن ۽ طبقن جي آهي.  ان قسم جو سماج وڏيرن لاءِ هڪ بهترين منافع ڏيندڙ ڌنڌو آهي.  اهي ڪوبه ڪم ڪرڻ بنا سڄي ملڪيت جا مالڪ هوندا آهن، معتبري الڳ هوندي اٿن. سندن هرممڪن ڪوشش هوندي آهي ته سندن اهو دٻدٻي وارو ماحول برقرار رهي. ان ڪري اهي تعليم کي عام ڪرڻ، ان جي مثبت اثرن کي عوام جي وسيع حلقن تائين پهچائڻ ۾ وڏيون رڪاوٽون وجھي ڇڏيندا آهن. اهي ماڻهن جي آزادانه نموني ڌنڌي ڌاڙي ڪرڻ واري عمل کي به پسند ناهن ڪندا ڇوته ان سان اهڙا ماڻهون سندن حلقي اثر مان نڪري ويندا آهن ۽ ڏاڪي به ڏاڪي ترقي ڪندا رهندا آهن ۽ کين سندن درن تي مٽيون ڀرڻ يا سلامي ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي رهندي. اهوئي سبب آهي ته جاگيرداراڻي سماج اندر وڻج واپار ڪندڙن کي هٽ واڻيو جهڙن طنزيه جملن سان ننديون ويندو آهي.   


هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عوام پنهنجي سوچ ۾ تبديلي آڻي. اسان جي ماڻهن کي غلاميءَ جون سموريون زنجيرون ٽوڙڻ لاءِ هاڻي ڌنڌي ڌاڙيءَ ڪرڻ واري مثبت سوچ طرف مُڙڻ گهرجي.  پنهنجي گھر ۽ خاندان جي آزادانه نموني عزت سان زندگي گذارڻ جو بس اهو هڪ ئي طريقو ناهي ته سرڪاري يا غير سرڪاري نوڪري ڪجي. ڪمائڻ لاءِ بي شمار طريقا آهن، اسان کي انهن کي به آزمائڻ گھرجي. هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته بهشت تري تي ڄمي ناهي ڄمندو، خوشحال ۽ ڪامياب زندگي طرف هلندڙ رستو ڊگھو به آهي ته ڏکيو پڻ، ان لاءِ تڪيلفن، اهنجاين، پيچيدگين کان گھٻرائڻ بدران انهن سان مڙس ماڻهون تي مقابلو ڪجي، انهن مان سکيا حاصل ڪجي. غلطين مان سبق پرائڻ گھرجن ته جيئن اسان آئيندهه اهڙي غلطي وري نه ورجايون.  ڌنڌو جيڪو هڪ جاءِ تي بيٺل يا جامد آهي اهو بيڪار آهي. ڌنڌو اهڙو ڪجي جيڪو ڏينهون ڏينهن ڪجھ نه ڪجھ وڌندو رهي. ائين اسان ڪک مان لک جوڙڻ جهڙا ٿي سگھون ٿا. مثال طور جيڪڏهن ڪو درزڪو ڪم ڪار ٿو ڪرڻ چاهي ته سڀ کان پهرين کيس اهو هنر سکڻو پوندو. ان هنر سکڻ لاءِ جذبو، پنهنجي ڪم سان لڳاءُ ۽ پنهنجي سموري سوچ کي ان طرف راغب ڪرڻ جي شديد ضرورت آهي. هڪ دفعو ڪوبه ماڻهون اهو درزڪو ڪم بمع ڪٽائي سکي وڃي ته کيس پوءِ ان ڪم کي پهرين آزادانه نموني ڪرڻ گھرجي. يعني ته هڪلو ڦلڪو ئي سهي پر پنهنجو الڳ دڪان هجي جنهن ۾ ڀلي منڍ ۾ اهو اڪيلو ئي سڀ ڪم سرانجام ڏئي. پوءِ ڏاڪي به ڏاڪي کيس وري ٻيا درزي ويهارڻ گھرجن. ائين سندس ڪمائي ۾ اضافو ٿيندو. کيس ماڻهن جي ذوق شوق، بدليل فيشن، ماڻهن جي آمدني کي ذهن ۾ رکي ڪم کي اڳتي وڌائڻ گھرجي. منڍ ۾ هو جيڪڏهن هٿ سان هلائڻ واري مشين سان ڪم ڪندو هيو ته هاڻي کيس بجلي تي هلندڙ مشين خريد ڪري پنهنجي ڪم ۾ نواڻ، صفائي ۽ تيزي آڻڻ گھرجي.  


 وڻج واپار، ڌنڌو داڙي ته ڪير به ڪري سگھي ٿو. ان لاءِ جيڪڏهن ڪو پڙهيل آهي ته اهو تمام سٺو پر جي پورو سارو پڙهيل آهي يا اڻ پڙهيل آهي تڏهن به اهو ڪامياب ٿي سگھي ٿو. پر ان لاءِ ڪجھ ڳالهين کي سمجھڻ انتهائي ضروري آهي. جيڪڏهن ڪو ٻين کي ڏسي ۽ انهن جي ڌنڌي جي ڪمائيءَ کان متاثر ٿي ڪري اکيون ٻوٽي ڪو ڪم ڪندو ته نتيجا هاڃيڪار به ٿي سگھن ٿا. ڌنڌي لاءِ ڪراهڪ کپن، سرمايو کپي، ڪم جو تجربو گھرجي، ڌنڌي لاءِ مناسب جڳهه جي چونڊ انتهائي ضروري عمل آهن. (جيڪڏهن ڪنهن يا ڪن دوستن کي ڌنڌو ڌاڙي، وڻج واپار شروع ڪرڻ، چونڊ ڪرڻ، ۽ ان ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن سان منهن مقابل ٿيڻ ۾ ڪي دشواريون درپيش آهن ته اهي واپاري ڪم ڪار جي سلسلي ۾ سکيا ڏيندر اسان جي ڪنهن به ٽرينر سان رابطو ڪري مفت مشورو ۽ مدد حاصل ڪري سگھن ٿا. ) جيڪڏهن اهي بنيادي ڳالهيون ۽ مهارتون ماڻهون دماغ ۾ رکي ڪوبه ڪم سرانجام ڏيندو ته يقينن ڪاميابي ماڻيندو. پر منهنجي خيال ۾ سڀ کان پهرين ته اسان کي سنڌ جي نوجوانن ۽ ماڻهن کي ان طرف راغب ڪرڻو آهي ته پنهنجي ڪاروبارڪرڻ ۾ جيڪو منافعو ۽ مزو آهي اهو شايد سرڪاري يا غير سرڪاري نوڪري ۾ ورلي هجي. اچو ته جاگيرداراڻه سماج جي بدبودار، غلام معاشري مان نڪرڻ واري جاکوڙ ڪريون ۽ واپاري دنيا ۾ داخل ٿيون. جيترا گراهڪ گھڻا هوندا اوتروئي منافع وڌيڪ حاصل ٿيندو، ان ڪري ڪوشش ڪري پنهنجو ڪاروبار شهرن ۾ ڪريون ۽ جيترا شهر وڏا اوترو جلدي ترقي ڪرڻ جا امڪان گھڻا، ان سلسلي ۾ ڪراچي پهرين نمبر تي، حيدرآباد، سکر ۽  ٻيا ننڍا وڏا شهر ترتيب وار سمجھڻ گهرجن.


katohar@gmail.com

Monday, July 9, 2012

اروڙ جو سير

       




مون کي جڏهن به ڪو يار دوست گهمڻ ڦرڻ يا سير  تفريح لاء چوندو   آهي ته پوء سڀ ڪم ڪار هڪ پاسي رکي ان دوست سان نڪري    پوندو آهيان ۽ نومبر  جي 24 تاريخ جڏهن سکر جي هڪ خوبصورت مکڙي ۽  ان ظاهري صورت کان وڌيڪ سيرت ۽ سڀاء واري سائين ستار زنگيجي اروڙ    جي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جي گهمڻ جي دعوت ڏني هئي ته سکر کان خاشو ڏور گهوٽڪي   کان به ڪجهه پرڀرو سنڌ جي يگاني صوفي شاعر حضورڻ سائين جي پهرين ورسي جي مناسبت سان لڳل ميلي ۾ پرين پياري فقير نذير سان گڏگهمندي ۽ نوجوان گادي نشين ۽ ڀلوڙ راڳي سخاوت سائين جي محبتي محفل مان مزو ماڻيندي به سويل سکر پهچي اروڙ اسهڻ جي اڻتڻ جهڙوڪر سمهڻ ئي نه پئي ڏنو۽ پوءِ پرهه ڦٽيءَ جو اٿي کڻي کُڙيءَ تي زور رکيو هوم ۽ اسان اروڙ ڏانهن  ٻن موٽر سائيڪلن تي روانا ٿيا هئاسين ستار سان گڏ هڪ ٻيو باشعور نوجوان شبير سومرو به ساڻ هيو، اهو ڏينهن ڪجهه ٿڌيرڙو هيو ڪجهه ڪڪر به آسمان جي وسعتن ۾ لغڙن جيان اڏامي رهيا هئا. حقيقت ۾ اهو مون لاءِ هڪ قسم جو مطالعاتي دؤرو هيو. جن کي سنڌ جي تاريخ سان ٿورڙي به دلچسپي هوندي اهي ڄاڻن ٿا ته اروڙ ڪنهن دؤر ۾ سر سبز، شادباد ، سونهن واري سنڌ جي راڄڌاني هئي، جتي وڏي مان ۽ مريادا وارا راجا ۽ مهاراجا رهندا هئا. جتي علم هيو جتي امن هيو جتي فن هيو ۽ فنڪارن جي عزت ۽ وقار جو خيال رکيو ويندو هيو، ان کان علاوه اتي خوشيون ۽ خريد به هئي ان ڏيهه جا رهواسي خوش ۽ خوشحال هيا. ميرمحمد معصومي پنهنجي لاجواب تاريخي ڪتاب تاريخ معصومي ۾ اروڙ جو احوال اجهو هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي؛ (الور مهراڻ نديءَ جي  ڪناري تي هڪ نهايت وڏو شهر هو، جنهن ۾ بلند عمارتون، مضبوط محلاتون،ميويدار وڻن سان ڀريل باغ ۽ تمدن ۽ شهريت جو اهو سڀ سامان موجود هو، جنهن جي مقيم، خواهه مسافر کي خواهش ٿي سگهي ٿي. انهيءَ طرف جي ملڪ ۽ شهرن جو مالڪ مختيار ۽ صاحب اقتدار سيهرس  راءِ پٽ ساهسي هو. جيئن ته سيهرس راء نيڪوڪار ۽ عدالت پسند هو، ۽ عام خلق جون گردنون سندس قسمين قسمين مهربانين ۽ طرحين طرحين  احسانن جي بار هيٺان سدائين جهڪيل هونديون هيون، تنهنڪري عام  ۽ خاص ماڻهن جا ٽولا سندس فرمانبرداري دل و جان سان ڪندا هئا، ۽ سندس ملڪ جون حدون اڀرندي طرف کان ڪشمير ۽ قنوج، الهندي طرف کان مڪران ۽ عربي سمنڊ جي ڪناري يعني ديبل بندر جو هاڻي لاهري بندر جي نالي سان مشهور آهي، ڏکڻ طرف کان سورت بندر ۽  ديو بندر ۽ اتر طرف کان قنڌار، سيستان، ڪوهه ـ سليمان، ڪردارن ۽ ڪي ڪانان جي سرحدن تائين هيون. هُن، هِن ملڪ کي چئن حصن ۾ ورهائي ، هرهڪ حصو هڪڙي حاڪم جي سنڀال هيٺ ڏيئي الور جي شهر کي  پنهنجو تختگاهه مقرر ڪيو.؛ )   تاريخ جي بدقسمتي ڏسو ته اها خوشحالي  ئي اسان جي غلاميءَ جو ڪارڻ بڻي، ڏوراهن ڏيهن کان ڪيئي هلاڪو ۽ چنگيز جهڙا سفاڪ قاتل  مختلف بهانا ڳولهي هتي آيا،جِن هن ملڪ جي شريف، نفيس ۽ پرامن ماڻهن جو وڏي بيدردي سان قتلام ڪيو،   شهر مسمار ڪيا ويا ڪتبخانا ساڙيا ويا، دوستو   26نومبر 2006 واري ڏينهن تي اسان ان قسم جا احساس رکي ان طرف اسهيا هئا سين. اروڙ سنڌ جو هڪ عظيم تاريخي ماڳ آهي. هتي هڪ خاشو وڏو قلعو تعمير ٿيل هو جنهن کي ڊاهي بکر جو قلعو تعمير ڪيو ويو هيو. هي اهو علائقو هيو جتي سنڌ جي ماڻهن ڌارين حملي آورن سان مهاڏو اٽڪايو هيو. اتي ئي هڪڙي ڊٿل مسجد آهي جنهن لاء ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته اها محمد بن قاسم سنڌ جي فتح بعد جوڙائي هئي، وري ڪجهه ٻين جو خيال آهي ته اها محمد بن قاسم جي جوڙايل نه ٿي لڳي ڇو ته ان جي اڏاوت مغل طرز تي ٿيل  آهي بهرحال اهو فيصلو ته آثارـ قديمه جي ماهرن کي ڪرڻو آهي ته اصل حقيقت آهي ڇا؟ پر هتي اهو ٻڌائڻ دلچسپي کان خالي نه رهندو ته ان مسجد کي محمد بن قاسم سان منسوب ڪري هڪ  جڙتو مذهبي تنظيم  ملڪ جي هڪ فوجي آمر کان لکين روپيا ان جي ٻيهر اڏاوت لاء وصول ڪيا هئا ۽ انهن ان مسجد ۽ محمد بن قاسم جي نالي کي پنهجي ذاتي مقصدن ۽ مفادن لاء خوب استعمال ڪيو هيو ڏسو ته ڪيئن نه دنيا وارن نه رڳو سياست پر مذهب کي پڻ هڪ منافع بخش ڪاروبار  ۾ تبديل ڪري  ڇڏيو آهي. اسان جڏهن ان ڏينهن اتي پهتا هئاسين ته انوقت ٻه عدد باقي بچيل ڀتيون بيٺيون هيون، ۽ اهو نظر اچي رهيو هيو ته اهي به بس هڪ ٻن برساتن بعد نيست  نابود ٿي وينديون. ان مسجد ڀرسان هڪ قديمي کوهه به آهي. اهو پورو علائقو ان ڪوٽ ۾ آهي جنهن جا ته هاڻ آثار به گم ٿي رهيا آهن ۽ پوء اسان ڳچ وقت ان تباهه و برباد ٿيل قلعي جي آثارن تي بيهي تصور پچايا هئا ننڍڙين ننڍڙين  پٿرين کي هٿ ۾ جهلي مستقبل ۾ سونهن واري سنڌ  جي سينڌ سنوارڻ جا وچن ۽ وعدا پڻ ڪيا هئا. دوستو هيءَ اهائي اروڙ جي وستي آهي جنهن جي سڳند ڀري مٽي مان سنڌ جو يگانو، بي باڪ ۽ بهادر قلمڪار سائين رشيد ڀٽي به جنم ورتو هيو  اروڙ کي هن وقت به رشيد ڀٽي صاحب جا مائٽ آباد ڪيون ويٺا آهن   انهن مان ئي شهمير فقير۽ نثار ڀٽيءَ جڏهن اسان کي ائين اٻاڻڪو ۽ اتاولو ڏٺو ته کائن رهيو نه ٿيو ۽ اهي اسان کي وڏي اڪير ۽ اتساهه سان   پنهجي اوطاق تي وٺي آيا ۽  خوب تواضع   ڪيو هيائون سندن اسرار هيو ته اسان سندن تڏي تي مانجهاندو ڪيون هنن جي پيار ۽ خلوص مان ڏاڍا متاثر ٿيا هئاسين پر اسان کي ته اڃان ڪجهه اڳتي وڃڻو هيو  سندن ٿورا  بجا آڻي اسان وري پنڌ کي ڇڪيو،  چُن جي  جبلن جو نظارو ڪندا اڳتي پئي وياسين ته انهن پنهجي نسل ڪشيءَ جون جهڙوڪر اسان کي دانهون ڏنيون، تنهن وقت به ڪيئي ماڻهون  بيلچن، ٽيڪمن سان  انهن جو  ماس روڙي رهيا هئا، روهڙي کان ڪوٽ ڏجي تائين اهي جبل علائقي جي سونهن بڻيل آهن، ڪاروباري ذهنيت رکڻ  وارا سندن  خوبصورت وجود  کي ڌرتي تان گم ڪندا پيا وتن، ڪيڏا نه ويران، بدصورت ۽ بيابان لڳندا اهي علائقا انهن جبلن کان سواءِ، ان قسم جو محض تصور ئي ڏڪائي ٿو ڇڏي،  شايد سندن  انهن آهن جو اثر هو ته اسان انهن سان گڏجي ڦوٽو شوٽ ڪيا. اڃا انهن انومانن ۾ غلطان هئا سي ته،  اتي ئي هڪ جهنگلي وڻ به منهجي توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪائي جنهن ۾ڪجهه پرڀرو کان نظر نه ايندڙ گؤنچن سان گڏ خوبصورت گل ڏسندي اندر ئي ٺري پيو هيو ڀلا اهڙي من مونهڻي خوبصورتي کي ڪيئن ٿي نظر انداز ڪري سگهياسين، ٻه عدد ان جون تصويرون وٺي ئي اڳتي وڌيا هئاسين، ٻنهي طرفن کان جبل وچ۾ چاري نمان روڊ، هيڪڙ ٻيڪڙ ٽريفڪ نه ته مڪمل سانت، ۽ اهڙي پرسڪون لمحن ۾ انهيءَ روڊ تي اسان جون ڊورندڙ موٽر سائڪلون ائين پئي محسوس ٿيو جهڙوڪڙ تاريخ پوئتي موٽ کاڌي هئي ۽ اسين ڌرتيءَ جي حفاظت لاء گهوڙا ڊوڙائي رهيا هئاسين، ڀلا ڪڏهن ته انهن ئي رستن، جبلن جي لاهين ۽ چاڙهين، ميدانن تي سنڌ جا ڪوپا جوان ڪڏيا هوندا، انهن جو مقدس رت پنهجي ڀونءِ جي حفاظت ڪندي وهيو هوندو، بس اهڙيون سوچون ئي اسان لاء آٿت جو سبب هيون، ۽ سکر کان ايندي ۽ پوءِ موٽندي اسان جي سموري ڳالهه ٻولهه به اها ئي هلندي رهي. ان بعد اسان جو ٽن ڄڻن ۽ ٻن موٽر سائيڪلن تي مشتمل قافلو ڪالڪا ديوي جي مندر ۽ ان جي بلڪل سامهون جڙيل مسجد ۽ مدرسي طرف روان دوان هو، مسجد جي زيارت ۽ مندر جو درشن ڪري مندر مٿان جبل تي چڙهي سامهون نظر وڌي سين ته روڊ نانگ وانگر وڪڙ کاڌل چارو پئي محسوس ٿيو، جڏهن ته اتان روهڙي ۽ سکر جون جايون به نظريون پئي. اتي به ڪجهه ڦوٽو ورتاسي۽ بعد ۾ وري جبل جو رستو هيو ۽ اسين هئاسين۽ ائين هلندي هلندي اوچتو جبل کٽي پيو هيو ۽ اتان چوٽي تان بيهي جڏهن هيٺ نظر ڊوڙائي هئي سين  جت پري پري تائين کجين جي باغن، وڻن ٽڻن ۽ سرسبز نظاري ته جهڙوڪر پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيو هئو، اکين کي آسيس ڏيندڙ ان خوبصورتي کي ڏسندي دل ئي نه پي ڍاپي، اهو ٽپهري جو وقت هيو،جڏهن ته سج اڀرڻ وقت ان جو منظر اڃان ڪجهه ٻيو هوندو آهي، اها ڳالهه مسٽر شبير سومري ٻڌائي ته سندس ڪجهه مائٽ ڪراچي کان گهمڻ آيا هئا ۽ کين وٺي اهي صبح جو  اتي آيا هئا ڪراچي واسي ڏاڍا متاثر ٿيا هئا. اتي ئي جبل ٽڪي پيٽ پاليندڙ ٻرڙي سان دعا سلام بعد اسان وڃي نينهن جبل تي ساهي پٽي هئي. اها ٽڪري به عجب آهي، جيئن برگر کي چئن ٽڪرن ۾ ورهائبو آهي بلڪل ساڳي نموني هي جبل به ورهايل آهي ۽ چـڱو خاشو مٿي پڻ آهي ان تي چڙهڻ هرڪنهن جو ڪم نه آهي، ڪجهه سال اڳ ڪاليج جي دوستن سان جڏهن ٽوئر ڪندي اتي آيا هئاسين ته دلبر دوست قدير انصاري ۽ مان پوري ڀريل بس مان ٻه ڄڻا ئي هياسين جن ان جي چوٽي سر ڪئي هئي، ان جبل لاءِ به عجب ڏند ڪٿائون مشهور آهن، انهن مطابق ته  اهو حضرت علي جو ڪارنامون آهي. اڳئين دفعي جڏهن اتي آيا هئاسين  ته ڏاڍي رازداري واري انداز ۾ قدير سائين ٻڌايو هيو ته پرين هتي جيڪو به پنهجي محبوب ماڻڻ جي دعا گهرندو اها ضرور قبول پوندي، خبر ناهي قدير اها دعا گهري هئي الائي نه باقي مون کي ته منهجي دعائن جي اثر جي خبر آهي! ان خوبصورتي کي اکين ۾ پينٽ ڪري موٽي نارا واهه جي ڪناري هڪ ڳوٺاڻي اسٽائيل ۾ جڙيل هوٽل تي چانهه جا چسڪا وٺندي دڪان هلائيندڙ ۽ گورمينٽ ڊگري ڪاليج سکر جي شاگرد، جنهن جي ذات ٻانگو هئي، سان حال احوال اوريندي اندر صفا ڦسي پيو هيو جڏهن هن هڪ نوجوان ڇوڪري سان زيادتي بعد قتل جي ڳالهه ٻڌائي هئي، جيڪو سندس عزيز هيو، ان قصي اسان جي چانهه جو ذائقو ئي کسي ورتو هو، بعد ۾ نارا ڪينال جو دلپذير ڪنارو وٺي پنهجي آخري منزل ڏهاڳڻ، سهاڳڻ جي قبرن تي آيا سين، صديون اڳ جڙيل انهن قبرن مٿان جوڙايل عمارتن جي عظمت ته اڄ به سلامت آهي پر ڪا مستند تاريخ نه ٿي ملي ته انهن جي اصلي حقيقت آهي ڪهڙي بس اتي به اوهان کي ڏند ڪٿائن جو سهارو وٺڻو پوندو.


      سنڌ سڄي سونهن سان سٿي پئي آهي بس جيڪڏهن ڪا کوٽ آهي ته اها آهي سهولتن جي اڻهوند، امن امان ۽ انهن جي ڏينهان ڏيهه مشهوري، منهجي سڄي سنڌ واسين کي اها دعوت آهي ته اهي هنن تاريخي ماڳن ۽ خوبصورتين جو نظارو ضرور ڪن،

عظيم تر تباهي

                            


     ڪي ڪي خطرا اهڙا هوندا آهن، جن جو تعلق ڪنهن خاص قوم، ملڪ يا خطي سان ناهي هوندو پر اهي پوري ڪائنات جي سمورن ساهوارن لاءِ هڪ جهڙو تباه ڪن هوندا آهن. اوهان  جوڇا اهو خيال آهي ته ايٽمي هٿيارن جي موجودگي ۽ روزبروز انهن ۾ واڌارو هن ڪائنات لاءِ تمام وڏو خطرو آهي؟ ۽ اوهين اهو سوچيو ٿا ته ان سان نه رڳو نسل انساني پر باقي ساهوارا به  تهس نهس ٿي ويندا ۽ زندگيءَ جون علامتون مٽجي ختم ٿي وينديون. اها ڳالهه واقعي به وزنائتي آهي، پر جي مان چوان ته ايٽم بمن ۽ سموري گولابارود کان  به تمام وڏو خطرو اڃان ڪو ٻيو موجود آهي ته ڇا اوهان اعتبار ڪندا!  اهو هيءُ ته سرمائيدار ملڪن تيزرفتار ترقيءَ جي حاصلات لاءِ فطرت جي توازن کي ڊانوا ڊول ڪرڻ جي حماقت ڪري وڌي آهي ۽ هاڻي سال بسال اسان جي هن سهڻي من مونهڻي ڪائنات  تي جيڪو ڌرتيءَ جو ٽڪڙو آهي ان جي گرمي پڌ ۾ هرروز اضافو ٿي رهيو آهي. پهاڙن تي ڄميل گليشيرز پگھري رهيا آهن ۽ ڏينهون ڏينهن انهن جو تعداد گھٽجندو پيو وڃي، صاف سٿري قدرتي پاڻيءَ جا ذخيرا پڻ گھٽبا پيا وڃن ۽ پوري ڪائنات جي موسمي صورتحال ۾ ڊرامائي تبديليون نوٽ ڪيون پيون وڃن، يا ته سالن تائين برسات نه ٿي پئي ۽ جي پوي ٿي ته تمام گھڻي ٿي پئي ۽ علائقن جا علائقا ان جي لپيٽ ۾ اچي لڙهي ٿا وڃن. سمنڊ زمين کي پائيندو ٿو وڃي. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري پيو ٿئي ڇو ته قدرت پاران اسان جي ڌرتي تي جوڙيل گرين هائوس گئس واري ڇاڻيءَ ۾ ڇيد ٿيندا پيا وڃن. هن وقت دنيا جي سمورن ساڃاه وند سياڻن ماڻهن ۽ سائنسدانن جو اهو گڏيل مؤقف آهي ته پوري نسل انسانيءَ سان گڏ سموري ساهواري مخلوق کي جي ڪو تمام وڏو، انتهائي خطرناڪ، ڀوائتو خطرو آهي ته اهوئي آهي.


                 ٽم فلينري آسٽريليا جو جڳ مشهور سائنسدان آهي جنهن کي آسٽريليا جو وڏي ۾ وڏو اعزاز مليل آهي. کيس گرين هائوس گئس معاملي تي تمام گھڻي تشويش، ڳڻتي ۽ ڳاراڻو آهي. سندس مؤقف آهي ته هنوقت آسٽريليا تي ان جا انتهائي خطرناڪ اثر ظاهر ٿيڻ لڳا آهن. آسٽريليا جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ ماڻهن جي پيئڻ لاءِ صاف شفاف پاڻيءَ جي دستيابي مسئلو بڻيل آهي جڏهن ته زرعي پيداوار لاءِ ان جي فراهمي گھٽ ٿيندي پئي وڃي. سندس وڌيڪ اهو به چوڻ آهي ته  ملڪ جي پيداوار ۾ گھٽتائي انفرا اسٽرڪچر جي خراب رٿابنديءَ ڪري نه پر ان ڪري آهي ڇوته گرين هائوس پاليوشن جي ڪري ڌرتيءَ مان پاڻيءَ جا ذخيرا ختم ٿيندا پيا وڃن. سندس چوڻ آهي ته اڄ آسٽريليا جا شهري ان مسئلي جو بدترين نموني سان شڪار بڻيل آهن پر اهو ڏينهن پري ناهي ته آمريڪا، برطانيه ۽ يورپ سميت دنيا جا سمورا ملڪ ان جو شڪار ٿيندا. هن ڪوئلي تي بجليءَ جي پيداوار کي جاهلانه طريقو سڏيندي اهڙي طرز تي بجليءَ جي پيداوار کي بنادير بند ڪري متبادل طريقا ڳولهڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته اسان سج جي ڪرڻن، هوا جي لهرن ۽ جيو ٿرملن ذريعي به اها حاصل ڪري سگھون ٿا، ان سلسلي ۾ هن پنهنجي حڪومت کي چيو آهي ته جي اها ان معاملي ۾ واقعي سنجيده آهي ته بجليءَ جي پيداوار لاءِ هڪ نئون شهر اڏي اتي ان ۾ اها ايتري پيدا ڪري سگھجي ٿي جو اها پوري ملڪ  جي سمورين ضرورتن جو هڪ صدي  تائين پورائو ڪندي رهندي. ياد رهي ته آسٽريليا اهو ملڪ آهي جت تمام عظيم ٻيلا آهن، پر هاڻ ماحول جي آلودگيءَ ڪري سندن انهن ٻيلن ۾ باهيون لڳڻ ڄڻ معمول بڻجي ويو آهي، ان تي قابو ڪرڻ لاءِ کين جيڪي پاپڙ پيلڻا پوندا آهن ان کان به وڌيڪ درد سندن لاءِ  انهن ڀڙڪندڙ باهين ڪري ماحول جو گرم ٿيڻ آهي. اديب هجن يا دانشور يا سائنسدان سڀ جو سڀ  دنيا ۾ آلودگيءَ واري اشوءَ تي ڏاڍي تشويش ۾ مبتلا آهن. ويندي هالي ووڊ جي فلم ميڪرز کي پڻ ان معاملي جي سنگينيءَ جو احساس آهي جو انهن ساڳي مسئلي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ شاندار فلم ٺاهي آهي، ان جو نالو آهي،                                     


 Day after tomorrow


جنهن ۾ انهن  ڏاڍي اثرائتي نموني اهو ڏيکاريو آهي ته فطرت سان هٿ چراند ڪرڻ جا ڪيڏا ڳرا نتيجا ڀوڳڻا ٿا پون. اها ساڳي ڳالهه اقوامِ متحده جي ايٽمي هٿيارن واري سابق انسپيڪٽر مسٽر برنڪس به ڪئي آهي ته ايٽمي هٿيارن کان تمام گھڻي وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه آهي زمين جي گرميءَ جو وڌڻ، هن ان سلسلي ۾ اهو به چيو ته قومن ۽ ملڪن کي ايٽمي توانائيءَجي پر امن استعمال لاءِ اها طاقت حاصل ڪرڻ جي اجازت هئڻ گھرجي جو ائين ڪرڻ سان ماحول گندو نه ٿيندو، ياد رهي ته هي يار   اقوامِ متحده پاران عراق ۾ ايٽمي هٿيارن جي ڳولها لاءِ موڪليل انسپيڪٽر هيو جنهن اها رپورٽ ڏني هئي ته عراق ۾ وڏي تباهي ڦهلائيندڙ هٿيار موجود نه آهن.                                                                     


              ڪيڏي نه افسوس ۽ ڏک جي ڳالهه آهي ته پياري ملڪ پاڪستان ۾ جنهن نموني ٻين مختلف اشوز تي کل هاڻپ پاليسيون پيون هلن ته ماحول جي متاثر ٿيڻ جو ته لڳي ٿو ڪنهن کي ڪو ارمان ۽ نه ڪا ڳڻتي ڳاراڻو آهي. اسان جا سمنڊ، درياءُ، وڏا شهر، ڍنڍو ڍورا گندگيءَ جو ڍير ٿيندا پيا وڃن. هاڻ جيڪڏهن ڪي ڌريون ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻيٽن تي اڏجندڙ شهرن کي اهڙي پس منظر سان ڏسن ٿا  ۽ کين مستقبل ۾ ماحول تباه برباد ٿيندي نظر ٿو اچي، ته  بجاءِ انهن جي جائز نقطن تي غور ڪرڻ جي کين ڪنهن ٻي اينگل سان ڏٺو ۽ سمجهيو پيو وڃي.                            


             ماحول جي تباهيءَ جو هڪ وڏو سبب وڏا ڊيم به آهن، ان جي تباه ڪارين جو هلڪو عڪس ته مون پنهنجي اکين سان ان وقت ڏٺو هو جڏهن اسين سانگھڙ ضلع ۾ اڏيل چوٽياريون ڊيم کي 2003ع ۾ ڏسڻ وياهئاسين، ان جي آس پاس جون زمينون سم ۽ سيراب جي ور چڙهي ويون هيون، جهنگلي جيوت تباه ٿي ويئي هئي، بهرحال اهو چوڻ ته وڏن ڊيمن جڙڻ سان ماحول تي انتهائي هاڃيڪار اثر پون ٿا، ان ۾ ڪو ڪوڙ نه ئي ڪو وڌاءُ آهي. گھڻا ماڻهون ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جا ان ڪري به مخالف آهن، ان سان هڪ طرف ته سرحد جو هڪ پورو شهر تباه ٿي ويندو ته ٻي پاسي سنڌ وارا زرعي پاڻيءَ کان هڪ طرف محروم ٿيندا پر ان کان وڏو سانحو اهو به رونما ٿي سگھي ٿو ته ان جي اڏاوت سان جي هڪ پورو درياءُ ئي مري کپي وڃي!!!!!                                                              


          اهڙي حالت ۾ نه رڳو انساني نسل مشڪلاتن جو شڪار ٿيندو پر آبي جيوت جي ته نسل ڪشي ٿي ويندي. سمنڊ تيزيءَ سان زمين کي پائي ويندو، تمر جا رهيل ٻيلا به تباه ٿي ويندا ۽ نتيجي طور تي سوناميءَ جهڙيون هولناڪ تباهيون اڻٽر ٿي پونديون. اهو ساڳيو عمل ٻيٽن تي جڙندڙ عمارتسازي سان به عمل ۾ ايندو، ان ڪري به پوريءَ دنيا ۾ ماحول سان پيار ڪندڙ ڪارڪن اهڙن انسان دشمن ۽ ڪائنات دشمن رٿائن جي مخالفت ڪندا آهن. مان حڪومت پاڪستان کي اها صلاح ڏيندس ته هو ماحول دشمن اهڙن سمورن  رٿائن کي هڪدم ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ۽ کيس اهڙو ڪوبه ڪم نه ڪرڻ گھرجي جنهن سان خوشگوارماحول آلوده ٿئي.                                                            


Ag_katohar@yahoo.com

واڪا ڪرڻ مون وس

روزانه ” خبرون “ جي 25 جنوري 2007 جي شماري ۾ ڇپيل ڪالم




                        مين پرائمري اسڪول ڪنڌرا اهو ادارو آهي جت اسان ڪنڌرا شهر ۽ ان جي آسپاس جي سمورن اسڪولن جي استادن ۽ هيڊ ماسٽرن جي پيشورانه سکيا جو ڪم سرانجام ڏنو هو. هڪ گروپ ۾ خيرپور تعلقي جي ڳوٺ عيسن ڀيو جي رهواسي عبدالرزاق ڀيو جو نالو به شامل هيو. عبدالرزاق ڀيو پڪيءَ عمر جو مذهبي خيالن وارو، نيڪ، پنهنجي پيشي سان والهانه عقيدت رکڻ وارو انسان آهي. هن پنهنجي پيشي کي عمر جا ستاويهه قيمتي سال ارپيا آهن، هو اسڪول جو ڪم به عبادت سمجهي سرانجام ڏيندو آهي ۽ کيس ” استاد “ سڏائڻ تي فخر محسوس ٿيندو آهي. سندس اسڪول تعلقي روهڙي ۽ تعلقي خيرپور جي سرحد تي آهي، روهڙي کان پري ۽ ڪٽيل هئڻ ڪري ڪوبه سپروائيزر، ايل سي او يا ڪو ٻيو مٿيون عملدار ان پاسي رخ گھٽ ڪندو آهي ها البته خانه پوريءَ لاءِ ڇٺي ڇهه ماهي ڪو اتي به جهاتي پائي ويندو آهي. هن اسڪول ۾ ايس ايم سي فنڊ کي استعمال ڪندي پنجٽيهه هزار روپين جي معمولي رقم سان ڳوٺاڻن جي مدد سان هڪ عدد ڪمرو به جوڙايو آهي. سندس چوڻ هو ته هڪ آفيسر سندس اسڪول جي دؤري تي آيو ۽ هر شيءِ ٺيڪ ٺاڪ ڏٺائين پر آخر ۾ پنهنجي ” ذهانت “ ثابت ڪرڻ لاءِ اها گوهر افشاني فرمائڻ جو حق استعمال ڪيائين ته اهڙو ڪمرو ته وڌ کان وڌ پنجويهه هزار روپين ۾ جڙي سگھي ٿو، تو ڏهه هزار روپيه وڌيڪ خرچ ڪيا آهن!!

                    سکر ضلعي ۾ تعليمي سڌارن جي مد ۾ اسرا جي هڪ ٽيم ” ليڊ “   وارن هٿان هرهڪ پرائمري اسڪول کي هڪ هزار ڊالر يعني اڻهٺ هزار روپيه ڏناويا هئا ته جيئن اهي پنهنجي اسڪول ۾ هڪ عدد وڌيڪ ڪمرو ڪلاس روم لاءِ جوڙين مون اڪثر هيڊ ماسٽرن کي اها شڪايت ڪندي ٻڌو هو ته ايترن ٿورن پئسن ۾ ڪمرو ٺهڻ ممڪن ئي ناهي، حالانڪه ائين به نه هيو، اهي جيڪي مثبت سوچ ڌاريندڙ ۽ هر ڪم کي بروقت سرانجام ڏيندڙ هيڊ ماسٽر هئا انهن ساڳين پئسن مان ڪمرا تعمير به ڪرائي ڇڏيا هئا. ڪيڏي نه حيرت جهڙي ڳالهه چئبي ته جيڪڏهن ڪو ڀاڳوند اهو ساڳيو ڪم رڳو پنجٽيهه هزارن ۾ سرانجام ٿو ڏئي ته به ان تي اعتراض آهي . مون پنهنجي ٻن سالن واري تجربي ۾ ان ڳالهه جو مشاهدو ڪيو آهي ته گھٽ ۾ گھٽ پرائمري سطح تي ڪجهه عملدارن جو تعليمي تباهي ۾ نمايان ڪردار آهي. انهن مان گھڻن کي ته خبر ئي نه آهي ته مانيٽرنگ ٿيندي ڇا آهي ! ۽ جيڪي سپروائيزر آهن انهن مان ڪجهه ته بنهه  ڪورا ڄٽ آهن، بس اهي مٿين آفيسرن جا خوشامندي ۽ انهن لاءِ مال ٺاهيندڙ ۽ ڪجهه انهن مان پنهنجو حصو پتي حلال ڪندڙ وڌيڪ آهن. مون کي اڄ به اهو عملدار ياد آهي جنهن سکيا لاءِ چونڊيل ماسٽر ٽرينرس کي ڪن ڳالهين تي بليڪ ميل ڪري هزارين روپيا هڙپ ڪيا هئا ۽ اهو ساڳيو آفيسر انهن سينٽرن تي اچي ايمانداري ۽ سچائي سان پنهنجي ڪم کي سرانجام ڏيڻ جون تلقيدون ڪندو هو. مين پرائمري اسڪول سکر اهو اسڪول هو جتي اسان پهرين گروپ جي سکيا ڪئي هئي ان ۾ ڳچ تعداد فيميلز جو به هيو اهي اسان جي ڳالهين ۾ اچي ڪجهه پير پختا ڪري مٿين عملدارن کي رشوت نه ڏيڻ واري واعدي تي ڪجهه عرصو ته قائم رهيون، پر وڏي دٻاءُ ڪري کين جهڪڻو پيو ۽ هنن پنهنجن پنهنجن اسڪولن جي آڊٽ جي مد ۾ روائتي نموني هڪ هڪ هزار مٿين آفيسرياڻيءَ کي ڏنا هئا، اها جيئن ته وڏي زماني ساز، لڪڙ هضم پٿر هضم ڪندڙ مشهور آهي، سو ان انهن پئسن مان پاڻ کان مٿين آفيسرياڻي کي جڏهن ” چاٽو “  نه ڪرايو ته اها به آپي مان نڪري ويئي ۽ پوءِ ڳالهه وڃي ڊي سي او صاحب جي ٽيبل تي پهتي هئي. اسان جو آخري گروپ به فيميل تي مشتمل هيو. اتي هڪ ڏينهن خوفناڪ قسم جي بلا عورت نه ڪا هم نه ڪا تم ڪري اسان واري ڪمري ۾ گھڙي آئي، معلوم ٿيو ته اها تعلقي جي آفيسرياڻي آهي ۽ ان اچڻ سان مون تي اچي اکيون ڦوٽاريون ته هوءَ ڪنڊ ۾ ويٺل ٽيچر ڪنهن جي حڪم سان هتي اسان واري سينٽر تي ويٺل آهي، کيس اهو به احساس نه هيو ته مان نه ته سندس ماتحت هيس ۽ نه سندس سوالن جا جواب ڏيڻ جو پابند، جڏهن ته منهنجو گريڊ  به کانئس مٿي هيو، بهرحال مون تحمل سان کيس سمجهايو ته هي جيڪي هتي ويٺل آهن، انهن سمورين کي اوهان جي ٽيبل تان نڪتل آرڊرن جون ڪاپيون اسڪول ۾ موڪلي هتي سکيا لاءِ گھرايو ويو آهي. سندس اتي اچڻ ۽ صوبيداراڻي نموني رويو رکڻ ڪري، اسانجي ڪلاس ۾ جيڪا انتهائي خوشگوار فضا قائم هئي اها ته غارت ٿي ويئي ويتر هڪ قسم جي نفرت انگيز ڪشمڪش وارو ماحول جڙي پيو هو ۽ ان ماحول کان بچڻ لاءِ مون ڏهن منٽن جو وقفو ڪري ڇڏيو هو، مون کي سندس رويي ته واقعي رنجايو هو پر افسوس ان ڳالهه جو هو ته ڪلاس انوقت مختلف سرگرمين ۽ گروپ ورڪ ۾ جوڙيل چارٽن ۽ ماڊلن سان ڪنوار وانگر سينگاريل هيو کيس انهن ڪمن سان ڪابه دلچسپي نه هئي ته سندس استاد نون ۽ جديد لاڙن تحت پڙهڻ، انتظام سنڀالڻ جو ڪم سکي رهيون آهن.

  مون اهو به مشاهدو ڪيو آهي اهي استاد جيڪي پنهنجي ڪم جا ڄاڻو ۽ ماهر آهن ۽ تعليم جو ڀلو دل ۽ جان سان چاهيندا آهن، ڪرپٽ آفيسرن جو سڌو سنئون ننشانو به اهي ئي بڻجندا آهن. اڪثر ڪري اهو ڏٺو ويو آهي ته اسڪولن جي انسپيڪشن ۽ سپروائزنگ ان لاءِ نه ڪئي ويندي آهي ته اتي ڪم ڪندڙ استادن ۽ اسڪول جي مجموعي ڪارڪردگيءَ کي جانچجي، استادن ۽ هيڊ ماسٽرن جي همٿ وڌائجي، کين تعليمي عمل ۾ مدد مهيا ڪجي ۽ اهڙي نموني سندن ڪارڪردگي وڌائجي پر اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته اهي وزٽ محض بهانو هوندا آهن، انهن دؤرن دؤران استادن ۽ هيڊ ماسٽرن جي غلطين، خامين کي هٿ ڪري کين بليڪ ميل ڪرڻ جو عمل سرانجام ڏنوويندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ايماندار ماڻهون سندن اڏيل اهڙين ڪوڙڪين ۾ ڦاسڻ کان انڪار ڪندو آهي ته کيس بدلي ڪري سندس ڪيل ” ڏوهه “ جي سزا ڏني ويندي آهي. پني عاقل ۾ مردن جي گروپ ۾ هڪ سپروائيزر هيو جنهن جي آئيڊيل آفيسر هڪ اهڙي ميڊم عملدار هئي، جيڪا پٽيوالي کان وٺي پروفيسرن سان وڙهڻ، ڦڏا ڪرڻ جي ماهر ليکي ويندي هئي. ان جو قصو بيان ڪندي ٻڌايائين ته ” سائين ڇا ڳالهه ڪجي، هو جڏهن به هن پاسي وزٽ تي ايندي هئي ته  هن غريب ( وٽس ) وٽ ايندي هئي. هڪ دفعي ذري گھٽ هندستان جي سرحدن جي ويجهو هڪ اهڙي هيڊ ماسٽر کي ڳولهي هٿ ڪيائين جنهن هڪ ڌڪ سان اسڪول جي فنڊ مان ٻه لک ڪڍرائي کپائي ڇڏيا هئا ! “ مون جڏهن کانئس  ورائي سوال پڇيو هو ته ڀلا ڏي خبر پوءِ ان هيڊ ماسٽر جي نوڪري ختم ٿي، کيس ڪا سزا ملي؟ ان سوال جو ته وٽس جواب ئي نه هيو!!!

پرائمري اسڪولن جي وزٽ لاءِ عملدار اوچتو اچي ڪڙڪندا آهن ۽ ان کي ڇاپي جو نالو ڏيندا آهن. اسڪولن ۾ ڇاپا؟!  ڇاپا ته ايس ايڇ او ۽ صوبيدار هڻندا آهن، استادن تي ڇاپن مان ته اهو تاثر ٿو ملي جهڙوڪر اهي وڏا ڏوهي هجن. جي اسڪول جي ڪم جي نگراني يا مشاهدو ڪرڻو مقصود هجي ته اهو ڪم محض هڪ يا ٻن ڪلاڪن ۾ ڪيئن ٿو ڪري سگھجي، ان ڪم لاءِ ته هڪ هڪ پورو ڏينهن هڪ هڪ اسڪول کي ڏجي، اتي ترسجي، استادن سان گڏ شاگردن سان ملجي، سندن قابليت جو ڪاٿو ائين لڳائي سگھجي ٿو. گھڻن هيڊ ماسٽرن اها به شڪايت ڪئي ته وزٽ کان پوءِ اهي عملدار کانئن گاڏيءَ جي  تيل لاءِ پئسن جو مطالبو ڪندا آهن. پرائمري سطح تي سپروائيزري ڪم ۾ انقلابي تبديلين جي ضرورت آهي. سپروائيزر ايماندار ، تعليم سان والهانه عقيدت رکندڙ اهڙا استاد مقرر ڪجن جيڪي پنهنجي ڪم جا انتهائي ماهر  ۽ جاڻو به هجن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نيڪ سيرت ۽ مثبت سوچ رکندڙ ايماندار استادن جي همٿ افزائيءَ ڪجي، کين شابس سان گڏ سندن ڪم ۾ مدد ڪجي، همٿائجي، سٺن استادن جا قصا سڀني کي ٻڌائجن، انهن کي تمغا ڏجن، سندن نالي سندون جاري ڪجن ته پوءِ ئي پيڙهه جي پٿر وارو درجو رکندڙ پرائمري تعليم جو معيار بلند ٿي سگھي ٿو.





ٽيهه سال اڳ واري ۽ اڄوڪي سنڌ

اڄ اتفاق سان 1985ع جي ڊائري کولي جو پڙهيم ته ان


۾ عوامي شاعر اسماعيل ” اداسي “ جي هيءَ تخليق اکين مان گذري، جيڪا هن انوقت سرجي هئي جڏهن هو ملڪ ۾ جمهوري راڄ جي مطالبي ڪرڻ جي پاداش ۾ جيل جي جهان ۾ رهڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو هيو ۽ هن کي اتي جيڪي نظر آيو هيو ان کي عوامي انداز ۾ پيش ڪيو هئائين، اچو ته اول اهو پڙهون،


ظلم ضيا جو زور وٺي ويو، اونڌه ڇانئي ڪاري ٻاٽ،


ڪارا چڪر پاڳل خانا، گھمي ڏٺاسون ڦاسي گھاٽ.


قيد جي قهري ڪوٽن ۾، ڪيئن ڪونڌر قتل عام ٿيا،


بمن  ۽  بندوقن  جو  بک  ٿيا، صبح  ٿيا، ڪي  شام ٿيا.


ڪن لئه ڦاهيون، ڪن لئه ڦٽڪا، ڪن لئه بڻيا بجلي شاٽ.


آزاديءَ جي ڪاڻ اچي هت رنگ ڌٺوسون نئو روپ“


چانهه ته جهڙي چوپائي مُٽ، دال ته جهڙي ڌوتل ڌوپ،


مسڪينن لئه مار مصيبت، مفت خورن جا هت به ٺاٺ.


فوجي ڇانوڻيءَ منجهه ڏسو يار، پاپين ڪيترا پاپ ڪيا،


لٽڪايا جن لعل لکين، تن ڪٽي ڪٽي ڪواب ڪيا،


پر    پورا نه تن جا پوءِ به ٿيا، جي لڌا لٽيرن خوني خواب.


لٽڪايو يا لالچ ڏيو، پر حق جو نعرو هڻنداسين،


موت قبولي ماڳ وطن لئه مرڪي ڦاهي چڙهنداسين،


اداسي آخر واپس ٿيندا، کرن هنيا جي خوني کاٽ.


اهو سندس سادو پر خوبصورت انداز هيو جنهن مان انوقت جي حالتن جي چڱيءَ  طرح پرک ٿئي ٿي. پر جڏهن مون ان دؤر کان وٺي اڄ تائينءَ جو تجزيو ڪيو ته انتهائي ڏک ۽ افسوس ٿيو ته اڄ به اسان لاءِ اها ڪاري رات جاري آهي ، ڦاسي گھاٽ اڄ به حق گھرندڙ انسانن سان آباد آهن، ڪيئي ڪونڌر گم ڪيا ويا آهن، ٻيو ته ٺهيو انهن جي باري ۾ ڪو اطلاع ڏيڻ به گوارا نه ٿو ڪيو وڃي ته آيا اهي زنده سلامت به آهن يا......................؟!!!


غور ڪري ڏسبو ته اڄ به حالتون اهيئي 30 سالن واريون پراڻيون ئي آهن، ساڳيو ضيالحق جي دؤر ۾ شروع ڪيل ڪالاباغ وارو رينگٽ جاري آهي، بلوچن لاءِ حق جي گھر ڪندڙ نواب اڪبر بگٽيءَ کي جنهن نموني وڏي بيدردي ۽ بي حيائيءَ سان گولين جو بک بڻايو ويو، اهڙو مثال ته پوئين دؤر ۾ به نه ٿوملي. بي روزگاري اڳ کان به وڌي ويئي آهي، خود ڪشين جي تعداد ۾ روز بروز اضافو ٿيندو پيو وڃي، اُن دؤر ۾ شروع ڪيل قبائلي جهيڙا هن وقت عروج تي پهتل آهن، هاڻ ته باقاعدي انهن هڪ منافع بخش ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، ۽ اهڙن جهيڙن جي طفيل ڪي نالي ۾ نهال خودرو سردار اٻوجهه ۽  اڻ پڙهيل ماڻهن جي جذبن سان کيڏي، کين مختلف قبيلن جي دشمنيءَ جا ڊپ ڏيئي، انهن جا قيمتي ووٽ حاصل ڪري، قومي ۽ صوبائي اسمبلين ۾ پهچڻ کان علاوه ضلع ناظم به ٿي ويا آهن. سنڌ جي تعليم کي هٿ وٺي ضيا جي وقت ۾ تباه ڪيو ويو هيو ۽ انوقت جي ڪجهه شاگرد ڌرين اڻسڌيءَ طرح فوجين جي لاڳو ڪيل پاليسن کي سنڌ دوستيءَ جي رنگ ۾ همٿايو هيو، انوقت سندن  اهوچوڻ هوندوهيو ته جيئن ته فلاڻن ادارن ۾ سندن اڪثريت آهي ان ڪري باقي ٻين شاگرد تنظيمن کي سياست ڪرڻ جو حق ناهي، سندن اهڙن پاليسين ڪري سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن ادارن ۾ خوني جهڳڙا شروع ٿي ويا هئا، هاڻ ته اهي شاگرد تنظيمون ئي نه رهيون آهن، جي آهن ته نالي ماتر، پر سنڌ جي تعليمي تباهيءَ جو جيڪو ٻج ان دؤر ۾ ڇٽيو ويو هو اهو هاڻ پچي راس ٿيو آهي.  ضيا جي دؤر ۾ سنڌ جي وزير اعلى هٿان جوڙايل دهشت گرد تنظيم هاڻ مچي مواڙ ٿي پئي آهي ۽ سموري سنڌ سندن مٺيءَ ۾ بند آهي، ۽ اهي سموري اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ آهن. ضيا جي دؤر ۾ جيل جهورائي ڌاڙيل آزاد ڪرائي ڌاڙيل ڪلچر کي متعارف ڪرايو ويو هيو اهو به پنهنجي اوج تي آهي ۽ ڪي علائقا اڻ اعلانيل انهن جي هٿ وس آهن. 1985 ۾ غير جماعتي بنيادن تي ڪرايل اليڪشن ۽ اليڪشن بعد ميمبرن کي سياسي رشوت طور ڏنل ڪروڙين روپين وارو جوڙيل وهنوار اڄ به جاري آهي. ان جو مثال هن کان مٿي ڪهڙو ٿي سگھي ٿو ته رات وچ۾ ٺاهيل پارٽي ملڪ جي مقبول ترين ۽ ڪامياب ترين پارٽيءَ طور آندي وڃي ٿي. ان کان علاوه ڪلاشنڪوف ڪلچر به ان ئي خوني دؤر جي پيداوار آهي، جنهن جي نالين مان نڪتل لکين گولين هزارين مائرن جون هنجو اجاڙ ڪري ڇڏيون آهن. ان کان علاوه هيروئن جي وبا کي به ساڳي وقت ۾ ميدان تي آندو ويو هيو، سنڌ ۽ ملڪ جي سمورن ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ زنده لاشن جي شڪل ۾ گھمندڙ لکين نوجوان، ٻار توڙي ٻڍا ان جو گھمندڙ ڦرندڙ مثال آهن، سو اهو چئي سگھجي ٿو ته وقت ته تمام گھڻو وهامي چڪو آهي پر اسانکي وري به پوئتي ڌڪيو ويو آهي !.  سنڌ جي باشعور ماڻهن، سياسي پارٽين ماضيءَ ۾ ايم آر ڊي جهڙي عاليشان جدوجهد هلائي پاڻ ملهايو هو، ۽ خاموش اهي اڄ به ويٺل ناهن پر جي حقيقت پسند ٿي تجزيو ڪبو ته اهو واضع نظر ايندو ته اڄ تمام گھڻن مصيبتن ۾ گھيريل هوندي به اها ماضيءَ واري مزاحمت ڪانهي. ڪالهه پاڻ ارپڻ ۽ قربانيءَ جا جذبا اتم سمجهيا ويندا هئا، ۽ اڄ انهن کي ڪم عقلي سمجهيو پيو وڃي، اڄ مال ٺاهڻ، تعلقات رکڻ، کي ئي سڀ ڪجهه سمجهيو پيو وڃي. ٻيو ته ٺهيو اسماعيل اداسيءَ جهڙا عوامي ۽ مزاحمتي شاعر ڳولهيندي نه ٿا لڀن. حالانڪه شاعرن جون ته خيرن سان هر شهر توڙي ڳوٺ ۾ فوجون لڀي وينديون، پر بس منجهن نه ته ڪو فن نظر ٿو اچي نه فڪر ۽ نه ملڪ وطن جو ذڪر. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ظلم زيادتيءَ، خلاف اديبن، دانشورن، شاعرن، هارين ۽ مزدورن کان سواءِ سمورن سنڌ دوست پارٽين، گروهن پاران هر محاذ ۽ هر مورچي تان حق ۽ سچ جانعرا گونجڻ گھرجن، ڇو ته اڻ ٿڪ جدوجهد ۾ ئي قومن جي بقا ۽ بلنديءَ جو راز سمايل آهي............................................!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!


Ag_katohar@yahoo.com


Gul5552005@hotmail.com

هڪ اڻ ڇپيل تحرير

                                                                                                                                                                                                      


” آلا نيڻ بهارن جا “ شاعري جي ڪتاب جو سرجڻهار ڪو ٻيو نه پر


سنڌپوليس جو آفيسر محترم فياض ڏاهري آهي. ڪو چئي سگھي ٿو ته ڪٿي پوليس جي نوڪري ۽ ڪٿي شاعري، انهن جا ته رستا ئي الڳ الڳ آهن، پر نه، فياض ڏاهريءَ شاعري ڪري ان ناممڪن کي ممڪن ۽ ان ڏند ڪٿا کي حقيقت جو روپ ڏيئي ڇڏيو آهي. سندس شاعريءَ جي صحيح  پرک ته شاعر ۽ تنقيد نگار ئي ڪري سگھن ٿا، مان اوهان کي سندس مٿئين ڪتاب تان ورتل هڪ نظم پڙهائڻ ٿو چاهيان جنهن ۾ هن پنهنجي پيشي متعلق ڏاڍا نفيس خيال ۽ نڪتا پيش ڪيا آهن


اسان لئه شهادت به عظمت،                                                                      


الئه جي ڪا آهي يا ناهي!                                                                         


اسان جيڪي راتين جا رکوال سڏجون،                                                         


سدا راه جي رهزنن ساڻ جوٽيون جنگيون ٿا،                                                    


اسان جيڪي بي ڏوه ماريا وڃون ٿا..                                                             


خرابيون هتان جي نظامن ۾ آهن،                                                                  


رڳو رت منهنجو نه سگھندو سڌاري،                                                              


اسان لئه شهادت به عظمت.                                                                      


الئه جي ڪا آهي يا ناهي.                                                                         


اسين نفرتن جي روين جا ماريل،                                                                     


نه قاضي سڏياسون نه غازي سڏياسون،                                                           


اسان جي شهيدن جون گمنام قبرون،                                                           


نه گل تن تي نه ڏيئا ٻرن ٿا                                                                          


اسان لئه شهادت به عظمت،                                                                       


الئه جي ڪا آهي به ناهي!                                                                          


                                                                       


              اهو آهي هڪڙي سچي پچي سپاهي جو درد ۽ سندس اندر جو آواز، ڪاش ته جيڪر سڀ پوليس وارا اهڙا درد دل رکندڙ ٿي پون ته سنڌ ڌرتيءَ تي رهندڙ تمام وڏي  بي قصور، بي وس، اٻوجهه ۽ مظلوم ماڻهن جي دکن دردن ۾ ٽي حصا گھٽتائي اچي وڃي.  پر ڇا ڪجي حقيقتون ڪجهه اؤر آهن. ٿاڻن اندر جنهن نموني جو رويو ماڻهن سان رکيو ويندوآهي اهو ڪنهن کان لڪل ناهي. ڪيئي بي گناه اتي ويندا ته پنهنجي پيرن تي آهن پر موٽندي کين بي ساکين جو سهارو وٺڻو پوندو آهي پر پوءِ به اهي  انهن کان خوشنصيب ليکيا ويندا آهن جن جو اتي موت دل جي پراسرار دؤرن پوڻ ڪري ٿيندو آهي ۽ اهي ماڻهن جي ڪلهن تي کڄي نڪرندا آهن. اهڙي ئي هڪ اسٽوري ذرا مختلف پس منظر ۾ سائين امرجليل ” نيٺ گونگي ڳالهايو “ ناول جي صورت ۾ لکي هئي. ان ناول جو مک ڪردار پيدائشي گونگو هيو، ۽ پنهنجي پياري دوست اسلام کي ڳولهڻ اسلام آباد ويو هيو ۽ اتي ايجنسين هٿان گرفتار ٿيڻ بعد سندس لاش  واپس ڪرڻ وقت اهو سرڪاري بيان جاري ڪيو ويو هيو ته ملزم مرڻ کان اڳ۾ پهريون ۽ آخري دفعو ڳالهائي اهو اقرار ڪيو هيو ته هو واقعي دهشت گرد آهي


            اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته روهڙيءَ ڀرسان ٽول پلازه کان ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڏينهن ڏٺي جو 11 بجه نوجوان هدايت الله سولنگيءَ کي  ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪيو ويو ۽ ان بي گناه  نوجوان کي مارڻ بعد سندس لاش کي، ايس ايڇ او بهادر شڪار ڪيل ڪنهن جهنگلي جانور وانگر   گھليندي گھليندي اچي پنهنجي گاڏيءَ ۾ ڦٽي ڪيو، ۽ اسان جي ” راتين جي رکوال “ ۽ ” رهزنن سان جنگيون جوٽيندڙ “ ( فياض کان معذرت ) پوليس وارن پيرڳوٺ جي نوجوان محمد علي کي 50 هزار رشوت نه ڏيڻ جي ناقابل معافي جرم جي پاداش ۾ نڪ ۽ وات ۾ چن وجهي اهڙو ته مهٽو ڏنو جو هو ٻن ڏينهن کان بيهوش آهي ۽ پوليس عملدارن مٿس به خود ڪشيءَ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.  پر مون کي ذهني ۽ روحاني طرح جنهن وارڌات واقعي جهنجهوڙي وڌو آهي اها آهي حضور بخش ملڪ جي درد ڪٿا، بيان کان ٻاهر، امڪان کان مٿي، انسانيت جي بدترين تذليل وارو ان جي نازڪ عضوي کي وڍڻ وارو مڪروه عمل. خبر ناهي لاڙڪاڻي پوليس جي انهن عملدارن جو حضوربخش جي” نازڪ عضوي “ اهڙو ڪهڙو ڏوه ڪيو هو جنهن جي کيس ايڏي وڏي سزا ڏني وئي. هاڻ عزت سان ان نوجوان جي زنده رهڻ جا ڀلا ڪهڙا امڪان باقي بچيا آهن؟!  سندس اخبارن ۾ ڇپيل تصويرون، ان بدنصيب پاران واهر لاءِ پهتل ماڻهن آڏو ڪيڪون ۽ ريهون معاملي جي سنگينيءَ کي بخوبي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن.  اسان جو شاعر دوست محترم فياِض ڏاهري پوليس هٿان ائين مرندڙن، ڪٽجندڙن، بي عزتو ٿيندڙن جو درد به محسوس ڪندو آهي، الاءِ نه؟!، جي سندس جواب ’ها‘ ۾ آهي ته پوءِ کيس اهي درد ڪٿائون به ضرور لکڻ گھرجن




    Ag_katohar@yahoo.com