Saturday, September 8, 2012

At opening cermony of Arts Council in city Khairpur

At opening cermony of Arts Council in city Khairpur

At opening cermony of Arts Council in city Khairpur

At top of Kod Diji fort district Khairpur Sindh Pakistan

At top of Kod Diji fort district Khairpur Sindh Pakistan

At top of Kod Diji fort district Khairpur Sindh Pakistan

Addressing gathering at Gvt: Islamia Arts & Commerce College Sukkur..Program held under title EDUCTE SIND-SAVE SINHD

Addressing gathering at Gvt: Islamia Arts & Commerce College Sukkur..Program held under title EDUCTE SIND-SAVE SINHD

Addressing gathering at Gvt: Islamia Arts & Commerce College Sukkur..Program held under title EDUCTE SIND-SAVE SINHD

Reading paper on 59 birth day program of Professor Barkat Baloch

Reading paper on 59 birth day program of Professor Barkat Baloch

Reading paper on 59 birth day program of Professor Barkat Baloch

ڪو ڪو ماڻهون موتي داڻو (پروفيسر برڪت بلوچ کي لفظن جي ڀيٽا)

 



 

 

سنڌ ڌرتي واقعي به مردم خيز آهي جنهن ۾ ڪيئي مڻيادار ماڻهون پيدا ٿيا آهن. ان زرخيزي جي خبر اسان کي تمام ٿورڙي آهي ڇاڪاڻ حقيقي طرح وڏا ماڻهون ناٽڪي سياستدانن وانگر فلمي پوسٽر ڇپائي پنهنجي مشهوريءَ کي گناهه ڪبيرا سمجھندا آهن، اهي اهڙي ڪوڙي ۽ ناٽڪي پروپيگنڊهه ذريعي مشتهر ٿيڻ کان گمنام رهڻ کي وڌيڪ ترجيهه ڏيندا آهن. حاسد ماڻهون وري ڄاڻي واڻي انهن کي نظر انداز ڪندا آهن. ان نموني اسان سنڌ وارا انهن موتي داڻن جهڙن ماڻهن کي سڃاڻڻ ۾ انتهائي دير ڪري ڇڏيندا آهيون. منهنجا ڪجھ اهڙا گمنام دوست آهن، جيڪي وڏي علم، عقل،  دانش ۽ ڏاهپ وارا آهن پر کين اڃا سڃاتو ئي نه ويو آهي. شاهه عبدلطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جو استاد پروفيسر برڪت بلوچ به انهن مان هڪ آهي.


اها منهنجي تڪيل طوريل ذاتي راءِ آهي، ان سان ڪو متفق ٿئي ٿو ته تمام سٺو پر جيڪڏهن ڪو دوست اهو ٿو سمجھي ته مون اها ڳالهه پنهنجي ڪوتاهه نظري، يا ياري باشي نڀائڻ خاطر لکي آهي ته اهڙن دوستن جي راءِ جو به احترام ڪندس.


جيستائين مان سمجھي سگھيو آهيان ته پروفيسر برڪت بلوچ کي پنهنجي يونيورسٽي ۾ ئي نظر انداز ڪيو ويو آهي يا ائين کڻي چئجي ته سندس صلاحتين مان جيڪو فائدو وٺڻ گھربو هيو اهو نه ورتو ويو آهي. جيڪي ادارا علم ۽ دانش کي صحيح مقام ڏيندا آهن صرف اهي ئي جڳ جهان ۾ سرخرو ٿيندا آهن ۽ سندن پوري دنيا اندر ناماچاري ٿيندي آهي. پر اهي ادارا جيڪي عالمن، اڪابرن، ڏاهن ۽ دلوارن کي ڌڪاريندا آهن ته انهن جو ڳاڻاٽو تمام پوئتي رهجي ويل ادارن ۾ ٿيندو آهي. اهو ساڳيو حال اتر سنڌ جي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جو به آهي. مان سمجھان ٿو ته محترم برڪت بلوچ يونيورسٽي جي گروپ بندين ۽ خوشامند ڪلچر کان ڪوهين ڏور هئڻ ڪري پوئتي ڌڪيو ويو آهي. ڪاش اسان عالم انسانن جو قدر ڪري ڄاڻو، کين اهو گھربل ماحول مهيا ڪري ڏيون جنهن ۾ اهي ڄاڻ کي پيدا ڪرڻ، اسرڻ ۽ نسرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھن...ڪاش ته ائين هجي ها پر پاڻ وٽ ته هر شاخ تي الُو ويٺو آهي.  بقول دلي جذبن جي عظيم شاعر مرشد ڀٽائي جي ته


ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،


انهن آکيرن تي ويٺا چٻ چڙهي،


وطن ٿي وري ڪوڙن ڪانئرن جو.


اهي ڪانئر نه ته پاڻ ٿا ڪو چڱو ڪم ڪن نه ئي ٻين لاءِ موقعا پيدا ڪن ته اهي چڱو ڪم ڪري سگھن. منهنجي اها دلي خواهش آهي ته سنڌ جي اهڙن سچن پچن هيرن کي عزت ان نموني سان ڏجي ته سندن علم ۽ فضل، سندن زندگي جي پورهئي کي عام ڪجي، دنيا اندر ڦهلائجي، پنهنجي معاشري جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪتب آڻجي. ان لاءِ ساڃوندهن کي پنهنجي صفن اندر انهن اهڙن آدرشي انسانن لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻ کي اوليت ڏيڻ گھرجي، نه ته هي حياتي صرف هڪڙو ڀيرو ملندي آهي ۽ هر انسان جي هڪ فطري عمر هوندي آهي. جيڪڏهن انسان جي حياتي اندر اسان سندن فڪر، فلسفي، آدرشن، کان اڻ واقف ئي رهياسين ته اهو سمورو علم، عقل، هنر، فهم فراست، ڏاهپ ان ماڻهون سان گڏ مٽي ۾ دفن ٿي ويندا ۽ ڪجھ عرصي بعد اهي معاشري کان به وسري ويندا.


 نفسيات، فلسفي، ريسرچ سان گڏ نثر ۽ شاعريءَ جي وڏي ڄاڻ رکندڙ سائين سان جڏهن به ملندو آهيان ته ڪچهري هلندي وقت گذرڻ جو احساس ئي نه رهندو آهي، دل چاهيندي آهي ته ساڻن گذرندڙ پل سمنڊ جي ڇولين جيان سدائين موجزن رهن، وقت پنڊ پاهڻ ٿي وڃي، پوري دنيا خاموش ۽ سانت ۾ اچي وڃي بس اسان هجون، جام هجن، محفل هجي، دنيا جهان جي علم جون ڳالهيون هجن ۽ بس.... برڪت بلوچ صاحب جن منهنجي انهن دوستن مان هڪ آهن. سائين جن گل جهڙا معصوم، ماءُ جي سڀاءُ وانگر ٻاجھارا، پيءُ وانگر شفيق، آسمان جي وسعت وانگر ڄاڻو، بادلن جهڙا هلڪا، جبل جيڏا ڳرا ۽ ٻار وانگي معصوم ۽ بي ضرر آهن. جڏهن به سندس ڪال ايندي آهي ته  سائين جن چوندا آهن ته ”گل سائين بس ڪو ڪم ڪار ناهي، ڪال پنهنجي ۽ اوهان جي زندهه هئڻ جي تصديق لاءِ ڪئي هئم“. زندگي جي هڪ تمام وڏي حقيقت سائين ائين تمام آساني سان بيان ڪري ويندا آهن. خبر ناهي سهاني سفر جي ڪڏهن ۽ ڪٿ منزل مڪي وڃي، سڀ پيچرا کٽي پون، جام خالي ٿي وڃن، احساس پٿرائجي وڃن، ذهن ڪنهن ڪم جو نه رهي ۽ پوءِ رهجي وڃن سکڻيون يادون، اداس پل، زخمي احساس....ته ان کان اڳ دوستن کي هڪ ٻئي سان ملڻ گھرجي، حال احوال ڪرڻ گھرجن،  ڏک سک ورهائڻ گھرجن پنهنجي ۽ پنهنجن دوستن کي پنهنجي زنده هئڻ جو احساس ڏيارڻ گھرجي سائين برڪت بلوچ سان ملي پنهنجو پاڻ سان ملڻ جو احساس ٿيڻ لڳندو آهي. جڏهن کيس اڪيرلڳندي آهي ته سکر اچي محبتي ميڙو مچائي پيار ۽ پريت ڀرين ڳالهين جي مئي پياريندو آهي ۽ جڏهن منهنجو من به ماندو ٿيڻ لڳندو آهي ته وٽس شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور هليو ويندو آهيان.  جتي گوپانگ جي موڙن واري هوٽل تي ويهي رات لڙي تائين ڪچهريون ڪندا آهيون.  اسان جن اهڙن محفلن ۾ ڪيئي علمي، ادبي، تاريخي، تخليقي ڳالهيون به ريشمي  ڪپڙي جي ٿهن وانگر کلي پونديون آهن.  اسان اهڙين روح رهاڻين ۾ کلي دل ۽ پوري آزاديءَ سان دنيا جي سمورن موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا رهندا آهيون. مان سندس پرذوق طبيعت جو سدا ديوانو آهيان، ڇوته ڪنهن حد تائين شاهه عبدللطيف يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي تمام ڀلوڙ سالڪ شاعرن ۽ اديبن ۾ هي مستانو ئي ته آهي. ان ڪري سندس ديواني طبيعت ۽ ڳالهين تي مون کي ڪابه حيراني ناهي ٿيندي. “ديوانون ڪي سي نا بات ڪرين تو اؤر ڪرين ديواني ڪيا”. ان جو سبب شايد هي به هجي ته ٿوري گھڻي منهنجي طبيعت به اهڙي ئي آهي.  سڌريل دنيا اندر ڄاڻ کي سڀ کان اتم ۽ افضل سمجھيو ويندو آهي. ڄاڻ رکندڙ ماڻهون ئي معاشري ۾ عزت ۽ توقير جي لائق سمجهيا ويندا آهن. محض ان ڪري ته وٽن طوريل تڪيل معاشرتي اصولن بجاءَ دنيا کي ڏسڻ پرکڻ ۽ تجزئي ڪرڻ لاءِ پنهنجي نرالي اک هوندي آهي. اڄ تائين پوري دنيا اندر جيڪڏهن ڪي اٿلون پٿلون آيون آهن ته اهي اهڙن انسانن ڪري آيون آهن جن رائج، عام، مڃيل ۽ معاشري اندر قبول پيل ريتن، رسمن، خيالن خوابن، نظرين، فلسفن جي جند ڇڏي زماني جي وهنوارن کي پنهنجي الڳ نرالي اک سان پرکي ڪي نوان خيال ڏنل هوندا آهن.  سڌريل معاشرا عالم انسان جو قدر ڪري ڄاڻن شايد ان ڪري ئي ته اهي سڌريل آهن. ان جي ابتڙ پوئتي پيل معاشرن ۾ عتاب ئي ڏاهن ماڻهن تي نازل ٿيندو آهي.  علم، هنر، سهڻو سڀاءُ رکندڙن انسانن کي اونداهين جا رکوال هڪ سيڪنڊ لئه به برداشت ناهن ڪندا.


 


 ...شايد اهڙن دلوارن لاءِ ئي حسن جي شاعر حسن درس چيو هيو ته


”زندگي سٺي اهڙي ٽڪ تي رلهي جهڙي،


مان وڇايان تون نه ويهين، ڇونه ويڙهي ڇڏيان.“


ان ڪري مان پنهنجي زندگي جي رلهي ويڙهجڻ کان اڳ چاهيندس ته وڌ کان وڌ پل مان پنهنجي هن دوست سان گذاري سگھان. منهنجو سائين برڪت بلوچ سان ملڻ جو مقصد محض وقت ڪٽڻ ناهي هوندو، جيئن اسان جا اڪثر سنڌي پيارا ڪندا آهن ته وقت کي پنهنجي وڏڙن جي جاگيرسمجھي ان کي بيدرديءَ سان قتل ڪندا آهن. پر ان جي برعڪس مان جڏهن به سائين جن سان ملندو آهيان ته موٽ تي منهنجي ذهن ۾ جوڙيل ڄاڻ واري حصي ۾ ڪيئي املهه موتي جوڙ ٿي ويندا آهن، مان اهي نقطا ۽ اهي سکيل پيچيده فلسفيانه ڳالهيون جڏهن يارن دوستن جي محفل ۾ ڪندو آهيان ته دوست مون کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسندا آهن ۽ مون کي منهنجي مطالعي ۽ ڄاڻ تي داد ڏيندا آهن، تڏهن مان من ئي من ۾ مرڪي برڪت بلوچ صاحب جو شڪريو ادا ڪندو آهيان.  ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته سؤ ڪتاب پڙهڻ به سٺو عمل آهي پر ان کان به وڌيڪ چڱو ڪم آهي ته ڪنهن اهڙي عالم سان ڪچهري ڪجي جيڪو اهڙا هزارين ڪتاب اڳ ئي پڙهيو ويٺو آهي. ڇوته هو پنهنجي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي سان اوهان کي انهن ڪتابن ۾ سمجهايل، سلجهايل پيچدهه نقطن، فلسفن کي تمام آسانيءَ سان سمجھائي ڇڏيندو.


مونکي تمام دير سان اها خبر پئي هئي ته سائين برڪت بلوچ ڀلوڙ شاعر به آهن. دير سان خبر پوڻ ۾ سندس ان ساڳي ديواني طبيعت جو عمل دخل آهي ته هو انهن شاعرن ۾ ناهي جيڪي پنهنجي شاعري سدائين ڳنڍ ۾ ٻڌي ٻڌندڙن جي ڳولها ۾ سدا سرگردان رهندا آهن.  ان معلومات مان اها خبر پئي ته سندس تخليقي پاڙون ڪيڏيون نه پختيون آهن. حقيقت به اها آهي ته برڪت بلوچ صاحب کي علمي، ادبي ماحول سندس والد صاحب پاران ورثي ۾ مليل آهي.  مون کي شاعريءَ جي علم جي ايتري به ڄاڻ ناهي ته ڪافئي ۽ رديف ۾ فرق ٻڌائي سگھان، ها البت شاعريءَ ۾ جيڪڏهن ڪا جان هوندي آهي، ان ۾ ڪو پڪو ۽ پختو نياپو مليل هوندو آهي ۽ لفظ تسبيح جي داڻن وانگر پوئيل هوندا آهن ته اهڙي شاعري کي مان سٺي شاعري جي دائري ۾ شمار ڪندو آهيان.


سائين برڪت بلوچ جي شاعري مان هڪ چونڊ غزل جي ڪجھ بند اجھو هي آهن؛


مرڪيم، ڪرڪيم، ڪونه ڏٺئي،


هاءِ بيٺم، ڏٺم، ڪونه ڏٺئي.


 اس ۾ بڻجي مان آس جو پيرون،


بس، پڪتم، ڇڻيم، ڪونه ڏٺئي.


منهنجيون اکيون، منهنجا ڳوڙها،


 ڳاڙيم، اگھيم، ڪونه ڏٺئي.


ٻارن جيان، چنبڙيم توکي،


رهڙيم، گھليم، ڪونه ڏٺئي.


سامهون تنهنجي تو جهڙو گيت،


لکيم، ڦاڙيم، ڪونه ڏٺئي.


مان سمجھان ٿو ته اهڙي قسم جي شاعري ڄاڻي واڻي نه ٿي ڪري سگھجي. لفظن جي جوڙجڪ، تمثيلون، تجنيس حرفي جي لحاظ کان اهو هڪ شاندار غزل آهي. هن غزل ۾ جهڙي نموني احساسن جي اپٽار ڪيل آهي اهي ”نزول” واري ڪيفت جا ٿا لڳن. جڏهن لفظ گلن جو روپ ڌاري خوشبوءَ سان ماحول کي مهڪائيندا آهن ۽ لفظ پوپٽن جي صورت ۾ ٽلندا نظر ايندا آهن.


برڪت بلوچ صاحب جي شخصيت هڪ سمنڊ مثل آهي جنهن جي دامن ۾ هڪ طلسمي دنيا آباد آهي، جتي هيرا به آهن جواهر به آهن، ڄاڻ جا خزانا به آهن. اسان سڀني تي فرض ٿو عائد ٿئي ته هن عالم انسان جي علم، فهم و فراست جو قدر ڪيون ۽ سندس مددڪريون ته جيئن هو اهو سمورو علم ڪنهن نه ڪنهن نموني ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪري سگھي. منهنجي خيال ۾ ان نموني اسان کيس خراج تحصين پيش ڪري سگھون ٿا. شل اسان جو هي ديوانو دوست سدا سکي رهي، شاعري ڪندو رهي، گھمندو ڦرندو رهي، پنهنجي مٺڙي سڀاءَ سان محفلن کي مچائيندو رهي.


katohar@gmail.com

Thursday, August 9, 2012

”وسيله حق“ شهيد بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام...هڪ جائزو

هن وقت ملڪ جي جيڪا اقتصادي، سياسي صورتحال آهي اها ڪا سٺي ناهي ۽ طرز حڪمراني ۽ حڪمت عملين تي مختلف فورمن تي جيڪي تنقيدون ٿين پيون، انهن کي به نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. اسان جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا اتي ان ڳالهه جي توقع ڪرڻ ته سڀ ڪم سنئين لڱين ٿيندا اهو ته ممڪن ئي ناهي. هن ملڪ ۾ رهندڙ جيڪي ڪروڙ پتي، زميندار، سرمائيدار، طاقتور ۽ پئسي وارا ماڻهون آهن،   اڪثر مشاهدو ڪيو ويو آهي ته سڀ کان وڌيڪ اهي ئي بکيا، حرصي، لالچي ۽ بي ايمان آهن. پياري پاڪستان جي اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ سرمائيدار، جاگيردار، ڊنگ ڪامورا، جنرل، پير، مير،وڏيرا، خان، چوڌري ۽ سردارئي ته آهن،  جن هن ملڪ ۾ ڪنهن به چڱي، عام ڀلائي واري پروگرام کي پنهنجي منزل مقصود تائين پهچائڻ  ئي نه ڏنو ۽ اهي ئي ملڪ جي غريب عوام جي پنهنجن پيرن تي بيهڻ، ترقي ڪرڻ ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن. سندن دلي منشا هوندي آهي ته هن ملڪ ۾  جيڪو مال خزانو يا ملڪيت آهي سڀ ڪجھ اهي ئي هڙپ ڪن. رياستي طاقت ۽ حق حڪمراني ته جهڙوڪر اهي آسمان کان لکرائي کڻي آيا آهن.  سندن خلق خدا سان جنهن قسم جو رويو آهي ان جو اندازو ته 2010 جي مها ٻوڏ ۽ 2011 جي مها برساتين جي بربادين بعد اسان سڀني کي ٿي ويو هيو، جڏهن قدرتي آفتن جي گھيري ۾ آيل ماڻهن لاءِ ٻاهرين دنيا جي سخي ماڻهن ۽ ادارن پاران موڪليل/ پهتل امداد کي هنن جنهن نموني ڪيڪ پيسن وانگر ڪٽي ڪوري ورهائي کاڌو ۽  لٽيو هيو.


مٿي بيان ڪيل ڳالهيون حقيقت تي مبني آهن پر پوءِ به ڪي اهڙا پروگرام يا پراجيڪٽ موجودهه حڪومت پاران متعارف ڪرايل آهن جن کي اسين ڪنهن حد تائين لاڀائتو ۽ عوام دوست چئي سگهون ٿا.  اسان کي سرڪار جي بداعمالين تي تنقيد ڪرڻ جو پورو پورو حق حاصل آهي، حقيقت ۾ هڪ صحيح جمهوريت جي اها ئي ته خوبصورتي هوندي آهي. پر افسوس ته پياري پاڪستان ۾ تنقيد جي معنى محض دوربين ۽ خوردبين رکي بس اوڻاين کي ظاهر ڪرڻ کي سمجھيو ويندو آهي جڏهن ته تنقيد تڏهن مربوط ۽ مڪمل چئبي جڏهن اسان کي اڌ ڀريل گلاس به نظر اچي ۽ اسين پنهنجي تنقيد ۾ ان جو ذڪر به ڪريون. هڪ طرفي تنقيد جي ڪري حقيقتن مٿان هڪ ڌنڌلي چادر اچي ويندي آهي جنهن مان عام ماڻهن کي انهن ڪمن جو صرف منفي پهلو ئي نظر ايندو آهي. وقت جي اهم تقاضا آهي ته جيڪا ڳالهه، شيءِ يا لقاءُ يا عمل جنهن نموني جو آهي، ان کي سمورين چڱاين ۽ لڱاين سان بيان ڪجي.


 هي هيڏي ساري تمهيد شهيد بي نظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام تحت بيواهه عورتن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ ”وسيلئه حق“ پروگرام جي چڱاين کي بيان ڪرڻ خاطر ڪئي ويئي آهي. هي هڪ مربوط پروگرام آهي جنهن جو مقصد غريب، مستحق ۽ بيواهه عورتن کي سندن من پسند ڪاروبار ڪرائڻ لاءِ کين ٽيڪنيڪل ۽ معاشي مدد ڏيئي انهن کي غربت جي هيٺائين لڪير کان مٿي کڻي اچڻ آهي.  شهيد بي نظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام جي شروعات 2008 ۾ ٿي هئي، منڍ ۾ ڪروڙين روپين جا فنڍ چونڊيل نمائندن جي هٿن ۾ رکيا ويا هيا ته اهي مسحق عورتن ۾ هڪ هڪ هزار روپيه ورهائين.  ان پروگرام تحت جيڪي بداعنوانيون ٿيون هيون سي ڪنهن کان به لڪل ناهن.  ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته غريبن جي عزت نفس جو جنازو ڪڍيو ويو هيو. انهن کي هر مهيني چونڊيل نمائندن جي درن تي ڌڪا کائڻ ۽ سندن واٺن هٿان بي عزتو ٿيڻ جو پورو پورو بندوبست ڪيو ويو هيو. ان نموني پنندڙ ماڻهن جي هڪ لوڌ تيار ڪئي ويئي هئي. پر وسيله حق پروگرام ان کان بلڪل منفرد ۽ الڳ آهي. هن پروگرام تحت مڇي تري کارائڻ بدران ماڻهون کي مڇي پڪڙڻ جي سکيا ڏني ويندي آهي،  ته جيئن آئندهه اهو مڇي لاءِ ڪنهن جو به محتاج نه رهي. هن پروگرام جي شروعات ۾ هڪ پيمانو جوڙي ساک وارن ادارن کان هڪ سروي ڪرائي ويئي هئي ته ڪير ڪير ان پروگرام تحت فائدو حاصل ڪرڻ جا مستحق آهن. پوءِ انهن جا نالا ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ڪيا ويا هيا ۽ پوري ملڪ مان انهن ڳولهيل ست لک جي لڳ ڀڳ عورتن جي نالن مان وقت به وقت ڪمپيوٽرائيزڊ ڪڻا ڪڍيا ويندا آهن.   جن جو نالو ڪڻي ۾ نڪرندو ته پوءِ انهن کي ڳولهي هٿ ڪيو ويندو آهي. ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊن جي مدد سان ان ڳالهه جي پڪ ڪئي ويندي آهي ته هي اها ساڳي آهي جنهن جو نالو ڪڻي ۾ نڪتو آهي. گھڻو تڻو اهي عورتون اڻ پڙهيل ۽ بي هنر هونديون آهن. ان ڪري ڪڻي مان نالو نڪرڻ بعد هڪدم روڪڙا پئسه سندن حوالي ڪرڻ جي ٻي معنى اها ٿيندي ته اهي پئسه پاڻي ۾ ڦٽي ڪرڻ. ان ڳالهه کي سامهون رکندي ان ڳالهه جو اهتمام ڪيو ويو آهي ته انهن عورتن کي پئسن ڏيڻ کان اڳ ڪاروباري سکيا ڏني وڃي، کين سمجھايو وڃي ته انهن پئسن کي ڪهڙي ڪاروبار ۾ ڪيئن سيڙائي ان مان منافعو ڪمائي اهي پنهنجي پيرن تي بيهي سگھن ٿيون ۽ غربت جي لعنت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھن ٿيون.  جيئن ته اسان جو هي مرداڻو سماج آهي جتي ڌنڌي ڌاڙي وارا سموراڪم مرد حضرات سرانجام ڏيندا آهن ۽ عورتن کي گھر جي ٻهاري هٿ ۾ ڏيئي پيا ڪنهن جانور وانگر وهائيندا آهن. اسان جو سماج اڃا ان نهج تي ناهي پهتو جتي اها عورتن کي برابري جي بنيادن تي ڪوبه ڪم ڪار يا ڌنڌي ڌاڙي ڪرڻ جو حق ڏئي، ۽ انهن بهادر، باهمٿ عورتن کي شاباش ڏي جيڪي همٿ ڪري ڪي ڪاروباري سرگرميون سرانجام ڏين ٿيون. هونئن ته اسان جو عورتون سڄو ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ڪرت ڪرڻ ۾ رڌل هونديون آهن جنهن جو کين ڪوبه معاوضو ته نه ملندو آهي پر ويتر انهن کي ڪو ڪم ئي ناهي سمجهيو ويندو. مثال طور گھر جي صفائي سٿرائي، رڌپچاءُ، ڪپڙي لٽي جي ڌلائي، ٻارڙن جو پالڻ، مال لاءِ گاهه پٺو ڪرڻ وغيره ها البت  اسان پنهنجي سنڌي سماج اندر عورتن کي گھر جي چوديواري اندر، ڪجھ ڪاروباري سرگرميون ڪرڻ جي اجازت ڏيندا آهيون جيئن ڀرت ڀرڻ يا ڪجھ گھريليون شيون جهڙوڪر رلهي، ٽوپي، ڇنا، تڏا وغيرهه ٺاهڻ. اهڙي صورتحال کي سمجھندي ته اهي جيڪي پئسه انهن مسحق عورتن کي ملندا ته وري به ڪاروباري سرگرميون سندن گھر جا مرد ئي سرانجام ڏيندا، ان ڪري جيڪڏهن ڪاروباري سکيا مسحق عورت کي ڏني وڃي ۽ اهو ساڳيو ڪم وري سرانجام ڏئي ان گھر جو ڪو مرد ته ڳالهه وچڙي پوندي ۽ گھربل مثبت نتيجه ملڻ جا امڪان گھٽجي ويندا. ان مجبوريءَ کي سمجھندي انهن عورتن کي اها اجازت ڏني ويئي آهي ته جيڪڏهن هو ٻڌايل ڪاوربار پاڻ سرانجام ڏينديون ته اهي پاڻ سکيا حاصل ڪن پر جيڪڏهن اهو ممڪن ناهي ته اُهي پنهنجي مڙس، پٽ، پيءُ يا تمام ويجھي گھر جي اهڙي مرد ڀاتي کي مقرر ڪري سگھن ٿيون جيڪو قرض ملڻ بعد اهو ٻڌايل ڪاروبار عملي طرح سرانجام ڏيندو.  سندن اهڙي سکيا سندن ضلع جي حدن اندر ڪنهن سٺي هوٽل يا گيسٽ هائوس ۾ ڪئي ويندي آهي، جتي کين رهائش، کاڌي پيتي جون سموريون سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وينديون آهن. سکيا ڏيندڙ ادارا هرقسم جي ڪوشش ڪندا آهن ته کين ڪاروباري ڪمن ڪارين، لاهين چاڙهين، حساب ڪتاب، مارڪيٽنگ، جا سمورا گُر عملي طرح سيکاريا وڃن. اهڙي ٽريننگ کان پوءِ سندن ڪاروباري منصوبو تيار ڪري حتمي منظوري لاءِ اسلام آباد موڪليو ويندو آهي. جيئن ئي اهو منظور ٿي ويندو آهي ته کين پئسن جي پهرين قسط ڏيڍ لک روپيه ڏنا ويندا آهن.  انهن پئسن مان ڪاروبار جي شروعات بعد وري سندن جاچ جوچ ڪئي ويندي آهي ته ٻڌايل منصوبي مطابق اهي ساڳيو ڪم ڪن پيا يا نه، جيڪڏهن سندن ڪم مطمئين ڪندڙ هوندو ته ان کان پوءِ کين سندن رهيل اڌ  پئسه يعني وڌيڪ ڏيڍ لک روپيه مهيا ڪيا ويندا آهن. هي پئسه کين امداد طور تي نه پر بنا وياج جي قرض جي صورت ۾ ڏنا پيا وڃن، جيڪي کانئن ڪاروباري سرگرمين جي شروعات کان هڪ سال پوءِ تمام آسان قسطن ۾پندرهن سالن تائين وصول ڪيا ويندا. جيئن ته پهرين قسط ملڻ کان پوءِ ٻي ڏيڍ لک جي رقم کي ٻڌايل ڪامياب ڪاروبار جي عملي شروعات سان سلهاڙيل آهي جنهن جو هنن ڪاروباري منصوبو جوڙي جمع ڪرايل هوندو آهي ته ان نموني ان ڪاروباري وهنوار کي جاري رکڻ لاءِ هڪ قسم جو لڀائيندڙ موقعو ميسر ڪيو ويو آهي ۽ ڪوبيوقوف هوندو جيڪو ڏيڍ لک روپين جي هيڏي وڏي رقم کي حاصل ڪرڻ جو موقعو هٿان وڃائيندو. ٻي هن پروگرام جي خاص ڳالهه هي آهي ته هن کي ڊگھي عرصي تائين جاري رهڻ جوڳو بنايوويو آهي. هن پروگرام ۾ اربين روپيه سيڙايا پيا وڃن ۽ ڪابه حڪومت ان کي ختم ڪرڻ جو سوچي به نه سگھندي ڇوته جيڪي ماڻهون ڪاروباري سرگرميون شروع ڪندا ۽ پئسن جي واپيسي ٿيندي ته ڪو احمق حڪمران ئي ائين ڪري سگھي ٿو، ها البت مستقبل ۾ موجودهه پارٽي سرڪار جي جاءِ جيڪڏهن ڪنهن ٻي پارٽيءَ جي حڪومت به جڙي ته اها وڌ کان وڌ هن پروگرام جو نالو مٽائي سگھي ٿي.  


هي هڪ اهڙو مربوط منصوبو آهي جيڪو ڪنهن حد تائين معاشري اندر رهندڙ ڪجھ غريب ۽ بيواهه عورتن جي بي رنگ دنيا ۾ زندگيءَ جا ڪجهه انڊ لٺي رنگ ڀري سگھي ٿو ۽ ان نموني اهي پنهنجي پيرن تي بيهي،  غربت جي خوفناڪ لوڙهي کي لتاڙي عزت ۽ وقار سان زندگي گذارڻ جي لائق ٿي سگھن ٿيون. منهنجي خيال ۾ ته حڪومت وقت پاران شروع ڪيل هي هڪ انتهائي قابل تعريف ڪم آهي. اميد ته هي پروگرام ڊگھي عرصي تائين هلندو رهندو جنهن مان لکين غريب عورتون فيضياب ٿينديون ۽ مڇي ماني ڪمائڻ لائق ٿي ذلت جي زندگي گذارڻ واري جهنم مان نڪري عزت ۽ وقار سان پنهنجو ڪاروبار ڪري گھر کي سکي بنائي سگھنديون.  

نيچ نوڪري، اتم کيتي، وڌندڙ واپار

منهنجو هڪ انتهائي ويجھو دوست آهي، جنهن  پنهنجي عمر عزيز جا ستيتاليهه سال سرڪاري نوڪري جي ڳولها ۾ ڳاري ڇڏيا. اقتصاديات جي شعبي ۾ فرسٽ ڪلاس ڊگري رکندڙ دوست جي سرڪاري نوڪري لاءِ جاکوڙ اڄ به جاري آهي. هن ڪڏهن ڀلجي ڪري به،  اهو نه سوچيو ته سرڪاري نوڪريءَ کان سواءِ به ڪيئي ڪم آهن جن جي ڪرڻ سان انسان خوشحال ۽ عزت واري زندگي گذاري سگھي ٿو. کيس پنهنجي زمين تي کجيءَ جو باغ به آهي پر هو باغ جي پاڻ سنڀار ڪرڻ بدران ٺيڪي تي ڏيئي ڇڏيندو آهي ۽  سندس انهن باغن جي ٺيڪيدارن ان مان لکين روپيا ڪمايا آهن. افسوس ته هن  ڪڏهن به باغ کي واپاري مقصدن لاءِ ڪم آڻي، جھجھو منافعو ڪمائي پنهنجي گھر ۾ خوشحالي آڻڻ لاءِ استعمال ناهي ڪيو، کيس ته بس سرڪاري نوڪري کپي!!!!  اسان ٻنهي جو هڪ ٻيو مشترڪ دوست آهي، جنهن جي تعليم  ته بس اکر شناس جيتري آهي، پر سندس طبيعت ۾ تمام وڏي خود اعتمادي آهي جيڪا کيس پنهنجي ترقي پسند سياسي دوستن جي صحبت ۾ رهڻ ڪري حاصل ٿي آهي. هو هڪ ڪڙمي آهي جيڪو پنهنجيون زمينون پاڻ پوکيندو آهي ۽ ان سان گڏ کجين جي باغن جا ٺيڪا پڻ کڻندو آهي. سندس اهڙي مثبت سوچ ۽ عمل کيس معاشي طرح انتهائي سگھارو بڻائي ڇڏيو آهي. هن پنهنجي ٺيڪيداري جي منافع مان پنجويهه ٽيهه لکن جوگھر جوڙائڻ سان گڏ چاليهه ۽ پنهجاهه لکن تائين زمين به خريد ڪئي آهي.  


 اسان جي معاشري ۾ جيڪي پڙهيل لکيل نوجوان آهي اهي جاگيرداراڻه ۽ وڏيرڪي سوچ  جي اثرن ۾ ڦاسي ڪري ڌنڌي ڌاڙي ڪرڻ کان ائين لنوائيندا آهن جيئن ڪانو وڃي ڪمان کان. چوندا ته ڀلا پڙهيا ان لاءِ ٿوروئي هئاسين ته پڙهڻ بعد دڪان کوليون، اهو ڪم ته اسان پڙهڻ کان سواءِ به ڪري سگھياسين پئي، پوءِ پڙهڻ جو فائدو؟!


هڪ ڳالهه جي وضاحت ضروري آهي ته مسئلو سرڪاري يا غير سرڪاري نوڪري ڪرڻ يا ان جي مخالفت هرگز ناهي،  پر هڪ ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بيهڻ دانشمندي نه چئبي. جيستائين نوڪري نه ملي تيستائين هٿ هٿ تي رکي ويهي رهڻ، ڪوبه ڪم نه ڪرڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي. اڪثر مشاهيو ڪيو ويو آهي ته اسان جي نوجوانن کي نوڪري به سرڪاري کپي. منهنجي خيال ۾ ته اهو هڪ خطرناڪ رجحان آهي، ان کي وائکو ڪرڻ گھرجي ۽ ان جي زهريلي اثرن کان پاڻ بچائڻ گھرجي.  پاڻ جنهن معاشري ۾ رهون ٿا ان ۾ سرڪاري نوڪرين ورهائن وارا سرڪاري ڪرسين تي ويٺل چونيڊل/ٿاڦيل نام نهاد عوامي نمائندا ۽ ڪٺوردل ڪامورا آهن.  وٽن نوڪرين ورهائڻ جو طور طريقو بلڪل الڳ آهي. هو اهو ناهن ڏسندا ته هي اقتصاديات جي شعبي ۾ فرسٽ ڪلاس جي ڊگري رکندڙ هڪ اهڙو اميدوار آهي جنهن کي پنهنجي شعبي تي دسترس حاصل آهي، پر سندن ترجيحات ۾ اهو هوندو آهي ته اميدوار منهنجو ذاتي ماڻهون آهي يانه!!  اهي ميرٽ کي سؤ طلاقون ڏئي جاهل ۽ ڄٽن جي لوڌن کي سرڪاري شعبي ۾ ڀرتي ڪرائيندا رهيا آهن. ان ڪري هن وقت جيڪا حالت سرڪاري شعبي جي ادارن جي آهي اها اسان سڀني جي سامهون آهي.


 


مٿي بيان ڪيل ڳالهين کي سمجھڻ لاءِ اسان کي جاگيرداراڻه سوچ کي سمجھڻو پوندو. ڌپ ڪري ويل جاگيرداراڻي سماج اندر عام ماڻهن جي سوچ ۽ سمجهه کي ڄاڻي واڻي تمام سطحي رکيو ويندو آهي.  ماڻهون پنهنجي هنر، عمل، عقل ۽ جدوجهد جي ٻل تي ڪي منفرد ڪم ڪري نالو ڪمائڻ بدران  پنهنجي ڪڙم ۽ قبيلي تي فخر ڪندا آهن. پنهنجي وڏڙن جي جوڙيل ريتن ۽ رسمن کي صحيفو سمجھي سمجھي پوڄيندا آهن،  ڀلي ته اهڙين روائتن جي پاسداريءَ ۾ سندن جهڳو ئي جھڻ ڇونه ٿي وڃي. سائنسي سوچ رکڻ بدران ماڻهون ملن مولوين، ڀوپن، پيرن، فقيرن، وڏيرن، سردارن جي درن تي ڌڪا کائڻ واري غلامداري سوچ تي فخر ڪندا آهن.  ڪم نه ڪرڻ ۽ واندو ويهڻ کي ڪو عيب ناهي سمجھيو ويندو. اهي هر وقت معجزن جي انتظار ۾ رهندا آهن. سماج اندر هٿرادو پيدا ڪيل فسادن کي ڏاڪڻ طور استعمال ڪندي مال ميڙيندڙ راڄ ڀاڳ جا وارث بڻجيل هوندا آهن. پوليس ۽ روينيو کاتي جي عملدارن جي چاپلوسي ۽ جاسوسي ڪري ناجائز نموني مال ڦٻائيندڙ زماني ساز ۽ ڪامياب انسان ليکيا ويندا آهن. داداگير، بدمعاش، چور ۽ ڌاڙيل مڙس ماڻهون ليکيا ويندا آهن. اهڙي ماحول ۾ پيدا ٿيندڙ زهريلن جراثيمن جو ڦهلاءُ پوري معاشري ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جي ذهنن تي حملي آور ٿي انهن کي گندو ڪرڻ جو ڪم جاري رکندو آهي. انهن ئي اثرن هيٺ عام ماڻهون جي مثبت سوچ ذري گھٽ زيرو هوندي آهي. وڏيرڪو سماج ماڻهن کي پاڻ سوچڻ، پنهنجو پاڻ تي ڀروسو ڪرڻ، پنهنجو ذهن استعمال ڪندي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ بدران وڏيرن تي ڀاڙڻ سيکاريندو آهي.  هنن پنهنجي لاءِ ڏاڍا ڀلا لفظ چونڊي رکيا آهن جهڙوڪر ”وڏيرو، چڱو، ڏاهو، مکي، پٽيل“ وغيره ڄڻ ته هنن کان سواءَ باقي سڄي معاشري اندر ڀينگ آهي. هو ان ڳالهه تي زور ڏيندا آهن ته وڏيري جي عزت ڪرڻ، سندس هر جائز ناجائز ڳالهه سان متفق ٿيڻ، ان تي عمل ڪرڻ ۾ ئي عوام جي ڀلائي آهي. اهي ان ڳالهه تي افسوس ظاهر ڪندا رهندا آهن ته ”ادا اسان جون معاشرو ان ڪري پوئتي رهجي ويو آهي ته چڱي مَٺي، ننڍي وڏي جي شناس ئي نه رهي آهي“. اهي باور ڪرائيندا آهن ته معاشري اندر اهي چند ماڻهون ئي عقل ڪل آهن.  هي جيڪو وٽن ڌن، دولت، عزت، جائيداد ۽ مليڪت آهي ته اها مٿن خدا پاڪ جي مهرباني آهي ۽ جيڪي ماڻهون غريب، بي وس، لاچار، زندگيءَ جي سمورين سهولتن کان ڪوهين پري آهن ته ان ۾ سندن ته ڪو ڏوهه ناهي اهو سمورو وهنوار ته آفاقي آهي. ڀلا جي غريب امير طبقا نه هجن ها ۽ سڀ امير هجن ها ته پوءِ ڪم ڪير ڪري ها. غريب ماڻهون جيڪو پستين ۾ رهي ٿو، ذلتون سهي ٿو، در در ڌڪا ڌوڻا کائي ٿو، عذاب واري زندگي گذاري ٿو ته اهو سندس مقدر آهي. اهڙيون ڳالهيون وڏيرن، جاگيردارن، ملن مولوين، ڀوپن اسان جي عام ماڻهن جي ذهنن ۾ پڻ ويهاري ڇڏيون آهن.  عام ماڻهون ڀل ۾ به ان جي ابتڙ نه ٿو سوچي ته اهو سڀ ڪجھ آسمان واري ناهي لکيو، اها ڪارگذاري زمين تي رهندڙ ڪجھ عيار، مڪار، حرفتي ۽ ظالم ماڻهن ۽ طبقن جي آهي.  ان قسم جو سماج وڏيرن لاءِ هڪ بهترين منافع ڏيندڙ ڌنڌو آهي.  اهي ڪوبه ڪم ڪرڻ بنا سڄي ملڪيت جا مالڪ هوندا آهن، معتبري الڳ هوندي اٿن. سندن هرممڪن ڪوشش هوندي آهي ته سندن اهو دٻدٻي وارو ماحول برقرار رهي. ان ڪري اهي تعليم کي عام ڪرڻ، ان جي مثبت اثرن کي عوام جي وسيع حلقن تائين پهچائڻ ۾ وڏيون رڪاوٽون وجھي ڇڏيندا آهن. اهي ماڻهن جي آزادانه نموني ڌنڌي ڌاڙي ڪرڻ واري عمل کي به پسند ناهن ڪندا ڇوته ان سان اهڙا ماڻهون سندن حلقي اثر مان نڪري ويندا آهن ۽ ڏاڪي به ڏاڪي ترقي ڪندا رهندا آهن ۽ کين سندن درن تي مٽيون ڀرڻ يا سلامي ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي رهندي. اهوئي سبب آهي ته جاگيرداراڻي سماج اندر وڻج واپار ڪندڙن کي هٽ واڻيو جهڙن طنزيه جملن سان ننديون ويندو آهي.   


هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عوام پنهنجي سوچ ۾ تبديلي آڻي. اسان جي ماڻهن کي غلاميءَ جون سموريون زنجيرون ٽوڙڻ لاءِ هاڻي ڌنڌي ڌاڙيءَ ڪرڻ واري مثبت سوچ طرف مُڙڻ گهرجي.  پنهنجي گھر ۽ خاندان جي آزادانه نموني عزت سان زندگي گذارڻ جو بس اهو هڪ ئي طريقو ناهي ته سرڪاري يا غير سرڪاري نوڪري ڪجي. ڪمائڻ لاءِ بي شمار طريقا آهن، اسان کي انهن کي به آزمائڻ گھرجي. هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته بهشت تري تي ڄمي ناهي ڄمندو، خوشحال ۽ ڪامياب زندگي طرف هلندڙ رستو ڊگھو به آهي ته ڏکيو پڻ، ان لاءِ تڪيلفن، اهنجاين، پيچيدگين کان گھٻرائڻ بدران انهن سان مڙس ماڻهون تي مقابلو ڪجي، انهن مان سکيا حاصل ڪجي. غلطين مان سبق پرائڻ گھرجن ته جيئن اسان آئيندهه اهڙي غلطي وري نه ورجايون.  ڌنڌو جيڪو هڪ جاءِ تي بيٺل يا جامد آهي اهو بيڪار آهي. ڌنڌو اهڙو ڪجي جيڪو ڏينهون ڏينهن ڪجھ نه ڪجھ وڌندو رهي. ائين اسان ڪک مان لک جوڙڻ جهڙا ٿي سگھون ٿا. مثال طور جيڪڏهن ڪو درزڪو ڪم ڪار ٿو ڪرڻ چاهي ته سڀ کان پهرين کيس اهو هنر سکڻو پوندو. ان هنر سکڻ لاءِ جذبو، پنهنجي ڪم سان لڳاءُ ۽ پنهنجي سموري سوچ کي ان طرف راغب ڪرڻ جي شديد ضرورت آهي. هڪ دفعو ڪوبه ماڻهون اهو درزڪو ڪم بمع ڪٽائي سکي وڃي ته کيس پوءِ ان ڪم کي پهرين آزادانه نموني ڪرڻ گھرجي. يعني ته هڪلو ڦلڪو ئي سهي پر پنهنجو الڳ دڪان هجي جنهن ۾ ڀلي منڍ ۾ اهو اڪيلو ئي سڀ ڪم سرانجام ڏئي. پوءِ ڏاڪي به ڏاڪي کيس وري ٻيا درزي ويهارڻ گھرجن. ائين سندس ڪمائي ۾ اضافو ٿيندو. کيس ماڻهن جي ذوق شوق، بدليل فيشن، ماڻهن جي آمدني کي ذهن ۾ رکي ڪم کي اڳتي وڌائڻ گھرجي. منڍ ۾ هو جيڪڏهن هٿ سان هلائڻ واري مشين سان ڪم ڪندو هيو ته هاڻي کيس بجلي تي هلندڙ مشين خريد ڪري پنهنجي ڪم ۾ نواڻ، صفائي ۽ تيزي آڻڻ گھرجي.  


 وڻج واپار، ڌنڌو داڙي ته ڪير به ڪري سگھي ٿو. ان لاءِ جيڪڏهن ڪو پڙهيل آهي ته اهو تمام سٺو پر جي پورو سارو پڙهيل آهي يا اڻ پڙهيل آهي تڏهن به اهو ڪامياب ٿي سگھي ٿو. پر ان لاءِ ڪجھ ڳالهين کي سمجھڻ انتهائي ضروري آهي. جيڪڏهن ڪو ٻين کي ڏسي ۽ انهن جي ڌنڌي جي ڪمائيءَ کان متاثر ٿي ڪري اکيون ٻوٽي ڪو ڪم ڪندو ته نتيجا هاڃيڪار به ٿي سگھن ٿا. ڌنڌي لاءِ ڪراهڪ کپن، سرمايو کپي، ڪم جو تجربو گھرجي، ڌنڌي لاءِ مناسب جڳهه جي چونڊ انتهائي ضروري عمل آهن. (جيڪڏهن ڪنهن يا ڪن دوستن کي ڌنڌو ڌاڙي، وڻج واپار شروع ڪرڻ، چونڊ ڪرڻ، ۽ ان ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن سان منهن مقابل ٿيڻ ۾ ڪي دشواريون درپيش آهن ته اهي واپاري ڪم ڪار جي سلسلي ۾ سکيا ڏيندر اسان جي ڪنهن به ٽرينر سان رابطو ڪري مفت مشورو ۽ مدد حاصل ڪري سگھن ٿا. ) جيڪڏهن اهي بنيادي ڳالهيون ۽ مهارتون ماڻهون دماغ ۾ رکي ڪوبه ڪم سرانجام ڏيندو ته يقينن ڪاميابي ماڻيندو. پر منهنجي خيال ۾ سڀ کان پهرين ته اسان کي سنڌ جي نوجوانن ۽ ماڻهن کي ان طرف راغب ڪرڻو آهي ته پنهنجي ڪاروبارڪرڻ ۾ جيڪو منافعو ۽ مزو آهي اهو شايد سرڪاري يا غير سرڪاري نوڪري ۾ ورلي هجي. اچو ته جاگيرداراڻه سماج جي بدبودار، غلام معاشري مان نڪرڻ واري جاکوڙ ڪريون ۽ واپاري دنيا ۾ داخل ٿيون. جيترا گراهڪ گھڻا هوندا اوتروئي منافع وڌيڪ حاصل ٿيندو، ان ڪري ڪوشش ڪري پنهنجو ڪاروبار شهرن ۾ ڪريون ۽ جيترا شهر وڏا اوترو جلدي ترقي ڪرڻ جا امڪان گھڻا، ان سلسلي ۾ ڪراچي پهرين نمبر تي، حيدرآباد، سکر ۽  ٻيا ننڍا وڏا شهر ترتيب وار سمجھڻ گهرجن.


katohar@gmail.com