Thursday, June 6, 2013

عظيم انسان ڪير ٿيندا آهن؟ هڪ منجھائيندڙ سوال!


عظيم انسان ڪير ٿيندا آهن؟ جي سوچ ڪجي ته اهو هڪ منجھائيندڙ فلسفيانه سوال ئي ته آهي. ٿي سگھي ٿو ته مان ڪنهن ماڻهونءَ کي سندس ڪن گڻن يا صلاحيتن ڪري عظيم سمجھندو هجان ۽ ٻيا ڪي دوست ان کي انتهائي ڪريل سمجھن. اهو اڪثر ٿيندو آهي. مختلف مذهبي، سياسي، سماجي، گروهه ۽ طبقا ڪن مخصوص ماڻهن کي پنهنجو هيرو نمبر ون سمجھندا آهن پر ٻيا وري انهن کي مرتد سمجھي واجب القتل جون فتوائون به جاري ڪندا آهن. پري ڇو وڃو محمد بن قاسم ۽ مهاراجا ڏاهر جو مثال ئي ڪافي آهي. هڪڙا دوست اهڙا آهن جيڪي محمد بن قاسم کي فاتح سنڌ، اسلامي دنيا جو عظيم سپهه سالار، راجا ڏاهر جهڙي ظالم کي شڪست ڏيندڙ بهادر طور ظاهر ڪندا آهن، جڏهن ته ٻي گروهه جي سوچ انهن کان بلڪل ابتڙ آهي. اهي محمد بن قاسم کي جارح، هڪ پرامن علائقي تي بنا جواز حملو ڪري ڦرلٽ ڪندڙ سمجھندا آهن. اهي راجا ڏاهر کي سنڌ جو سچو پچو سپوت سمجھندا آهن، جنهن پنهنجي جيجل ماءُ جي حفاظت ڪندي نه رڳو پاڻ پر پنهنجي سموري گھر ڀاتين سميت شهادت قبول ڪئي پر هن ڌاري حملي آور آڏو سر نه جھڪايو. ساڳي نموني سان اسان هر ماڻهونءَ کي پنهنجي اکين تي چڙهيل چشمن جي رنگ سان ڏسندا آهيون. ان ڪري جيڪڏهن مان جنهن ڪنهن ماڻهون کي عظيم، بي مثال، سمجھندو هجان ته ٿي سگھي ٿو ته ڪي دوست منهنجي ان سوچ تي چٿرون ڪن.

منهنجي هڪ اڻ مڪمل تحرير...........مون تي الزام آندا جڳ جيئڻ جا


منهنجا ڪيئي دوست مون کان بي حد خفا آهن. سندن ايماندارانه راءِ آهي ته مان واقعي به پٽڙيءَ تان لهي ويو آهيان. مون تي بي دين ماڻهن جو تمام گھڻو اثر ٿي ويو آهي، ان ڪري مون کي صحيح ۽ غلط طالبان جي خبر به نه ٿي پوي! هڪ اهڙي ئي محبوب دوست کي مون درخواست ڪئي ته قبلا ان جي ٿوري گھڻي وضاحت ته ڪريو ڪير صحيح طالبان آهن ۽ ڪير غلط؟ ان منهنجي دوست مون کي رازدارانه انداز ۾ ٻڌايو ته اهي جيڪي پاڪستاني طالبان اهي ڪوڙا طالبان آهن جڏهن ته افعانستان ۾ آمريڪي حملي آورن سان برسري پيڪار حقيقي طالبان ۽ اسلام جا سچا پچا سپاهي آهن. ڪن ٻين جو وري اهو خيال آهي ته مان ادب جي دنيا کان ڪوهين پري رهندڙ بي ادب ماڻهون ادبي خدائن تي ڇو ٿو لکان!جڏهن ته نه مان شاعر آهيان، نه ڪهاڻيڪار يا نقاد ته پوءَ مان اها گستاخي ڇوٿو ڪريان؟ مان جڏهن ڪن مظلوم اقليتن تي روا ظلم تي لکندو آهيان يا انهن جي نياڻين کي زبردستي اغوا ڪري بليڪ ميل ڪري کين مذهب مٽائي شاديون ڪرائڻ واري مڪروهه عمل تي ڳالهائيندو آهيان ته منهنجي انهن دوستن جي اکين ۾ مون لاءِ نفرت جا ٽانڊا ٻري پوندا آهن. تازوئي مون جڏهن هڪ اڌمغزي ماڻهونءَ کي ٿاڻي مان گهلي روڊ ته لٺين، سرن ۽ پٿرن سان سندس مٿو چٿي سندس لاش کي سرعام باهه ڏئي ساڙڻ واري عمل جي مخالفت ڪئي ته ڄڻ ٻيلي کي باهه لڳي ويئي...منهنجي هڪ دوست مون کي طعنو ڏيندي چيو ته تون ڪهڙي نموني ٿو چوين ته اهو چريو هو، تو وٽ ڪنهن ڊاڪٽر جو سرٽيفڪيٽ آهي؟؟؟ واقعي مون وٽ ته اهڙو ڪوبه سرٽيفڪيٽ ناهي جنهن سان مان ثابت ڪري سگھان ته اهو چريو هيو پر ڇا منهنجي ان دوست وٽ ڪا اهڙي تصديق ٿيل ڳالهه آهي ته هو واقعي نارمل انسان هيو؟ ٻيو ته اسلام جي ڪهڙي قانون مطابق اهو عمل جائز آهي؟ ان ڪم لاءِ ڪنهن مفتي ڪنهن قاضي، ڪنهن عالم دين، جج ڪا فتوا جاري ڪئي هئي ته ان منڪر کي گھلي سندس مٿوچٿي ماري ان کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏڻ گھرجي؟ مون کان منهنجا قومپرست دوست به خوش ناهن جو سندن خيال آهي ته مونتي وفاق پرستن جو منحوس سايو اچي ويو آهي ۽ مان پاڪستان جي سٺن سياستدانن جا گيت ٿو ڳايان جن ۾ ڪي پنجابي به آهن جيئن محترم اعتزاز احسن، محترمه عاصمه جهانگير وغيرهه... مون تي ڪاليج جي استادن جي تنظيم جا دوست به سدائين ڪاوڙيل هوندا آهن جو مان کين تنظيم پاران سنڌ جي تعليمي سڌاري واري اهم ايجنڊا کي طلاق ڏيئي ڇڏڻ واري عمل جي مذمت ڪندو رهيو آهيان. ٻيو ته ٺهيو مون کان منهنجو سياسي استاد جيڪو نان بليور آهي اهو به ڪاوڙيل آهي ته مون فيس بوڪ تي حضرت محمد صلعم جن جي شان مبارڪ ۾ گستاخانه قسم جي ڪارٽونن رکڻ واري عمل خلاف هلايل ڪاز واري پٽيشن تي پاڻ صحيح ڪري پنهنجي ٻين دوستن کي پڻ ان نيڪ ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏني هئم. بقول سندس ته منهنجو اهو عمل فريڊم آف ايڪسپريشن جي خلاف آهي!! ان کان وڌيڪ ڀلا ڪهڙا ثبوت ڪنهن انسان لاءِ گھرجن ته اهو گمراهه ٿي ويو آهي؟ ڪجھ وقت اڳ جڏهن مون پاڪستان جي ننڍڙي نياڻي ملاله يوسفزئي تي حملي جي مذمت ڪندي سندس سر جي سلامتيءَ جون دعائون گھريون هيون ته ان تي ٻه ٽي دوست ڏاڍا حيران ٿيا هيا. هنن مون کي اها ڳالهه سمجهائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ته مان جنهن کي معصوم ٿو سمجھان اها ته اصل ۾ آمريڪي سامراج پاران خوفناڪ قسم جي جاسوس آهي، جيڪا انهن دين جي دشمنن خلاف هلايل جهاد کي سپوتاز ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوششن ۾ رڌل هئي. هو اها ڳالهه ڪري مٿس حملي جو جواز پيدا ڪندا رهيا آهن. پر سندن خيالن ۾ هڪجهڙائي ناهي هوندي، هواها مٿين ڳالهه ڪري وري هي به چوندا آهن ته تون صفا ڪو سادڙو آهين، سندن چوڻ رهيو آهي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته تمام ٿوري وٿيءَ کان مٿس هلايل گوليءَ مان ڀلا ايترڙي پتڪڙي ڇوري ڪيئن ٿي بچي سگھي؟ خبر ناهي ته هو اها ڳالهه ڪري قاتلن مٿان ڪک رکندا آهن يا ان ڳالهه تي جڪ کائيندا آهن ته آخرڪار اها بچي ڇو ويئي؟! سندن شد ۽ مد سان اهو چوڻ ته اهو سڀ ڪجھ ڊرامو هو. آمريڪا کي پاڪستان ۾مداخلت جاري رکڻ لاءِ اهو ناٽڪ رچايو هو.

ٽريننگ جو هڪ ڏينهن


سيپٽمبر 5، 2005 اڄ هيڊ ٽيچرس جي ٻئي گروپ جو پهريون ڏينهن آهي. 22 استادن جو گروپ آهي. گرم ڏينهن آهي، هال ۾ لڳل پکا ناڪافي ٿا لڳن شايد انڪري هيڊ ٽيچرس جو هي گروپ گرميءَ کان بچڻ لاءِ هال جي بدلائڻ جي ڳالهيون ڪري رهيا آهن. fears & hopes ۾ لڳ ڀڳ سڀني اميدون ئي ڏيکاريون ته اهي ڪجھ نه ڪجھ پرائي ويندا جڏهن ته خدشا ڪنهن به ڪونه ڏيکاريا. ٽريننگ کي هلائڻ لاءِ ظابطن جي سيٽنگ به اڪثريت ڪا خاص دلچسپي ڪونه ڏيکاري. (ڏينهن جي هڪ وڳي) ڪجھ دوست آهن جيڪي چڱا ٿا لڳن. هن وقت تائين کين ڪابه گروپ ايڪٽيوٽي ناهي ڏني ويئي، اميد ته ماني جي وقفي کان پوءِ کين ڪو ٽاسڪ ڏينداسين. منهنجو ساٿي ٽرينر استادن کي KLW متعلق سمجهائي رهيو آهي. گروپ سٺو ٿو لڳي پر صحيح خبر ڪجھ وقت گذرڻ بعد پوندي. ٽريننگ هال جي ٻنهي پاسن کان ڪلاس روم آهن ان ڪري وڏي گوڙ شور سان منهن ڏيڻو پوي ۽ اهو گوڙ اسان جي سکيا تي به اثر انداز ٿئي ٿو. اڄوڪو سمورو ڪم ماني جي وقفي تائين پورو ڪري ڇڏيوسين. سکيا وٺندڙن کي ڪوبه گروپ ورڪ نه ڏنو ويو، اهو ڪم سڀاڻي ڪنداسين. ساٿي ٽرينر هوندي اميد ته ڪابه تڪليف نه ايندي. فولڊر ۽ هينڊ آئوٽ کٽي پيا هيا. هينڊ آئوٽ 19 هيا جڏهن ته اسان وٽ سکيا وٺندڙن جي رجسٽريشن 22 کن جي ٿي هئي. ڪن فولڊرن ۾ وري پينسلون نه هيون. ڪي ڊبليو ايل ۽ ڪيوبنگ چارٽ سکيا حاصل ڪندڙن کان ٺهرائڻ بدران منهنجي ٽرينر ساٿي کين پاڻ ئي سمجھائي ڇڏيو هو ۽ ڪيوبنگ چارٽ ۾ ڇا لکجي اهو کين ڊڪٽيٽ ڪرايو هئائين، اهو چارٽ جيڪڏهن ماني جي وقفي بعدکانئن ڀرايون ها ته سٺو لڳي ها. اڄ سکيا وٺندڙن کي ڪوبه ٽاسڪ نه ڏنوسين ۽ ڪجھ ڳالهيون کانئن معلوم ڪرڻ جي باقي سمورو وقت اسان (فيسليٽيٽر) ئي ڳالهائيندا رهيا سين. اسان پاڻ ئي ٽيچرس فوڪس لرننگ جي مخالفت ڪريون ٿا وري عملي طرح ان جو مظاهرو ئي ڪيون ٿا. ٻيو نه ته گھٽ ۾ گھٽ ٻه عدد گروپ يا پيئر ۾ سرگرميون اهڙيون ضرور رکجن جيڪي کانئن ڪرائجن ته جيئن هو گروپ جي شڪل ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري مثبت ڪم کي اپنائين.

12 اگسٽ 2005 ....هڪ اسڪول جي وزٽ وقت ورتل نوٽس


هن اسڪول جو هيڊ ٽيچر عمر ۾ تمام جھونو جڏهن ته نائب ڪنهن نه ڪم جو آهي. هن اسڪول ۾ اڪثريت غريب ٻارڙن جي آهي، جن جا والدين پني منگي گذر سفر ڪندا آهن. هن اسڪول ۾ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي داخلا هڪ سؤ کان به مٿي آهي. هيڊ ۽ نائب ٻئي سکيا ورتل آهن. هڪ ٻيو استاد به آهي جنهن به سکيا جو هڪ فيز پورو ڪيو آهي. هن اسڪول تي سکيا جي ڪا خاص تبديلي نظر نه آئي. ايس ايم سي جي ميٽنگ به 2003 کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين نه ٿي آهي. بقول اسڪول جي هيڊ جي ته هو هتي نئون آيو آهي ۽ هاڻي هو ڪم کي اڳتي وڌائيندو. هيڊ پنهنجي سڀاءُ ۾ تمام مٺڙو آهي جنهن اسڪول ۾ بوتل پيارڻ سان گڏ بس اسٽاپ تي اچي چاءِ به زوري پياري. هي جيئن ته عمر ۾ وڏو آهي انڪري معاملن کي پوريءَ طرح سمجھڻ ۽ سمجھي ڪري انهن جا مثبت حل ڳولهڻ ڪنهن حد تائين سندس وس کان چڙهيل ٿا نظراچن. جڏهن ته سندس نائٻ ڪورو ڄٽ آهي ۽ کانئس اسڪول يا تعليم جي ڀلائيءَ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آهي.

تاريخ جڙڻ جو عمل


ويجھي ماضي ۾ ذاتي ڊائري لکڻ منهنجو محبوب مشغلو رهيو آهي. مان پنهنجي ڊائريءَ سان ڪچهريون ڪندو هوس، ان ۾ پنهنجا دک درد تحرير ڪندو هوس، زماني جي اٿلن پٿلن، سياسي وهنوار،سماجي روين متعلق جيڪي ڪجھ منهنجي سمجھ ۾ ايندو هيو اهو سڀ ڪجھ ڊائري جي ورقن تي اتاري ڇڏيندو هوس. بعد ۾ ڊائري جي جاءِ اخباري مضمونن ۽ سنڌي بلاگنگ والاري آهي. هنوقت اهي ئي منهنجيون ڊائريون آهن. ان ڪم هلندي مون ڪيئي ڳالهيون پنهنجي ذاتي نوٽ بوڪ تي تحرير ڪري ڇڏيون هيون. انوقت جڏهن انهن ننڍڙين ڳالهين، واقعن، خيالن، احساسن کي قلم بند ڪري رهيو هوس ته مون کي پنهنجو اهو ڪم ڪو خاص اهميت وارو ڪونه پئي لڳو. پر سالن پڄاڻا جڏهن هاڻي اهي ڳالهيون پڙهيم ته مون کي ائين لڳو جهڙي تهڙي ئي سهي پر مون ته تاريخ قلم بند ڪئي هئي. تاريخ ڇا ٿيندي آهي؟ منهنجي پنهنجي خيال موجب ڪنهن به دؤر ۾ ٿيل ڪنهن به واقعي، ڳالهه، عمل، احساس کي ڪهڙي به طريقي سان محفوظ ڪرڻ جو نالو تاريخ آهي. تاريخ کي رقم ڪرڻ جا ڪيئي طريقا ٿي سگھن ٿا. تاريخ نثر، نظم، ڳجھارت، پرولي، چوڻي سان به لکي سگھجي ٿي، اها ڪنهن آرٽسٽ جي هٿان مصوري جي شڪل ۾ پينٽ ڪري سگھجي ٿي يا ڪوسنگ تراش پنهنجي آرٽسٽ هٿن سان بي جان ڀٿرن کي تراشي انهن مان ڪنهن به شخصيت جي ڪردار يا واقعي کي انوکي انداز ۾ اجاگر ڪري سگھي ٿو.

تاريخ


ويجھي ماضي ۾ ذاتي ڊائري لکڻ منهنجو محبوب مشغلو رهيو آهي. مان پنهنجي ڊائريءَ سان ڪچهريون ڪندو هوس، ان ۾ پنهنجا دک درد تحرير ڪندو هوس، زماني جي اٿلن پٿلن، سياسي وهنوار،سماجي روين متعلق جيڪي ڪجھ منهنجي سمجھ ۾ ايندو هيو اهو سڀ ڪجھ ڊائري جي ورقن تي اتاري ڇڏيندو هوس. بعد ۾ ڊائري جي جاءِ اخباري مضمونن ۽ سنڌي بلاگنگ والاري آهي. هنوقت اهي ئي منهنجيون ڊائريون آهن. ان ڪم هلندي مون ڪيئي ڳالهيون پنهنجي ذاتي نوٽ بوڪ تي تحرير ڪري ڇڏيون هيون. انوقت جڏهن انهن ننڍڙين ڳالهين، واقعن، خيالن، احساسن کي قلم بند ڪري رهيو هوس ته مون کي پنهنجو اهو ڪم ڪو خاص اهميت وارو ڪونه پئي لڳو. پر سالن پڄاڻا جڏهن هاڻي اهي ڳالهيون پڙهيم ته مون کي ائين لڳو جهڙي تهڙي ئي سهي پر مون ته تاريخ قلم بند ڪئي هئي. تاريخ ڇا ٿيندي آهي؟ منهنجي پنهنجي خيال موجب ڪنهن به دؤر ۾ ٿيل ڪنهن به واقعي، ڳالهه، عمل، احساس کي ڪهڙي به طريقي سان محفوظ ڪرڻ جو نالو تاريخ آهي. تاريخ کي رقم ڪرڻ جا ڪيئي طريقا ٿي سگھن ٿا. تاريخ نثر، نظم، ڳجھارت، پرولي، چوڻي سان به لکي سگھجي ٿي، اها ڪنهن آرٽسٽ جي هٿان مصوري جي شڪل ۾ پينٽ ڪري سگھجي ٿي يا ڪوسنگ تراش پنهنجي آرٽسٽ هٿن سان بي جان ڀٿرن کي تراشي انهن مان ڪنهن به شخصيت جي ڪردار يا واقعي کي انوکي انداز ۾ اجاگر ڪري سگھي ٿو.

Wednesday, June 5, 2013

منجمند ٿيل سنڌ جو تعليمي نظام


ضلع سکر اندر 2004 کان وٺي 2006 تائين ٻن سالن جي عرصي لاءِ مان يو ايس ايڊ جي تعليمي پراجيڪٽ Education Sector Reform Assistance (ESRA) ۾ بطور ماسٽر ٽرينر ڪم ڪيو هو. ان دؤران مون پنهنجن تجربن کي پنهنجي ذاتي نوٽ بوڪ ۾ تحرير ڪري ڇڏيوهيو. اڄ جڏهن ماضيءَ ۾ لکيل انهن تحريرن جي ورق گرداني ڪري حال سان ڀيٽيم ته مون کي حيرت ٿي ته انوقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسان جو تعليمي نظام هڪ وک به اڳتي چري نه سگھيو آهي. فنا ۽ بقا جو اصول آهي ته زماني جي تيزرفتاري سان وک سان وک ملائي هلندڙ قومون ئي زندهه جاويد رهنديون آهن. بيٺل پاڻي کي موت جي علامت طور ورتو ويندو آهي. پر افسوس ته سنڌ جو تعليمي نظام منجمند، ڄميل، پنڊ پاهڻ ٿيل پيو لڳي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي مثبت چرپر عبث آهي. ڪنهن به قوم جي تعليمي نظام جي افاديت جي جاچ پڙتال ڪري وثوق سان ان جي مستقبل جي نشاندهي ڪري سگھجي ٿي. تعليم جيڪا انسان جي ٽين اک آهي، تعليم ’گوندر گس پرين جو‘ ڏيندو آهي، تعليم ۽ ان سان گڏ سٺي تربيت ٻه اهڙا پيمانا آهن جيڪي اندر اجاريندا آهن، گند صاف ڪندا آهن، انسان کي سٺي ۽خراب جي تميز سيکاريندا آهن، ماڻهن ۽ پڻ قومن کي هنر مند بڻائڻ جو سبب بڻبا آهن.پر سنڌ ۾ الٽي گنگا پئي وهي، ڏينهن پٺيان هفتا، هفتن پٺيان مهينا ۽ مهينن پٺيان سال گذري ويا پر اسان جو تعليمي نظام جيئن ڪالهه تباهه و برباد ٿيل هو ان جو حال اڄ به ساڳيو آهي. وچ وچ ۾ ان اڊڙيل تعليمي نظام کي چتيون هڻي ڪم کي هلائڻ جون ڪوششون ته ڪيون ويون پر وريو سريو ڪجھ به نه، مرض بڙهتا گيا جون جون دوا ڪي. ڪيئي آمريتون ۽ جمهوريتون آيون، وڏيون دعوائون ڪيون ويون پر برف ڳرڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي! اهو 5 سيپٽمبر 2005 جو ڏينهن هيو، گورنمنٽ مين پرائمري اسڪول ڪنڌرا جي هڪ ڪمري ۾ مان ۽ مرحوم سائين پروفيسر صديق ميمڻ صاحب جن بطور ماسٽر ٽرينر سکيا واري عمل ۾هيڊ ماسٽرس جي هڪ گروپ کي هڪ سرگرمي ڏني هئي ته ”موجودهه نصاب جون خوبيون ۽ خاميون بيان ڪيو“. انهن جيڪي خيال ونڊيا هيا اهي هي هيا؛ 1 موجوده ڪورس تمام پراڻو آهي. 2 ڪتاب تمام گھڻا آهن. 3 ڪورس دؤر حاضر جي حالتن مطابق ناهي. 4 ڪورس ۾ نصيحت واريون ڳالهيون گھٽ آهن. 5 ڪورس پڙهائڻ لاءِ مددي شيون موجود ناهن. 6 انهن مٿين سببن ڪري ٻارڙن جي نفيساتي ۽ ذهني نشونما نه ٿي ٿئي. ريسرچ جي ٻوليءَ ۾ اهڙي معلومات کي First hand data ۽ سوليءَ سنڌي ۾ ڌرين وٽان مليل سنئين سڌي معلومات چئبو آهي. اهڙي معلومات قابل اعتبار هوندي آهي ڇوته ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابه ٽين ڌر ناهي هوندي. اهي ڳالهيون جيڪي هنن اسان سان ونڊيون هيون ڪي ڪتابن ۾ لکيل نه هيون پر اهي ڳالهيون اسانکي انهن استادن سڻايون هيون جيڪي ٻارڙن کي پڙهائڻ واري عمل ۾ سڌا سنوا شريڪ هئا. اهي سڀ ڪتاب جن کي اسان نصاب چئون ٿا انهن جا سمورا سبق اهي استاد پنهنجي شاگردن کي پڙهائيندا هيا (هاڻي به پڙهائن پيا)، نصاب، ڪتاب ٻار ۽ استاد پنهنجو پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. ان ڪري انهيءَ عمل ۾ جيڪي پيچيدگيون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي مونجھارا جنم وٺن ٿا انهن جو سنئون سڌو اثرشاگردن تي پئي ٿو ۽ استاد به ان کان وانجھيل ڪونه ٿا رهن. مٿي بيان ڪيل ڳالهيون سندن تجربي جو نچوڙ هيون. منهنجي پنهنجي خيال ۾ انهن سادي نموني تمام سچائي سان اسان جي نصاب جون ڪمزوريون چٽي نموني بيان ڪيون هيون. اڄ جڏهن 2013 جي جولاءِ جو مهينو آهي ته هينئر تائين ڇا بدليو آهي. جواب به سادو ۽ سڌو آهي.....ڪجھ به ته نه بدليو آهي!!!! ساڳي ڪتابن جي ڀَري ٻارڙن جي ڳچيءَ ۾ پيل آهي، ساڳيو ”ڏاڏي آدم“ واري دؤر ۾ رائج ڪيل مدي خارج نصاب آهي، ساڳيا ڪوڙ بدوڙ تي ٻڌل سبق آهن، استادن کي پڙهائڻ جي مد ۾ مددي شيءِ طور انوقت به واحد ائٽم ڪاري بورڊ تي لکڻ لاءِ ’چاڪ‘ ملندو هيو، اڄ به اهو ئي ڏنو پيو وڃي. دنيا تيزي سان تبديل پئي ٿئي پر پاڻ وٽ اڄ به ’زمين جنبذ نه جنبذ گل محمد‘ واري ڪال لڳي پئي آهي ’حضرت داغ جهان بيٽهه گئي وهان بيٽهه گئي‘. موهن جي دڙي مان لڌل ڏاند گاڏي اڃا تائين سنڌ ۾ استعمال پئي ٿئي. ڀلي ته دنيا جهازن، تيز رفتار ريلن، لڪزري ڪارن ۽ بسن تي سفر ڪري پر اتر سنڌ جي شهرن جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻي، قمبر شهداد ڪوٽ، ڪنڌ ڪوٽ، لکي، ۾ وڃي ڏسو ته اوهان کي لاتعداد گڏهه گاڏا ڏسڻ ۾ ايندا. اهي سڀ اهي علائقا آهن جتي سنڌ جا بااثرسردار رهندا آهن، اهي انتهائي مظبوط ۽ طاقتور آهن پر اتي جيڪو تعليمي نظام آهي اهو سڪرات ۾ آهي. تعليم ۽ سٺي تربيت جي ڪال ڪري ماڻهن جي شعور جي ارتقا رڪجي ويل آهي. اهو سڀ ڪجھ ان ڪري ممڪن ٿيو آهي ڇوته سنڌ ۾سماج جي گھرجن، تقاضائن کان وانجھيل ڪريڪيولم پاڙهيو پيو وڃي ۽ اهو ان لائق ئي ناهي ته نئين نسل کي تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلائڻ جي لائق بنائي سگھي. اسان سنڌ وارن لاءِ اهو تمام وڏو چئلنج آهي. رائج ڪريڪيولم مان اها اميد رکڻ ته ان ذريعي اسان ”ٻارڙن جي نفيساتي ۽ ذهني نشونما“ وارو نيڪ ڪم ڪري سگھنداسين ائين آهي جيئن ٻٻرن کان ٻير گھرڻ! اسان جي ان سرگرميءَ کان پورا چار ڏينهن بعد يعني 9 سيپٽمبر 2005 تي ساڳي هال ۾ ان گروپ جي هڪ تمام عزت واري هيڊ ٽيچر ۽ مثالي استاد محترم مظفر حسين شاهه صاحب پنهنجي رفليڪشن ۾ ساڳي موضوع تي پنهنجا خيال هن نموني پيش ڪيا هيا. ”جناب استاد صاحبان جيئن ته اسان جي ٽريننگ کي اڄ پنجون ڏينهن آهي، انهن ڏينهن ۾ اسان جن نقطن تي بحث ڪيو آهي اهي هي آهن. عدم مرڪزيت، نصاب،تعليمي سڌارا ۽ سپرويئين. جناب اعلى انهن نقطن تي اسان سالن کان ٻاڪاريندا پيا اچون پر ان جو ڪو کڙ تيل ناهي نڪتو. هاڻي من خدا ڪري ڪا مومينٽ اچي. جناب اعلى اسان جي صوبي جي تعليم سڌارڻ لاءِ انقلاب جي ضرورت آهي. جيئن اسان استاد سڀ ڳالهيون سمجھيون ٿا ته ڪهڙيون ڳالهيون تعليم لاءِ مفيد آهن يا ڪهڙيون ڳالهيون مضر يا نقصانڪار آهن پر خبر ناهي ته اسان جي ڳالهين کي ڇو نظر انداز ڪيو پيو وڃي، ان جا ڪهڙا سبب آهن. الائي ڇو اسان جي راين کي اهميت نه ٿي ڏني وڃي. ستم ظريفي ته ڏسو ته اسان تعليم جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪريون ٿا پر اسان کي تعليم دشمن عناصر انهن سٺن ڪمن ڪرڻ کان روڪين ٿا. نتيجو اهو ٿو نڪري ته استاد بددل ٿي ڪري پنهنجون صلاحتيون استعمال ڪرڻ ڇڏي ٿو ڏئي. جناب اعلى نصاب بابت اسان سالن کان واويلا ڪندا ٿا اچون پر اڃا تائين ڪابه تبديلي نه آئي آهي. سپرويئن لاءِ اسان گھڻو ڪجھ ڳالهايو آهي پر مٿين آفيسرن جي ڪن تي جونءِ به ڪانه ٿي چري. تعليمي سڌارين بابت استادن پنهنجا بهترين رايا ڏنا جن تي عمل سان بهترين موومينٽ اچي سگھي ٿي. مهرباني ڪري اسان راين کي مان ڏئي اهي سڌارا اسڪول ۾ رائج ڪيا وڃن ته سٺي موٽ ملڻ جي اميد آهي پر ٻي صورت ۾ اسان جي هلندڙ هي ٽريننگ به هڪ وراجي گڏجاڻي ٿي ويندي. اسان کي اميد آهي ته اسان جي راين کي اهميت ڏني ويندي. اسان کي هتي ٻارن جي بئنچن تي ويهڻ ۾جيڪا اذيت ملي ٿي اها برداشت کان ٻاهر آهي. منجھند جو دال تي گذارو ڪيون ٿا ان اميد تي ته من اسان وٽ تعليمي سڌارو اچي وڃي“. منهنجي خيال ۾ ته هن سڄي رفليڪشن ۾ ڪروڙ جو جملو اهو آهي ته ”مهرباني ڪري اسان جي راين کي مان ڏئي اهي سڌارا اسڪول ۾ رائج ڪيا وڃن ته سٺي موٽ ملڻ جي اميد آهي پر ٻي صورت ۾ اسان جي هلندڙ هي ٽريننگ به هڪ رواجي گڏجاڻي ٿي ويندي“. سائين مظفر حسين شاهه صاحب جن جيڪا پيشن گوئي 2005 ۾ ڪري ويا هيا، وقت سندس ڳالهه کي سؤ سيڪڙو صحيح ثابت ڪيو آهي. اها ٽريننگ جيڪا ٻن سالن تائين هلي، جنهن ۾ ضلعي جي هر پرائمري استاد، هيڊ ٽيچر، سپروائيزر ۽ ٻي عملي کي سکيا مهيا ڪئي ويئي هئي. اها جيڪا هڪ مربوط ٽريننگ هئي. جنهن تي ڪروڙين روپيه خرچ ڪيا ويا، جنهن ۾ استادن، هيڊ ٽيچرس ۽ ٻئي انتظامي عملي کي سکيا ڏيڻ سان سندن اسڪولن ۾ ان سکيا کي لاڳو ڪرائڻ ۾ مدد ڏيارڻ لاءِ ڪيئي ٽيمون سرگرم هيون ته ان سڄي عمل مان وقتي طرح ته سٺا نتيجا ملڻ شروع ٿيا هيا پر بعد ۾ انهن جي پوئيواري نه ٿيڻ ڪري اهي سڀ ڪوششون بي لاڀ ٿي ويون هيون. مون انوقت ڪجھ اسڪولن جا دؤرا ڪيا هيا. جن ۾ گورنمنٽ پرائمري اسڪول چڀڙ خان ڪٽوهر، گورنمنٽ پرائمري اسڪول ٽمونهن، گورنمنٽ پرائمري اسڪول لشڪر خان شيخ روشن آباد ۽ ڪجھ ٻيا اسڪول اچي وڃن ٿا. انوقت مون کي سکيا جو چڱو خاصو اثر اسڪولن ۾ نظر آيو هيو. چڀڙ خان ڪٽوهر جي اسڪول ۾ ٻارڙا گروپ جي شڪل ۾ پڙهائي ڪري رهيا هيا ۽ بورڊ تي برين اسٽارمنگ جي سرگرمي لکيل نظر آئي هئي. استاد مير اظهار ٽالپر تمام گھڻو پرجوش پئي ڏٺا. ٽمونهن واري اسڪول ۾ هڪ ننڍڙي شنباڻي ڇوڪري جنهن اعتماد سان مون کي پنهنجي ڪورس جو نظم ٻڌايو هيو ان کي ياد ڪري اڄ به منهنجي دل جھومڻ لڳندي آهي. ها پر ڪنڌرا جي ڀرسان هڪ بااثر وڏيري جي اوطاق ڀرسان جوڙيل اسڪول جا ڪمرا شاگردن ۽ استان کان وانجھيل نظر آيا هيا. اتي اسان کي هڪ استاد مليو هيو جيڪو راجه ظهور جاني ڊبل پتي پان جي پچڪارين مان مزو وٺندي اسان کي وضاحتون ڏئي رهيو هيو ته اڄ هيڊ ٽيچر ڪنهن اهم ڪم سان شهر ويل آهي، ڪجھ استادن سان مسئلا آهن ۽ ان ڪري شاگردن کي سويل ئي موڪل ڏني ويئي آهي. ان ڳوٺ جي ڀرسان هڪ ٻئي ڳوٺ جي اسڪول جي وزٽ وقت منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هيا جتي هڪ ڇني جي سائي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ اسي کن ٻار نظر آيا هيا. اهي ٻارڙا پنهنجي پڙهائيءَ ۾ تمام ڀڙ هيا. اسرا پاران کين مهيا ڪيل ڪتابن وارا ٿيلها اسڪول جي لانڍي ۾ لڳل ٿوڻين ۾ لٽڪي رهيا هيا. انوقت هڪ محنتي استاد کين پڙهائي رهيو هيو جيڪو اسان جي سکيا واري عمل مان اڳ ئي گذري چڪو هيو. ٻارڙا جنهن نموني پڙهائي ڪري رهيا هيا اهو به وسارڻ جوڳو ناهي. کين ڏسي مون سمجھي ورتو هيو ته ’پڙهائي وارو عمل استاد سان آهي نه ڪي اسڪول جي بلڊنگ سان‘ . پر هاڻي ته نه ’سي وؤڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتاريون‘ واري ڪار آهي. ماضي ۾ ڪيل سموريون ڪوششون، ڪاوشون ڪي دز لڳل تصويرون ٿيون نظر اچن. اڄ جي سچائي اجھو هيءَ آهي ته هاڻي سکيا وارا پروگرام به هڪ رواجي عمل ٿي پيا آهن. ٺيڪيدار (اين جي اوز) ان مان مال ٺاهڻ جو ڪم پيا وٺن، جن هر هڪ ضلع اندر ڪي ميل ۽ فيميل استادن مان ڪن کي مستقل بنيادن تي خريد ڪري ڇڏيو آهي، اهي سندن آله ڪار بڻجي سکيا وارو روائتي ڍونگ رچائي پئسه حلال ڪندا آهن ۽ سکيا لاءِ ايندڙ استاد به سڀ کان اول اهو سوال پڇندا آهن ته ”کين ڏهاڙي ڪيتري ملندي، ماني ڪهڙي کارائيندو ۽ اسان کي جلدي موڪل ڏيو“. انهن ڳالهين جو مشاهدو ڪندي جڏهن ڪنڌ ورائي پوئتي ٿو نهاريان ته ڪنڌرا جي ان هيڊ ٽيچر جيڪو هاڻي رٽائرمنٽ وٺي پنهنجي پٽن جي ٻارڙن کي پنهنجي گھر ۾ پڙهائيندو جي ماضي ۾ اظهاريل خدشي کي حقيقت جي روپ ۾ ڏسڻ لڳان ٿو ته اسرا پاران کين مليل سکيا هڪ رواجي گڏجاڻي (سکيا) “ وارو عمل ئي ته هيو. اهڙي ڳالهه جي ثابتي لاءِ هروڀرو گھڻي مٿي ڪٽ جي ضرورت ناهي بس سنڌ جي ڪنهن به اسڪول جو دؤرو ڪري ٿوسڀ ڪجھ پنهنجي اکئين پسي سگھجي. katohar@gmail.com