Tuesday, October 22, 2013

Wednesday, September 11, 2013

مان ڪن به پنجن سوالن جا جواب لکو. 25
1. پاڻ سڳورا صه وسلم ڪهڙي قسم جي ماڻهن کي مومن نٿا چون؟
2. سخين جي لاءِ قران مجيد ۾ ڪهڙي تعريف ٿيل آهي؟
3. نبي ڪريم صه وسلم جن حضرت علي رضه جي سخاوت بابت ڇا فرمايو آهي؟
4. سوات ماٿريءَ ۾ ڪهڙا مکيه شهر آهن؟
5. نبين جو سپهه سالار ڪير آهي؟
6. سيد شڪرالله ڪٿي جو قاضي هو؟
7. ٽيليفون جو ايجاد ڪندڙ

Wednesday, August 28, 2013

ويا سي وينجهار (پروفيسر منظور اڄڻ بي وقتي موت تي لکيل تاثر)


دوست وٽان ٽيڪسٽ ميسيج مليو ته ”سائين پروفيسر منظور اڄڻ هاڻي هن دنيا اندر ناهي رهيو“ مون لاءِ اهڙي ڳالهه تي يقين ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هيو ڀلا هي به ڪا مڃڻ جهڙي ڳالهه آهي!، اڃا ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي سائين راز علي گل ڀٽو جي آفيس ۾ ويهي محبتي محفل مچائي هئي سين. انهن انمول لمحن ۾ ڪيل ڪچهريءَ ۽ ڪچهريءَ ۾ ونڊيل ٽهڪڙن جا پڙلاءُ ته منهنجي ڪنن اندر اڃا تائين پيا گونجن، ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ ماڻهونءَ جو آواز، ٽهڪ، ٽهڪن جا پڙلاءُ ته جيئرا جاڳندا هجن پر همراهه پاڻ نه هجي!!!؟

 ڪڏهن هوا دروازو کولي، منهنجي گهر ۾ پيهي ايندي،
 ۽ ڪمري مون کي ڳولي، مايوسي مان موٽي ويندي،
ميز مٿان سوَ ڪاغذ، پکڙيل هوندا آءٌ نه هوندس،
 ۽ ٻيو ڇا ڇا آءٌ نه هوندس۔
 شيخ اياز

 ۽ ها سائين منظور اڄڻ صاحب ڪراچيءَ ۾جنهن دعوت جي نينڍ ڏني هئي ان جو ڇا ٿيندو؟ ڀلا ائين ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته ماڻهون ائين سڀ ڪم، سڀ وعدا وچن اڌ ۾ ڇڏي بنا موڪلائڻ جي هليو وڃي! هو اهڙو ته هوئي ڪٿي! هن پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي ڪجھ چيو ان تي عمل ڪري ڏيکاريو، هن پنهنجي ڄمار ۾ڪنهن يار دوست کي مايوس ته ڪيو ئي نه هيو...پر هاڻي کيس ڇا ٿيو....ڪجھ حقيقتون ڪيڏيون نه اڻ وڻندڙ ۽ ايذائيندڙ هونديون آهن. هڪ پرين پيارو، هڪ دوست، هڪ سٺي سڀاءُ وارو انسان جيڪو ڪالهه تائين اسان جي صفن ۾ ويٺو هيو، جيڪو ٽهڪ ورهائيندو هيو، جيڪو دوستن جي خدمت ڪري آسيس ماڻيندو هيو، اهو اڄ ناهي. ڪي لقاءُ جيڪي ائين نه ٿيڻ گھرجن جڏهن رونما ٿيندا آهن ته اسين وائڙا ٿي ويندا آهيون. مان پڻ، اڄ اهڙي وائڙائپ واري جبل جي چوٽيءَ تي ويٺو آهيان، سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته ڪوڙو دلاسو ڏيئي دل کي وندرايا يا ان زهر جهڙي ڪڙي سچ کي پي وڃان!!! مان پنهنجي پياري دوست کان ڪجهه طلب ڪيان يا کيس ڪجھ پيش ڪريان. فقير سان گذاريل لمحا، وعدا وچن، سفر، ڀوڳن ۽ چرچن جون نه کٽندڙ محفلون اهي سڀ جهڙوڪر خواب هئا...نه ائين ناهي فقير مالڪ کي پنهنجا وعدا وچن نڀائڻا پوندا، کيس اهو حق نه ٿو پهچي ته ائين بنا حساب ڪتاب جي هليو وڃي. ڪاش ائين ٿئي ها ته مان پنهنجي دوست پڄاڻا جيڪي ڪجھ سندس لاءِ لکي رهيو آهيان، اهو مون تي لکي ها ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها. هو جيڪو هڪ ذميوار پيءُ هيو، قابل آفيسر هيو، هڪ لائق انسان هيو، ادب سان بي انتها چاهه رکندڙ ماڻهون هيو، سچو صوفي ۽ سنڌ دوست هيو، جيڪو يارن جو يار هيو، مون جهڙي انسان جي هئڻ يا نه هئڻ سان ڪهڙو ٿو فرق پوي پر جڏهن سائين منظور جهڙا ماڻهون هليا ويندا آهن ته ڪيئي مامرا اڌ ۾ رهجي ويندا آهن. ڪير پورو ڪندو انهن اڌورن پراجيڪٽس کي؟؟؟ ممتاز صحرائي به ائين ئي هليو ويو هيو، سندس وڃڻ سان ڪتابن سان بي انتها پيار ڪندڙ هڪ سٺي انسان کان سکر جا دوست محروم ٿي ويا هيا، اسان جي انتهائي مٺڙي دوست شوڪت خواجائيءَ کي شهيد ڪيو ويو هيو، هڪ چرندڙ پرندڙ تاريخ خاموش بڻجي ويئي هئي، هاڻي سائين منظور اڄڻ جي اڻ مندائتي وڇوڙي سکر جي اديبن ۽ دوستن ۽ سندس گھر ڀاتين کان جهڙوڪر گھاٽي بڙ جي ڇانوَ کسي ورتي آهي. اسان تعزيتن ۾ قدرت جي قانونن تي صبر جي تلقين ڪندا آهيون جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو چارو به ناهي هوندو، پر حقيقت ۾ اهڙن حادثن تي پنهنجي دل کي سمجهائڻ ئي تمام ڏکيو ڪم هوندو آهي. جڏهن به ڪو سلڇڻي سڀاءُ، سهڻي سيرت وارو انسان بي وقتي جدا ٿيندو آهي ته اندر مان اساٽون الماڙين جيان اٿنديون آهن ۽ دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي اهو چوڻ تي مجبور ٿيندي آهي ته اهو جيڪرنه ٿي ها. هي به ڪا ائين راهه رباني وٺڻ جي مند هئي! پنهنجي ڪنهن پرين پياري جي اڻ مدائتي اڏام تي لکڻ مون لاءِ دنيا جو سڀ کان ڏکيو ڪم آهي. حالانڪه دل ۾ اڌما سمنڊ جي منهن زور ڇولين وانگر پيا اٿلون کائيندا آهن ته وڇڙي ويل دوست جي لاءِ سوين پنا ڪارا ڪيان پر جڏهن ڪجھ لکڻ لاءِ ليپ ٽاپ (Lap Top) تي ويهندو آهيان ته آڱريون ڪي بورڊ (Key Board) تي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن، دماغ وارو سي پيو يو (CPU) آن ٿيڻ کان نابري واري ويهندو آهي ۽ انوقت مون کي جڳجيت ۽ چترا پاران ڳاتل غزل ياد اچي ويندو آهي؛ اچھا سا کوئی موسم، تنہا سا کوئی عالم، ہر وقت کا رونا تو بی کار کا رونہ ہے۔ عمر عزيز جا ڪيئي يادگار لمحا فقير جن سان گڏ گذاريا به هاسين ته گھاريا به هياسين. ڪاش مونکي به حضرت غالب وارو علم اچي ها ته يادگيرين کي ڳنڍين ۾ ٻڌي ڇڏيان ها ۽ هاڻي هر ڳنڍ کولي اهو بيان ڪيان ها. حقيقت ۾ منهنجو دماغ ئي ڳنڍ کائي چڪو آهي. بس ڏئي وٺي چند ساروڻيون آهن جيڪي ڪنهن جھڙالي رات اندر دور افق تي ڪن ڌنڌلن ستارن وانگر ٽمڪندي نظر پيون اچن. ڀلي سڀ ڪجھ وسري وڃي پر سندس طبيعت ۾ جيڪو سواد هيو اهو وسرڻ ممڪن ناهي. ڌيرج سان ڳالهائيندڙ، هر ڪنهن سان ڳراٽڙي پائي ملندڙ، نوجوان اديبن کي اتساهه ڏيندڙ، سنگت ساٿ جي خدمت کي پنهنجي ايمان جو جز سمجھندڙ فقير منظور ماڻهون ٿوروئي هيو ملائڪ هيو. هو دوستن جي لاءِ بڙ جي گھاٽي ڇانوَ مثل هيو. مان به سالن کان اديبن جي سائي ۾ رهندو پيو اچان ته من ڪو ماسو مال ملي ته پرباش ٿي وڃان. ان ئي راهن تي هلندي مون کي ياد پيو اچي ته ڪو وقت هيو ته سکر جي اديبن کي پنهنجي ادبي ڪچهرين ڪرڻ لاءِ ڪو مناسب ٺڪاڻو ميسر ڪونه هوندو هيو. پر اسان جي هن دوست پنهنجو اسڪول، پنهنجي سرڪاري گاڏي سنگت حوالي ڪري ڇڏي هئي. سنڌي ادبي سنگت سکر شاخ سندس قيامت تائين ٿورائتي رهندي جو هن پنهنجي اسڪول جا دروازا سنگت لاءِ ڪڏهن به بند نه ڪيا هيا. جيستائين سائين جن سکر ۾ هيا ته هرجمعي جي ڏينهن شام جو سکر جي اديبن جا پير پنهنجو پاڻ گورنمنٽ اسڪول فار بلائينڊ ڏانهن وڌڻ لڳندا هيا. سندس اسڪول جو هال جنهن جي ڀتين تي ڪيئي صوفياڻا شعر سهڻن اکرن ۾ لکيل آهن ان ڳالهه جي گواهي ڏيندو ته تهه سيارين توڙي تئي وانگر تتل ڏينهن ۾ اتي ڪيئي ڪارائتا پروگرام ٿي گذريا. تحقيق اهي منقعد ٿي نه سگھن ها جيڪڏهن اسان جي غريب اديبن کي اهو هال مفت ۾ نه مليل هجي ها. شايد گذريل اونهاري جي ڳالهه آهي ته ان هال ۾ ئي لطيف سائين جو ڏهاڙو ملهايو ويو هيو. تتل ڏينهن هيو، بجلي به بند هئي پر پوءِ هادي ڀٽ صاحب، بشير منگي، راز علي گل ڀٽو، مور خان مهر، مقيم ناز بلوچ، سچل ڀٽي، نذير وڌو، بشير سميجو سميت ڪيئي دوست ان پروگرام ۾ شريڪ ٿيا هيا ۽ ان پروگرام جي ڪمپيرنگ سائين منظور اڄڻ جن پاڻ ڪئي هئي جو انوقت سائين جن سنڌي ادبي سنگت سکر شاخ جا سيڪريٽري هيا. مون کي تاريخ يا سال ته ياد ناهي پر اهو چٽيءَ طرح ياد آهي ته ان ئي هال ۾ فقير منظور هڪ يادگار محفل موسيقي منقعد ڪرائي هئي، جنهن ۾ درگاهه جھوڪ شريف جو فقير امام دين ڊکڻ پنهنجي پوري سُنگ سوڌي رنگ ڄمايو هيو. منهنجي زندگيءَ جي اها هڪ يادگار محفل هئي. فقير امام دين جي سامهون سيٽن تي ڪجھ ملوڪ صورتون پڻ ويٺل هيون ۽ فقير پنهنجي فل مستيءَ ۾ محفل کي اهڙو ته رنڱيو هيو جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. مون پوري زندگيءَ ۾ اهڙي شاندار محفل نه اڳ ڏٺي يا ٻڌي هئي نه ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين ٻڌي سگھيو آهيان. فقير منظور اڄڻ جن جو چوڻ هيو ته هن فقير امام دين ڊکڻ جن جي اڪيچار محفلن ۾ شرڪت ڪئي آهي پر سائين جن کي اهڙي رنگ ۾ هُن صرف هڪ دفعو اڳ درگاه جھوڪ شريف تي ڏٺو هيو. ڪاش اهي گھڙيون بيهجي وڃن ها ۽ اسين سڀ انهن يادگار ساعتن جو حصو بڻجي امر ٿي وڃون ها. سکر جي اديبن سان گڏجي سائين منظور اڄڻ جي گاڏي ۾ ڪراچيءَ تائين هڪ تاريخي سفر ڪيو هوسين. سکر کان ڪراچي ۽ ڪراچيءِ کان سکر تائين فقير منظور ڊرائيونگ جو ڪم پاڻ ئي سرانجام ڏنو هو. سکر کان ڪراچيءَ تائين اوٽ موٽ هائيس ويگن جي ڊرائيوري ٿڪائيندڙ عمل آهي پر مجال آهي جو سندس منهن تي ٿڪاوٽ يا بيزاريءَ جو ترورو به نمودار ٿئي. اسان جو اهو هڪ يادگار سفر هيو ڪاش ڪو دوست جنهن جي يادگيري سٺي هجي ته ان سفر تي هڪ ڀرپور سفرنامون ترتيب ڏئي سگھي ٿو. ها ياد ٿو اچيم ته سائين ضياءَ شاهه ان قسم جو وعدو پڻ ڪيو هيو. اهو ڀوڳ، چرچن، ٽهڪن سان معمور سفر هيو. فقير گاڏي جي ٽيپ ۾ لتا جو ڪلام پئي هلايو ته ”ميري چڙهتي جواني ترسي، تون منه نه موڙ، تون وعده نه توڙ“ ته ڪنهن دوست سائين جن کي چيو هيو ته سائين ڪلام ٻڌي پاڻ کي جوان پيو محسوس ڪري، مون کيس چيو هيوته سائين اوهان گھڻي خوش ٿيڻ جي ضرورت ناهي جو لتا لڳ ڀڳ ستر سالن جي آهي ۽ اوهين سندس مقابلي ۾ واقعي به ”جوان“ آهيو پر متان سندس ڪلام ٻڌي ڪو غلط مفروضو قائم ڪيو. ٻئي هڪ دفعي مون منظور اڄڻ سائين جن کي ذاتي طرح گاڏيءَ جي لاءِ عرض رکيو هيو، جيڪو سائين جن بلا چون وچران جي قبول ڪيو هيو. ڊاڪٽر ايوب شيخ جي تعاون سان مون لاڙڪاڻي ڪنهن شادي ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ بي بي سي جي مشهور نمائندي وسعت الله خان کان ڪاليج لاءِ ڪلاڪ کن ٽائيم ورتو هيو. مسٽر وسعت الله خان کي منظور اڄڻ فقير جي ويگن ۾ سکر ايئرپورٽ کان ڪاليج کڻي آيا هياسين شايد ڊرائيوري به سائينجن پاڻ ئي ڪئي هئي. هو سنگت ساٿ جا اهڙا ڪم ڪري دلي خوشي ۽ آسيس محسوس ڪندو هيو. ان کان علاوهه سندس اسڪول جي اڱڻ ۾ بشير منگي ۽ سندس ڪراچي جي اديب دوستن جون گڏيل سالگرهن وارا ڪيئي پروگرام به ٿيا هيا. ڪالهه تائين فقير اسان منجھ موجود هيو اڄ ڄڻ هوا ۾ تحليل ٿي ويو آهي. ڪالهه تائين هو اسان جي هنن محفلن جان هوندو هيو، هاڻي رچايل محفلون هن کان سواءِ اداس اداس ۽ ٻسيون ٿيون لڳن. پر ڇا ڪجي اهو سفر جاري رهڻو آهي. ”مرد نه مرن ڪين ڪي، ڪوپا هِن قائم، ديهيءَ ري، دائم، حاضر هن هر جاءِ تي. مرڻ مهڻو نه آهي، ڪل نفساً ذائقة الموت جو مزو هر ديهيءَ کي چکڻو آهي، جو وچن ويڙهيچن سان ڪري هتي آيو آهي، انهيءَ کي نڀائڻ لاءِ واپس موٽڻو آهي. جيئن حديث شريف ۾ آهي ته ’هر شيءِ کي اصل ڏانهن موٽڻو آهي‘، بندي جو دائمي مقام به اهو ئي آهي، باقي هي دنيا مانجهاندي جو ماڳ آهي. حضرت علي جن جو قول آهي ته ’هي دنيا پل مثل آهي، جنهن جي هڪ ڇيڙي تان چڙهبو ۽ ٻي ڇيڙي کان لهبو، وچ تي گھر ٺاهي نه ويهون‘. ”انهيءَ قول جي روشنيءَ ۾ غور وَ فڪر ڪبو ته هن قول مان انسان کي وڏو سبق حاصل ٿئي ٿو جنهن ۾ مڪمل جدوجهد جو درس ملي ٿو، جيئن شاهه ڀٽائي فرمايو آهي ته’تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي، متان ٿئي اونداهه ته پير نه لهين پرين جو‘ انسان هت جدوجهد جو عمل کڻي آيو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجا حق ادا ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪري ٿو، ڏاڍاين، تڪليفن مان پاڻ گذاري ٿو تڏهن هو حاصلات جي منزل رسي ٿو ۽ خلق خدا لاءِ هڪ استاد ۽ رهبر جي حيثيت ماڻي ٿو“. فقير پروفيسر منظور اڄڻ پاران سنگت پبليڪشن سکر جنوري 2013ع ۾ سندس پاران ڊاڪٽر ملڪ نديم تي لکيل تاثر تان کنيل. منهنجي پنهنجي خيال موجب اهو عمل اڻ وڻندڙ آهي پر اها به اٽل حقيقت آهي ته اڻ ٽر پڻ آهي. سائين پروفيسر فقير منظور اڄڻ ان اڄاتل سفر تي روانو ٿي چڪو آهي، پاڻ سڀني کي به اهو سفر ته بهرحال هر صورت ۾ ڪرڻو آهي بس ان جي تاريخ جي خبر ناهي. تاريخ جي اڻ ڄاڻائي به هڪ قسم جي غنيمت آهي. اها اڻ ڄاڻائي اسان کي موت جي خوف کان بچائڻ جو هڪ تمام وڏو وسيلو آهي. فقير منظور اڄڻ سمورا ڏکيا ڪم پاڻ سرانجام ڏيندو هيو ۽ جڏهن مشهوري يا اسٽيج تي اچڻ جو وارو ايندو هيو ته دوستن کي موڪليندو هيو. ان قسم جو رويو رکڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي ته پاڻ ماڻهون پس منظر ۾ رهي سڀ ڪم اڪلائي ۽ پروموٽ پنهنجي دوستن کي ڪري! اهڙا انسان مري به مات ناهن کائيندا، ڪي مري به جيئرا رهندا آهن، پياري پروفيسر فقير منظور اڄڻ جن جو ڳاڻاٽو به اهڙن امر انسانن ۾ ئي ٿيندو. هو هميشه لاءِ اسان دلين ۾ زنده جاويد رهندو. katohar@gmail.com

Tuesday, August 20, 2013

سنڌ جي تعليمي تباهيءَ جو ذميوار ڪير آهي؟

پنهنجي معاشري ۾ اهو بحث عام جام پيو هلندو آهي ته ”ادا ٻار پڙهائي طرف اصل ڌيان ئي ڪونه پيا ڏين، سڄو وقت اجاين سجاين ڳالهين ۾پيا زيان ڪن“ اها ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح پڻ آهي. ٻار ٽي وي سيٽ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي فلمن، ناچ گانن يا راندين روندين وارن پروگرامن کي ڏسي ان ۾ پنهنجو قيمتي وقت وڃائيندا آهن. جن گھرن ۾ ڪمپيوٽر جي سهولت آهي ته انهن گھرن جا ٻار يا ته ڪمپيوٽر تي رانديون کيڏندا آهن يا يوٽيوب تي گانا ٻڌڻ يا ڊائون لوڊ ڪرڻ وارو ڪم سرانجام ڏيندا آهن ۽ باقي ٽائيم جي رهيل ڪسر سوشل نيٽ ورڪ فيس بوڪ تي ڪڍندا آهن. پر رڪارڊ جو اهو هڪ پاسو آهي. ان معاملي ۾ ٻارڙن جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ اسان پنهنجي معاشري اندر سندن سير و تفريح جو ڪيترو سامان مهيا ڪري رکيو آهي. اسان جي ڳوٺن يا شهرن اندر راندين جا ڪيترا گرائونڊ جڙيل آهن؟ ڪيتريون تفريح گاهون ٻارن لاءِ ٺاهيون ويون آهن؟ ڪتابن ۽ ڪمپيوٽر جي سهولت سان ليس ڪيتريون لئبرريون آهن؟ جت ٻار مثبت سرگرميون ڪري سگھن يا وڃي علم جي اڃ اجھائين؟؟!! ٻارڙن جي ذهني ۽ سماجي اوسر ۾ اهم ڪردار تعليمي ادارا ڪندا آهن. جتي قابل استاد کين چڱي ۽ بري جي تميز سيکارڻ وارو ڪم سرانجام ڏيندا آهن. پر اسان جي معاشري اندر اهي ڀڙڀانگ لڳا پيا آهن. ٻهراڙي جا اسي سيڪڙو تعليمي ادارا ڀوت بنگلا آهن. جت ڍور ڍنگر ٻڌل نظرا يندا يا انهن کي شادي جي غمي جي سلسلي ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. شهر جي تعليمي ادارن جو حشر به ٻهرارڙين وارن اسڪولن کان ڪو بنهه چڱو ڪونهي. تعليمي ادارن مان مراد سرڪاري تعليمي ادارا وٺڻ گھرجي، جن ۾ اسان جي ٻارڙن جي اڪثريت پڙهندي آهي. هونئن اسان وٽ جيڪي ٻار آهن اهي ڪنهن به صورت ۾ ٻين قومن جي ٻارن کان گھٽ هوشيار ناهن. وٽن اڳتي وڌڻ، سکڻ، سمجھڻ، مقابلي ڪرڻ واريون سموريون صلاحيتون موجود آهن. بس هڪ ڳالهه جي کوٽ آهي ته کين معياري تعليم نه پئي ملي ۽ ان سان گڏ کين معاشرتي مدد به مهيا ڪونه پئي ٿئي. سٺا استاد ڪڻو ڪڻو آهن، هيڊ ٽيڇر پرنسپل يا وي سي جيڪي آهن اهي مال ميڙڻ جي ڪڍ آهن، سپروائيز ۽ اي ڊي او يا ڊي او گولي جا گولن مان تن جي گولي جي مصداق سياسي ماڻهن جا ماڻهون آهن. ٻارن کي تعليمي حوالي سان اسرڻ، نسرڻ، اڳتي وڌڻ، سوچ ۽ سمجھ وارين صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ وارو جيڪو ماحول ملڻ گھرجي اهو ناپيد آهي. پر ان هوندي به سنڌ جي نوجوانن کي جتي به ڪا ڳلٿي يا وٿي ميسر ٿي آهي ته انهن پنهنجو پاڻ کي هرسطح تي مڃرايو آهي. سنڌ جا ڪيئي نوجوان هنوقت به پاڪستان توڙي دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي اعلى تعليم پرائي رهيا آهن. سنڌ جا ڪيئي سلڇڻا پٽ دنيا جي اهم ترين ادارن ۾ اهم پوزيشن تي ڪم ڪري رهيا آهن. پر اها به حقيقت آهي ته اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن، جڏهن ته اسان جي معاشري کي ضرورت آهي ته اهڙا صدورا پٽ هزارن نه پر لکن جي تعداد ۾ هئڻ گھرجن. هن وقت جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي نوجوان پاڪستان يا دنيا اندر ناليوارن ادارن اندر اهم جاءِ والارڻ ۾ ڪامياب ويا آهن ته ان پويان سندن ذاتي ڪوششن جو وڏو هٿ رهيو آهي. لاشڪ اهو تعدا هزارن ۽ لکن ۾ هجي ها جيڪڏهن انهن کي پنهنجن تعليمي ادارن جي مدد مليل هجي ها. جيڪڏهن تعليم جو معيار پرائمريءَ کان وٺي ڪاليج سطح ۽ يونيورسٽيءَ تائين اعلى هجي ته جيڪر اسان سنڌ وارا ڪيئي اهم مورچا بنا ڪنهن جنگ ۽ جدل جي جيتي اچون. سنڌ جي تعليمي تباهيءَ جو ذميوار ڪير آهي؟ واري سوال تي پاڻ وٽ وڏا مناظري نما بحث ٿيندا رهندا آهن. ان سوال جي جواب ۾ استاد شاگردن جي والدين ڏانهن اشارو ڪري چوندا آهن ته ”اسان ته ٻارن سان حال سارو مٿو هڻون ٿا پر سندن والدين ڪڏهن پڇڻ به ناهن آيا!“، جڏهن ساڳيو سوال والدين جي سامهون رکيو ويندو ته اهي استادن جي گسائڻ، نه پڙهائڻ، ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ جا الزام ڌري پاڻ کي آجو قرار ڏيندا رهندا آهن. سياستدان عوام کي ڏوهي قرار ڏيندي نظر ايندا ته ڪامورا هيٺين ملازمن چڙيل نظرايندا آهن. ان نموني اوهان جنهن به اسٽيڪ هولڊر سان ڳالهائيندا ته اهو پنهنجي ذميوارين تي ڳالهائڻ بدران ٻئي تي الزام ڌري پنهنجي ڪوتاهي تي پردي رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. منهنجي راءِ آهي ته اهو هڪ اجايو بحث آهي ته تعليمي تباهي جو ذميوار ڪير آهي. ان بربادي جي پويان ٿورو ڪي گھڻو سڀني جو هٿ رهيو آهي. ها ان حقيقت کان ڪوبه انڪار ڪري نه سگھندو ته سنڌ جي تعليم پرائمريءَ کان يونيورسٽي سطح تائين ڊهندڙ ڀرندڙ حال ۾ آهي ۽ ٻي خوفناڪ ڳالهه جنهن ڏانهن ڪنهن جو ڌيان ئي ڪونه پيو وڃي ته اهڙي صورتحال جي ڪري پوري سنڌ جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي. اسان جي ايندڙ نسلن جو مستقل اونداهو پيو ٿيندو وڃي. اسين ان ڳالهه تي مٿو کپائڻ ته ذميوار ڪير آهي بدران جيڪڏهن اهو سوچيون ته ان صورتحال ۾ بهتري ڪيئن ٿي آڻي سگھجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. جنهن ڌٻڻ ۾ پاڻ سنڌ وارا ڦاٿل آهيون ڇا اهڙي صورتحال محض اسان سان پيش آئي آهي يا ٻيون قومون به ان سان منهن مقابل آهن يا اهڙي قسم جي صورتحال ۾ مثبت تبديلي آڻي سگھيا آهن. ڀلا پري ڇو وڃون پياري پاڪستان جي پنجاب ۽ سرحد صوبي کي ئي مثال طور کڻون ٿا. پنجاهي کن سال اڳ تعليمي ميدان ۾ سنڌ ٻين سڀني صوبن بشمول پنجاب کان به ڪيئي دفعا اڳتي هئي پر اسان جي سياسي نااهلين ڪري اها وئي پوئتي ڌڪبي. ڪو وقت هو ته سنڌ جا نڪما شاگرد جڏهن سنڌ ۾ امتحان پاس ڪري نه سگھندا هيا ته اهي ساڳيا امتحان پنجاب مان ڏيئي ڊگريون وٺي ايندا هيا ۽ هاڻي رڪارڊ جو بلڪل الٽ پاسو پيو هلي ته پنجاب جا نڪما شاگرد ڌڙا ڌڙ سنڌ جي سرحدي ضلعن ۾ رشوت عيوض امتحان ڏئي ڊگريون پيا حاصل ڪن. سرحد جتي ضياالحق جي دؤر کان وٺي مذهبي انتها پسندن علم دشمني جي حد ڪري ڇڏي آهي. پاڻ روز اخبارن ۾ پڙهندا آهيون ته فلاڻي شهر ۾ ڇوڪرين جي اسڪول کي بم جي ڌماڪي سان اڏاريو ويو آهي يا اسڪول ويندڙ ڇوڪرين جي منهن تي تيزاب هارڻ وارا واقعا به ڪيا ويندا رهيا آهن. ملاله يوسف زئي جو جڳ مشهور قصو ته ڪنهن کان به ڳجھو ڪونهي پر اهڙي صورتحال هوندي به سندن تعليمي شرح ۽ تعليمي معيار اسان سنڌ وارن کان تمام مٿاهون آهي. پاڙيسري ملڪ سريلنڪا سالن تائين گھرو ويڙهه جي باهه ۾ سڙندو رهيو آهي پر حيرت جي ڳالهه ته ڏسو سندن تعليمي شرح سؤ سيڪڙو آهي. هندستان جي تيز رفتار ترقي پويان سندن سياسي صلاحيتون ته برابر آهن پر ان ترقي ۾ تعليمي شرح ۽ سٺي معيار جو به وڏو هٿ آهي. اسان کان ته هاڻي بنگله ديش به اڳتي نڪري چڪو آهي. منهنجي هيتري ساري تمهيد ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته هي مسئلو ڪو اهڙو ناهي جنهن جو حل ناممڪن هجي. جڏهن ٻيون قومون يا ملڪ ڀلائي آڻي سگھن ٿا ته اهي سمورا امڪان هتي به آهن. اسان کي معياري تعليم ڏيندڙ تعليمي ادارن جي گھرج آهي. ان سلسلي ۾ حڪومتي ڪوششون ڀلي جڏهن ٿين يا نه ٿين پر جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو اسڪول آهي ان ۾ ٻه ٽي جيڪي استاد آهن، هو جيڪو هيڊ ماسٽر آهي ته انهن کي ڪنهن روڪيو آهي ته اهي تعليم جو معيار نه وڌ ائين!. پرائمري پيڙهه آهي سٺي ڪم جي شروعات اتان کان ئي ٿيڻ گھرجي. ان ڪم ۾ ڳوٺ وارا جيڪڏهن دلچسپي ڏيکاري ڪا تبديلي آڻيندا ته کين به ڪو ڪونه جھليندو. ڪاليج سطح تي پرنسپل کي ڪاليج جي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري کان ڪوبه نه ٿو روڪي يا ٽوڪي، بس اهو آهي ته اڪثر جيڪي اسان جا ان سطح تي پرنسپل مقرر ڪيا ويندا رهيا آهن انهن جي ڪسوٽي غلط رکي ويئي آهي اهي يا ته سينارٽي يا سياسي سفارشن تي مقرر ڪيا ويندا آهن. ٻنهي صورتن ۾ اهي ڪي مثبت تبديلين بدران ذاتي ۽ گروهي مفادن جي رکوالي جي ڪڍ هوندا آهن. پر ان حقيقت کان به انڪار ناهي ته معاشرتي ڀڃ ڊاهه واري هن ئي ماحول ۾ اسان کي پرائمري، سيڪنڊري کان وٺي ڪاليج سطح تائين ڪيئي ڀلوڙ استاد، هيڊ ٽيچر ۽ پرنسپل ملي ويندا جن پنهنجو دين ايمان پئسي کي ڪونه سمجھيو هوندو. مون کي جڏهن به اهڙن اسڪولن يا ڪاليجن جي دؤري جو موقعو مليو ته مون کي بهار جي مند ۾ گھلندڙ ٿڌڙي هير وارو سڀاويڪ احساس محسوس ٿيندو رهيوآهي. خاص ڪري جن تعليمي ادارن کي ڪي سٺا تعليمي اڳواڻ هيڊ ٽيچر يا پرنسپل جي صورت ۾ مليل هوندا آهن ته انهن جي شڪل ئي مٽيل ملندي آهي. ان ڪري ئي ته اهو ڪنهن چيو هو ته ”مون کي ڪو سٺو اسڪول ڏيکاريو مان اوهان کي سٺو پرنسپل ڏيکاريندس“. سٺي اسڪول ۽ ڪاليج جو واسطو سڌوسنئون سٺي هيڊ ٽيچر يا پرنسپل سان هوندو آهي. اهي پنهنجي اداري کي چار چنڊ لڳائڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪندا آهن بس ٿورڙي همٿ هجي، حوصلو هجي ته هر ڳالهه ممڪن آهي. معياري پرائمري تعليم ڪاليج سطح جي تعليم کي وڌائڻ لاءِ ضروري آهي ۽ ڪاليج سطح جي معياري تعليم وري يونيورسٽي جي تعليم جي معيار کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي. جيڪڏهن اسان واقعي به قوم جي تقدير بدلائڻ جا خواهش مند آهيون ته اسان کي هرسطح جي تعليم جي معيار کي وڌائڻو پوندو. جيڪڏهن اسان اڄ کان ڪي ڪوششون وٺنداسين ان ڪم کي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچڻ ۾ گھٽ ۾ گھٽ سورهن کان ارڙهن سالن ۽ اعلى تعليم جي مد ۾ 20 يا 22 سالن جو عرصو لڳندو. معياري تعليم ڪا اڪ جي ماکي ناهي ته اها آساني سان لهي وڃي هي هڪ تمام پيچيدهه عمل آهي، پر آهي به تمام ضروري ان کان سواءِ چاڙهو به ڪونهي. اسان مان گھڻو ڪري سڀ ان ڳالهه تي نظر رکندا آهن ته کين صحيح صحيح ڪم سرانجام ڏيڻ گھرجي ۽ اسان تمام گھڻو وقت ان ڳالهه تي سيڙائيندا آهيون ته صحيح ڪم ڪيئن سرانجام ڏيئي سگھجي ٿو. اها ڪا هروڀرو خراب ڳالهه به ناهي پر جيڪڏهن اسان صحيح ۽ غلط واري جھنجھٽ مان جان آجي ڪري بس منزل طرف پنهنجو سفر بنا دير جي شروع ڪري ڏيون ته تهان سٺو ٿيندو. ها ائين ڪرڻ سان اسان کان غلطيون ٿينديون پر اهي غلطيون ئي صحيح گس لاءِ رهنما ثابت ٿينديون ان ڪري اچو ته سفر شروع ڪريون، صاف نيت سان، نيڪ ارادن سان، چڱائي جي اميد سان، سهاني مستقبل جي آس سان، سنڌ کي پڙهائي ان بچائڻ واري نعري سان اچو ته سفر شروع ڪريون، سفر لاءَ ضروري ناهي ته پاڻ وٽ لکين ماڻهون هجن، هجوم هجن بس ٻه چار جيڪي به آهيون اهي شروعات ڪيون قافلا پنهنجو پاڻ جڙي پوندا.

Thursday, August 1, 2013

تعليمي تحقيق ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽون


مان 2011 ۾ ماسٽر ان ايڊيوڪيشن واري ڊگري انسٽيٽيوٽ فار ايڊيوڪيشنل ڊيولپمنٽ_آغا خان يونيورسٽي ڪراچيءَ (AKU-IED) مان حاصل ڪئي هئي. اها منهنجي ٻن سالن واري ڊگري وڏي جاکوڙ، اڻ ٿڪ محنت سان ڪيل تحقيق ۽ تحقيق مان هٿ آيل مواد کي سهيڙڻ، ان مان نتيجا ڪڍي انهن کي تحرير ڪرڻ بعد ملي هئي. اهو سمورو ڪم مڃيل بين الاقوامي اصولن مطابق ڪرڻو هيو. ان معاملي ۾ ڪن سوالن جا جواب مهيا ڪرڻ لاءَ اڳواٽ ئي اسان کي پابند ڪيو ويو هيو. مثال طور اسان کي اڳواٽ ٻڌائڻو هيو ته اسان جوتحقيقي سوال (عنوان) ڪهڙو آهي، تحقيق ۾ ڪهڙا اوزار (Tool) استعمال ڪيا ويندا، ڪير ڪير ان تحقيقي ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار هوندو، اها تحقيق ممڪن به آهي؟، ڇا اهڙي تحقيق اڳ به ٿي آهي؟ ان مان اسان جي سماج يا لاڳاپيل ادارن يا واسطيدار ماڻهن کي ڪهڙو فائدو رسندو؟ ان تحقيق مان ٻين تحقيق ڪندڙن لاءِ ڪهڙا رستا کلندا؟ ان کان سواءِ اسان کي ڪن تحقيقي اخلاقي اصولن جو پابند بڻايو ويو هيو. مثال طور تحقيق ۾ ساٿ ڏيندڙ ڪنهن به ڀائيوار يا ان شرڪت دار جي اداري جو نالو ظاهر نه ڪرڻ ۽ نه ڪنهن کي ٻڌائڻ (سواءِ سپروائزر جي)، ان ڳالهه جو پورو پورو ڌيان رکڻ ته تحقيق ۾ مدد ڏيندڙن جي مرضي ۽ منشا مطابق کانئن وقت وٺي وٽن وڃي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ، انهن جي جذبن، احساسن جو احترام ڪرڻ، کين پنهنجي تحقيق ۾ ڀائيوار ڪرڻ لاءِ کين پنهنجو پورو پورو منصوبو لکت ۾ ڏئي سمجهائي قائل ڪرڻ وغيره. چوڻ جو مطلب هي آهي ته جيڪي به تحقيق ۾ حصيدار ٿيندا انهن جا ۽ انهن جي ادارن جا فرضي نالا لکت ڏنا ويندا ته جيئن ڪنهن به صورت ۾ سندن اصليت ظاهر نه ٿئي ۽ کين ڪنهن به قسم جي نقصان پهچڻ جو ڪو انديشو ئي نه رهي. مون انهن مٿين ڳالهين تي سختي سان عمل ڪندي ڪنهن به پنهنجي تحقيقي ساٿين جا نالا ڪنهن به فورم تي لکت يا زباني ظاهر ناهن ڪيا ۽ نه آئندهه ڪندس. پر اتي مون ڇا ڏٺو، ڪهڙا تجربا ٿيا؟ ڪهڙين ڏکيائين کي منهن مقابل ٿيڻو پيو ۽ انهن جا ممڪن سبب ڪهڙا ٿي سگھن ٿا انهن ڳالهين کي تحرير ۾ آڻڻ جو حق مون کي حاصل آهي. ڇوته انهن ڳالهين لاءِ مون اڳواٽ ئي کانئن لکت ۾ اجازت وٺي ڇڏي هئي. منهنجي تحقيق جومحور سنڌ جي ڊگري ڪاليجن ۾ ڪم ڪندڙ پرنسپل هيا. اهي پنهنجي پوزيشن کي ڪيئن ٿا ڏسن، اهي پنهنجي ڪم ڪار ۾ ڪهڙي نموني چڱ ڀلائي آڻڻ جا خواهشمند آهن، انهن جي سوچن يا دعوائن سان سندن عملي ڪم ڪيتري مطابقت ٿو رکي. اڄوڪي هن مضمون ۾ مان پنهنجي تحقيقي سوال يا عنوان تي بحث ڪرڻ بدران ان ڳالهه کي بيان ڪندس ته هڪ تحقيق ڪندڙ کي تحقيقي مواد هٿ ڪرڻ وقت ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي. مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ماحول (Context) ۾ اسان جي استادن، هيڊ ٽيچرس ۽ پرنسپلس کي تحقيق جي ڄاڻ زري گھٽ ٻڙي برابر آهي. تمام گھڻين سمجهاڻين بعد به تمام گھڻن تحقيقي ڀائيوارن (Research Participants) مون کي هڪ قسم جو جاسوس پئي سمجھيو. کين اهو ڀؤ وراڻيو پيو هو ته متان مان سندن ڪنهن ڪمزور پهلوءَ کان واقفيت حاصل ڪري کين بليڪ ميل نه ڪريان. منڍ ۾ منهنجو هڪ تحقيقي ڀائيوار هڪ مانوارو سينئر ترين، اهڙو پرنسپل هو جنهن جي رٽائرڊمنٽ کي باقي وڃي ڪي مهينا رهيا هيا، هو سٺي ساک واري استاد جي سڃاڻپ رکندڙ هيا ۽ شهر ۾ اڌ کان وڌيڪ پڙهيل سندس شاگرد رهيا هوندا. مون کين پنهنجو سڄو منصوبو پنهنجي سمجھ آهر پوري نموني کولي کولي سمجھايو ۽ هنن منهنجي تحقيق ۾ ڀائيواريءَ لاءِ رضامندي ظاهر ڪندي مون کي ڪجھ ڏينهن بعد جو وقت ڏنو. مان سندن مرضيءَ ۽ منشا مطابق ڏنل تاريخ ۽ ٽائيم تي مقرر جڳهه تي پهتس ته سائيجن پنهنجي تمام گھڻي مصروفيت جو بهانو ڪندي وري ٻي تاريخ ڏني ۽ ان نموني چئن پنجن فضول حاضرين ڀرائڻ ۽ منهنجو قيمتي وقت برباد ڪرڻ بعد پڙ ڪڍي بيهي رهيا ته ”هو اهو ڪم نه ٿو ڪري سگھي“. سندن چوڻ هيو ته ”مون اڳ اهڙي ڪم ڪري تمام گھڻو لوڙيو آهي“. مون کي خبر ناهي ته اسان جي هن محترم پرنسپل اڳ ڪهڙي ڪم جي ڪري تمام گھڻو لوڙيو هوندو پر مون کي اها ڳالهه سمجھ ۾ نه آئي ته هڪ تعليمي تحقيق ۾ ڀائيور ٿيڻ ڪري کيس ڪهڙو نقصان رسي ها جنهن ۾ مڪمل رازداري جي اصول کي اپنايو ويندو آهي. افسوس ته اسان جا سينئر ترين پروفيسر جيڪي رٽائرڊمنٽ جي ويجھو پهتل آهن سڄي ڄمار ٻيو ته ٺهيو پر اها ننڍڙي ڳالهه پروڙي نه سگھيا آهن. ان هڪ واقعي تي سرسري نظر وجھڻ سان ئي معلوم ٿي ويندو ته اهڙن دوستن جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۽ تعليمي سرشتي تي ڪهڙي نظر هوندي. اهڙا لڪير جا فقير جڏهن سنڌ جي اهم ڪاليجن جا پرنسپل هوندا ته اتي مثبت تبديليءَ جا باقي ڪهڙا وڃي امڪان رهندا؟ جيئن ته اسان جي تحقيق ۾ ڪنهن به زور زبردستيءَ جو ڪو به عمل دخل ناهي هوندو هن منهنجي ساٿيءَ ته مون کي پنهنجي ڪم جي شروعات کان اڳ ئي معذرت ڪري ڇڏي هئي جنهن جو کيس پورو پورو حق حاصل هيو پر هو جيڪڏهن اڌ ڪم بعد به اهڙي قسم جي ڳالهه ڪري ها تڏهن به مان کيس ڪا ميارڏيڻ کان سواءِ هليو وڃا ها جو اها تحقيقي اخلاقيات جو مکيه جز آهي، ان ڪري مان سندس شڪريوا دا ڪري هليو آيس. هن قسم جي ريسرچ ڪرڻ لاءِ هڪ قسم جو ٽڪنڊو جوڙڻو پوندو آهي ته جيئن گھربل مواد پنهنجي اصلي ۽ صحيح معنى ۾ نڪري نمودار ٿئي. ان ڳالهه کي نظر ۾رکندي مون ٽن ڊگري ڪاليجن جا پرنسپل پنهنجي تحقيق جي دائره ۾ رکيا هيا، انهن ڪاليجن ۾ وري هڪ هڪ فوڪس گروپ جنهن ۾ ٻه پروفيسر ۽ هڪ غيرتدريسي عملي جو ماڻهون شامل هيو رکيل هيا جڏهن ته هڪ تحقيقي ڀائيوار پرنسپلس کان مٿاهون عملدار رکيو ويو هيو. ڪاليج سطح جي تعليم واري شعبي سان واسطو رکندڙ، نيچرل سائنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪيل پنهنجي ان ڀائيوار لاءِ سوچيندي مون پنهنجي رب جا شڪرانا پئي ادا ڪيا ته مون کي هڪ تحقيقي ساٿي اهڙو به ملي ويو آهي جيڪو اعلى تعليم يافته هئڻ سان گڏ پاڻ به اهڙي عمل مان گذريل آهي ۽ هو منهنجي هن ڪم ۾ نه صرف ڀائيوار ٿيندو پر مون کي ان لاءِ همٿائيندو ۽ ٻيو ته مونکي وٽانئس موزون ۽ ٺهڪندڙ مواد ملي ويندو. ساڻس وقت وٺي مليم، کيس پنهنجو سمورو منصوبو سمجهايم، ۽ کيس هڪ عدد انٽرويو لاءِ عرض رکيم، مون کي سندس انٽرويو رڪارڊ ڪرڻو هيو. سندس اصرار هيو ته مان کيس سوال ڏئي ڇڏيان ته هو انهن سوالن جا لکت ۾ مون کي جواب مهيا ڪري ڏيندو. حالانڪه اهڙو ڪم منهنجي لاءِ تمام گھڻيون سهولتون مهيا ڪري ڏئي ها ته مون کي لکت ۾ بنا ڪنهن تڪليف جي مواد ملي وڃي ها پر ان معاملي ۾ هڪ ته تحقيقي اخلاقيات مون کي اها اجازت نه پئي ڏني. اصول موجب مون کي اهي ئي ٽول استعمال هيٺ آڻڻا هيا جيڪي مون اڳ ئي لکت ۾ ظاهر ڪيا هيا. انهن ۾ ڦير گھير لاءِ اي آر سي (Educational Review Committee) سان رجوع ڪرڻو پوي ها. ٻيو ته مان ڪيئن تصديق ڪيان ها ته اهي جواب اسان جي واسطيدار عملدار جا آهن يا اهي هن ٻئي ڪنهن کان لکرائي پنهنجو ڪم ٽپايو آهي. مون کيس عرض ڪيو ته قبلا منهنجي تحقيق جي جوڙيل اصولن تحت مجبوري آهي ته مان اوها جو انٽرويو رڪارڊ ڪريان. مون سندس انٽرويو لاءِ جيڪي سوال ٺاهيا هيا اهي سندس حوالي ڪري کيس عرض ڪيم ته ڀلي اوهان هنن کي چڱي ريت پڙهي پوري تياري ڪري اچو ته پوءِ ئي اوهان جو انٽرويو رڪارڊ ڪندس. مان باهمي رضامندي سان مقرر ڪيل ڏينهن ۽ ٽائيم تي سندس آفيس ۾ ويم ته سائين جن ڪراچي ويل هيا، پوءِ وري اسلام آباد جي ياترا نڪري ويا هيا، هڪ ٻه دفعو آفيس ۾ وڃڻ ٿيو ته بقول پي اي جي صاحب جن ميٽنگ ۾ مصروف هيا. اسان جي هر ڪم لاءِ هڪ مخصوص وقت مقرر ٿيل هوندو آهي ۽ منهنجو وقت واريءَ جي ذرڙن جيان منهنجي هٿ جي ترين مان نڪري رهيو هيو. نيٺ مون تنگ ٿي پنهنجي سپروائزر جي راضپي سان ان جي جاءِ تي ٻي عملدار جو انٽرويو ڪيو. ان تجربي ته منهنجا طاق ڪڍي ڇڏيا، مون ڇا سوچيو هو ۽ هي ڪيئن نڪتو!! مان حيرت جي سمنڊ ۾ اڄ ڏينهن تائين پيو غوطان کاوان ته هڪ اهڙو ماڻهون جنهن جون صلاحيتون، علم انتهائي مٿاڇرو هجي ان ڪهڙي نموني پي ايڇ ڊي جهڙي ڊگري حاصل ڪري ورتي آهي. جيڪڏهن اسان جي ادارن ۾ اهڙا پي ايڇ ڊي آهن ته پوءِ ادارن جو حشر جيڪو ٿيڻ گھرجي اهو سڀ ڪجھ اسان جي سامهون آهي. ٻيو ته اهڙا ماڻهون جن جي پي ايڇ ڊي يا ايم فل جون ڊگريون ته آهن پر اهي انتظامي عمل يا تعليمي ماحول ۾ اڳواڻي واري ڪردار متعلق ناهن ته انهن کي آخر ڪار اهڙن منصبن تي ڇوٿو ويهارو وڃي. کين ته سندن واسطيدار ڊگرين ڪري ساڳين مضمونن لاءِ تعليمي ادارن ۾ ڇڏجي ته اهي تي پڙهندڙ شاگردن کي پنهنجي علم مان لاڀ ڏئي سگھن....پر هتي ٻڌي ڪير ٿو!! منهنجي تحقيق جو ٻيو پرنسپل به خوش قسمتي يا بدقسمتيءَ سان ايم فل هيو. سندس ڏنل جوابن مان مون سندس کوکلي پڻي ڄاڻي ورتي هئي. سندس سوچ انتهائي هيٺين درجي واري، تعليمي اڳواڻي سان ٽڪراءَ ۾ ايندڙ هئي. جنهن کي ڪنهن تي به اعتبار نه هيو، سندس چوڻ هيو ته هڪ پرنسپل لاءِ وڏي ۾ وڏو مٿي جو سور اهي استاد يا پروفيسر آهن جن سان هن ڪيئي سال گڏ ڪم ڪيو آهي. حالانڪه جيڪڏهن اوهان ان ڳالهه کي ٻئي اينگل کان ڏسو ته اهي اوهان جا دوست جن سان اوهان سالن کان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيو ته اهي ته اوهان لاءِ انتهائي مددگار ٿي سگھن ٿا، پر سندس سوچ ئي الٽي هئي. مون دل ئي دل ۾ اهڙن پرنسپلس کان سنڌ جي ڪاليجن کي بچائڻ لاءِ خدا پاڪ کان دعائون پئي گھريو. سنڌ جي ڪاليج سطح جي تعليمي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. ان جا انيڪ ٻيا به سياسي، سماجي سبب ٿي سگھن ٿا پر ان تباهي ۽ برباديءَجو هڪ سبب انهن ڪاليجن مٿان مڙهيل، عقل، علم، جذبي، واسطيدار ڊگرين کان وانجھيل اهي پرنسپل صاحبان به آهن، جن کي هڪ ته تعليمي اڳواڻي جي الف بي جي خبر به ناهي ٻيو ته تعليمي ماحول جي بحالي سندن ترجيحن ۾ به شامل ناهي. اهي اهو به نه ٿا ڄاڻن ته تعليمي تحقيق جي اهميت ڇا آهي. وقت جي اهم ضرورت آهي ته اسڪول ۽ ڪاليج سطح تي اسان جا ادارا ڪي تحقيقون ڪرائي حقيقتون ظاهر ڪن ته جيئن هڪ پاسي ته استادن، پرنسپلس،شاگردن، والدين ۽ ڪميونٽيءَ کي انهن کان واقفيت ٿئي ته ٻي پاسي پاليسي جوڙيندڙ به انهن حقيقي مسئلن تي ڌيان ڌرينِ. اسان جون ڪيئي يونيورسٽيون بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي ڊگرين جي جمع بازار لڳايون ويٺيون آهن پر افسوس ته سندن اهو سمورو عمل رڳو پئسن ڪمائڻ لاءِ آهي کين اهو احساس ئي ناهي ته سندن اهو عمل سنڌ جي ٻرندڙ تعليمي ماحول مٿان پئٽرول هارڻ برابر آهي. ڀلا اهڙيون يونيورسٽيون جن ۾ تعليمي شعبو ئي نه هجي اهي جڏهن بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي ڊگرين ڏيڻ جا مجاز هوندا ته ڪهڙا نتيجه برآمد ٿيندا؟ هڪ روشني جي ڪرڻ هاڻي مون کي نظر اچي رهي آهي. سکر انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (Sukkur IBA) تعليم جو شعبو کولي اتي تعليم واري شعبي لاءِ ڊپلومه ۽ بي ايڊ جي ڪورسن ڪرائڻ جو عمل شروع ڪيو آهي ته ان اداري مان توقع رکي سگھجي ٿي اتي تعليم حاصل ڪندڙ گريجئيٽ ۽ مستقبل ۾ پوسٽ گريجئيٽ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي عملي تحقيقي ڪم سان لڳائي منجھائيندڙ مسئلن کي نه رڳو اجاگر ڪيو ويندو پر انهن جي حل لاءِ به پيش قدمي به ڪئي ويندي. معياري تعليم لاءِ ڏاهن استادن جي اشد ضرورت هوندي آهي. سٺن ۽ جذبي وارن استادن سان ئي تبديليءَ جو عمل شروع ٿيندو آهي. هنوقت اسان جي استادن کي تربيت ڏيڻ لاءِ اهڙو ادارو گھربل آهي جيڪو اهو ڪم جديد تحقيقي گھرجن پٽاندڙ سرانجام ڏئي. katohar@gmail.com

Thursday, July 25, 2013

ڪاليج پرنسپل مقرري_هڪ مطالعو


مون سال 2011 ۾ ايڊوڪيشن ۾ ماسٽر جي ڊگري لاءِ هڪ تحقيق ڪئي هئي. منهنجي تحقيق سنڌ اندر ڊگري ڪاليجن جي پرنسپلس جي پنهنجن ڪاليجن ۾ اڳواڻي متعلق سندن سوچن ۽ انهن جي عملن جي پرک متعلق هئي. مان پاڻ ساڳي فيلڊ سان واڳيل آهيان ۽ هڪ استاد جي حيثيت ۾ ٻن ڏهاڪن کان ڪم پيو ڪريان. ان ڪري گھڻن ڳالهين کان واقفيت آهي. پر هن دفعي جڏهن مان پنهنجي ساڳي فيلڊ ۾ ويو هوم ته مون وٽ هڪ تحقيق ڪندڙ واري اک هئي. اهڙي اک جنهن وٽ زيرِ زَبر کي جانچڻ لاءِ پنهنجا طور طريقا ۽ ماپا هيا. ان ڪري مون جڏهن هڪ تحقيق ڪندڙ جي حيثيت سان ڪاليجن اندر پرنسپلس جي سوچن کي پرکڻ، انهن جي عملي نموني ڪم ڪار ڪرڻ متعلق ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ته ڪيئي نيون ڳالهيون سامهون آيون. سنڌ اندر هي پنهنجي نوعيت جي پهرين تحقيق هئي، ڇوته هن کان اڳ ڪنهن به محقق ڪاليج سائيڊ تي اڳواڻي متعلق ڪا تحقيق نه ڪئي آهي. مان تمام گھڻن ڪتابن، ريسرچ آرٽيڪلس ۽ مضمونن ۾ پڙهيو آهي ته دنيا اندر استادي پيشو وڏي جفاڪشيءَ وارو آهي ۽ کين پنهنجي ڪم کي ڪارائتي نموني سرانجام ڏيڻ لاءِ پنهنجي اداري اندر ۽ گھر ۾ ويهي وڏي تياري ڪرڻي پوندي آهي ۽ انهن استادن کان ڪيئي دفعا وڌيڪ ڪم اداري جي پرنسپل کي ڪم ڪرڻا پوندا آهن. ان سخت ڊيوٽي ڪري اولهه جي ملڪن اندر اسڪولن ۽ ڪاليجن لاءِ پرنسپلس هٿ ڪرڻ وڏو مٿي جو سور بڻيل آهي. پر هت پنهنجي ماحول ۾ الٽي گنگا پئي وهي. سرڪاري تعيلي ادارن اندر استادي جي پيشي سان تعلق رکندڙ بادشاهه آهن ته پرنسپل وري وڏو شهنشاهه آهي. افسوس ته ڪوبه مؤثر مانيٽرنگ جو سسسٽم موجود ناهي، ڪنهن به قسم جي اسيسمنٽ ڪونه پئي ٿئي ۽ نه ئي ڪا اپريزل ڪئي ويندي آهي ته ڪير ڪير ڪيتري پاڻي ۾ آهن يا سندن ڪيل ڪم جا نتيجا ڪهڙا ٿا نڪرن. پرنسپلس جي پوسٽنگ ياته سينارٽي يا وري سياسي لڳ لاڳاپن جي ڪري ڪئي ويندي آهي. جيڪي اهڙين پوسٽنگس ڪرڻ جا مجاز آهن، اهي اهڙن پوسٽن جي اميدوارن پاران پيش ڪيل سفارشي ماڻهن جي اثررسوخ جي تڪ تور ته ڪندا آهن پر ڀلجي ڪڏهن انهن اميدوارن جي مهارتن جي پڇا ناهن ڪندا.ا هي اهو ناهن ڏسندا ته موصوف ان اهم پوسٽ تي ويهي اداري کي چار چنڊ لڳائيندو يا مورڳو اها ٻيڙي ئي ٻوڙي ڇڏيندو. اوڻٽيهه سال ست مهينا ڪو مضمون پڙهائي ويهي گريڊ جي ترقي ماڻي پرنسپلشپ جي چارج وٺندڙ کي ان عمر ۾ ڪاليج اندر تعليمي ترقي بدران رٽائرمنٽ وارن ڪاغر پٽن جي ڳڻتي ڳاراڻو وڌيڪ هوندو آهي. کيس ڪاليج جي فنڊن جي صورت ۾ سڄي عمر جي محرومين جي ازالي ڪرڻ وارا سنهرا سپنا ساڀيان ٿيندي نظرا يندا آهن. اهڙي ذهني سوچ جي مالڪ پرنسپلس کان اسان تعليمي سڌارن جي ڪهڙي اميد ڪري سگھون ٿا! ان کان سواءِ تحيقيق ۾ اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته ڪنهن تعليمي ادارن اندر شاگردن کي پڙهائڻ وارو تجربو ضروري ناهي ته اهو استادن يا پروفيسر کي ان ڳالهه جي قابل نه ٿو بڻائي ته هو تعليمي اداري اندر سڀ کان اهم اڳواڻيءَ واري سيٽ يعني پرنسپلشپ جون ذميواريون احسن طريقي سان سنڀاري سگھن. پرنسپلشپ وارين ذميوارين کي هلائڻ لاءِ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي هئڻ وارو معاملو به الجھيل آهي. جيڪڏهن ڪنهن انٽرنيشنل افيرس يا اسلاميات ۾ ايم فل يا پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ۽ هو پنهنجي ان اعلى ڊگري جي ڪري جلد پروموشن وٺي سينئرس جي لسٽ ۾ پهچي پرنسپل جي ڪرسي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي ته اسي فيصد امڪان اهي آهن ته اهو اداري کي هلائي ڪونه سگھندو. سڀ کان اول ته اسان کي اهو سمجھڻو پوندو ته پڙهائڻ ۽ اداري جي اڳواڻي ڪرڻ ٻه مختلف ڪم آهن. هڪ تمام سٺو استاد به بدترين پرنسپل ٿي سگھي ٿو. ان ڪري پرنسپل جي چونڊ لاءِ اسان کي ڪي ماپا ٺاهڻ گھرجن. انهن ماپن ۾ لاڳاپيل فيلڊ ۾ حاصل ڪيل اعلى ڊگري، رجحان، اڳواڻي ڪرڻ وارن وارن گڻن جي هئڻ کي لازمي شامل ڪرڻ گھرجي. انهن ڳالهين کي چٽي نموني سمجھڻ لاءَ اچو ته هڪ ڪيس اسٽڊي جو مطالعو ڪيون. تازو اتر سنڌ جي هڪ ڪاليج اندر ايم فل جي اعلى ڊگري جي آڌار تي تڪڙي ترقي ماڻي هڪ پروفيسر پرنسپل جي سيٽ هٿ ڪري ورتي هئي، ايم فل جي ڊگري کيس هڪ ئي جمپ ۾ سترهين کان اوڻويهين گريڊ تائين پهچايو هيو ۽ تازو جيڪي اوڻويهين گريڊ کان ويهين گريڊ ۾ ترقيون عمل ۾ آيون آهن ته سندس نالو به ان ۾ شامل هيو. ايم فل جي ڊگريءَ سندس پروموشن واري عمل ۾ ته معجزانه ڪم ڪري ڏيکاريو هو پر افسوس ته سندس ان ڊگريءَ کيس بطور پرنسپل جي ڪابه مدد نه ڪئي. ان جو سبب اهو هيو ته اها بلڪل اڻ لاڳاپيل هئي. اڻ لاڳاپيل مان منهنجي مراد هي آهي ته ان جو واسطو ڪاليج سطح تي ايڊمنسٽريشن، پرنسپلشپ (اڳواڻي) واري پاسي سان نه هيو. پرنسپل صاحب جو پنهنجي سائي تي به اعتبار نه هيو. هو پنهنجي ذات پاڪ کان سواءِ ڪنهن جي مفادن جي ڳالهه ڪرڻ کي گناهه ڪبيرا تصور ڪندو هو. پرنسپل صاحب هڪ اهڙي فوج جو سربراهه بڻجي رهجي ويو هيو جنهن جو سپاهي به هو پاڻ هيو ته سپهه سالار پڻ! نتيجو اهو نڪتو ته ڪاليج اندر افرا تفري جو ماحول پيدا ٿي پيو. ڪيڏانهن منهن مريم جو ڪيڏانهن الهيار جي مصداق ڪاليج جا پروفيسر هڪ پاسي ته پرنسپل ٻئي پاسي ٿي بيهي رهيو. ڪاليج اندر پاڙهيندڙ پروفيسر پنهنجو پاڻ کي بلڪل غير محفوظ سمجھڻ لڳا. ان ”باس“ نما پرنسپل صاحب ثابت ڪيو آهي ته هو باس ناهي پر بگ باس آهي. هو فيصلا رڳو پريشر ۾ اچي ڪندو هو، فيصلا ڪري پوءِ انهن تي هڪ سؤ اسي ڊگري تي قلابازي کائي ڦري ويندو هو. ڪجھ عرصو اڳ ويهن کان مٿي حاضر پروفيسرس کي غير حاضر ڄاڻائي رپورٽ تي پاڻ ئي پاڻي ڦيري ڇڏيائين. ڪجھ عرصو اڳ ڪجھ استادن کي دير سان اچڻ ڪري انهن جي صحيحن مٿان ڳاڙهي پين سان مانڌيئڙا ڏيڻ جو ڪارنامو ته ڪيائين پر زور بار پوڻ ڪري بعد ۾ مسٽر رول مان انهن مانڌيئڙا پاتل پنن کي ڦاڙي انهن جي جاءِ تي سڀني کي ٻيهر صحيحيون وٺڻ جي اجازت به پاڻ ئي ڏنائين. ڪاليج ۾ پڙهائي جي سيشن جي پوري ٿيڻ تائين ڪلاسن هلائڻ لاءِ ٽائيم ٽيبل روز جي بنياد تي تيار ٿيندو هيو. ڪجھ پروفيسر مشڪريءَ ۾ ان ٽائيم ٽيبل کي ڪمپيوٽر جي اهڙي سافٽ ويئر سان تشبيهه ڏيندا هيا جيڪا روز روز اپ ڊيٽ ٿيندي هجي. اهڙي ماحول ۾ ٻرنديءَ تي تيل تڏهن پيو جڏهن پرنسپل واري سيٽ جي آڌار تي پاڻ کي ڪامورو سمجھندڙ ان دوست ڪاليج جي ڪجھ عزتوارن پروفيسرن سان تمام بد شدڳالهايو ۽ کين حسب روايت شوڪاز نوٽيس جار ڪيا. پرنسپل ۽ ڪاليج جا پروفيسر ڪنهن اوائلي لڙائين ۾ آمهون سامهون بيٺل فوجن وانگر هڪ ٻئي خلاف صف آرا ٿي بيهي رهيا. اهڙي ماحول ڪري ڪاليج اندر پڙهائي واري وهنوار تي تمام خراب اثر پيا ۽ تعليمي اداري جو تقدس پائمال ٿيڻ لڳو. هونئن پرنسپل ان ڪري مقرر ڪيا ويندا رهيا آهن ته اهي اداري اندر ڪم ڪندڙ سمورن ڌرين وچ ۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪندي اهڙو ماحول پيدا ڪن ته استاد پنهنجي پڙهائڻ واري فن ۾ مهارت جي معراج کي ڇهن ته جيئن اتي داخل شاگردن جي وڌ کان وڌ سکيا وارو عمل ممڪن ٿي سگھي. اڄ ڪالهه منهنجي مطالعي هيٺ ڪيري ڪوپر ۽ ويلري سٿلرلينڊ جو انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب 30 Minutes…To Deal With Difficult People (Cary Cooper & Welerie Sutherland) آهي. ان جي صفحي نمبر17 تي Characteristics of the abrasive personality ٻڌايل آهن. سولي سنڌي ۾ انهن ماڻهن جون خصوصيتون بيان ڪيل آهن جيڪي رڳڙائو، نود، ڏکيا يا ڏنگي قسم جوهوندا آهن. ان ۾ لکارين ڄاڻايو آهي ته اهي ضدي هوندا آهن، حرفت ۽ هنر کان آجا، ٽوڪ ۽ طنز جا ماهر، ٻئي جي راءِ کي بنادير جي، ٻڌڻ بنا ئي رد ڪري ڇڏڻ وارا، ٻين جي ڪم ۾ سدائين ڪيڙا ڳولهڻ وارا، ٻين جي ڀيٽ ۾ پنهنجو پاڻ کي اعلى دماغ سمجھڻ وارا، ٻين تي پنهنجي راءِ مڙهڻ ۽ کين هرحالت ۾ سندن پاران جوڙيل معيار تي هلڻ تي زور ڏيڻ وارا، پنهنجي ڳالهه کي حرف آخر سمجھڻ وارا، پنهنجي پاران ٺاهيل/جوڙيل اصولن ۽ ظابطن تي ڪوبه سمجھوتو نه ڪرڻ وارا، گڏجاڻين ۾ پنهنجي ڳالهه مڃائڻ وارا، سدائين ٻين کي نااهل سڏڻ وارا هوندا آهن. اهڙن ماڻهن جو پارو هڪدم چڙهي ويندو آهي، جڏهن ڪوبه ساڻن اصولي اختلاف رکندو آهي ته هو انهن تي تمام زوردار نموني حملي آور ٿيندا آهن، هو هر ان ماڻهون کي دشمن سمجھندا آهن جيڪو ساڻن ڪو اختلاف رکندو آهي، اهي گھڻو تڻو الڳ ٿلڳ رهڻ پسند ڪندا آهن، کين پنهنجي طاقت، مرتبي، ڄاڻ، حيثيت تي وڏو ناز هوندو آهي. مون جڏهن ”گورن“ جا اهي خيال پئي پڙهيا ته منهنجي ذهن جي پردي تي ان قسم جي ماڻهن جا عڪس چٽا ٿيندا پئي ويا. جڏهن مون اهي سموريون خصوصيتون پڙهي پوريون ڪيون ته مونکي هڪ هڪ ٿي اهي سمورا پرنسپل ياد اچڻ لڳا جن سان مون کي گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو هو. انهن مان اڪثريت جا رويا اهڙا ئي هيا جيڪي مٿي بيان ڪيا ويا آهن. اهي پنهنجو پاڻ کي عالم ۽ باقي سموري استاد برادري کي جاهل چوندا هيا. کين ان ڳالهه جو هميشه درد ستائيندو رهندو هو ته کين گھٽ عقل ۽ علم وارن ماڻهن جي اڳواڻي وارو ڏکيو ڪم سونپيو ويو آهي. هر ميٽنگ جنهن ۾ اهي شرڪت ڪندا هيا ته بس سندن هدايتون ئي هلنديون هيون. اسان جن پرنسپلس ۾ اڪثريت موڊي ماڻهن جي رهي آهي جيڪي پنهنجي ذاتي محرومين جو ازالو به پنهنجي اسٽاف وارن کان وٺندا آهن. ساڻن جنهن به ڪو اصولي اختلاف رکيو هوندو ڄڻ پنهنجي پير تي ڪهاڙو وهايو هوندو. پوءِ اهڙن استادن کي اي سي آر واري مار اهڙي ته ملي هوندي ته سندن ست پيڙهيون به ياد رکنديون. ڪيئي مڻيادار استاد صليب تي چاڙهيا ويا. سندس آڏو جيڪڏهن ڪنهن ٻئي پرنسپل جي ڀلجي ڪري به جي ڪنهن ڪا نيڪي بيان ڪئي ڄڻ پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيائين، ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هِن جي هوندي ڪو ٻيو اهل پرنسپل پيدا ٿي سگھي! بس پيدا ڪرڻ واري ان کي پيدا ڪري ان قالب کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو هوندو. سندن اهڙن روين ڪري اڪثر ڪاليجن اندر گھربل تعليمي ماحول جڙي نه سگھيو آهي. ڪاليج سطح جي تعليم کي تمام گھڻي اهميت حاصل آهي. ڪاليج مان تعليم حاصل ڪري شاگرد يا ته عملي زندگي جي چئلنجن کي منهن مقابل ٿيندا آهن يا وري ڪي وڌيڪ اعلى تعليم جي حاصلات لاءِ يونيورسٽين ڏانهن رخ رکندا آهن. ٻنهي صورتن ۾ ڪاليج جي تعليم شاگردن کي سنوارڻ يا بگاڙڻ ۾ اهم ڪردار ڪندي آهي. ڪاليج هجي يا اسڪول ان ۾ وري تعليم جي واڌاري، سڌاري جو سمورو دارو مدار انهن ادارن ۾ اڳواڻي واري حيثيت ۾ ڪم ڪندڙ پرنسپلس، هيڊ ٽيچر جو هوندو آهي. اهي پرنسپال ئي هوندا آهن جيڪي پنهنجي تعليمي ادارن ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪندا آهن، جنهن وسيلي ڄاڻ، هنر، علم، عقل، ڏاهپ جا سرچشما شاگردن جي ذهنن جي آبياري ڪندا آهن. اهي سماج لاءِ هڪ وڏي وٿ جي حيثيت سان نڪري نمودار ٿيندا آهن. دنيا اندر تعليمي اڳواڻي متعلق تحقيق جا جيڪي گرو آهن انهن جو چوڻ آهي ته جتي به ڪو سٺو اسڪول، يا ڪاليج ڏسو ته پڪ ڄاڻو اتي سٺو پرنسپل موجود هوندو. ڊيوس ۽ ٿامس جن جو چوڻ آهي ته انهن اڻ ڪامياب اسڪولن کي ڪاميابيون ۽ ڪامياب اسڪولن کي تيزيءَ سان پوئتي ڍرندي ڏٺو، جن جو سڌو سنئون تعلق انهن ادارن ۾ پرنسپلس جي معيار سان واڳيل هيو. ليٿووڊ ۽ ريحل پنهنجي تحيقيق مان اهو نتيجو ڪڍيو ته ڪنهن به سٺي اسڪول جي اونهي جانچ ڪريو ته اوهان کي اتي هڪ بهترين پرنسپل ملندو. پر افسوس ته سنڌ اندر گھٽ ۾ گھٽ ڪاليج ليول جي تعليم سڀني پاليسي ساز ادارن، وس وارن عملدارن ۽ سياستدانن کان ان نموني وسريل آهي ته اهي ڪاليجن اندر پرنسپلس جي اڳواڻي واري حيثيت کي ثانوي درجو ڏيندا رهيا آهن. انهن پنهنجن سياسي يا گروهي مفادن کي سامهون رکندي اهڙا ماڻهون پرنسسپلس جي ڪرسيءَ تي براجمان ڪرايا جن جو ڪاليجن جي سڌاري يا واڌاري سان يا ته ڪوبه واسطو نه رهيو آهي يا انهن جي ڄاڻ انتهائي معمولي رهي آهي. ان ڪري چاهيندي به اهي ڪاليجن اندر گھربل معيار جي تعليم کي متعارف ڪرائڻ ۾ مڪمل طرح ناڪام ويا آهن. سنڌ اندر اسان کي اهڙي بين الاقوامي معيار وارا تعليمي ادارا گھربل آهن، جيڪي هر سال معياري تعليم جي زيور مالا مال، قابل، لائق، هنرمند شاگردن جا جٿا تيار ڪن جيڪي ملڪي توڙي غيرملڪي مارڪيٽ ۾ پنهنجي اعلى تعليم ۽ صلاحيتن جي آڌار تي عزت ڀريو مقام حاصل ڪري سگھن. ان نيڪ ڪم جي سرانجامي لاءِ اسان جي ادارن کي پنهنجي تعليمي معيار کي وڌائڻو پوندو. معيار سٺن گڻن ۽ قابل استادن جي بدولت ئي وڌائي سگھجي ٿو ۽ اهڙن استادن کي گھربل سهولتون ۽ ماحول مهيا ڪري ڏيڻ وارو ڪم ڪاليج جي پرنسپلس جو آهي ته اهي بنا ڪنهن خوف، انديشي، پريشاني جي پنهنجي صلاحيتن کي تمام سهڻي نموني سرانجام ڏيئي سگھن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪاليج سطح تي اهڙا پرنسپل مقرر ڪيا وڃن جن کي لاڳاپيل ڊگريون هجن، سندن طبيعت ۾ تعليمي اڳواڻي واري صلاحيت اتم نموني سان موجود هجي، اهي تعليم جي ڀلائي کي پنهنجي ايمان جو جز سمجھندا هجن، جيڪي ادارن اندر موجود سمورين وسيلن کي احسن طريقي سان اداري جي فلاح و بهبود لاءِ ڪم آڻين. اهي گڏيل اڳواڻي واري اصول تي ڪاربند هجن، جيڪي پاڻ کي باس، ڪامورو سمجھڻ بدران تعليمي اداري اندر ڪم ڪندڙ استادن ۽ غير تدريسي عملي جو پاڻ کي به هڪ رڪن سمجھن، جن ۾ لچڪ هجي، اهي سٺا ٻڌندڙ هجن، جن وٽ عزت ڏيڻ ۽ عزت وٺڻ جو مادو هجي اهي انهن سڀني ڪمن کي اهڙي نموني سان ڳنڍي هلائين ته جيئن وڌ کان وڌ تعليمي ماحول ٺهي سگھي جتي شاگردن جي پڙهائي جو معيار تمام گھڻو بلند ٿئي ۽ اهي دنيا جي ڪنهن به تعليمي اداري کان پِڙهي نڪتل شاگردن سان مهارتن جو مقابلو ڪري سگھن.

Thursday, July 4, 2013

خيرپور جتي امن سوليءَ تي لٽڪيل آهي


برادرين جي جھيڙي ڪري ڪافي وقت کان وٺي جھنگل جو ڏيک ڏيندڙ شهر ٺري ميرواهه اڃا تائين تپيل آهي، ڪنب ۾ ڪرفيو جهڙي صورتحال آهي، جتي ماڻهون گھرن تائين محدود ٿي رهجي ويا آهن، سمورو شهري وهنوار بند آهي، اسڪولن کي تالا لڳايا ويا آهن، ڪنب ۾ هر هفتي لڳندڙ مال پڙي جنهن ۾ ڪروڙن روپين جي ڏيتي ليتي ٿيندي آهي، اها به لڳڻ بند ٿي ويئي آهي. اليڪشن جي مند ۾ ٿيل جھيڙن جھٽن وارن واقعن ڪري خيرپور شهر پڻ ڳچ وقت کان هڙتالن ۽ سياسي دنگلن جي ور چڙهيل آهي. خيرپور جتي خير ناهي ۽ اها ميرن جي دؤر واري خوشحال رياست به ناهي رهي. خيرپور ضلع جيڪو بادشاهه گر آهي، جتي جيلاني خاندان جي حڪمراني آهي، جتي پاڳارو خاندان رهندو آهي، جتي راڻيپور ۽ گمبٽ جا پير صاحبان آهن، غوث علي شاهه صاحب به اتان جا ئي آهن، هي ضلع وساڻ خاندان جو مسڪن آهي، سڀ آهن پر امن ڪونهي، شهرين ۾ سڪون ڪونهي، ڪوبه انسان پنهنجو پاڻ کي محفوظ نه ٿو سمجھي. جھنگل جو قانون لاڳو آهي، ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ته ڪنهن پوئين صدي ۾ هوندا هاڻي سندن لٺين کي سؤ مٿا ڦٽي پيا آهن. جيڪي شرافت جي سياست ڪندا هيا هاڻي انهن به ان کي طلاق ڏيئي ڇڏي آهي. جيڪو هِن جو يا هُن جو واٺو آهي، سنهي ڪندو آهي، سندن درن تي مٽيون ڀري گيسيون ڪندو آهي بس اهو ئي نور نظر ۽ ڪل عقل آهن ۽ عزتدار آهي. باقي خانداني ماڻهن کي جي انهن واٺن هٿان ڌڪا کائڻا هوندا آهن ته اهي به ڀلجي ڪڏهن هِن ته ڪڏهن هُن هائوس تي چڪر ڪاٽي ايندا آهن ۽ پوءِ موٽندي شرمندگيءَ کان سواءِ کين ڪجھ به پلئه ناهي پوندو. خيرپور جتي لوفرن کي آزادي مليل آهي. جتي چور چوڪيدار آهن. جتي اڳواڻ پاٿاريداري جو ڪم سرانجام ڏيندا آهن. شهر جي اندر ڦر ۽ اغوا جون ڪيئي وارڌاتون ٿيون آهن ۽ اهو عمل مڪمل نموني هڪ فائدي مند ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. هڪ منهنجي دوست جي موٽر سائيڪل ڦر ٿي ويئي هئي، ٻيو ڪجھ ڇوڪرا ڀنگ لاءِ اغوا ڪيا ويا هيا، ان منهنجي دوست وڏي رقم ڏئي پنهنجي موٽر سائيڪل موٽرائي ۽ منهنجي اسرار تي مون کي اهو به ٻڌايو ته اهو ڪم ڪنهن ڪيو هيو. جن به اهي وارڌتون ڪيون هيون اهي وڏي ٺٺ ۽ ٺانگر سان سر عام بازارن ۾ گھمي ڦري رهيا آهن. جڏهن ان قسم جي معلومات مون جهڙي عام ماڻهونءَ تائين پهچي سگھي ٿي ته ڇا اها پوليس وارن کان ڳجھي هوندي؟؟؟!!! خيرپور جتي رڪارڊ ترقياتي ڪم گذريل پنجن سالن ۾ ٿيا پر افسوس جو پهلو هي آهي ته ڪروڙن ۽ اربن روپين جو اهو ڪم عوام جي ڀلائيءَ ۾ گھٽ پر ڪن مخصوص ماڻهن کي ورسائڻ لاءِ وڌيڪ استعمال ٿيو. شهرين کي پاڻي جي بهتر سهولت ڏيڻ لاءِ 77 ڪروڙ روپين جي تمام وڏي رقم جو ڪم ٿيو هيو اهو پهرين ئي برسات ۾ پورو ٿي ويو هيو. ٿيڻ ته ائين گھرجي ها ته جيڪي به فرد ان ايڏي وڏي رقم کي زيان ڪرڻ جا ذميوار هيا انهن کي وائکو ڪري، کين بليڪ لسٽ ڪيو وڃي ها پر ان جي ابتڙ ساڳين ماڻهن کي ان ساڳي ڪم جي مرمت جي بهاني هڪ دفعو ٻيهر وڏي رقم هٿ تي رکي ويئي آهي!!!