Saturday, January 3, 2015

سنڌ جي تعليم ڇو سڌري؟


اسان جا دوست ان ڳالهه تي بحث ڪندا آهن ته سنڌ جي تعليم ڇو ڪونه ٿي سڌري، مان ٿو چوان ته سنڌ جي تعليم ڇو سڌري؟؟
ڪنهن به ڳالهه کي سمجھڻ لاءِ صحيح مسئلو ڳولهڻ انتهائي اهم هوندو آهي ۽ ان سان گڏ مناسب ۽ واسطيدار سوالَ ضروري آهي. کوجنا (جنهن کي انگريزيءَ ۾ ريسرچ چئبو آهي) جي عمل ۾ مسئلي متعلق سوال جي تمام وڏي اهميت هوندي آهي. ان ڪري مان وري به ورجايان ٿو ته سنڌ جي تعليم ڇو سڌري؟
جڏهن تعليمي سڌاري ۽ واڌاري جا ڪي به ڪم ٿيندا نه هجن ۽ جڏهن هر ڪم اونڌو، ابتو ۽ راهه کان ٿڙيل ٿيندو هجي ته پوءِ ڀلا آخر اهو مسئلو حل ڇو ٿئي؟ جڏهن سنڌ جا سياستدان، حڪمران، تعليم جي اهم شعبي جا وزير تعليم جي شعبي کي اهميت رڳو ان لاءِ ڏين ته ان مد ۾ نوڪريون تمام گھڻيون هونديون آهن ۽ نوڪريون تڪ وارن ووٽرن، مامن ڀاڻيجن ۽ ڪارڪنن ۾ ورهائي تڪ ٺاهڻا آهن، ووٽ وٺڻا آهن ته اهڙي خسيس سوچ ۽ پاليسي هوندي آخر سنڌ جي تعليم ڇو سڌري؟
جڏهن اهليت کي سئو بجا ڏيئي، رشوت، پنهنجا نوازڻ، ڪارڪنن کي راضي رکڻ جي نالي ۾ نااهل، ڪرپٽ ماڻهن جون لوڌون ڀرتي ڪري اهم جاين تي کين ويهاربو ته پوءِ سنڌ جي تعليم ڇو سڌري؟
جڏهن اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين جي هيڊ ٽيچر، پرنسپل ۽ وي سي جي ڪرسين تي چٻ ويٺا هجن، جن جو تعليم جي سڌاري ۽  واڌاري سان ڪو پري جو تعلق به نه هجي ته پوءِ تعليم ڇو سڌري؟
جڏهن استادن جا پروموشن يا پوسٽنگس سندن ڪيل ڪم جي جائزي بدران سينارٽي يا سياسي لڳ لاڳاپن جي ڪري ڪيا وڃن ته سنڌ جي تعليم ڇو سڌري؟
جنهن پرڳڻي جا استاد اسڪولن کان گسائيندا هجن، والدين بي پرواهه هجن، ڪامورا رشوت خور هجن، شاگرد ڪم چور هجن ته تعليم ڇو سڌري؟
جڏهن پرائمري، سيڪنڊري، هائير سيڪنڊري، ڪاليج کان وٺي يونيورسٽي تائين استاد تنظيمن جي جدوجهد جو محور محض پروموشن حاصل ڪرڻ يا سهولتن وٺڻ لاءِ هجي ۽ ڪڏهن ڀلجي به اهي معياري تعليم جي واڌ ۽ ويجھ جي لاءِ سوچ ويچار نه ڪن ته سنڌ جي تعليم ڇو سڌري؟
جڏهن گوسڙو ماسترن جي فيڪٽري ته کليل هجي (پئسه وٺي کين پڙهائڻ واري ڪرت کان آجپو ڏياريندڙ سپروائزر، ڊي اي او وغيره) بس ٿڪ لعنت رڳو گوسڙوئن تي ٿئي ته سنڌ جي تعليم ڇو سڌري؟
هي مسئلو رڳو استادن، شاگردن، والدين جو هجي ها ته شايد ڪڏهڪو مثبت نتيجا اچي وڃن ها.   سياسي مداخلت، ميرٽ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي، غلط ڀرتين ۽ انتهائي غلط ماڻهن کي اهم عهدن تي رکڻ ڪري تعليمي ادارا صفا ويهجي ويا آهن. پر مسنٽر ، سيڪريٽري تعليم کان وٺي هيٺين ڪامورن تائين ڪوبه اها ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڀلا جيڪي ماڻهون پاڻ ڪرپشن جا بادشاهه آهن، جيڪي نااهل آهن، جن کي ادارن هلائڻ جو نه ته ڪو ڏانو آهي نه ڏات نه ئي انهن وٽ ڪي واسطيدار سندون آهن ته انهن کي ڊاريڪٽر، اي ڊي او، پرنسپل، سپروائيزر، آڊٽ آفيسر بڻائي اسان ڪهڙي نموني سنڌ جي تعليم سڌاري سگھون ٿا. ان ڪري مان اهو ٿو چوان ته اهڙن افعالن هوندي سنڌ جي تعليم ڇو سڌري.....تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري جا جيڪي به انڊيڪيٽر آهن انهن کي سمجھڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ بدران بس رڳو ڏنڊي جي زور تي يا استادن کي سسپنڊ ڪرڻ يا نوڪرين مان نڪالي ڏيڻ سان ته تعليم ڪونه سڌرندي. تعليمي عمل جي مٿان نظر داري ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن اسان سڀ کان وڌيڪ رشوت جي بازار گرم ڪري هلندڙ روينو عملدار مقرر ڪنداسين ته پوءِ ڀلا تعليم ڇو سڌري؟
مون کي منهنجي هڪ دوست ڏاڍي مذيدار ڳالهه ٻڌائي هئي؛ منهنجو اهو نوجوان دوست فرانس مان پي ايڇ ڊي ڪري جڏهن واپس وريو هو هو ته سنڌ حڪومت ۾ ويٺل وزيرن ۽ ڪامورن کيس ايترو ته تنگ ڪيو هو جو هڪ وقت اهڙو به آيو ته هن ڪاليج سائيڊ تي ليڪچرري واري پوسٽ کي ئي ڇڏي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو. پنهنجي پوسٽنگ جي سلسلي ۾ هو جڏهن تنهن وقت جي سيڪريٽري تعليم سان مليوهو ته سيڪريٽري صاحب کيس ڀاشن ڏنو ته تون سرڪاري قائدن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي پنهنجي موڪل نه ورتي آهي تنهن تي اسان جي دوست کيس گذارش ڪئي هئي ته قبلا هي ڏسو ڪاغذ پٽ، رسيدون جيڪي مون ته وقت سر اوهان جي دفتر ۾ جمع ڪرايا هيا پر اها نااهلي ته اوهان جي عملدارن جي آهي! ان تي صاحب کي سخت ڪاوڙ لڳي هئي ۽ چوڻ لڳو ته تون وري اسان جي ڊپارٽمنٽ کي نااهل ٿو چئين تنهنجي اهڙي جرئت مان توکي هاڻي جو هاڻي فارغ ڪرائڻ جا آرڊر ٿو جاري ڪرايان! هن سندس سامهون سيڪشن آفيسر کي گھرائي کيس نوڪري مان خارج ڪرڻ لاءِ شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جا فرمان جاري ڪيا هيا. اتفاق سان منهنجي ان دوست کي پنهنجي ڳوٺ جو اڻ پڙهيل سياسي وڏيرو ملي ويو هو هن جڏهن کيس سڄي ڳالهه ٻڌائي ته هو کيس واپس سيڪريٽر تعليم جي دفتر ۾وٺي هليو ۽ ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي سگريٽ پيئندي سيڪريٽريءَ کي چيو هو ته ڇڏ هاڻي ضد کي هي پنهنجو ڇوڪرو آهي، هن کي پوسٽنگ ڏي ۽ سيڪريٽريءَ سندس چوڻ تي اڳ ٽائيپ ٿيل ڪاغذ پٽ انوقت ڦاڙي کيس اتي جو اتي پوسٽنگ جو آرڊرڏيئي ڇڏيو هو. سنڌ جي تعليم کاتي ۾ اهڙا ڪامورا وڏين سيٽن تي براجمان ٿيل هجن جيڪي هڪ اعلى تعليم ورتل ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيل نوجوان جي منطقي ڳالهه کي اهميت ڏيڻ بدران هڪ اڻ پڙهيل سياسي اڳواڻ جي ڳالهه مڃي اهو ساڳيو عمل ڪن جنهن کي ڪجھ ساعتون اڳ هو پاڻ قانونن ۽ ظابطن جي خلاف چوندو هجي ته پوءِ سنڌ جي تعليم ڇو سڌري؟؟؟؟؟

Saturday, December 27, 2014

بيڊ گورننس به گورننس ته هوندي آهي پر سکر ۾ ته اها به گوسڙو ماستر وانگر گم آهي؟


مان اسلاميه ڪاليج سکر جي پروفيسرن لاءِ جڙيل ڇهن ڪوارٽرن مان هڪ ۾ رهندو آهيان. دوستو اڄ ڪالهه منهنجي طبيعت ڪا سٺي ناهي ۽ مان جسماني ڪم ڪرڻ ۾ تمام گھڻي تڪليف ٿو برداشت ڪيان پر ان تڪليف هوندي به اڄ مون پنهنجي ڪوارٽر ٻاهران گندي پاڻيءَ  واري ناليءَ کي پاڻ صاف ڪيو جو اهو ڀٿرن، پلاسٽڪ جي ڳوٿرين ۽ گھرن مان گھٽين ۾ اڇلايل گھريلو ڪچري ڪري بند ٿي ويو هو  ۽ گندو پاڻي ناليءَ مان نڪري پاڙي وارن جي درن تائين وڃي پهتو هو. اهو ڪو وڏو ڪارنامو ناهي جيڪو مون سرانجام ڏنو اٿم يا ان ڪم کي مان ڪنو ڪم به نه ٿو سمجھان ته مون جهڙي ماڻهو نءَ کي نه ڪرڻ گھرجي ها پر اها ڳالهه ضرور چوندس ته اهو ڪم ميونسپل ڪاميٽيءَ وارن جو آهي، شهر جي صفائي سٿرائي، صحت افزا ماحول، صاف پاڻي جي هر گھر تائين پهچ، گندي پاڻيءَ جي نڪاسي سندن فرضن ۾ شمار آهن،  پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سکر ۾ سالن کان ميونسپل ڪاميٽي مرحوم ٿي ويئي آهي ۽ ان جو ڪوبه ڪم ناهي رهيو، ڇو ناهي رهيو ان جا ڪيئي ڪارڻ هوندا بس هڪ ڪارڻ جيڪو ظاهر ظهور آهي ان جي ڳالهه ڪندس ته سياسي اڳواڻن ۽ ڪرپٽ عملدارن سڄي ٻيڙي ٻوڙي رکي آهي. پيپلز پارٽيءَ وارن سنڌ تي جيڪي عظيم احسان ڪيا آهن ان ۾ هڪ هي به آهي ته انهن ميونسپل ۾ اڳ جيڪي سرڪاري نوڪريءَ کي حلال ڪندي غريب ماڻهون صفائيءَ وارو ڪم سرانجام ڏيندا هيا ته کانئن اهو حق به کسيو ويو آهي. هاڻي ميونسپل ڪاميٽين ۾ خاڪروب، صفائي سٿرائي، گھٽين جي ٻهاري، گندي نالين جي صفائي واريون نوڪريون ياته عظيم عوامي اڳواڻن جي بوٽن کي صاف ڪندڙ ، سندن بنگلن ۾ چاڪري ڪندڙ ماڻهون رکيا ويا آهن يا ويجھا جيالا، متوالا مقرر ڪيا ويا آهن، جن جو ڪم آهي پگھار کڻڻ ڀلا اهو انهن جو شان ڪٿي آهي ته  اهي وتن گھٽين جون گنديون ناليون صاف ڪندا، اهو ڪم اسان جهڙا اوڻويهين گريڊ جا ماستر سرانجام ڏين ته خير آهي، ڀلا ڪٿي صاحب لوڪن جي ڪٽڻپي وارو ڪم ڪندڙ جو شان ۽ ڪٿي ڪاليج ۾ ايسوسئيٽ پروفيسري جي ماستري ڪندڙ معمولي انسان؟؟؟!!!!
دوستو جنهن ملڪ ۾ اهڙو دستور هجي ته ڇا اهو ڪهڙي منهن سان ترقي ڪندو؟وڌيڪ لکڻ جي بدران اهو سوال اوهان جي بحث لاءِ کليل ٿو رکان......

Wednesday, December 24, 2014

هڪ شخص هڪڙي شهر ۾ دانهون گھڻيون ڪيون...




سنڌ جي يگاني شاعر استاد بخاري پنهنجي هڪ گيت ۾ لازوال سٽون چيون هيون ته ”هڪ شخص هڪڙي شهر ۾ دانهون گھڻيون ڪيون، بي درد لوڪ بند کڻي در دريون ڪيون“. اها هڪ درد ڪٿا آهي، اهو هڪ ارمان ۽ اڌمو آهي، اهو هڪ احساس آهي، اندر مان نڪتل هڪ آهه آهي جنهن کي ٻن سٽن ۾ استاد بخاري ڏاڍي اثرائتي نموني بيان ڪيو هو. ٿي سگھي ٿو ته ڪي دوست جائز نموني هن ڳالهه کي ٻن فردن جي ڳالهه ڪري پيش ڪن ۽ استاد پاران پنهنجي محبوب لاءِ ڏوراپو سمجھن پر جيڪڏهن ان شعر کي وسيع تناظر ۾ ڏسجي ته انهن سٽن مان اسان محسوس ڪنداسين ته هڪ ڏاهو انسان پنهنجي وطن ۽ پنهنجي قوم وارن لاءِ هڪ نياپو ڏيئي رهيو آهي، ائين پيو لڳي ته ڪو يگانو انسان رات جي اونداهيءَ ۾ لالٽين کڻي ماڻهن کي روشن راهن 
.تي هلڻ جا ڏس پيو ڏئي پر پوءِ به ماڻهن پنهنجي گھرن جي درن دروازن کي ٻيڪڙي ڇڏيو آهي.

 هر ماڻهون شاعر جي خيالن کي پنهنجي سمجھ آهر ۽ پيدا ٿيل حالتن سان ڀيٽي ان مان نتيجا ڪڍندو آهي. ساڳي ڳالهه مون لاءِ به صحيح آهي. مان سمجھان ٿو ته استاد بخاري هڪ انتهائي باشعور انسان هو، جيڪو ديس اندر روا ناڪاري روين، ظلم ۽ زيادتين، انيائن کان ڀلي ڀت واقف هو، کيس خبر هئي ته ڪير رهبر جي روپ ۾ زهزن آهن (جيڪي ماڻهن کي غلط رستي ڏانهن پيا ڌڪين)، هو ڄاڻندو هو ته هر حسين چهرو وفادار ناهي هوندو، ٽوهه به سهڻا آهن پر سندن ذائقو انتهائي ڪڙو آهي،  کيس خبر هئي ته سنڌ جا ماڻهون جلدي اعتبار ڪري ڌوڪو کائڻ وارن مان آهن، کيس خبر هئي ته بار بار ڌوڪن کائڻ باوجود اهي وري به ساڳين درن تي مسيحائي لاءِ وڃن ٿا جن جي ڪري سندن زندگيون زهر بڻايون ويون آهن. استاد بخاري قوم جو هڪ سڄاڳ، ڄاڻو، عالم ۽ دورانديش شاعر هو. هو قوم جي دردن کي پنهنجو درد ڀائيندو هو، انهن دردن جي اپٽار هو پنهنجي شاعريءَ ۾ وڏي خوبصورتيءَ سان ڪري ويندو هو. سندس شاعري دانهون ئي ته هيون جيڪو هو لوڪ کي جاڳائڻ لاءِ ڪندو هو.

سندس هڪ ٻي غزل مان ڪجھ سٽون آهن ته؛
تحرير کي ترار بڻايون بچي پئون،                                                                                                              ڪوڪار مان ڪٽار بڻايون بچي پئون،                                                                                                            غدار پنهنجا دوست ٿين، ٿڪ هڻي ڇڏيون،                                                                                                 
.جھونجهار پنهنجا يار بڻايون بچي پئون.

استاد بخاريءَ پنهنجي تخليق وسيلي جيڪي ڏاهپ جا ڏس ڏئي ستل قوم ۽ عوام کي جاڳائڻ جا جيڪي جتن ڪيا، پنهنجي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ جنهن جاکوڙ جي اميد رکي شاعري سرجي هئي ته جڏهن هُن ڏٺو ته ماڻهون سندس ڳالهين کي گھٽ ٿا سمجھن، ڪي سمجهڻ باوجود ان کان انڪار ڪن ٿا، ڪي ته مورڳو سمجھڻ ئي نه ٿا چاهين ته اهڙي ڪيفيت ۾ کانئس اهي سٽون لکجي ويون هونديون.
ان معاملي ۾ استاد بخاري اڪيلو ناهي، سنڌ جا ڪيئي يگانا انسان رات ڏينهن مختلف محاذن تي مختلف نموني جاکوڙي رهيا آهن، اهي پنهنجي قوم ۽ عوام کي جاڳائڻ جا جتن مختلف نموني پيا ڪن. ڪي استاد بخاري وانگر شاعري پيا ڪن، ڪي مضمون نگاري ذريعي، ڪي ڳائي وڄائي ته ٻيا وري معياري تعليم کي عام ڪري ماڻهن ۾ ساڃاهه پيدا ڪرڻ سندن سمجھ وڌائڻ جي هاڪري ڪمن ۾ رڌل آهن.
جڏهن پوري سنڌ اهڙن هاڪاري سرگرمين جو ڳڙهه بڻيل آهي، جڏهن هر ساڃاهوند ڪوڪاري ٿو، جڏهن سنڌ جي ازلي ويرين جي منهن تي چڙهيل نقاب لهن ٿا پر تڏهن به عام ماڻهون ان ساڳي گٺل پيٺل، رڻ ۾ روليندڙ واٽ تي هلڻ جو اصرار ڪن ٿا ته پوءِ استاد بخاري کين ميار ٿو ڏئي ته بي درد لوڪ بند کڻي در دريون ڪيون.
انهن سڀني ڳالهين هوندي به ائين هرگز نه ٿو چئي سگھجي ته سڀ ماڻهون ڪي صفا انڌا، گونگا، ٻوڙا آهن. سنڌ جي ماڻهن جي سمجھ وڌي رهي آهي، کري ۽ کوٽي جي پرک جيڪا کين اڄ آهي شايد اڳ اها نه هئي. سنڌ جا ماڻهون تبديل ٿي رهيا آهن، جيتوڻيڪ سندن تبديليءَ جي رفتار کڻي ٿوري سست آهي پر اهي صفا بيٺل پاڻي جي دٻي مثل هرگز ناهن. هونئن به سائنس جا آفاقي اصول آهن جيڪي هر ڪنهن تي لاڳو هوندا آهن. هر عمل جو هڪ رد عمل هوندو آهي، هر سرگرمي، جدوجهد ۽ تحريڪ پنهنجو ڪو نه ڪو مثبت نشان ڇڏي ويندو آهي. ان ڪري مايوس ٿيڻ بدران اسان جيڪڏهن پنهنجين انهن سرگرمين ۾ تهان وڌيڪ واڌارو ڪيون، انهن کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ تي توجهه ڏيون، ماضيءَ ۾ مليل نتيجن تي سوچ ويچار ڪري مستقبل جي رٿابندي بهتر ڪيون ته يقينن پنهنجي منزل ماڻي سگھون ٿا....
کڻي    ڪنڍيون   گلابي    موسمون    پهتيون،
ڪري   سينگار   سهڻيون    منزلون    پهتيون.
مڃينديون مات جھڪنديون مشڪليون پهتيون،
جتي  تنهنجون  ۽  منهنجون  جرئتون  پهتيون.

Wednesday, December 3, 2014

مون کي سٺو ڪاليج ڏيکاريو مان اوهان کي سٺو پرنسپل ڏيکاريندس.

سنڌ جي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري جي ڳالهه ڪرڻ وارا دوستو هن ڦوٽوءَ کي غور سان ڏسو....هي ڪو غيرسرڪاري يا




 ڪنهن اين جي او جو فنڊيڊ اسڪول يا ڪاليج ناهي نه ئي آرمي وارن جو ڪيڊٽ ڪاليج آهي، هي گورنمنٽ اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي شاگردن جو ڪاليج جي پرنسپل سائين پروفيسر عبدالرزاق بلوچ ۽ مهمان مهر ميڊيڪل ڪاليج جي احترام لائق پرنسپل سان ورتل ڦوٽو آهي. جيڪي دوست سرڪاري ادارن جي نه هلڻ جا جيڪي سوين عذر پيش ڪندا آهن سي مهرباني ڪري نوٽ ڪن ته هي به هڪ سرڪاري ڪاليج آهي ۽ ان تي به اهي  ۽ قانون ۽ ظابطا لاڳو آهن جن جو روئڻو ٻيا روئيندا آهن، پر هتي تعليم جو بهترين ماحول آهي، ڪلاس شاگردن سان مڪمل نموني ڀريل نظر ايندا آهن، استاد پنهنجي ڪم کي مذهبي فريضو سمجھي ادا ڪندا آهن، سکر جي هر شاگرد جي اها خواهش هوندي آهي ته شل کيس هتي داخلا ملي. مون کي ياد ٿو اچي ته ڪنهن وقت گورنمنٽ ڊگري سائنس ڪاليج سکر جو ماحول به ان جهڙو هوندو هيو جڏهن مرحوم پروفيسر نذير پٺاڻ صاحب (مولا پاڪ کيس جنت ۾ جايون ڏي) ڪاليج جا پرنسپل هوندا هيا. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته مون کي اوهان سٺو اسڪول ڏيکارو مان اوهان کي سٺو پرنسپل ڏيکاريندس. سٺي اسڪول يا ڪاليج جو سڌو سنئون واسطو سٺي تعليمي اڳواڻي، پنهنجي پيشي سان سچائي، ڪم جي ڄاڻ، دوستاڻو ماحول، استادن، شاگردن، پرنسپل ۽ غير تدريسي عملي ۾ مؤثر ڳانڊاپو، ڪم جي صحيح ورڇ، وسيلن جو جائز استعمال ڪرڻ تي منحصر آهي....مان مانواري سائين پروفيسر عبدالرزاق بلوچ صاحب کي لکين سلام ٿو پيش ڪريان ته هن اسان سنڌ وارن جي لاءِ پنهنجي ڪاليج کي هڪ ماڊل طور پيش ڪري ڏيکاريو آهي. هڪ اهڙي قسم جو ماڊل ڪاليج سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور به هو پر منهنجي محسن سائين نور محمد کهڙي صاحب جي ڊگھي بيماري ڪري ان ڪم ۾ ڪي رولڙا پئجي ويا آهن. مان سپلا وارن دوستن کي به عرض ڪندس خدا جي واسطي سنڌ جي ڪاليجن اندر اهڙا پرنسپل مقرر ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرايو جيڪي ان پوسٽ لاءِ اهل هجن، جن وٽ ان ڪم کي هلائڻ لاءِ علم ۽ هنر هجي، جيڪي دل و جان سان سنڌ جي تعليمي ترقيءَ جا خواهشمند هجن، جيڪي دنيا اندر گھلندڙ/هلندڙ تعليمي ماحول کان ڀلي ڀت واقف هجن، جن جو دين ايمان پئسي بجاءِ پنهنجي پيشي جو وقار هجي.......ڪاش جي واقعي ائين ٿي پوي ته سنڌ جو هر ڪاليج هڪ ماڊل ڪاليج هوندو، مون کي لکرائي وٺو....هاڻي وقت ڳالهين ڪرڻ جو ناهي، عمل جو آهي جيئن سائين عبدالرزاق صاحب جن ڪري ڏيکارو آهي. سائين بلوچ صاحب جو ڪم ڳالهائي ٿو، وڏي واڪي ڳالهائي ٿو....اچو ته هر تعليمي اداري کي هڪ مثالي ادارو بڻايون

Sunday, November 2, 2014

مون سي ڏٺا ماءُ

مون سي ڏٺا ماءُ


اوهان مان گھڻن دوستن هن خطي جي عظيم ڪوي، فلمساز، هدايتڪار ۽ ميوزڪ جي ڄاڻو انسان گلزار جي فلم ”ڪوشش“ ڏٺي آهي؟ جي اوهان اها فلم ڏسي چڪا آهيو ته منهنجي خيال ۾ اوهان سٺين، صاف سٿرين ۽ سبق آموز فلمن جا ڳولائو ۽ پارکو پڻ آهيو. جي اڃا تائين ڏسي نه سگھيا آهيو ته منهنجي صلاح اها آهي ته اهڙي سٺي فلم کي جيترو جلد ڏسي سگھو ڏسي وٺو.  مون اها فلم ڪيئي دفعا ڏٺي آهي ۽ ان فلم کي پنهنجي ٽريننگن جو حصو پڻ بنايو آهي. فلم جا ٻئي مرڪزي ڪردار (مان ڄاڻي واڻي هيرو ۽ هيروئن نه ٿو لکان ڇوته فلم جي ڪهاڻي بلڪل مختلف ۽ ڪا خاص رومانٽڪ ناهي) ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ کان لاچار آهن. منهنجي چوڻ جو مطلب ته مڙس گونگو ته زال گونگي آهي. اهي ٻئي ڀاڳوند ڏاڍا ايماندار، مخلص، محنتي ۽ جاکوڙي ڪردار آهن. فلم ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ دوست سائيڪل تي اخبارون وڪڻي گھر جو وهنوار هلائڻ وارو ڏيکاريو ويو آهي. عجب آهي ته انهن ٻنهي ڪردارن جو جيڪو هڪ عدد دوست آهي اهو وري اکين کان انڌو آهي. هاڻي اوهان تصور ڪيو ته هڪ ٻوڙو ۽ گونگو ڪنهن انڌي کي پنهنجي ڳالهه ڪيئن سمجهائيندو يا هڪ انڌو گونگن ۽ ٻوڙن انسانن سان ڪهڙي نموني ڪميونيڪيشن ڪري سگھي ٿو؟! ڪمال آهي!! منهنجي خيال ۾ ته اهڙا خيال ۽ اهڙيون ڪارائتيون فلمون بس گلزار ئي ٺاهي سگھي ٿو.  فلم جو هڪ ٻيو مک ڪردار مائيءَ جو هڪ مسٽنڊو ڀاءُ آهي جيڪو هر طرح فٽ فاٽ ۽ هٽو ڪٽو آهي، پر سندس پير صحيح ناهن. جوا کيڏندڙ، رنڊي بازي ڪندڙ، شراب پيئندڙ ۽ چوري چڪاري وارا ڪم ڪندڙ آهي. بظاهر پوئين ڪردار لاءِ زندگي گذارڻ آسان آهي ۽ مک ڪردارن کي تمام وڏا چئلينج آهن.  ان مسٽنڊي پاران پنهنجي ڀيڻ جي گھران سائيڪل چوري ڪرڻ واري وارڌات ۾ انهن جو ننڍڙو پٽ اجل جو شڪار ٿي پوندو آهي ۽ سندس ڀيڻوئي کي سائيڪل جي نه هئڻ ڪري ڏيهاڙي ڪم کان به جواب ملي ويندو آهي. پر پوءِ به اهي دل ناهن هاريندا ۽ زندگيءَ جي ڏکيائين کي چئلينج سمجھي منهن مقابل ٿيندا آهن. نيٺ سندن همٿ، بهادري ۽ ايمانداري رنگ لائيندي آهي ۽ اهي خوشحال زندگي گذارڻ جي لائق ٿي ويندا آهن. کين ٻيو پٽ ڄمندو آهي ۽ اهي سندس تمام سٺي پالنا ڪندا آهن ۽ کيس سٺي تعليم جي زيور سان مالا مال ڪندا آهن. جڏهن ته جيڪو مسٽنڊو هيو اهو پوليس مقابلي ۾ پنهنجي ٽنگ ٽوڙائي ويهندو آهي ۽ نيٺ هڪ ڏينهن شهر جي چوڪ تي بيهي پنڻ شروع ڪندو آهي.
هن فلم مان منهنجي خيال ۾ جيڪو سبق ٿو ملي اهو هيءُ ته ماڻهون کي سماج اندر اڳتي وڌڻ، ترقي ڪرڻ، خوشحال ۽ خوشين ڀري زندگي گذارڻ لاءِ جوش جذبي سان گڏ همٿ، لڳاتار جدوجهد، ايمانداري گھرجي. ماڻهون کڻي ڀلي بظاهر معذور به ڇونه هجي پر جي سنئين واٽ تي هوندو ته اهو پنهنجي زندگي عزت ۽ وقار سان گذارڻ جي قابل ٿي ويندو آهي. ان جي ابتڙ ڀلي ماڻهون کڻي سهڻو سيبتو، هوش حواس وارو، جانٺو جوان هجي پر جي سندس پير صحيح نه هوندا ۽ بي همٿ ۽ حوصلو هاريل هوندو ته سنڌي چوڻي موجب ”دريا ڪپ تي نينگر ڪڏي اڄ نه ٻڏي ته صبحان ٻڏي“ هو ڪنهن نه ڪنهن ٻوهي ۾ ضرور ايندو ۽ پاڻ سان گڏ پوري خاندان کي تڪليف ڏيڻ جو سبب بڻبو.
منهنجا مهربان دوست مون سان اختلاف به رکن سگھن ٿا ته فلمي زندگي ۽ حقيقي زندگيءَ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي. اهي سڀ ڪردار جيڪي فلم ۾ ڏيکاريل آهن، فلم جي ڪهاڻيڪار جا تخليق ڪيل آهن جن جو ضروري ناهي ته عملي زندگيءَ سان به واسطو هجي! اها ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح به لڳي ٿي.  پر دوستو ٿورو ترسو مان اوهان کي هڪ اهڙي ڳالهه ٻڌائڻ وڃي رهيو آهيان، جيڪو اوهان ٻڌي اعتبار ئي نه ڪندو! ان کان اڳ جو مان اوهان کي اصل حقيقت کان آگاهه ڪريان ڪجھ ٻين ڳالهين تي روشني وجھي اصل ڳالهه ڏانهن ايندس.  ڪجھ عرصو اڳ مون هڪ عدد مضمون ”معذوري مجبوري ناهي“ لکي هئم جيڪا منهنجي بلاگ ”جنهن دل پيتا عشق دا جام               http://katohargul.blogspot.com/2014/08/blog-post_21.html  تي موجود آهي. منهنجي ان ننڍڙي مضمون کي تمام گھڻن دوستن پسند ڪيو هو. مون ان ۾ پڻ ڪجھ باهمٿ معذور ماڻهن جو ذڪر خير ڪيو هو. گذريل ڪجھ ڏينهن اندر اتفاق سان ڪي ٻيا اهڙا ڪردار به سامهون آيا آهن جن کي ڏسي منهنجو ايمان پختو ٿي ويو آهي ته گلزار جي جوڙيل فلم ۽ مون پاران پنهنجي ڪالم ۾ لکيل ڳالهيون سؤ فيصد سچائي تي ٻڌل آهن. اچو ته اوهان کي هڪ اهڙي اتساهيندڙ نوجوان سان تعارف ڪرايان. گھڻو ڪري اوهان به کانئس واقف هوندا جو ان جي ڦوٽو اڳ ئي اخبارن جي زينت بڻجي چڪو آهي.
هي نوجوان آهي جيڪو ٻنهي هٿن کان محروم آهي.  هو همٿ ڪري انٽر پري انجنيئرنگ جو امتحان پاس ڪري چڪو آهي ۽ ڏيکاريل تصوير ۾ هو مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ انجنيئرنگ جي داخلا لاءِ ورتل انٽري ٽيسٽ ۾ امتحان ڏئي رهيو آهي. هن سمورن سوالن جا جواب پنهنجي پيرن سان لکيا.  منهنجي خيال ۾ ته هي نوجوان پنهنجي همٿ ۽ حوصلي سان هي امتحان اڳ ئي جهڙوڪر پاس ڪري چڪو آهي. هن نوجوان کي اڳتي وڌڻ، سکڻ، پڙهڻ ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ زندگيءَ جا سمورا انڍلٺي رنگ ڀرڻ کان ڪير به روڪي ڪونه ٿو سگھي.


اچو ته هڪ ٻئي اهڙي ڪردار سان ملون. هي وري معذور ڇوڪري آسو ڪولهي آهي جيڪا بيساکين جي سهاري تي هلندي آهي. تمام غريب ۽ پوئتي پيل علائقي جي رهواسڻ آهي پر سندس جرئت کي لکين سلام هجن ته هوءَ معذور هوندي به پنهنجو اسڪول هلائي ٿي. اوهان سندس متعلق سمورا تفصيل هيٺ ڏنل اخباري ڪٽنگ ۾ پڙهي سگھو ٿا.


پر دوستو منهنجا جيڪي اصل ڪردار آهن اهي گلزار جي فلم ”ڪوشش“  جا اصل هيرو ۽ هيروئن آهن.



مٿي ڏنل تصوير ۾ کٻي پاسي کان مان راقم الحروف بيٺل آهيان، ننڍڙو سيبتو ٻالڪ ان سهڻي ۽ سيبتي جوڙي کي الله پاڪ طرفان مليل عظيم تحفو آهي. هي جوڙو سکر ۾ هڪ اسڪول هلائيندو آهي. سوٽ ۽ نيڪ ٽاءِ ٻڌل جيڪو نوجوان ڏسو پيا اهو ان اسڪول جو پرنسپل آهي، سندس ڀرسان سندس وني بيٺل آهي جيڪا اسڪول جي وائيس پرنسپل آهي. انهن جو اسڪول گونگن ۽ ٻوڙن ٻارڙن جو آهي، جنهن ۾ کين مفت تعليم مهيا ڪئي ويندي آهي. اسان سڀئي پياري دوست سائين شاهنواز چاچڙ پاران سکر جي هڪ مقامي هوٽل ۾ سندس پاران منقعد ڪيل هڪ پروگرام ۾ گڏيا هياسين. چاچڙ صاحب سندن اسڪول کي وزٽ ڪري چڪو آهي ان ٻڌايو پئي ته سندن اسڪول جو معيار ڪنهن به ملڪي يا غير ملڪي اسڪول کان گھٽ ناهي. هاڻي اوهان به سوچيندا هوندا ته اهو ڪهڙو وڏو ڪارنامو آهي!؟ اهڙا ڪيئي پرائيويٽ اسڪول آهن جيڪي وڏي ڪاميابي سان هلي رهيا آهن. بلڪل بجا پر دوستو منهنجي خيال ۾ اهڙن اسڪولن کي هلائڻ وارا ڪنن کان ٻوڙا ۽ وات کان گونگا ته نه هوندا ني!! جيئن هي جوڙو آهي! اسان گڏجي جنهن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي هئي ته ان ۾ سندن ننڍڙو پٽ پروگرام هلائيندڙن ۽ ان ۾ حصو وٺندڙ دوستن جي ڳالهين کي پنهنجي اشارن سان پنهنجي ابي ۽ امڙ کي ٻڌائڻ وارو ڪم متواتر پئي ڪيو ۽ پوءِ جڏهن کين پنهنجي راءِ ڏيڻ لاءِ چيو ويو ته هن خبر ناهي هٿن جا ڪي عجيب غريب اشارا پئي ڪيا ۽ سندن ننڍڙي شهزادي انهن کي لفظن جو روپ ڏئي اسان کي پئي ٻڌايو. هاڻي اوهان پاڻ فيصلو ڪيو ته گلزار جي فلم جا ڪردار حقيقي آهن يا خيالي؟ مان ته سندس فلم جي ڪردارن کي اکين سان ڏسي چڪو آهيان ۽ اهي هوبهو ان فلم جي عڪاسي پيا ڪن. سلام آهي اهڙن امر ڪردارن تي جيڪي تمام وڏيون ڏکيائيون پار ڪري نه رڳو پنهنجي پر پوري سماج لاءِ وڏي وٿ آهن. اهڙن اتساهيندڙ ڪردارن کي ڏسي انساني عظمت جو قائل ٿيڻو پوندو آهي. مان آخر ۾ بس اهڙن سمورن ڪردارن کي ٻنهي هٿن سان سيليوٽ ڪري دعا ٿو ڪريان ته شل اهي سکي رهن ۽ زندگي جون سموريون خوشيون عزت ۽ وقار سان ماڻين. آمين.

Thursday, October 30, 2014

ّخوشبوءَ ڀريل خط



30 آڪٽوبر 2014 
 01.10pmسکر
اسلام عليڪم حق موجود سدا موجود
محترم سائين هي دؤر انفرميشن ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيءَ جو آهي جنهن ۾ ڪٿان به، ڪڏهن به، ڪوبه، ڪنهن سان به،  بنا دير جي موبائيل فون رستي يا انٽرنيٽ جي سهولت رستي رابطو ڪري سگھي ٿو. جيئن ته هاڻي موبائيل رکڻ هر ڪنهن جي ضرورت بڻيل آهي، ڪچي عمر جي ٻارڙن کان وٺي نوانوي سالن جي پوڙهن/پوڙهين وٽ به گھڻو تڻو اها سهولت موجود آهي.
 پر ان ساڳي ئي  دؤر ۾ جڏهن رابطن لاءِ ايڏيون مؤثر سهولتون موجود آهن، مون کي هي افلاطوني خيال دل ۾ آيو آهي ته ڪن پيارن ڏانهن خط لکي ساڻن حال احوالي ٿيان، کين اندر جون ڳالهيون سڻائي پنهنجي دل جو غبار صاف ڪيان ۽ سندن من ۾ آيل انيڪ خيالن ۽ خوابن کي جوابي خطن  جي صورت ۾ پڙهي انهن جي خوشبوءَ سان پنهنجي تن من کي مهڪايان.
منهنجو خيال آهي ته جڏهن اسين فون رستي هڪ ٻئي سان حالي احوالي ٿيون ٿا ته اهي ڳالهيون ڪٿ به رڪارڊ ڪونه ٿيون ٿين. لکن ۽ ڪروڙن جا خيال به وسيع دنيا جي پولارن ۾ گم ٿيو وڃن پر خطن جي صورت ۾ لکيل خيال وري به ڊاڪيومنٽ جي شڪل ۾ ڪنهن نه ڪنهن وٽ محفوظ رهڻ جا امڪان هوندا آهن. ماضيءَ ۾ مختلف عالم انسان پاران هڪ ٻئي سان خط و ڪتابت تي ٻڌل لازوال ۽ شاندار تاريخ ڪتابن جي صورت ۾  موجود آهي. ان ڪري مان چاهيان ٿو ته ان ختم ٿي ويل شاندار روايت کي وري جياريان، هڪ دفعو وري مان اوهان جهڙن دلوارن جي خطن جو انتظار ڪريان، خط ملن ته انهن کي اکين تي رکي چميون ڏئي کوليان ۽ انهن خيالن جي خوشبوءَ وسيلي پوري جڳ کي مهڪايان.
ڀلا هن حقيقت کان ڪير انڪاري ٿيندو ته هر نئين شيءِ سٺي ناهي ٿيندي ۽ هر پراڻي شيءِ خراب ناهي هوندي. مان سمجھان ٿو ته ماضيءَ جو قصو بڻجي ويل خطن جو سلسلو خراب ناهي، اهو هڪ شاندار ڪم آهي ۽ اهو جاري رهڻ گھرجي، نئين جدت سان، نئين طريقي سان ۽ نئين نموني سان پر اهڙين روايتن کي دفن ٿيڻ کان بچائجي.
هونئن ته مان ڳالهين مان ڳالهوڙو ٺاهڻ جو ته ماهر آهيان پر اڄ الائي ڇو سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته ڇا لکان؟
ڇوته جڏهن ماڻهون وٽ لکڻ لاءِ تمام گھڻو مواد هوندو آهي ته سندس لاءِ لکڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. پاڻ جنهن دؤر ۾ رهون ٿا ان دؤر جي تقاضائن کي نظر ۾ رکي جڏهن پنهنجي قوم، مظلوم مارو ماڻهن جي حالت زار تي نظر ٿي پوي ته اکر به روئي ٿا ويهن ۽ شاعري نوحا خواني بڻجي ٿي وڃي. سنڌ جي سياست ۾ يزيدي ڪلچر اسان لاءِ ٻاروهي ئي حشر جو ڏينهن برپا ڪري رکڻ جا سمورا امڪان پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ڪجھ ماڻهون جيڪي دهليءَ جا ٺڳ آهن جيڪي پنهنجو پاڻ کي مهاجر/پناهه گير سڏائڻ تي فخر ٿا محسوس ڪن ۽ مهاجر کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ کي رسول خدا جي شان ۾ گستاخي ٿا سمجھن ۽ اهي ساڳيا جڏهن منهنجي امڙ سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ جي گار ٿا ڏين پر اهڙي ڪريل حرڪت تي کين ڪوبه شرم نه ٿو اچي،  شايد انڪري ته اهي اهڙي ڪنهن جوهر کان ڪوهين پري آهن، پر مون کي افسوس ٿو ٿئي نام نهاد سنڌ جي عوامي حڪمرانن تي جيڪي پنهنجي ماءُ (ڌرتي ماتا) کي لکنوءَ جي بازار حسن مان سکيا ورتل کدڙا ڪلچر جي نمائندن پاران ڏنل گار کي به اکين تي رکي چميون پيا ڏين؟؟؟!!! اهي اقتداري ڀنگ پي اڙٻنگ ٿي نشي واري صورت ۾ پنهنجي واپاري اڳواڻن ڏانهن نهارين ٿا ته اهو ڪو فرمان جاري ڪري ته هو ان کي اڳتي وڌائين وٽن ذاتي طور تي ڪوبه خيال نه ٿو سجھي ۽ لڳي ٿو ته اهي دل ۽ دماغ رکڻ واري مخلوق ناهن پر ڪي روبوٽ آهن جن کي ڪو ماسٽر مائنڊ (جيڪو پاڻ به لطيف جذبات کان عاري آهي جيڪو سنڌ جي وحدت ۽ وجود جو پڻ انڪاري آهي) ڪمانڊ ڏئي پيو هلائي.
هن ساڳي انفرميشن ڪميونيڪشن واري دؤر ۾ دنيا اندر اسان جو شمار واحد (شايد) قوم ۾ آهي جيڪا پنهنجي تعليمي نظام کي تباه و برباد ڪري خوشيءَ وچان هنڀوڇيون پئي هڻي.  ماستر صحافي يا اين جي اوز جا ڪارندا ٿي پيا آهن، صحافي بليڪ ميلر بڻجي ويا آهن، ڪامورا يزيدي ڪردار پيا ادا ڪن، وڏيرا، پير، مير، ملان مولوي ۽ سياستدان فرعون بڻجي پيا آهن انهن کي قارون جو خزانو گھرجي ته اهي پنهنجا ذاتي گھر ڀرين، تعليم واري هٿيار کي استعمال ڪندي ترقي ڪرڻ جا سمورا دڳ هنن اندر ۾ ابليس ماڻهن بند ڪري رکيا آهن.
 سنڌ ڌرتي صوفين جي سرزمين رهي آهي، اهي صوفي ڪي عام انسان نه هيا، وڏا عالم هوندا هيا، جت زماني جي عالمن ۽ فاضلن جو علم کٽندو هيو ته انهن صوفين جي خيالن جي اڏام اتان شروع ٿيندي هئي. انهن صوفين جي صداحيات فلسفن جي آڌرا سنڌ جيئندي رهي آهي، اڳتي وڌندي رهي آهي. اڄ ان صوفين جي ديس ۾ جڏهن سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ مدرسا گنڀين وانگي ڦٽي نڪرڻ شروع ٿيا آهن ته اسهپ وڌي ويئي آهي، فرقيواريت جو زهر نسل جي رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳو آهي، جاهلن جا لشڪر شهرن ۽ ڳوٺن ۾ نڪري نروار ٿيا آهن، جن جي هٿن ۾ ڏنڊا آهن جن جي وات ۾ ڪنڊا آهن، جن جي ذهنن ۾ نفرت جو بارود رکيو ويو آهي، کين ڪجھ سمجھ ۾ نه ٿو اچي، ستر حورن ۽ شرابن تهورا جي لالچ ۾ هو ڪنهن به انسان يا مذهب جي تذليل ڪري سگھن ٿا، ڪنهن تي به توهين رسالت جو الزام ڌري کيس سرعام ماري هيرو جو درجو ماڻي سگھن ٿا.  
اڄوڪي منهنجي سنڌ جيڪا قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، جنهن ۾ پئٽرول، گئس، ڪوئلي جا املهه خزانا موجود آهن پر ان هوندي به سنڌ جا ماڻهون پاڪستان جي سڀني صوبن کان وڌيڪ غريب آهن، اسان جا نوجوان بي روزگار آهن، ڳوٺ برباد ته شهر اجڙيل آهن. هر چوڪ تي سوين پنندڙ ماڻهون هٿ ڊگھيريون هر ايندڙ ويندڙ کي ايلاز ڪندي نظر ٿا اچن.
سو مون اڳ ئي چيو پئي ته جڏهن لکڻ لاءِ اوهان جو اندر صفا ڦاٽندو هجي ته ماڻهون لکي گھٽ سگھندو آهي. مان به انهن مان هڪ آهيان. جيڪڏهن اوهان منهنجي هن خط جو جواب موڪليو ته پاڻ اها ڪچهري تهان وڌائي سگھون ٿا.
اڄوڪي ڳالهه ٻولهه کي اتي ئي بريڪ ٿا هڻو. شل سنڌ سلامت رهي، خوشحال رهي ان خوشحال سنڌ ۾ اوهان جهڙا انمول انسان گھمندا ڦرندا رهن، محبت جي مٺاس ورهائيندا وتن.

اوهان جو پنهنجو امير گل ڪٽوهر
گھر نمبر 03،
گورنمنٽ اسلاميه ڪاليج ڪالوني سکر سنڌ
7121187 0333 

Monday, October 13, 2014

اسان تي الزام آندا جڳ جيئڻ جا


تازو مون هڪ وڊيو پنهنجي فيس بوڪ جي وال تي شيعر ڪئي هئم جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته خيبر پختون خواه ۾ ڪي ماڻهون هڪ پاڏي کي ذبح ڪرڻ جي نيت سان پڪڙڻ ۾ ڏکيائيءَ کي مد نظر رکندي، پهريون ان جي مغز ۾ گولي هڻي ڪيرائي پوءِ ان کي ذبح ڪندا آهن. اها وڊيو مون پنهنجي هڪ پروفيسر دوست کي ٽيگ ڪري کانئس پڇيو هوم ته شريعت مطابق قرباني يا ذبح ڪرڻ وارو اهو طريقو صحيح آهي يا غلط آهي. منهنجي ان پياري پروفيسر تفصيل سان ڳالهه مون کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مون سندس ڳالهين کي پسند ڪيو. سندس چوڻ هو ته؛
This is not a right way, Islam does not teach this method. It is also new for me. In my opinion, if buffalo is alive after fire before 'ZIBH' it is Hilal but not acceptable for " QURBANI" It is hilal but very cruel way. I am astonished to see this video. more over I will tell you later but soon what what ulma -e- karam say about this vedio
  پر الائي ڪٿان منهنجو هڪ ٻيو مهربان دوست هڪ ٻئي ڪمينٽ ڪندڙ دوست کي جواب ۾ اهو لکيو ته ”اسان ملان ٿوروئي آهيون جو فتوا ڏيون.......اوهان سائين اميرگل کان پڇو ان بابت........سائين جيد عالم آهن“. يعني ته مان ملان آهيان ۽ سڄو ڏينهن فتوا جو دڪان کوليو ويٺو آهيان.  خبر نه ٿي پوي ته دوست مون تي ايترو الائي ڇو ڪاوڙيل آهي ته منهنجي هر ڳالهه کيس اُگري ٿي لڳي. هي منهنجو ساڳيو مهربان دوست آهي جنهن ڪجھ وقت اڳ ملاله يوسفزئي تي خوني حملي ۾ حملي آورن جي بچاءُ ۾ هلايل ڪهاڻي مون اسان کي ٻڌائي حيران ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ”اهو سڀ ڊرامو آهي، طالبان ڪي ٻار آهن جو ايترو ويجھي کان گولي هڻن ۽ اها ڇوڪري بچي وڃي“. ڪيڏو نه اعتماد آهي اسان جي پروفيسر پياري کي طالبان جي صحيح نشاني تي!!!! مون کيس بروقت چيو هو ته قبلا حقيقت ۾ اوهان کي دلي صدمو اهو رسيو آهي ته ملاله بچي ڇو ويئي!!!
مان اڄ به اهو ٿو سمجھان ته مون کي منهنجا دوست، يار ڪليگ ۽ مهربان ان ڪري پسند ناهن ڪندا ڇوته منهنجا خيال سندن فرقي وارانه سوچن جي بلڪل ابتڙ آهن. مان ڪنهن مذهبي فرقي جي مؤقف ۾ انساني تذليل جي مخالفت ڪندو آهيان. مان صوفي روح رکندڙ انسان آهيان جنهن جو مذهب محبت آهي، خلوص آهي، ايثار ۽ قرباني آهي. مان شيخ اياز جو به مڃيندڙ آهيان جنهن چيو هو ته ”جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽٽو مون ائين سمجھو ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي“. مان اهو به سمجھان ٿو ته سنڌ جي بقا به ان ڳالهه ۾ آهي ته اسين رواداري جو پاسو کڻون، فرقيواريت جي زهر کان پاڻ به بچون ۽ ٻين کي پڻ ان کان بچايون. هي جيڪي جن ڀوت پيدا ٿيا آهن جيڪي انساني کوپڙين سان فوٽ بال پيا کيڏين، جيڪي مسجدن، مندرن، چرچن، امام بارگاهن ۾ بم گولا رکي کين اڏائين ٿا جيڪي نماز پڙهندڙ مسلمانن کي به ڪونه ٿا بخشين. اهي ساڳيا ئي آهن جن اولياءُ الله، نبين جي مزارن کي به پنهنجي ڪروڌي ذهن سان ڀسم ڪري الله اڪبر جا نعرا هنيا، اهي سنڌ وارن جي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ فائدي مند ناهن. اهي اسان سان ارغونن ۽ ترخانن واري ڪار ڪندا. هاڻي اهي اسان جي ذهن تي قابض آهن اڳتي هلي ڪري جڏهن ڌرتيءَ تي قابض ٿيا ته پوءِ ڪاري وارا ڪک وڃي بچندا ۽ انوقت جڏهن اسان پنهنجو سڀ ڪجھ لٽائي چڪا هونداسين ته پنهنجي غلطين جو احساس ٿيندو. ان کان اڳ جو اهو ٿئي اسان کي انهن جي راهه ۾ بند ٻڌڻ گھرجن ۽ مان سمجھان ٿو ته ان قسم جا خيال ئي آهن جيڪي منهنجي مهربان دوست کان هضم ڪونه پيا ٿين ۽ هو منهنجي خلاف قلمي ۽ زباني جهاد ڪري پنهنجا ٻئي جهان پيو بچائي. مان دعا ٿو ڪريان ته شل هو هن دنيا اندر جيڪي به خوشيون آهن اهي ماڻي، مولا کيس صحت ڏي، عزت ڏي، وقار ۽ بلندگي عطا فرمائي ۽ کيس اڳئين جهان ۾ پڻ بخشش عطا ٿئي.