Friday, November 13, 2015

سنڌو سان گڏ ذات جي ڳولها


1910ع جڏهن سنڌوءَ ۾ مها ٻوڏ آئي هئي ته سکر جي شهرين جو به ساهه مٺ ۾ هو. بندر وال سکر وٽان پاڻي ليڪ ٿي بندر روڊ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ وڃي پهتو هو ۽ شهرين سمجھيو پئي ته بس ڄاڻ بند ٽٽو ۽ شهر پاڻي حوالي ٿي ويندو. ان خوف واري فضا ۾ ڪيئي هيٺائين وارا محلا ۽ پاڙا پنهنجا گھر خالي ڪري محفوظ جاين تي هليا به ويا هيا. خوف پنهنجي جاءِ تي پر الله جو ڪرم اهو ٿيو هو ته اهڙو واقعي نه ٿيو هو ته شهرين سک جو ساهه کنيو هو. ٻوڏ واري صورتحال ختم ٿيڻ بعد جڏهن ليکا چوکا ٿيا ته وس وارن عملدارن ۽ سياسي پنڊتن کي پهريون ڀيرو اهو احساس ٿيو هو ته بندر وال تي سنڌو درياءُ جي اندرين پاسي جيڪي ماڻهون غير قانوني طرح گھر، جھڳيون اڏيون ويٺا آهن انهن جي ڪري ئي شهر جي ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿيو هو.  فيصلو ڪيو ويو ته انهن کي اتان لڏايو وڃي پر پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ اندر غير قانوني طرح هڪ دفعو جيڪو ڪنهن جاءِ تي قبضو ڪري ويٺو هجي ته ان کي اتان لڏائڻ يا قبضو ڇڏائڻ هماليه جي چوٽيءَ تي پهچڻ جي برابر هوندو آهي. هونئن به پياري پاڪستان ۾ قدرتي يا هٿرادو آفت کان اڳواٽ بچاءُ لاءِ جيڪي اپاءُ وٺڻ گھرجن اهي نه ورتا ويندا آهن ۽ اسان جي وٺ پڪڙ پوءِ شروع ٿيندي آهي جڏهن آفتن جي ڪري تمام گھڻو نقصان ٿي چڪو هوندو آهي. وڏي وٺ وٺان بعد غيرقانوني قبضا گيرن کي سندن جڙيل جھڳين جاين کان ٽيڻو وڌيڪ معاوضو مليو ته اهي اتان اٿڻ تي راضي ٿيا. جڏهن انهن کي اتان لڏايو ويو ته سرڪار اهو فيصلو ڪيو ته لب مهراڻ کان وٺي پراڻي سکر تائين درياءُ جي ڪپ سان مظبوط اوچي ڀت جوڙائي وڃي ته جيئن آئيندهه ڪنهن امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کان محفوظ رهي سگھجي. 

اهو فيصلو تمام مناسب ۽ بروقت هو.  ان ڀت جي اڏاوت جو گھڻو ڪم ته ٿي چڪو آهي پر اڄ ڏينهن تائين اها مڪمل نموني جڙي راس ٿي نه سگھي آهي!!! سنڌ اندر ترقياتي ڪمن جي سست رفتاريءَ جو اندازو ان هڪ ڳالهه مان به لڳائي سگھجي ٿو. 2010ع جا منصوبا 2015ع جي پوري ٿيڻ تائين مڪمل ٿي نه سگھيا آهن. ان ڀت سان لڳ اهو ٻيو چڱو ڪم اهو ڪيو ويو آهي ته درياءُ واري پاسي کان هزارين وڻ پوکيا ويا آهن جيڪي هڪ طرف ته سونهن جو سبب بڻبا، ٻيو ته انهن جو پاڙون درياءَ جي بند کي قدرتي طرح مظبوط بڻائينديون ۽ هوا ۾ آڪسيجن جو مقدار وڌندو جنهن سان ماحول ۾ بهتري ايندي.

جيئن ته درياءُ جو بند تمام وڏو آهي ته بندر روڊ تان گھمندي جيئن اڳ ماڻهون درياءَ بادشاهه جي مست موجن جي سونهن سوڀيا کي پسندو هو ته هاڻي ان کي ٻنجو اچي ويو آهي. هاڻي سنڌوءُ جي سرمست موجن کي پسڻ لاءِ جڙيل ان ڀت سان چئن جاين تي خوبصورت ٽائلس سان ويهڻ جون جايون جوڙايون ويون آهن. انهن جاين تي پهچڻ لاءِ سڀ کان پهرين ڀت سان لڳل ڏاڪڻ تي چڙهي مٿي جڙيل ٿلهي تي وڃڻو پوندو جتي ڇٽين هيٺيان اڌ گول جيتريون ٽائلس جون بئنچون جوڙيل آهي چاهيو ته انهن تي ويهي درياءُ جو نظارو ڪيو چاهيو ته ٿلهي جي ڀت سان بيهي درياءُ جي موجن ۽ انڌي ٻلهڻ جي ٺينگ ٽپن جو مشاهدو ڪيو يا درياءُ جي هن پار تائين جو نظارو پسيو.

مان صبح جو پسار ڪندي يا رات جو جوگنگ بعد مسجد منزل گاهه ڀرسان ساڌ ٻيلي جي بلڪل سامهون جڙيل ان ٿلهي تي وڃي ويهندو آهيان. رات جو ان ٿلهي ته ويهي جڏهن سنڌوءَ جو نظاروڪندو آهيان ته دل چوندي آهي بس پوري رات اتي ويٺو هجان ۽ ان نظاري کي ڏسندو رهان.



 سامهون ساڌ ٻيلي تي ڏياريءَ جي ڏڻ واريون ٻرندڙ ڏيئا، انهن جا درياءُ جي پاڻيءَ ۾ جھلمل ڪندڙ عڪس، ٿورو اوڀارين پاسي بکر جو پراڻو قلعو ۽ قلعي جي پويان وچ واري زمين تي پوکيل وڻ، سامهون لينسڊائون ۽ ايوب پل، دريا پار روهڙي شهر جون ٻرندڙ بتيون ۽ انهن سمورن نظارن جا وري پاڻيءَ ٺهندڙ عڪس، مٿان چنڊ هجي ۽ وري سکر ايڪسپريس جي ڪوڪون ڪندي ايوب پل تان گذري ۽ اوهان وري پنهنجي موبائيل جي هيڊ فون تان ڪو صوفياڻو ڪلام جهڙوڪر ”الائي ته ڪنهن سان راضي آ الائي ته ڇا ۾ راضي آ يا وري چترا جو ڪو غزل جهڙوڪر "سفر میں دھوپ تو ہوگی جو چل سکو تو  چلو،  سبھی ہیں بھیڑ میں تم بھی نکل سکو تو چلو" ٻڌندا هجو ته سمجھي سگھو ٿا ته ڪهڙو نه رومانٽڪ منظر هوندو، ته دوستو مان پنهنجو پاڻ کي اتي ڳولهڻ ويندو آهيان ۽ ڪيئي سوچون منهنجي من اندر آکيرا جوڙي اچي ويهنديون آهن، اڃا ڪالهه سوچيم پئي ته هي جيڪي جنت جا نظارا آهن، جي ڌرتي ۽ هي دريا جيڪو صدين کان اسان جو آهي، هي زمين جنهن جا اسين هزارين سالن کان مالڪ آهيون ته ڇا ڪو وقت اهڙو به ايندو ڇا ته اهي سڀ اسان جا نه هوندا؟؟؟؟!!!! اسين پنهنجي وطن مان جلاوطن ٿي وينداسين؟ اسان کان اسان جي صدين جي سڃاڻپ کسي ويندي؟ اسان جي اڪثريت اٺ پکيءَ وانگر واريءَ ۾ منهن لڪائي سمجھي پئي ته اسين جيڪا ڌوڙ پايون ٿا اهو ڪوبه ڪونه ٿو ڏسي پسي؟؟ اسين ڀل ڪجھ به نه ڪريون ته پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاريءَ کي نه ڪي لهر نه ڪي لوڏو؟؟؟!!! اسان جا وڏڙا پنهنجي دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ اسان کي ٻڌائيندا هيا ته سنڌڙي لڏندي پر ٻڏندي ڪونه؟؟؟؟؟!!! واقعي اهو سچ آهي؟ دنيا جي تاريخ ٻڌائي ٿي ڪيئي دنيا جون ڪيئي طاقتور قومون سستي ۽ ڪاهلي سبب ختم ٿي ويون ڇا اهو قانون اسان لاڳو نه ٿو ٿي سگھي؟؟؟
دوستو اوهان به ڀل انهن سوالن جي جوابن تي سوچيو، مون ڪو ٺيڪو ڪونه کنيو آهي ته اوهان جي بدران به مان سوچيان، گھٽ ۾ گھٽ اوهان تي سونپيل جيڪو ڪم آهي اهو ته ڪريو.....

Sunday, October 25, 2015

ٻارڙن جي نشونما ۽ پالنا ۾ والدين، اسڪول ۽ معاشري جو ڪردار


ننڍو ٻار مڪمل نموني سماج جي رحم ۽ ڪرم تي هوندو آهي. صفا ٻالڪپڻ ۾ جڏهن کيس بک لڳندي آهي، جڏهن کيس ڪا تڪليف ايندي آهي، جڏهن هو بيمار ٿيندو آهي، جڏهن هو ڏکيو محسوس ڪندو آهي ته ٻار ان دک درد، تڪليف يا اذيت کان بچڻ لاءِ ڪجھ ڪري سگھڻ جهڙو هوندو ئي ناهي، بس روئي ٻدائيندو آهي ته کيس ڪا تڪليف آهي يا هو اهنجو آهي ان ڪري سندس سهائتا ڪئي وڃي. ان صورت ۾ پيءُ ماءُ، ويجھن مٽن مائٽن ۽ اوڙي پاڙي وارن پاران سندس يا ته سهائتا ڪئي ويندي آهي يا کيس نظر انداز ڪيو ويندو آهي. سڌريل معاشرن ۾ ڪنهن حد تائين اها ذميواري رياستون يا حڪومتون پڻ پنهنجي سر تي کڻنديون آهن ۽ ٻارن جي صحت صفائي، سندن پالنا ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪنديون آهن. ٻارڙن جي اهڙي پالنا ۽ ماحول جو سندن جسماني توڙي ذهني نشونما تي وڏو اثر پوندو آهي. چوندا آهن ته صحت مند جسم مان ئي صحت مند ذهن پيدا ٿيندا آهن. اهي معاشرا جتي ٻارن جي صحت صفائي سان گڏ ذهني نشونما لاءِ سازگار ماحول ڏنو ويندو آهي ته اهڙا معاشرا تيزيءَ سان ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري وٺندا آهن ۽ معاشري ۾ هڪ طرح فطري توازن پيدا ٿي پوندو آهي.

اسڪول اندر پڙهندڙ ٻارن کي اسان ڪنهن فصل جي تياريءَ سان ڀيٽ ڏئي سگھون ٿا. جيئن مختلف فصل موسم جي حساب سان پوکيا ويندا آهن، انهن کي مخصوص وقت تي پاڻي ۽ ڀاڻ مهيا ڪيو ويندو آهي، انهن جي اوسر تي موسمن جو مثبت يا منفي اثر پوڻ لازمي هوندو آهي ان نموني اسڪول اندر پڙهندڙ ٻارن سان به هوندو آهي. اهي هڪ مخصوص عمر ۾ اسڪول ۾ داخل ڪيا ويندا آهن، کين استاد، ڪتابن ۾ ڏنل سبقن جو وقت سر ٻچ ڀاڻ ۽ پاڻي ميسر ڪري ڏيندا آهن ۽ جيڪڏهن سندن جسماني ۽ ذهني سطح سلامت رهندي آهي ته امتحان ۾ کين پرکي مٿين درجي ۾ موڪليو ويندو آهي. هتي اسڪول جو ماحول ۽ استاد سندن ذهني، روحاني ۽ سماجي روين ۾ تبديلي آڻڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندا آهن. جيئن زمين جي تياري ۽ ان مان ڀرپور لاڀ لاءِ هڪ تجربي ڪار ڪڙمي وقت، ٻج، ڀاڻ، پاڻي ۽ موسمن جو ماهرانه جائزو وٺندي صحيح فيصلا ڪندو آهي بلڪل ساڳي نموني شاگردن لاءِ استاد جو ڪردار هوندو آهي. استاد پنهنجي شاگردن جي زندگي سنوارڻ يا بگاڙڻ ۾ مک رول ادا ڪندو آهي. استاد وري پنهنجي اسڪول (تعليمي اداري) اندر مثبت يا منفي ماحول، ڪلچر کان متاثر ٿيندو آهي، جيڪڏهن تعليمي اداري اندر ماحول سازگار، تعليم دوست هوندو ته استاد پڻ ساڳيو گس وٺندو پر جي ماحول ناڪاري هوندو ته مٿس ان جا برا اثر پوڻ لازمي امر آهي ۽ استاد جي روين جو اثر وري شاگردن جي سکيا تي پوندو آهي. 

شاگردن جي مڪمل، ڀرپور، گھڻ پاسائين، مثبت پرورش، سکيا لاءِ تمام ضروري آهي ته کين نه رڳو گھر، اوڙي پاڙي پر اسڪول ۾ پڻ سٺو ماحول ملي. جڏهن ائين ٿيندو آهي ته اتي شاندار انسان تيار ٿيندا آهن جيڪي معاشري تي هاڪاري اثر ڇڏيندا. اسان پنهنجي گھر، اوڙي پاڙي ۽ اسڪول جو ڪڏهن جائزو ورتو آهي ته اتي ڪهڙو ماحول آهي؟ ٻارڙن جي ذهني ۽ روحاني نشمونما جو سمورو بار محض استادن يا اسڪولن تي وجھڻ دورانديشي ناهي، سندن پالنا ۽سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ والدين ۽ اوڙي پاڙي وارن جو ڪردار اهم آهي. ان ڪري والدين ۽ معاشري کي پڻ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.
اچو ته پنهنجا اسڪول سنواريون، پنهنجن گھرن، اوڙن پاڙن اندر سکڻ سيکارڻ جو ماحول پيدا ڪريون، جيڪو اسان جي ترقي، وقار، صحت مند ماحول لاءِ تمام ضروري آهي.

مٿي ٻڌايل ڪم بظاهر تمام وڏا ٿا لڳن پر حقيقت ائين ناهي. گھر، اوڙي پاڙي، اسڪول اندر سٺو ماحول تڏهن جڙندو جڏهن اسان مان هرهڪ پنهنجو پاڻ ۾ مثبت تبديلي آڻيندو. جيڪڏهن ڪو ائين ٿو سوچي ته منهنجي هڪ ماڻهونءَ جي تبديل ٿيڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي ته اهو سراسر غلط آهي. جيڪڏهن هر ماڻهون ائين سوچيندو ۽ عمل ڪندو ته پوءِ اهڙو معاشرو گندي پاڻيءَ جي ڍنڍ مثل بڻجي پوندو جنهن جي پوسل ۾ ڪيئي جراثيم پيدا ٿي ڪري سموري ماحول کي انيڪ بيمارين جي ور چاڙهي ڇڏيندا آهن. ان ڪري تمام ضروري آهي ته ٻين جي تبديل ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ بدران اسان مان هرهڪ ماڻهونءَ کي پنهنجي اندر تبديلي آڻڻ گھرجي. ڦڙي ڦڙي تلاءُ مثل جڏهن اهو عمل هڪ دفعي شروع ٿي ويو ته ان جو محور پنهنجو پاڻ وڌندو ويندو ۽ هر ماڻهون اهڙا رويا اپنائڻ تي مجبور ٿي پوندو.

 ڀلا اسان کي پنهنجن گھرن اندر ٻارن سان مهذب نموني ڳالهائڻ ٻولهائڻ، ساڻن مثبت روين رکڻ، کين همٿائڻ، سندن صحت ۽ صفائي جو خيال رکڻ کان ڪير روڪيندو يا ٽوڪيندو؟ اهو ته اسان تي منحصر آهي ته اسين کين ڪهڙو ماحول ٿا ڏيون. الاهي چڱايون بس مثبت سوچ رکي انهن تي عمل ڪرڻ تي مدار رکن ٿيون جن تي ڪوبه خرچ ناهي ٿيندو. اسان اوهان مان هرهڪ کي اڄ ئي هاڻي جو هاڻي اهو فيصلو ڪرڻ گھرجي ته هن گھڙيءَ اها ڪهڙي تبديلي آهي جيڪا اهو پنهنجو پاڻ ۾ پيدا ڪري سگھي ٿو ۽ ان جي شروعات ڪرڻ گھرجي.  

Tuesday, September 29, 2015

رقص مين هي سارا جهان







ڪجھ ڏينهن اڳ سائين علي حسين قاضي صاحب سان گڏجي سنڌ جي هڪ وڏي صوفياڻي درگاهه تي محفل سماع جو مزو وٺڻ ويو هوم، جتي سائين ارشاد سومرو، سائين صوفي عبدالحميد سومرو به مليا هيا. اسان جو سماج جيڪو نيم ملان خطره ايمان جهڙن ماڻهن جي ور چڙهيل آهي، اتي ضروري آهي ته ماڻهن جي روح کي راحت ڏيندڙ، دل ۾ محبت، رحم  جا جذبا اڀاريندڙ  اهڙيون محفلون مچن. مون کي تمام گھڻي خوشي ٿي ته درگاهه جي نوجوان متولي هر مهيني (اسلامي ڪيلينڊر)  جي پهرين خميس جي شام (جمع جي رات) تي اهڙي محفل جو اهتمام ڪيو آهي. جڙيل پنڊال پوري نموني ماڻهن سان ڀريل هو، پبڊال ۾ ويٺل  ماڻهن ۾ رنگ، مذهب، ذات، پات، ننڍ وڏائي جو ڪو مامرو نه هيو. سڀ محبت ۽ امن جا پانڌيئڙا هيا.  محفل جي ڪمپيرنگ اسان جو تمام پيارو دوست سائين منظور اڄڻ ڪري رهيو هو. راڳ رنگ جي محفل ۾ صوفي راڳين تمام خوبصورت صوفياڻا ڪلام ڳائي ٻڌندڙن کي خوب محظوظ ڪيو ۽ ماڻهون جھومي پيا. ان راڳ رنگ دؤران ڪي ملنگ گيڙو ۽ ساوا ڪپڙا پهري رقص ڪري رهيا هيا. سندن رقص وجدان وارو هيو، کين خبر ئي نه پي پئي ته سندن پورو جسم پگھر ۾ شم ٿي ويو آهي يا اتي ڪي ٻيا ماڻهون به آهن. مون کي ڪنهن ڪلام جو مصرعو ياد اچي ويو هو ته "رقص میں ہے سارا جہاں". 

پر انهن ڳالهين کان هٽي ڪري ڪي ڳالهيون مون محسوس ڪيون جيڪي هت پيش پيو ڪريان.
راڳ رنگ جي لاءِ مخصوص پنڊال ۾ اڻ ڳڻيا گارڊ پنڊال جي چوڌاري، پنڊال جي ڀرسان جڙيل عمارتن جي ڇتن تي بيٺا هيا. صوفين جي درگاهن تي وزيرن، پيرن، ميرن وارو پروٽوڪل ڏسي مون کي حيرت ٿي. مون سوچيو پئي ته درگاهه جو متولي انهن سڀني پرائيوٽ گارڊن کي پگھارون به ڏيندو هوندو؟ جيڪڏهن واقعي به اهي سڀ پگهاردار اسان جي نوجوان متوليءَ جي حفاظت لاءِ ڀرتي ٿيل آهن ته پوءِ ته کيس لکين روپيه ته محض پگھارن جي مد ۾ ڏيڻا پوندا هوندا. پر جيڪڏهن انهن کان ونگار پئي وهائي ويئي ته اها به صوفياڻي روح جي خلاف ڳالهه آهي!

مون ٻي ڳالهه به نوٽ ڪئي ته اسان جي ان محفل ۾ نوجوان متولي اهو واحد ماڻهون هيو جنهن تي صوفياڻي راڳ جو ڪوبه اثر ڪونه پئي ڏسڻ ۾ آيو. سندس منهن مبارڪ تي جيڪا سختي منڍ ۾ هئي اها آخر تائين قائم رهي، راڳي ويچاري ڪلام ڳائيندي، دوهيڙا هڻندي ڪيئي دفعه سائين جن ڏانهن داد لاءِ نهاريو پئي پر هو ته پنڊ پاهڻ ٿي ويٺل نظر اچي رهيو هو.

ٽين ڳالهه جيڪا مون محسوس ڪئي ته غلاميءَ جي حد تائين ڪريل پيري مريدي وارو رنگ اتي به نظر آيو. ڪيئي ماڻهون نوجوان متولي جي پيرن تي هٿ رکي رهيا هيا، ڪي سندس هٿن کي چميون ڏئي رهيا هيا، هڪ نوجوان ته راڳين کي هزار هزار جا نوٽ متوليءَ جي پيرن کي ڇهي پوءِ ڏئي رهيو هيو.  اسان جي صوفي عالمن پيري مريدي، بزرگي کي ننديو آهي ۽ ان کي انسانيت جي توهين قرار ڏنو آهي پر صد افسوس ته سندن اولاد سندن ئي ٻڌايل اصولن جون ڌڄيون اڏاري رهيا آهن.  مون کي هڪ سٽ سائين بيدل جي ياد پئي اچي ته ”بزرگيءَ کان ڀڄي بيدل رنديءَ جا رنگ رچايا سي“ يا سچل سائين چئي ويو آهي ته ”نه مان مير، نه مان پير، سڄي فقر جو فقير“.


اسان جي صوفي بزرگن پنهنجي شعر و شاعريءَ ۾ جنهن ڳالهه جي تبليغ ڪئي آهي ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. لطيف هجي يا سچل، بيدل هجي يا روحل فقير، ٻڍل سائين هجي يا انور سائين، خوش خيرمحمد هيسباڻي هجي يا حمل انهن سڀني محبت، امن، ڀائيچاري، سک، شانتي، پيار ۽ پنهجائپ جا درس ڏنا آهن. اچو ته سندن پيغام کي پاڻ به پڙهون، پنهنجن پيارن کي به پڙهايون ۽ اهو آواز پوري ڌرتيءَ جي گولي تي ڦهلايون. انهن جي پيغام تي عمل ڪرڻ ۾ اسان سڀني جي ڀلائي آهي. امن هوندو، محبت هوندي، ايڪو هوندو، سهپ هوندي، هڪ ٻئي جو احترام هوندو ته اسين ترقي ڪنداسين ۽ سک جي زندگي گذارينداسين جيڪا اسان صوفين جي منشا به هئي. 

Monday, September 7, 2015

خالد بروهي، گمنام تاريخ نويس ۽ اديب

هُن سان منهنجي واقفيت ته تمام پراڻي آهي پر ساڻس دل کولي ڪچهري مون ڪالهه ئي ڪئي هئي. زيرو پوائنٽ سکر جي ڀرسان هڪ اين جي او جي اورينٽيشن پروگرام جي دوستن پروگرام جي پڄاڻيءَ تي بريانيءَ جو هڪ عدد پيڪٽ ڏنو هو مون سوچيو هو ته اهو ساڻس گڏجي کائيندس پر هن يار ته ٻه چمچا کائي معذرت ڪئي ته سندس معدي جي خرابي ڪري هو ان ڪم ۾ منهنجو ساٿ ڏئي نه ٿو سگھي ۽ اها سڄي پليٽ مون کي کائڻي پئي. پر ان کان پوءِ چانهن جي ڪپ تي 2 ڪلاڪ کن جيڪا ڪچهري مون دلبر خالد بروهيءَ سان ڪئي اها يادگار هئي/آهي. خالد بروهي سنڌ جي يگاني تاريخ نويس مولائي شيدائيءَ جي گھراڻي سان تعلق رکي ٿو ۽ هي بذات خود تاريخ جو تمام وڏو ڄاڻو آهي. جڏهن خالد تاريخ تي ڳالهائي رهيو هو ته مون کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ يار بوسڪيءَ جي ڪپڙي جي ٿانن جا تهه پيو کولي...خالد بروهي محض تاريخ تي ڳالهائي نه پيو پر هو انهن تاريخي واقعن جي ڀرپور ڇنڊڇاڻ ڪندو به پئي هليو. ڪيئي داستان هيا جن کٽڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو. سعادت حسين منٽو جي افسانن کان وٺي مٿس هلايل ڪيس جا احوال انهن ۾ فيِض احمد فيض جي شاهدي، امرتا پريتم جا ڪتاب، اردو غزل، تاريخ جا مستند ڪتاب وغيرهه...پر ڪالهه ئي مون کي خبر پئي ته خالد بروهي جي اندر ۾ هڪ انتهائي معصوم ٻار به ويٺل آهي جيڪو ماضيءَ جا قصا بيان ڪندي نه رڳو پنهنجا ڳوڙها روڪي نه سگھندو آهي پر ٻڌندڙ جون اکيون به آليون ڪري وجھندو آهي. سکر جي البيلي انسان سائين شوڪت خواجائي کان پوءِ مون کي هي ٻيو انتهائي ڄاڻو دوست مليو آهي جيڪو سکر، سنڌ، پاڪستان ۽ پوري دنيا جي تاريخ تي دليلن سان ڳالهائڻ ۾ ڪا هٻڪ يا هٽڪ محسوس ناهي ڪندو. خالد بروهي کي مون عرض ڪيو ته مالڪ پنهنجي ڳالهين کي تحرير جي شڪل ۾ آڻي ۽ هو اهو ڪم ڪري به رهيو آهي پر سندس ان شڪايت جو ازالو ڪير ڪندو ته ”يار مولائي شيدائي جو تاريخ تي تمام گھڻو ڪم ته اڃا تائين ڇپيو ئي ناهي ته منهنجي لکڻين کي ڪير لفٽ ڪرائيندو“...
سنڌ اندر علم، ادب، تاريخ، سياست، تهذيب، ڪلچر، موسيقي، دانش ۽ ڏاهپ رکندڙ ڪيئي گمنام انسان رهن ٿا پر انهن ۾ هڪ ”خرابي“ آهي ته اهي پنهنجي مارڪيٽنگ نه ٿا ڪن، سندن ميڊيا يا ادب جي ميدان ۾ ڪي لابيون به ناهن ۽ ”منڊيءَ ۾ ٽڪ“ اهو ته اُهي نه ته ڪامورا آهن نه وٽن پئسو آهي ته پوءِ ڀلا کين ڪير لفٽ ڪرائيندو. ؟؟؟!!! هي اسان وارو يار به انهن مان هڪڙو آهي 

Monday, August 24, 2015

اچو ته گڏجي سڏجي ڳالهائڻ جو فن سکون


تازو هڪ پروقار ادبي تقريب ۾ شرڪت جو موقعو مليو، جنهن جي ميزباني پڻ هڪ تمام سٺو پڙهيل لکيل دوست ڪري هو. مون کي انوقت ڏاڍي حيرت ٿي جڏهن ميزبان دوست هڪ مهندار دوست کي مهمان خاص جي سيٽ تي ويهڻ کان اڳ 
لطيف سائينءَ جو هي شعر

ڄنگھ ڄرڪي وات ۾، سسي کي سنسار
چوڙا ٻيڙا چڪ ۾، لڙ ۾ لٽيس وار،
لکين چهٽيس لوهڻيون، ٿيلهيون ٿرنئون ڌار،
مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي.

 پڙهيو، منهنجي ناقص خيال مطابق اهو برمحل نه هو ۽ وقت ۽ حالتن جي مدنظر بلڪل به اڻ موزون هيو. اسان جيڪي ان تقريب جا مهمان هياسين منجھي پياسين ته سائين اهو شعر ڪنهن کي مخاطب ٿي چيو آهي. ڪهڙا مڇ مڙيا آهن جيڪي سهڻي کي ڀاڱا ڪندا، اسٽيج تي ويهاريل علم ۽ عقل وارا يا اسان جهڙا ان تقريب مان لاڀ پرائيندڙ سامعين ۽ ناظرين... ان موقعي تي مون کي هڪ پراڻو ان جهڙوئي هڪ پروگرام ياد اچي ويو.  هڪ ڪامريڊ دوست پاران مهمان خاص کي ويهارڻ کان اڳ شعر پڙهيو هو ته؛

ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،
 انهن آکيرن تي ويٺا چٻ چڙهي،
وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪانئيرن جو.

شعر چئي مهمان خاص کي پنهنجي ڪرسي والارڻ جي دعوت ڏني هيائين.

اهڙي قسم جون غلطيون جوش خطابت ۾ ٿي وينديون آهن يا ڪي دوست مهمانن کي اسٽيج تي ويهارڻ يا ڳالهائڻ کان اڳ ڪونه ڪو شعر پڙهڻ لازمي سمجھندا آهن بنا شعر جي مفهوم سمجھڻ جي ۽ ڪي وري پنهنجي علم جي ڌاڪ ويهارڻ جي نيت سان به اهو عمل ورجائيندا آهن پر کين خبر ئي نه پوندي آهي ته هو ڪهڙي نه سنگين غلطي ڪري رهيا آهن. هڪ ٻي تقريب به مون کي ياد پئي اچي جيڪا هڪ ته روائتي نموني دير سان شروع ٿي هئي ۽ اسٽيج سيڪريٽري هر مهمان کي پنهنجي تقرير کي مختصر ڪرڻ جي وينتي ڪري رهيو هو پر هر ٻئي مهمان کي گھرائڻ کان اڳ اسٽيج سيڪريٽري 
هردفعي پاڻ هڪ عدد ڊگھي تقرير جھاڙي رهيو هو.

تقرير، بحث مباحثو، ڳالهه ٻولهه، قصو گوئي، ليڪچر ڳالهائڻ، پنهنجي ڳالهه يا نقطه نظر کي ٻين تائين پهچائڻ جا مختلف ذريعا ۽ طريقا آهن پر جيڪڏهن ائين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته اهي سڀ تمام عميق هنر آهن ۽ جيڪي انهن هنرن جي پيچيدگين کي سمجھي ڪم سرانجام ڏيندا آهن ته گھربل نتيجا حاصل ڪندا آهن ۽ انهن تي منڊيءَ ۾ ٽڪ وارو محاورو فٽ لڳندو آهي پر جيڪڏهن مڙوئي ڪم ٽپائڻ جهڙو ماحول هوندو آهي ته سنڌيءَ جو ٻيو هڪ محاورو به استعمال ڪندا آهيون ته “ڪيڏانهن منهن مريم جو ڪيڏانهن الهيار”.

سنڌ جي نوجوانن کي ڳالهائڻ، ٻولهائڻ، بحث مباحثي ڪرڻ، ڊپلوميسي جا گر سکڻ، پنهنجي ڳالهه کي اثرائتي نموني ٻين تائين پهچائڻ جا هنر اچڻ گھرجن جيڪڏهن اسان جا نوجوان ذاتي، پروفيشنل، ادبي، ثقافتي ميدانن تي اڳتي اچڻ جا خواهشمندا آهن ۽ اهي دنيا کي تسخير ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا ته کين سوچ ۽ سمجھ سان، غور ۽ ويچار سان، محنت ۽ پنهنجي ذهانت سان اهي هنر سکڻا پوندا. هي دنيا ڪميونيڪيشن جي دنيا آهي، هتي ڪامياب اهو آهي جيڪو ٻين کي قائل ڪري سگھي، جيڪو پيچيدهه کان پيچيدهه مامرن کي تمام سادي ۽ سلوڻي نموني بيان ڪري سگھي ۽ جنهن کي خبر هجي ته ٻهراڙي جي ڪنهن ماڻهون سان ڪيئن ڳالهائبو آهي ته ڪنهن يونيورسٽيءَ جي ماهر پروفيسر سان ڳالهه ٻولهه ڪيئن ڪبي آهي.
اچو ته گڏجي سڏجي ڳالهائڻ جو فن سکون.


Tuesday, August 11, 2015

Poetry of Shaikh Ayaz


ڪي ماڻهون تاريخ ٿين ٿا...سائين شاهنواز راڄپر جي شخصيت تي لکيل مختصر تاثر


”ڪي ماڻهون تاريخ ٿين ٿا...“ شيخ اياز جي شاعريءَ جي هڪ امر سٽ آهي ۽ جڏهن به ڪو لکاري ڪنهن عظيم انسان کي ڀيٽا ڏيندو آهي ته ان سٽ کي عنوان طور (جيئن مون به ڪيو آهي) ڪم آڻيندو آهي. پر دوستو جن جي لاءِ اسين سمجھون ٿا ته اهي چند ماڻهون تاريخ ٿين ٿا اهو هڪ اڌورو سچ آهي. ان تاريخ سازيءَ واري عمل  ۾ ڪيئي عظيم گمنام ڪردار هوندا آهن جيڪي پنهنجو سڀ ڪجھ، تن من ڌن قربان ڪري ڇڏيندا آهن ۽ کين موٽ ۾ ڪجھ پلئه ناهي پوندو، نه مشهوري، نه لقب القاب، نه ڌن دولت...

اهڙن ماڻهن جي هجوم مان هڪ منهنجو به واقف آهي، واقف ڇا آهي، منهنجو همزاد آهي. سندس نالو شاهنواز راڄپر آهي. ڏهاڪن کان مان کيس سڃاڻا، انوقت کان جڏهن ٽيپ رڪارڊر سندس ڪڇ ۾ هوندو هو ۽ هو لانڍي کان لاهور تائين پنهنجي رهبر جي ڪڍ ڪڍ هوندو هو ۽ سندس هر تقرير، هر پريس ڪانفرنس کي نوٽ ڪندو هو، ۽ پوءِ ان رهبر ڪٺورتا سان کيس ڪاڄ مان اهو چئي اٿاري ڇڏيو هو ته جنهن شيءِ کي اوهان سڀ پنهنجو گڏيل ورثو ٿا سمجھو سو درحقيقت سندس ذاتي ملڪيت آهي.  شاهنواز راڄپر جيڪو 1983ع ۾ ايم آر ڊي جي جدوجهد ۾ سڀ کان وڌيڪ جيل گھاريندڙ هو صرف ان ڪري ته هُن معافي لکي ڏيڻ کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو هو. ايم آر ڊي جي جدوجهد بدولت جڏهن آمريت جا پاڇا هن ملڪ تان ٽري ويا هيا ۽ جمهوري راڄ قائم ٿيو هو ته ان جمهوري راڄ مان رڄ ڪري ڪمائيندڙ سندس ڳوٺ ۽ آسپاس جي سياسي اداڪارن کيس ڪڏهن کيڪاريو به ورلي هوندو. شاهنواز راڄپر، مختيار حاجاڻو، غلام مصطفى ڪٽوهر ۽ مون سنڌ يونيورسٽي شاهه عبدالطيف ڪيمپس خير پور ۾ 1981ع ۾ داخلا ان لاءِ ڪونه ورتي هئي ته ڪي اسين اتي وڃي ڪورس جي ڪتابن کي پڙهي ڪامورا ٿينداسين اسان جو مقصد هو ته ڪيمپس ۾ پنهنجي تنظيم جو ڪم ڪنداسين ۽ اسان کي اهو فخر آهي ته اسان پنهنجي ان مقصد ۾ 200 فيصد ڪامياب ويا هياسين ۽ ها شاهنواز راڄپر کي اها پڙهائي به راس ڪانه آئي هئي، هُن ايجنسين پاران ڏنل ساڻن تعاون واري آفر کي ٿڏي ته ڇڏيو هو پر ان سان گڏ کيس اها پنهنجي پڙهائي اڌوري ڇڏڻي پئجي ويئي هئي ۽ هو پنهنجو وقت شهيد فاضل سان گڏ گذارڻ لڳو هو. بعد ۾ راهو خاندان سان سندس اهڙو ته سنگ جڙي ويو جنهن کي مان ڪو به نانو ڏيڻ جي قابل ناهيان، فاضل شهيد ٿي ويو ته شاهنواز راڄپر اسماعيل راهو ۽ اسلم راهوءَ جو ٿي رهجي ويو. اسماعيل راهو صاحب وزاتون ماڻيون، سندس صحبت ۾ رهندڙ ڪروڙپتي ٿي ويا، راهو صاحب مشرف جي دؤر ۾ جيل اندر رکيو ويو هو. هڪ قيدي ڀت جي اندر هو ۽ هڪ قيدي ڀت کان ٻاهر هو، ڀت جي اندر رهندڙ قيدي ته ”جيل جا ڏينهن جيل جون راتيون“ ڪتاب لکي تاريخ جوڙي ڇڏي پر جيل کان ٻاهر رهندڙ قيدي شاهنواز راڄپر کي ڇا مليو؟  اچو ته کانئس ئي ٿا پڇون ” منهنجو الميو اهو رهيو آهي ته مون پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي ۽ منشا سان ناهي گذاري، کوڙ دفعا چاهيندي به ته رستو مٽايان، من ڪونئون گس ملي وڃي پر هر طرف نظر سان گڏ وکون به ڊوڙايم پر ناڪاري ۽ اوگڻ روين ئي منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ منهنجي ذهن تي ”امراءُ جان“ جو گانو ”جستجو  جس کی تھی وہ  تو  نہ  پایا  ہم  نے، اس  بہانے   دیکھ لی دنیا  ہم  نے“ ،سو دنيا جي پاڇن پٺيان پڄڻ بجاءِ پنهنجي پيرن تي بيهي ٿو رهان، ٺيڪ آهي. سو انيڪ رويا جن تي سوچي کل به ايندي اٿم ته ڏک به ٿيندو آهي ته منهنجي واري اچڻ تي منهنجي ئي دوستن وٽ منهنجي لاءِ ”قومي ترانو ڇو ٿو وڄي وڃي؟“. (سائين شاهنواز راڄپر پاران مون ڏي لکيل خط مان ٽڪڙو)   

شاهنواز راڄپر جنهن زندگي جي تلخين مان جيڪڏهن ڪجھ سکيو آهي ته اهو آهي وفا، قرباني، ڏيڻ. سائين شاهنواز راڄپر سور سختيون ته اڪيلي سر سهي ويندو آهي پر جڏهن خوشين ۽ شادمانين جو ويلو ايندو آهي ته سنگت ساٿ کي سڏي جشن ملهائيندو آهي. سو جيڪڏهن مون کي اجازت ڏيو ته مان  شيخ اياز جي ان سٽ ۾ واڌارو ڪريان ته ”ڪي گمنام ماڻهون ڀي تاريخ ٿين ٿا“...