Sunday, May 8, 2016

منهنجي ستن ٻارن جي ماءُ




8 مئي جي ڏينهن تي سڄي دنيا امڙين جو ڏينهن (Mother’s Day) پئي ملهائي. منهنجي لاءِ سڄي سال جا سمورا 365 ڏينهن جيجل جا ڏهاڙا ئي ته آهن. امڙ کي ياد ڪرڻ جي حوالي سان مون لاءِ جو دم غافل سو دم ڪافر مثل آهي. مون پنهنجي امان لاءِ 26 مارچ 2016 بلاگ بعنوان ”امڙ جون ساروڻيون“  لکيو هو ۽ هن رنگا رنگي دنيا کي ڏيکاريندڙ هستيءَ جي تصوير ان ڏينهن کان ئي فيس بوڪ تي پروفائيل ڦوٽوءَ طور رکي ڇڏي  هئم.

منهنجي خيال ۾ ته هن دنيا جي گولي تي جنم وٺندڙ سڀ عورتون جيڪي امڙيون آهن اهي ڪنهن نه ڪنهن جو ڀيڻو، ڪنهن جون نياڻيون ۽ پنهنجي جيون ساٿيءَ جون گھرواريون پڻ آهن. ان نموني هر عورت عظيم آهي. اڄ مان هڪ اهڙي ماءُ تي ڪجھ لکڻ ٿو چاهيان جيڪا منهنجي ستن ٻارڙن جي ماءُ آهي. منهنجي ستن ٻارڙن جي ماءُ جنهن سان منهنجو پلئه اڄ کان لڳ ڀڳ ٽيتاليهه سال اڳ 1974ع ۾ ان وقت ٻڌو ويو هو جڏهن مان پاڻ هڪ معصوم ٻار هئس ۽ اٺين درجي کي پاس ڪري نائين ۾ پير پاتو هوم. منهنجي ٻارن جي ماءُ مون کان عمر ۾ ٿوري وڏي هئي پر شاديءَ جي ٻنڌڻن لاءِ ننڍي وڏي عمر جي گھٽ وڌائي، پسند ناپسند جي احساسن، جوڙ بي جوڙ وارين ڳالهين کي اسان جا وڏڙا معمولي ڳالهه سمجھندا هيا. جيڪا اهم ڳالهه ڄاتي ويندي هئي اها هئي ”گھر جي ڇوڪري گھر ۾ ئي رهندي“ ۽ ”پنهنجي گھر جو ڇوڪرو“ وغيرهه. انهن معيارن تي اسان سؤ فيصد پورا پئي لٿا سين. اسان جي گھر ۽ منهنجي سهري چاچا قلندربخش جي گھر وچ ۾ بس ماما شاهه بيگ ڪٽوهر جا ٻه ڪمرا هيا ۽ اڱڻ ته ٽنهي گھرن جو ساڳيو هو.

منهنجي گھر واريءَ تي سندس وڏڙن ”پپر“ نالو رکيو هو، پر پوءِ جڏهن شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جو وقت آيو هو ته انوقت پنهنجي نابالغي واري سوچ کي سامهون رکندي مون ان روائتي نالي کي رد ڪري مسلمانڪو نالو ”غلام صغران“ ڪري ڇڏيو هو. پر اڄ به راڄ ڀاڳ ۾ سندس اهو پراڻو روائتي نالو ئي گردش ۾ رهندو آهي. هونئن به هاڻي اسان جي گھرن مان عورتن جا ا هي اصلوڪا نالا جهڙوڪر شاني، کيمي، سياڻي، ڌياڻي، هوٻان، گگل، سراف، بچي، ڦاپل، هير، هيري، جنان، ٿڌي، ڪوڙي، سيزه، ڦٺر، گيمبلي، سانئڻ، ڀاڳڀري، هاٽي، بگي، سليمي، چڱي، ڇٽي، ڌوڌي، هبلي، ڊوڻي سڄڻ، راحت، لالي، ڪونج، ڪڪر، گوشي، سجي، هکي، ڌاڻو، وغيرهه گم ٿيندا پيا وڃن. افعال کڻي ڪهڙا به هجن پر نالن ۾ ته ”شهر ڪا شهر مسلمان هوا ڦرتا هي“ وارو واءُ وريو آهي.

اسان جي شادي ٿيڻ کان بعد لڳ ڀڳ تيرهن سالن تائين منهنجي حياتي رولهڙن واري هئي. مئٽرڪ کان پوءِ شهر ۽ ڳوٺ جي رول ڇوڪرن جي صحبت ۾ اچي مان زندگيءَ جو مقصد بلڪل وڃائي ويٺو هوس، رولو ڪتن وانگي سڄو ڏينهن خيرپور شهر جي گھٽين ۾ ٽولا ٺاهي نوس نوس ڪرڻ اسان جو مشعلو هوندو هو. پڙهائيءَ ۽ ڪلاسن وٺڻ وارو ڪم صفا وساري ڇڏيو هوم. ان گندي ماحول اندر جھيڙا جھڳڙا ٿيڻ اڻ ٽر هو ۽ هڪ اهڙي ئي جھنگاڻ ته منهنجو سِرُ کنيو هو بس پير زور هيا ته بچي ويو هوس. ان ماحول مان مڪتي ڏيارڻ لاءِ بابا سائين مون کي ڪراچيءَ ۾ رهندڙ مائٽ ماما صوبل خان ڏانهن استاد غلام مصطفى ڪٽوهر سان اماڻي ڇڏيو هو ته هڪ ته گھر کان ٽريل هجان ۽ اتي وڃي ڪا نوڪري ڪيان. اتي رهڻ وقت ڪا خاص نوڪري ته نه ڪري سگھيو هوس پر ڪراچي وارا ڏهاڙا ۽ اتي ڪامريڊن سان رهڻ بعد منهنجو هڪ ٻيو جنم ٿيو هو. هڪ ترقي پسند، مثبت سوچ ڌاريندڙ انسان جو روپ وٺي واپس ڳوٺ موٽي آيو هوم. ڳوٺ واپسيءَ ۾ ٻين ڪجھ سببن سان گڏ هڪ سبب امان سڳوريءَ جو ضد به هو ته مان سندس سڪيلڌو پٽ پرديس (ڪراچي) ۾ سندس اکين کان پري نه رهان. ان سموري عرصي اندر مان گھر وارن کي ڪجھ ڏيڻ بدران هردفعي کانئن ڪجھ وٺندو رهندو هوس. بابا سائين هڪ مسڪين ڪڙمي هو، گھر جي حالت ”آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ واري هئي. منهنجي ٻارن جي ماءُ کي سندس ماءُ منهنجي پڦي الله بچائي ڀرت ڀرڻ سيکاري ڇڏيو هو ۽ واندڪائي ڪڍي هوءَ روزانه ڀرت ڀرڻ جو ڪم ڪندي رهندي هئي جڏهن وونئڻ تيار ٿيندا هيا ته امان ۽ منهنجي گھر واري ڦٽين چونڊڻ وارو پورهيو ڪري به ڪجھ پئسا ڪمائي وٺنديون هيون. سندس ان ڪمائي مان ٻارڙن جون خرچيون ۽ ڪي قدر منهنجا خرچ به هلندا هيا. ان زماني ۾ اسان جي گھر ۾ ڏاندن جو جوڙو، هڪ اڌ مينهن يا ڳئون سان گڏ ڪي ٻڪريون به هونديون هيون.  انهن لاءِ پري زمين تان گاهه جون ڀريون ٻڌي گھر کڻي اچڻ بعد ڪتر ڪري مال کي ڏيڻ، گھر جا سمورا ڪم ڪار سرانجام ڏيڻ، ماني ٽڪي ڪرڻ، ٻار پالڻ سندن حوالي هوندا هيا. زمين ۾ هر ڪاهي ان کي ريج ڪرڻ، ٻج ڇٽڻ يا گُڏَ ڪرڻ وارا ڪم ته بابا سائين سرانجام ڏيندو هو پر ڪڻڪ جو لابارو، ڪڻڪ جي وَلِ جي ڍوئائي، ڦٽين جي چونڊي وارا ڪم عورتن لاءِ مختص ٿيل هوندا هيا. جيستائين ٿريشر نه آيا هيا ته ڪڻڪ جي ڳاهه ڳاهڻ وارو ڪم بابا سائين سان گڏ منهنجي امڙ ۽ منهنجي گھر واري گڏجي سرانجام ڏينديون هيون. انهن ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن مان به بابا سائين سان گڏجي رات جو پاڻي ورائڻ ويندو هوم ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳاهه ڳاهڻ، هر هلائڻ ۾ سندن مدد ڪندو هوم. ان نموني گھر ۽ ٻنين جي ڪم ڪار ۾ منهنجي گھر واريءَ جو ڀرپور حصو هوندو هو. سياسي دوستن جي اچ وڃ اسان وٽ متواتر رهندي هئي ته انهن جي ماني ٽڪي، چاءِ پاڻيءَ جا سمورا ڪم به کيس ڪرڻا پوندا هيا. منهنجي گھر واري جيئن ته قرآن شريف پڙهيل آهي ان ڪري هلڪي ڦلڪي سنڌي به پڙهي ۽ لکي وڃي.  

جڏهن مون کي سياست جي لنؤ لڳي هئي ته ان ۾ مان پنهنجي گھر واريءَ کي به شرڪت جا موقعا ڏيندو رهندو هوس. سنڌياڻي تحريڪ ضلع خيرپور جي مختلف ڳوٺن ۾ عورتن جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندي رهندي هئي. ان کان سواءِ به سانگھڙ، سکر، راهوڪي تائين هن سفر ڪيا هيا. اهڙن پروگرامن ۾ شرڪت ڪري سندس نه رڳو ذهني صلاحيتون وڌيون پر دنيا کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جا موقعا پڻ کيس ميسر آيا ۽ منجھيس اعتماد پيدا ٿيو، سنديس حوصلو وڌيو ۽ اسان جي باهمي تعلق ۾ ڀروسي جي فضا مظبوط ٿي.

منهنجي ٻارڙن جي ماءُ ٻهراڙي جي انهن جفاڪش، پورهيت، وفادار عورتن سان تعلق رکي ٿي جن سڄي ڄمار محنت ڪئي هوندي. مون کي اهي ڏينهن ياد ٿا پون ته تمام گھڻي جسماني محنت، اڻ پوري خوراڪ، اڌوري علاج، مسلسل ٻارڙن جي ڄم ڪري اصل هوءَ سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي هئي. ڪاش سندس اولاد پنهنجي ماءُ کي سڃاڻي سگھي ته اهي اڄ جنهن منزل تي آهين اتي پنهنجو پاڻ ڪونهن پهتا، سندن تعليمي ۽ روزگار وارين ڪاميابين پويان سندن ماءُ جي چاليهن سالن کان مسلسل ڏنل قربانين جو وڏو هٿ آهي.

منهنجي گھر واريءَ جي ستن ٻارڙن مان ڇهه فيس بوڪ تي موجود آهن. اڃا تائين انهن پاران مون کي فيس بوڪ تي پنهنجي ماءُ سان انسيت جي اظهار جي ڪا پوسٽ به اپ لوڊ ٿيل نظرن مان ناهي گذري ها هڪ سندس پٽ فيس بوڪ جي ڊي پي آءِ لو يو مدرسو ضرور لڳائي ڇڏيو آهي.

اڄ ڏيهان ڏيهه ملهائي ويندڙ امڙين جي ڏينهن تي مان پنهنجي ٻارڙن جي ماءُ جو شڪريو ادا ڪرڻ ٿو گھران ته جڏهن مون لاءِ زندگي زهر هئي، جڏهن واري ساري واٽ هئي، جڏهن کائڻ لاءِ ٿوهر ملندا هيا، جڏهن دنيا وارن جي وات مان لفظن جي صورت ۾ زهريلا تير نڪرندا هيا جڏهن وات سڻڀي گرهه لاءِ واجهائيندو هو جڏهن سڀ موسمون ساڙينديون هيون ته هن منهنجو ساٿ ڏنو هو بنا ڪنهن شرط شروط جي. اسان جي ڊگھي مسافت ۾ هلڪا ڦلڪا جھيڙا جھٽا به ٿيا پر ساٿ هلندو رهيو. اڄ به اسان ٻنهي جي جدوجهد جاري و ساري آهي نه هوءَ ٿڪي آهي نه مان جھڪيو آهيان. هن وقت تائين اسان پنهنجي اولاد کي رڳو ڏنو ئي هوندو سين ۽ اسان جي ڪوشش اها هوندي ته کانئن ڪجھ وٺڻ بدران اسان کين يا عمر ڏيندا ئي رهون بنا ڪنهن حساب ڪتاب جي.      


Saturday, April 30, 2016

سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر تي لکيل تاثر










سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر تي لکيل تاثر
30 اپريل 2016 ٽائيم 9.45 رات جا
گل ڪٽوهر
سنڌ جي معيشت جو گھڻو تڻو مدار زرعي شعبي تي آهي ۽ زرعي شعبي لاءِ سنڌوءَ تي اڏيل ٽي بئريج هرهڪ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئريج ڪرنگهي جي هڏيءَ جيان آهن. لائيڊ بئريج سکر مان ڪل ست نديون نڪرن ٿيون انهن مان کير ٿر به هڪ آهي. سنڌوءَ وٽان جتان کير ٿر نڪري ٿو ان جي بلڪل ڪنڊ ۾ هڪ خوبصورت ڪنارا هوٽل جڙيل آهي. کير ٿر جي اوڀارين پاسي واري ڪناري تي ڪجھ بئنچون ۽ ٽيبلون فرش سان فڪسڊ ٿيل آهن. هي اها جاءِ آهي جتي سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جون گڏجاڻيون تڏهن کان شروع ٿيون آهن جڏهن کان ان جو سيڪريٽري سيد ڪاشف بخاري کي چونڊيو ويو آهي. جڏهن شاخ جو سيڪريٽري پيارو بشير منگي هيو ته گڏجاڻيون سندس آفيس اندر ئي ٿينديون هيون. ان کان گھڻو اڳ جڏهن اسان سڀني جو پيارو، مٺڙو، سٻاجھڙو دلبر دوست سائين پروفيسر منظور اڄڻ حال حيات هيا ته سنگت جون دستوري گڏجاڻيون بئريج ڪالوني واري علائقي ۾ بلائينڊ اسڪول جي پرنسپل آفيس يا ان جي ڪنهن ڪلاس ۾ ٿينديون هيون جو سائين منظور اڄڻ ان اداري جا پرنسپل هوندا هيا. جيڪڏهن ڪو ڏهاڙو ملهائڻو هوندو هو ته اسڪول جو وڏو حال به سنگت حوالي هوندو هو پر جيڪڏهن معاملو تهان وڌيڪ ڪنهن صوفياڻي راڳ رنگ جي پروگرام جو  هوندو هو ته اسڪول جو ويڪرو ورانڊو استعمال ڪيو ويندو هو.  جيستائين سائين منظور اڄڻ جن جيئرا هيا سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جا سرپرست رهيا ۽ شاخ کي ڪڏهن به دستوري گڏجاڻين يا ٻين پروگرامن جي سلسلي ۾ جڳهه جون ڪي به ڏکيائيون ڏسڻ ۾ نه آيون. جڏهن کان ڪاشف بخاري جي اڳواڻيءَ ۾ ڪنارا هوٽل تي گڏجاڻيون ٿيڻ لڳيون آهن مان پهريون دفعو 29 اپريل 2016ع تي ان ۾ شريڪ ٿي سگھيو هوم.

مٿي ٻڌايل تاريخ تي صبح جو گورنمنٽ ڊگري ڪاليج گھوٽڪي وڃي سکر بورڊ پاران امتحانن ۾ ايڪسٽرنل جي ڊيوٽي سرانجام ڏيئي منجھند جو سخت گرميءَ ۾ واپس گھر پهچندي صفا اکڙي پيو هوم ۽ بستري تي آهلجي اڃا آرس به نه ڀڳو هوم ته گھر جي عورتن ڳوٺ پهچائڻ جو حڪم صادر فرمايو هو. سخت ٿڪاوٽ هوندي سکر کان ڳوٺ ۽ وري واپسي وارو خوفناڪ خيال ئي دل کي ڏهڪاءُ ڏيندڙ هو پر اڳين کي ڪهڙي خبر ته منهنجي سرير ۾ ساهه به آهي يا نه کين ته بس پنهنجو ڪم ڪڍڻو هو. مون زندگيءَ ۾ دل جون ڳالهيون مڃي پنهنجي جسم جا تمام وڏا ڏوهه ڪيا آهن سوچيم ته هڪ گناهه ٻيو به ڪيان ٿو پوءِ جيڪي چار آنا بچيا!

اڃا گھر ڀاتين کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ پنواڙي ضلع خيرپور ۾ پهچائڻ وارو هوم ته شاخ جي سيڪريٽري ڪاشف بخاري پاران ڪال آئي ۽ بنا ڪنهن تمهيد جي سندس آواز منهنجي ڪنن ۾ ٻرڻ لڳو ”سائين ڪٿي آهيون گڏجاڻيءَ ۾ جلدي پهچو اسين سڀ اوهان جي انتظار ۾ آهيون“. گھر ڀاتين کي ڳوٺ ٻاهران ڇڏي اتان ئي پنهنجي مهراڻ کي طوفان ميل جي رفتار ڏيئي سکر طرف موڙي ڇڏيو هوم ۽ پوءِ جڏهن ڪنارا هوٽل جي گيٽ وٽ پهتو هوم ته پيارو بشير منگي پڻ گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت لاءِ موٽر سائيڪل تان لهي رهيو هو. گيٽ وٽان ئي پياري شاعر دوست مقيم ناز بلوچ جي رهنمائيءَ سان جڏهن منزل مقصود تي پهتا هياسين ته گڏجاڻي اڳ ئي شروع ٿي چڪي هئي ۽ ڪاشف بخاري محترم رشيد ڀٽيءَ جي تازي ڇپيل ڪتاب تي لکي کڻي آيل تبصور پڙهي رهيو هو.

انوقت رات مڪمل نموني پنهنجا پر پکيڙي چڪي هئي، گڏجاڻيءَ واري جاءِ تي بجلي جي اڻ هوند ڪري شريڪ دوست موبائيل جو فليش ٽارچ ٻاري پنهنجون لکڻيون پڙهي رهيا هيا. سامهون لائيڊ بئراج تي لڳل بلبن جي روشني کيرٿر جي پاڻيءَ ۾ نچندي ڪڏندي نظر اچي رهي هئي، کير ٿر ۾ دريا جو پاڻي گجگوڙون ڪري وهي رهيو هو جڏهن ته بئريج واري پل تان گاڏين جي اچ وڃ به متواتر جاري هئي. اهڙي رومانٽڪ ماحول ۾ سکر جا ڪجھ ڪهنه مشق اديب جهڙوڪر سچل ڀٽي ۽ بشير منگي، نواز مغل، ساجد شاهه، مقيم ناز بلوچ، ڪاشف بخاريءَ ساند گڏ اويس ساگر سومري سميت ڪجھ نوان نوجوان دوست مٿو مٿي ۾ ملائي وڏي غور فڪر سان هڪ ٻئي جي لکڻين کي ٻڌي انهن تي تنقيدون ۽ تبصرا ڪري رهيا هيا ۽ مون کي تاريخ جا اهي ورق ذهن تي ڦري رهيا هيا جڏهن يونان جا فلسفي روزانه شهر جي چوڪن تي بيهي علم، عقل، منطق جون ڳالهيون ڪندا هيا.  

مون کي سائين بشير منگي ۽ سائين سچل ڀٽيءَ سان کوڙ سارين ڳالهين تي اختلاف آهن. سندن ڪن خيالن کان منهنجا خيال مختلف به هوندا آهن. درحقيقت مان اختلافي خيالن کي خراب به ناهيان سمجھندو. مان، مون سان اختلاف رکندڙ دوستن کي تمام وڏي عزت واري نظرن سان ڏسندو آهيان ان جو ڪارڻ هي به آهي ته منهنجا اهي پرين پيارا رڳو مون سان اختلاف نه ٿا رکن پر مان به ته ساڻن سڀني ڳالهين تي سهمت ناهيان. جهڙا هو مون لئه آهن ته اهڙوئي مان انهن لئه آهيان. پر ان ڳالهه کان ڪهڙو ”ڪافر“ انڪار ڪندو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جون سموريون رونقون، ادبي محفلون، گڏجاڻيون، پروگرام ۽ پروگرامن جو تسلسل، خاص ڪري سيکڙاٽ نون اديبن، شاعرن، نثر نگارن جي سکيا جو سمورو سڀاويڪ عمل مڪمل نموني سائين سچل ڀٽي ۽ سائين بشير منگي جي مرهون منٿ آهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي هن گڏجاڻيءَ ۾ مون کي ٽي عدد بلڪل نوان نوجوان نظر آيا. کين جڏهن گڏجاڻيءَ ۾ پيش ڪيل ڪنهن اسم تي تبصري ڪرڻ جو چيو پئي ويو ته شرمائجي پئي ويا ۽ ڪاغذ اڳتي پئي وڌائي ڇڏيائون. کين ڏسي مان ماضيءَ جي انهن ڏهاڙن ۾ واپس هليو ويو هوم جڏهن منهنجي عمر به انهن جيتري ئي هئي. اهي 1970ع واري ڏهاڪي جا آخري سال هيا جڏهن فيڊرل ڪيپٽل ايريا ڪراچي جي ڪنهن فليٽ ۾ رکيل سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو هوم. اها منهنجي زندگيءَ جي پهرين ادبي گڏجاڻي هئي جنهن ۾ منهنجو ڳلو مڪمل نموني سڪي ويو هو ۽ گڏجاڻيءَ ۾ پڙهيل ڪنهن به اسم تي ڳالهائي نه سگھيو هوم. سائين ملڪ نديم سان منهنجي پهرين ملاقات به ان گڏجاڻيءَ ۾ ئي ٿي هئي. سائين ملڪ نديم انوقت روزانه هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪندا هيا.
اڄ جڏهن سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي گڏجاڻيءَ ۾ چند نون ۽ شرميلن نوجوانن کي ڏٺم ۽ سوچيم ته جي اهي تواتر سان سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندا رهيا ته يقينن انهن مان ڪي مستقبل جا نالي وارا اديب اسري ۽ نسري نروار ٿيندا.

هن گڏجاڻي ۾ سائين نواز مغل جي ڪيل ڳالهه مون کي ڏاڍي وڻي جنهن ۾ هن چيو ته کيس صاف سٿرا پنا، قيمتي پينون ۽ خوبصورت ٽيبلون وڻنديون آهن ۽ جڏهن به جتي به ڪنهن وٽ اهڙيون شيون ڏسندو آهيان ته دل چاهيندي آهي اهي کانئن کسي وٺان.

سکڻ سيکارڻ جا ادارا جيترا به وڌيڪ هوندا معياري هوندا اوتري انسان سازي ٿي سگھندي. سنڌ کي اهڙا تعليمي، ادبي، فني، صحافتي ادارا وڌ کان وڌ گھربل آهن جتي نوجوان نسل جي سکيا وارو عمل ٿي سگھي.
سنڌي ادبي سنگت به هڪ اهڙو ئي ادارو آهي، جتي علم، ادب جي آبياري ٿئي پئي. جتي ڪهاڻيون پڙهيون ويندو آهن، گيت، غزل، نظم وايون پيش ڪيون وينديون آهن جتي امن جو درس ملندو آهي، جتي سهپ، پيار محبت جهڙن اهم موضوعن تي بحث مباحثا ٿيندا رهندا آهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي سموري سٿ کي تواتر سان پنهنجين گڏجاڻين کي هلائڻ تي جس هجي ۽ اميد ته مستقبل ۾ مستقل اهو عمل جاري رهندو.  


Thursday, April 21, 2016

اسان روح راحت نه ماڻي ته ڇا ٿيو!




اپريل 20، 2016

پنج وڳا شام جا. ڪامرس ڊپارٽمنٽ

اسان روح راحت نه ماڻي ته ڇا ٿيو!

لڳي ٿو ته هاڻي صفا ٿڪجي پيو آهيان. آرام ڪرڻ ٿو گھران. آرام مان منهنجي مراد کٽ جا پاوا پڃڻ واري ناهي، پر اهي ڪم جيڪي اڃا تائين ڪري نه سگھيو آهيان اهي ڪرڻ جون خواهشون ڪر ڀڃي جاڳي پيون آهن. ڦوٽو گرافي، دنيا جو سير، سمنڊ، پهاڙ، ريگستان، واديون، جھنگل، ميدان، محفلون، راڳ رنگ، ساز سروند، اڪيلائي، خريداريون، بي فڪري، عشق، ڪتاب پڙهڻ ۽ ڪتابن جي ڇپائي، وغيرهه وغيرهه خبر ناهي الائي ڇو جسم ته پوڙهو ٿيندو پيو وڃي پر خواهشون ته ساڳي نموني جوان ٿيون لڳن ۽ ها ڪي خواهشون ته بنهه ٻاراڻي وهي واريون به آهن. خبر ناهي اهو انڪري پيو ٿئي جو زندگي جي ڊوڙ ۾ ڪڏهن ساهي پٽي ويهڻ جو موقعو ئي نصيب نه ٿيو هو ته پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌي 
سگھان ها ۽ دل اندر دٻيل انهن اڌمن کي ڪا معنى ڏئي سگھان ها.
ڪو وقت هو ته اخبارن ۾ ڪالم لکندو هوس، روزانه ڊائريءَ جا پنا ڪارا ڪندو هوس، جڏهن به ڪنهن 
سفر تي نڪرندو هوس ته ان متعلق سفرنامو لکي پوءِ ئي ساهي پٽيندو هوس ۽ هاڻي ته صفا ويهجي ويو آهيان...افسوس صد افسوس...ڪجھ وقت اڳ تائين ليپ ٽاپ تي ويهي اليڪٽرانڪ ڊائري پڻ تحرير ڪندو هوس پر هاڻي اهو ڪم به گھٽائي ڇڏيو اٿم، ناول جو ڪم اڌ ۾ رليو پيو آهي. ڪجھ لکڻ جا اڌورا پراجيڪٽ پورا ڪرڻا آهن ته وري اهو تحرير ٿيل مواد ڇپائڻ جو جنون به سر تي سوار آهي. انهن سڀني ڪمن لاءِ هڪ ته يڪسوئي گھرجي ۽ ٻيو ته سرمايو پڻ کپي. بنا خزاني جي سلطان ٿيڻ مشڪل آهي ۽ پنهنجي حالت رٽائرمنٽ جي ويجھو پهچڻ تائين آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا واري آهي. 

هونئن به مان هڪ ايوريج صلاحيتن وارو انسان رهيو آهيان. نه ڪو هنر ٿو اچي، نه ڪا وڏي ڊگري آهي، نه زماني سازيءَ ۾ ڀڙ آهيان، بس هڪ عام انسان جيان روزاني وهنوار وارن ڪمن ۾ جٽيل رهيو آهيان. نوڪري، ٻار پالڻ، گھر، دوستن جو ننڍڙو هلڪو ۽ بس....

سوچيو هوم ته ٻارڙا وڏا ٿيندا، معياري تعليم حاصل ڪري مون کي به ڪو رليف ڏيندا پر هاءِ ڙي قسمت سمورا خواب اڌرورا ئي رهيا. ٻارڙن کي پنهنجي پر ۾ معياري اعلى تعليم ڏيارڻ ۾ مون ته وسان ڪين گھٽايو پر سندن حالت ۾ ڪو غير معمولي ڦيرو نه آيو اهي به بس مون جهڙا ئي ايوريج انسان نڪتا.
 

جڏهن اولاد جي حالت ان نموني جي هجي ته لاابالي ۽ پنهنجي پسند واري حياتي گذارڻ جي محض خواهش ئي ڪري سگھجي ٿي باقي عملي نموني ته اهو ممڪن ڪونه پيو ڀانئجي...پر چري دل کي ڪير سمجهائي، خواهشن جي لهرن کي ڪير بند ٻڌي، اڌمن ۽ آسن کي ڪير سنڀاري.....

گھڻو اڳ سائين عبدالرحمان نقاش هڪ شعر سرجيو هو ته؛

اسان روح راحت نه ماڻي ته ڇا ٿيو
ڏکن جي، جي نه ٿي پڄاڻي ته ڇا ٿيو

Sunday, March 27, 2016

امڙ جون ساروڻيون



منهنجي امان جنهن جو نالو ”ٿڌي“ هو. هوا واقعي به برف وانگي ٿڌي هئي. سج اڀرڻ کان وٺي سڀني جي سمهي پوڻ تائين بنا وقفي جي، بنا ڪنهن شڪايت ڪرڻ جي، بنا ڪنهن جي چوڻ آکڻ جي ڪم ڪندي رهندي هئي. جيڪا چڱي چوکي شيءِ هوندي هئي اُها اسان کي ڏيندي هئي ۽ پاڻ ساڳ، مريڙو، لسي ۽ سکڻي مانيءَ ڳڀي تي گذران ڪندي هئي. امان سانئڻ بابا سائين جي شوخ طبيعت، گار گند ۽ تشدد هوندي به ڪڏهن پنهنجي زبان تي شڪايت جو لفظ نه آندو. ويتر امان ڪيئي دفعا مون کي چيو هو ته ”بابهئين ٻاهريون سخت طبيعت جو آهي پر دل جو خراب ناهي“. امان طبيعت ۾ ته کڻي ٿڌي هئي پر سندس سڀاءُ مکڻ ۽ ملائي جهڙو نرم، ملائم هوندو هو. مان جڏهن بيمار ٿيندو هوس ته امان صلوات پڙهي منهنجي نرڙ تي زور ڏيندي هئي. يقين ڪريو ته مون کي جيڪو سڪون، جيڪو آنند سندس ان مسيحائي مان حاصل ٿيندو هو هو اڄ ڏينهن تائين ڪا دوا درمل واپرائڻ مان ڪڏهن به حاصل ڪري نه سگھيو آهيان. 

(اُس نے جلتی ہُوئی پیشانی پہ جب ہاتھ رکھا...رُوح تک آ گئی تاثیر مسیحائی کی).

 اسان جڏهن پيدا ٿيا هيا سي ته رک (ڪِري) طور تي امان کٽو، مٺو يا اهڙي ڪا ٻي شي نه واپرائيندي هئي ته مبادا اسان تي ان جو اثر ٿئي. منهنجي امان جو وڏي ۾ وڏو ڏک منهنجو ننڍو ڀاءُ سندس ٻيو نمبر نوجوان پٽ ئي هيو جيڪو هيروئن جي نشي جو عادي بڻجي پنهنجي ۽ پوري گھر جي سڪون کي غارت ڪري چڪو هو. امان اڪثر ڪري مون کي چوندي هئي ته ”بابلا مون کي انب (اسان پيار وچان پنهنجي ڀاءُ کي انب چوندا هياسين) جي اولاد جي ڳڻتي آهي ته سندن ڇا ٿيندو. واقعي سندس انومان صحيح هيا. اڄ جڏهن امان سانئڻ، بابا سائين ۽ احمد بخش (انب) هن دنيا اندر ناهن رهيا ته احمد بخش جا چارئي پٽ ڪنهن حد تائين ان نموني جي زندگي گذارڻ کان ڪجھ پاسيرا آهن جيڪا کين ملڻ گھربي هئي. سچ چوندا آهن ته جيستائين پيءُ ماءُ زندهه آهن ته ماڻهون ٻار ئي آهي. مان جڏهن به گھر پهچڻ ۾ دير ڪندو هوس ته امڙ کي پنهنجي انتظار ۾ ڏسندو هوس ۽ امان وڏي نماڻائي سان چوندي هئي ته ”بابا ايڏي دير ڪري نه اچو زمانو خراب آهي“ انوقت مان پنهنجي بيوقوفي ۽ اڻ ڄاڻائي جي اثر هيٺ چوندو هوس ته ”امان تون فڪر ڇوٿي ڪرين هاڻي مان ڪو ٻار ته ناهيان اڇي ڏاڙهي ٿي وئي اٿم“ پر امان منهنجي اهڙي ڪنهن به جواب کان مطمئين ڪونه ٿيندي هئي. منهنجي امان مڪمل نموني مولائڻ هئي. شهيد ڪربلا جي پوئلڳ. هوءَ فوت به محرم مهيني جي نائين تاريخ تي ٿي هئي. مون کي چٽي طرح ياد آهي ته رات جو جڏهن گل بهار، مجيب، هوشو، ڪاشو وغيرهه پاڙي واري امام بارگاهه جي پڙ تي ماتم لاءِ ويل هيا ته امان رات جو ٻي وڳي اٿي ڪري چيو هو ته ”پٽ ٻار اڃا تائين ناهن آيا...؟“ اڄ جڏهن امان سانئڻ کي وڇڙي ڪيئي سال ٿي ويا آهن ۽ بظاهر پوري گھراڻي جو وڏو مان ئي وڃي رهيو آهيان ته پنهنجو پاڻ ۾ ذري برابر به اها ٿوم نه ٿو ڀانيان جيڪا منهنجي وڏڙن امان سانئڻ، بابا لاهوتي علي گل، چاچا سائين قلندربخش، ماما ولي محمد وٽ هوندي هئي.  اهي سڀ مڻيا دار ماڻهون هيا، وڏي جگر، وڏي دل گردي، وڏي سهپ وارا ها. 

افسوس ته اڄ جڏهن گھر پهچندو آهيان ته ڪير به منهنجي انتظار ۾ ناهي هوندو، اڄ جڏهن بيمار ٿيندو آهيان ته اهو مسيحائي هٿ به ڪٿي ناهي هوندو، اڄ بس سندن يادن جي سهاري پيو جيان.

سي جيءَ جيارا ماڻهو ها، سي سڀ کان پيارا ماڻهو ها،
جن ساهه ڏئي، ويساهه ڏنو، جي دل ۾ دود دُکائي ويا.

Saturday, March 5, 2016

”وڃان ٿو ڌوڙ پائڻ“ (ننڍي ڪهاڻي)



جاويد علي منهنجو يونيورسٽيءَ جي وقت کان وٺي تمام ويجھو دوست آهي. جاويد علي ۽ مون ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ گڏجي ايم بي اي ڪئي هئي. اسان ٻئي يونيورسٽي هاسٽل جي ساڳي ڪمري ۾گڏ رهيا هياسين. گڏجي سڏجي موج مستيون، خريداريون، رولهڙا ڪندا هياسين.

جاويد علي فائنل ييئر ۾ اڃا انٽرنشپ پئي ڪئي ته کيس سرڪاري کاتي ۾ سترهين گريڊ جي آفيسري جو آفر مليو هو. جلدي ئي سندس شادي به ٿي ويئي هئي ۽ شاديءَ جي ستن سالن ۾ ئي کيس ٽي ٻار ٿي چڪا هيا. يونيورسٽيءَ واري دؤر ۾ جاويد علي سنهڙو پر ڪسرتي بدن وارو چست نوجوان هوندو هو ۽ سندس خوش مزاجي ۽ دوستيءَ جا چرچا هر زبان تي هوندا هيا. هن دفعي جڏهن ساڻس سندس گھر ۾ ملاقات ٿي ته سندس ڳاڙهيون اکيون، وڏو پيٽ، وکريل وار، وڌيل شيو، ٻنهي هٿن جي آڱرين ۾ پاتل منڊيون ڏسي مون کي گھڻي حيراني ٿي ۽ ٻيو ته هو حد کان وڌيڪ ٿلهو ٿي ويو هو. سندس ڊرائنگ روم ۾ پڻ ڪا شيءِ سيبتي نموني نظر آئي: ڪتاب هت هت کنڊڙيا پيا هيا، ٽيبل تي رکيل چادر ميري ٿي چڪي هئي،  ليپ ٽاپ کي سندس ٻار هلائي رهيا هيا ۽ هر ٻار جي اها ڪوشش هئي ته ليپ ٽاپ هو هلائي ۽ باربار پنهنجي پيءَ کي دانهون به ڏئي رهيا هيا پر جاويد علي ته جهڙوڪر ٻوڙو هيو ٻارڙن جي گوڙ شور، هڪ ٻئي سان جهيڙي جهٽي جو سندس طبعيت تي ڪوبه اثر نظر نه پئي آيو. ويتر وچ وچ ۾ وڏي آواز سان کين داٻا ڏيئي خاموش رهڻ جو پئي چيائين. يونيورسٽيءَ واري جاويد علي ۽ اڄوڪي جاويد علي ۾ زمين آسمان جو فرق نمايان هو. مان تمام ڳچ عرصي کان پوءِ سندس اڱڻ تي آيو هوس ان هوندي به مون سان گڏ ويهي حالي احوالي ٿيڻ بدران هوگھر جي اڱڻ ۾ هيڏي هوڏي گھمي ڦري رهيو هو. ڪنهن هلڪي کڙڪي تي بنا دير جي در کولي ٻاهر پئي نهاريائين، سندس بي چيني ڏسڻ وٽان هئي، سگريٽ مٿان سگريٽ پئي ڦوڪيائين، صاف نظر پئي آيو ته کيس ڪنهن جو شديد انتظار آهي.  منهنجي اندر ۾ اها ڳالهه اک ۾ پيل ڪک وانگر چڀي رهي هئي ته اڄ مان وٽس غلط ۽ اويلي وقت تي آيو آهيان. نيٺ مون کان به رهيو نه ٿيو ۽ کانئس پڇي ورتم ته ”ڏي خبر سڀ خير ته آهي ني؟“  باهڙجي مون ڏانهن نهاريائين، کيس مون وٽان اهڙي اوچتي سوال جي شايد توقع نه هئي ”ها ها سڀ خير آهي يار، بس چاچا سائين موٽر سائيڪل ڪاهي ويو آهي، ان جي واٽ پيو ڏسان“.  ٿورو ساهي پٽي وري پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي ۽ پنهنجي پنجن سالن جي ڇوڪري ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ته؛ ”سنڌوءَ لاءِ ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته کيس رت جي کوٽ آهي ۽ سندس رت جو گروپ پاڙي ۾ رهندڙ نوجوان عاصم سان ملي ٿو، عاصم سان گڏجي ستين وڳي بلڊ بئنڪ وڃڻو آهي پر بائيڪ اچي ته نڪران، ان جو انتظار آهي“. مان سنڌوءَ ڏانهن پيار ڀريل نظرن سان ڏسندي سندس اڻ تڻ سمجهي ويس. مون کي پنهنجو پاڻ تي شرمساري ٿيڻ لڳي ته سندس بي چينيءَ متعلق اجايو منفي سوچي رهيو هوس.  مون گھڙيءَ ۾ نهاريندي کيس آٿت ڏني ”پر يار اڃا ته ڇهه به ناهن ٿيا، اميد ته چاچو سائين ان کان اڳ ئي موٽي ايندو“. بي اعتباريءَ وارن نظرن سان مون ڏانهن نهاريائين جهڙوڪر منهنجي ڪيل ڳالهه جي سچائيءَ تي پهچڻ لاءِ ڪوشش ڪندو هجي. ليپ ٽاپ جي بيٽري ختم ٿي چڪي هئي ۽ ٻارڙا گھر جي ٻي ڪمري ۾ هليا ويا هيا ته انوقت سندس موبائيل تي ڪال آئي ۽ سندس موبائيل ٽيون تي خانصاحب نصرت فتح عليءَ خان جو ڳاتل ڪلام ”چل ميري دل کُلا هي ميخانه...“ ڪمري ۾ گونجڻ لڳو. ڪال اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ڪمري کان نڪري اڱڻ ۾ هليو ويو ٿوري دير کان پوءِ سندس آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته ”يار مڙهي به بيزار ڪري وڌو آهي، بائيڪ ڪاهي ويو آهي ته جهڙوڪر کيس واپسيءَ وارو رستو ئي وسري ويو آهي، بس جيئن ئي پوڙهو پهچي ته مان نڪران ٿو اوهان اسٽاڪ پورو پورو رکجو“. ”الله اڪبر“  منهنجي دل ۾ هڪ ٻوڙي پر گهري دانهن اٿي! جاويد علي پنهنجي يارن سان ڳالهائيندي پنهنجي پيءُ وانگر کيس پاليندڙ پنهنجي چاچي لاءِ ڪيتري نه غيرمناسب ٻولي ڳالهائي رهيو هو، ان چاچي لاءِ جنهن کيس هن منزل تي پهچايو هو. مان منجھي پيس ۽ سوچڻ لڳم؛ هڪ پاسي ته هو سنڌوءَ کي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃڻ جي ڳالهه ڪري رهيو هو جڏهن ته ٻئي پاسي يارن سان ڪمپني جو ٽائيم رکيل اٿس!  چاءِ بسڪٽ واپرائي لڳ ڀڳ ساڍي ڇهين وڳي مون کانئس موڪلائڻ جي ڪئي، مون کي محسوس ٿي رهيو هو ته منهنجو اتي وڌيڪ ويهڻ مناسب ناهي.  جاويد علي مون کي ڇڏڻ لاءِ گھر جي ٻاهرين در تائين هلي آيو. عين انوقت سندس پوڙهو چاچو به پهچي ويو هو، سندس ٻارڙا ڊوڙندي سندس چاچي سان چنبڙي ويا. چاچو خداڏنو مون کي به سڃاڻندو هو ۽ وڏي اڪير سان ملندي رات جي ماني کائي پوءِ واپسي جي ڳالهه ڪيائين پر مون بهانو ڪري کانئس به موڪلايو. ايتري ۾جاويد علي موٽر سائيڪل کي ڪڪ هڻي چالو ڪري هلڻ واري ڪئي ته سندس ننڍڙي نياڻي سنڌوءَ سندس قميص کي ڇڪيندي چيو ته ”بابا ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ کيس دڙڪو ڏيئي کانئس قميص ڇڏائيندي موٽر سائيڪل جو گيئر وجھي چيائين ته ”پري ٿي ته هڻانءِ نه چماٽ، ڏاڍي آئي آ ماڻس وانگي پڇاڻا ڪرڻ واري ته ڪاڏي پيو وڃان، وڃان ٿو ڌوڙ پائڻ“!!

Saturday, February 20, 2016

”مون کي سٺو اسڪول ڏيکاريو مان اوهان کي سٺو هيڊ ٽيچر ڏيکاريندس“؛ گورنمنٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ خيرمحمد ڪٽوهر خيرپور جو احوال




اسان ماڻهون اڌ خالي گلاس ڏسڻ جا ايترا ته عادي ٿي ويا آهيون ته اسان کي اڌ ڀريل گلاس صفا نظر ئي نه ٿو اچي. ساڃهوند، تنقيد نگار، لکاري، صحافي ۽ علم سان واڳيل جيڪي ماڻهون آهن اهي هر وقت گوسڙو استادن، بند اسڪولن، غير معياري تعليم، سهولتن جي کوٽ، اڻ وڻندڙ سياسي هٿ چراند تي تنقيد ڪندي نظر ايندا آهن. هونئن اها ڳالهه ڪا خراب به ناهي ته غلط ڪارين جي نندا ڪجي پر اهڙو ڪم ڪندي اسان اهو بنهه وساري ويهندا آهيون ته ان ساڳي گندي سماج اندر ڪي ڪنول جا گل به پنهنجي پوري خوبصورتي سان جڳمائين ٿا، يا خوشبو پکيڙين پيا. اچو ته پهرين پاسي کي ڇڏي اڌ ڀريل گلاس جي ڳالهه ڪريون. سٺائي، چڱائي، خوشبوءِ، سونهن جي ڳالهه ڪريون.

18 فيبروري 2016ع جي ڏينهن تي مون کي گورنمنٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ خيرمحمد ڪٽوهر خيرپور کي ڏسڻ جو موقعو مليو. اهو اسڪول خيرپور کان ٽن ڪلوميٽرن  جي مفاصلي تي شادي شهيد روڊ ڀرسان آهي. مون زندگيءَ جون ڪي چند حسين ۽ ڪارائتيون گھڙيون اتي استادن ۽ سندن شاگردن سان گڏ گذاريون هيون.

مون انهن سڀاويڪ ساعتن ۾ ڪيئي ڪم جون ڳالهيون سکيون هيون. سڀ کان پهرين ته جيڪڏهن اسان جا استاد چاهين ته ڪٿي به معياري تعليم ڏيڻ وارو انتهائي وقتائتو ڪم سرانجام ڏئي سگهن ٿا. معياري تعليم لاءِ شهري، ٻهراڙي، سرڪاري يا غيرسرڪاري اسڪول جو هئڻ ڪا معنى نه ٿو رک. معياري تعلمي لاءِ بس هڪ ڳالهه گھربل آهي ته اسڪول جو هيڊ ماسٽر ۽ استاد پنهنجي پيشي سان سچا هجن، منجھن پاڙهڻ جو جذبو هجي، ڳوٺاڻن جو ساٿ هجي ته سڀ ڪجھ ممڪن ٿي سگھي ٿو. هن اسڪول جي آس پاس ڪيئي اسڪولي عمارتون استادن ۽ شاگردن لاءِ سڪن ٿيون پيون پر هي اسڪول گلن جهڙن ٻارڙن سان ٽٻ ڀريل هو، جتي جڏهن ٻارڙن ۽ ٻارڙين کي ويهڻ لاءِ ڪا بئنچ نه پئي ملي ته اهي پٽ تي ويهي به پڙهن پيون.

مٿي ٻڌايل اسڪول ۾ چار محنتي استاد هيڊ ٽيچر سائين گھنور خان ڪٽوهر، ساڳي ڳوٺ جو سائين غلام شبير ڪٽوهر، استاد خدا بخش نوناري، استاد ذاڪر حسين ملاح مقرر ٿيل آهن. سائين گهنور خان ڪٽوهر پنهنجي پوري ڪيريئر ۾ جنهن به اسڪول ۾ رهيو ته ان اسڪول جا جهڙوڪر ڀاڳ کلي ويندا آهن. پرائمري اسڪول جو مون کي هي واحد استاد نظر آيو آهي جيڪو جڏهن به ڪلاس وٺندو آهي يا اسڪول ۾ ايندو آهي ته سائي رنگ جو گائون پائي ايندو آهي.

سندس ان ننڍڙي عمل سان ئي سندس پنهنجي شعبي سان وابستگيءَ جي خبر پئجي ويندي آهي. سماجي، ادبي، علمي ۽ تعليمي سوچ رکندڙ سائين گهنور خان ڪٽوهر جي چپن تي هروقت مرڪ سجايل هوندي آهي، جيڪا چاپوئين ڏاڙهي رکيل سندس مک کي ويتر سهڻو بڻائي ڇڏيندي آهي. گهنور خان ڪٽوهر آغا خان يونيورسٽي مان ٽريننگون ڪيون هيون، جنهن سندس پڙهائڻ واري هنر کي چار چنڊ لڳائڻ جو ڪردار ادا ڪيو هو. ڪنهن تعليمي ماهر ڪيترو نه سچ چيو هو ته ”مون کي سٺو اسڪول ڏيکاريو مان اوهان کي سٺو هيڊ ٽيچر ڏيکاريندس“. مون جڏهن گورنمنٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ خيرمحمد ڪٽوهر جي اسڪول ۾ پڙهائي لکائي ۾ ڀڙ شاگرد ڏٺا ته منهنجي نظر گهنور خان ڪٽوهر ڏانهن هلي ويئي.  گلن ٻوٽن سان سنواريل هن اسڪول ۾ ٻارڙن جي رش ڏسڻ وٽان آهي.

اسڪول جا ٻه ڪمرا ٻارن جي ويهڻ لاءِ صفا اڻ پورا آهن. پهرين کان پنجين درجي جا ڪلاس ٻن تعمير ٿيل ڪمرن سان گڏ اسڪول جي دالان ۽ اسڪول کان ٻاهر اڱڻ ۾ پٽ تي هلايا ويندا آهن. آس پاس جي ڳوٺن ۾ رهندڙ سڀني والدين جي خواهش آهي ته سندن ٻارڙن کي ان اسڪول ۾ داخلا ملي. ان مان اها ڳالهه بلڪل واضع آهي ته عام ماڻهون معياري تعليم جي اهميت کان واقف آهن ۽ اهي چاهين ٿا ته سندن ٻار اهڙن اسڪولن ۾ پڙهن جتي سٺا استاد هجن ۽ جتي معياري تعليم ڏني ٿي وڃي.  

مون جڏهن مختلف ڪلاسن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان سندن مختلف مضمونن متعلق سوال ڪيا ته ڪو هڪ ٻار به اهڙو نه مليو جنهن کي ان جو جواب نه ايندو هجي. انگريزي جي ڏکين لفظن وارا ورڊ بوڪ هر شاگرد وٽ مڪمل نموني اپ ٽو ڊيٽ هيا ۽ هر ٻار کي هر لفظ جي معنى آئي پئي.


اسڪول جي دالان ۾ کاٻي پاسي ٽين درجي وارن جو ڪلاس هو. ان جي بورڊ تي ميٿ جا ڪي حساب لکيل هيا جيڪي استاد کين پاڙهيا هيا. ايمانداري جي ڳالهه اها آهي ته اهي مئٿ جا حساب شايد مون کان به حل ٿي نه سگھن ها!

 هتي ٻارڙن تي ڪابه سختي ڏسڻ ۾ نه آئي. ڪنهن به استاد جي هٿ ۾ ڪوبه رول نه هو. ٻارن ۽ استادن وچ ۾ دوستي وارو ماحول هيو. هڪ اهڙو ماحول جنهن ۾ ٻار بنا ڪنهن هٻڪ يا خدشي جي ڪوبه سوال پنهنجي استاد کان پڇي سگھيا پئي. ڪنهن به اسڪول جي ڪاميابي جو اهو پهريون اصول هئڻ گھرجي ته استادن ۽ شاگردن وچ ۾ ڪي ويڇا ڪي خدشا نه هجن. ٻار استادن سان پنهنجي ڏکيائين، تڪليفن يا خدشن کي بيان ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نه ڪن.  مون کي اهو ڏسي بي انتها خوشي ٿي ته ان قسم جو ماحول هن اسڪول ۾ هو. ٻار خوشي خوشي اسڪول ايندا آهن ۽ جيترو به وقت اسڪول ۾ گذاريندا آهن ته پورو وقت وڏي چاهه سان پنهنجي تعليمي عمل سان جٽيل رهندا آهن. اسڪول ۾ مون کي ننڍڙي مسڪان ڪٽوهر نعت ٻڌايو، ٻين ٻارن بيت ٻڌايا ۽ هر ٻار جي اها خواهش هئي ته مان کانئس ڪجھ پڇان. موڪل وقت عمران علي ڪٽوهر جيڪو مولود ”منهنجو مصطفى آ پڌرو لکن ۾ جيئن گل گلابي آ سهڻو لکن ۾...“  (https://www.facebook.com/amir.gul.14/videos/vb.798883918/10153988087598919/?type=2&theater) ٻڌايو ته ان کي ٻڌي مان سندس آواز، سندس ٽيلنٽ تي دنگ رهجي ويس. ڪاش ڪو جوهري عمران علي کي ملي وڃي، سندس مدد ڪري ته هي مستقبل جو سٺو، سريلو فنڪار، راڳي، مولودي يا نعت خوان ٿي سگھي ٿو. ٽيلنٽ سنڌ ڌرتيءَ جي ذري پرزي تي پکڙيل آهي، بس رڳو ان کي ڳولهڻ، کين مدد ڏيڻ، پالش ڪرڻ، سهولتون پهچائڻ، سهڪار ڪرڻ، همٿائڻ جي ضرورت آهي.

انگريزيءَ جي هڪ محاوري مطابق ته ڪارڪردگي لفظن کان تمام وڏي آواز ۾ ڳالهائيندي آهي. گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول خيرمحمد ڪٽوهر تعلقه خيرپور ان جو هڪ چٽو پٽو مثال آهي. هن اسڪول جي هاڪ پنهنجي ڳوٺ کان، شهر کان نڪري سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ تائين وڃي پهتي آهي. مٿي ويٺل عملدارن کي پڻ استادن پاران ڪيل محنتن جي ڄاڻ ملي ويئي آهي ۽ واسطيدار عملدارن اسڪول جي مشڪلن جو ادراڪ ٿي ويو آهي. انهن پاران اسڪول کي سڀ سهولتون ڏيڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا ويا آهن. اسڪول جا چار نوان ڪمرا منظور ٿي چڪا آهن ۽ انهن جي جڙت جو ڪم بس شروع ٿيڻ وارو آهي. اميد ته ڪجھ مهينن ۾ ئي اسڪول جا اهي ٻار جيڪي هاڻ اڱڻ تي ويهي پڙهن ٿا اهي مانائتي نموني ڪرسين يا بئنچن تي ويهي پنهنجي علم جي اڃ اجھا.ئيندا.  منهنجي خيال ۾ ته اهو تمام گھڻو ساراهڻ جوڳو عمل آهي. ٿيڻ به ائين گھرجي ته اسڪولن جي سهائتا انهن جي ڪارڪردگيءَ جي بنيادن تي ٿيڻ گھرجي. سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اسڪولن کي نه رڳو اپ گريڊ ڪيو وڃي پر ان سان گڏ جديد تعليمي سهولتن سان آراسته پڻ ڪيو وڃي. سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ استادن جي همٿ افزائي طور کين ضلع، صوبائي، ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي پروگرامن ۾ گھرائي کين طمغن سان گڏ روڪ انعام اڪرام ڏنا وڃن. استادن جون ترقيون سندن ڪارڪردگيءَ جي بنيادن تي ڪيون وڃن. ان نموني صحت مند چٽا ڀيٽيءَ جو ماحول جڙندو جنهن جي نتيجي ۾ جيڪي گھٽ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اسڪول يا سستيءَ کان ڪم وٺندڙ استاد هوندا ته کين پڻ ان قسم جي ڪم ڪرڻ جو اتساهه پيدا ٿيندو.

انڊس ريسورس سينٽر (IRC) سنڌ اندر اين جي او جي دنيا ۾ هڪ منفرد نالو آهي. محترمه صادقه صلاح الدين جي سرواڻيءَ ۾ هلندڙ اهو ادارو تعليم جي شعبي ۾ نمايان ڪم سرانجام ڏنا آهن ۽ ڏيئي پئي. خيرپور جي ڳاڙهي بنگلي ۾ سندن هيڊ ڪواٽر قائم آهي ۽ ان جو انچارج دلبر دوست، شاعر ۽ اديب سائين نويد خيال جن آهن ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ وارن دوستن ۾ ڪيئي ماهر دوست شامل آهن جن ۾ ادي ناهيد اختر ۽ سائين ذين سولنگي به اچي وڃن ٿا. اهي يونيسيف پاران مختلف جاين تي اسڪول هلائي رهيا آهن. جڏهن پياري ذين سولنگي گورنمنٽ پرائمري اسڪول خيرمحمد ڪٽوهر جو معيار، استادن جي شاندار ڪارڪردگي ڏٺي ته سندن ڪم کي همٿائڻ لاءِ کين پنهنجي اداري پاران هزارين روپين جي قيمت واريون ٻه تعليمي پيٽيون جن ۾ ڪتاب، راندين جو سامان ۽ ٻيو تعليمي مواد شامل آهي تحفي طور ڏنيون. مٿي ٻڌايل مثالن مان چٽيءَ طرح ثابت ٿئي ٿو ته روئڻ پٽڻ، واويلا ڪرڻ بدران جيڪڏهن اسان پنهنجو فرض پوري ايمانداريءَ سان ادا ڪيون ته نه رڳو سرڪار اسان سهڪار ڪندي پر جيڪي غير سرڪاري ادارا آهن اهي پڻ اڳتي وڌي واهر ڪندا.

شل هن اسڪول جي آس پاس ٻيا اسڪول، انهن ۾ پاڙهيندڙ استاد هن اسڪول جي ڪارڪردگي کي ڏسي پاڻ به اهڙو ڪم ڪن ۽ قوم جي ٻارڙن جي مستقبل سنوارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، جيڪو سندن فرضن ۾ به شمار آهي. حقيقت ۾ استادن جي محنت، شاندار ڪارڪردگي، شاگردن جي تعليمي معيار کي ڏسي مون کي دلي سڪون مليو ۽ مون کي خبر پئي ته ”اڃا ڪي آهين جوڳيئڙا جهان ۾“. اچو ته پنهنجا اسڪول آباد ڪريون، اچو ته انهن اسڪولن جي ساراهه ڪريون جيڪي هن گندي انڌي سماج اندر ڪنول گل جيان ٽڙيل آهن. اچو ته اهڙن اسڪولن جي هيڊ ماسٽرس ۽ استادن جي همٿ افزائي ڪريون جيڪي پنهنجون سموريون توانايون صرف ڪري قوم جي ٻچڙن جو مستقبل سنوارڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. مان اهڙن سمورن استادن کي سلام ٿو پيش ڪريان. 


Tuesday, January 19, 2016

ڪامريڊ ڊائري (2002) جا ٻه ورق.....From my sweat Diary 2002




ڊائريءَ مان ٻه ورق
ورق پهريون
30 آڪٽوبر 2002ع اربع جو ڏينهن وقت 8 بجه رات. هنڌ ڳوٺ پنواڙي
گذريل رات يارهين وڳي.................هن فاني جهان مان موڪلائي وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ ۽ اصلي ماڳ تي پهتو، سندس نوجوان پٽ به ڪجھ عرصو اڳ فوت ٿي چڪو آهي. ... بس هڪ عام موالي مڙس هو، زندگيءَ ۾ ڪوبه ڌنڌو نه ڪيائين، سڄي ڄمار نشي پتي حوالي ڪري ڇڏي هئائين، گھر جو وهنوار سندس گھرواريءَ حوالي آهي، جڏهن ته سنديس هٿ ونڊائڻ وارا سندس پٽ آهن، جن مان هڪ ته الله کي پيارو ٿي چڪو آهي. مرحوم کي ست نياڻيون آهن جن مان ٽن جي شادي ته ٿيل اٿس جڏهن ته اڃا چار ويٺيون آهن. جڏهن ڪو انسان ڪو به ڪم ڪار نه ڪري، ويتر نشو پتو ڪري ۽ وس پڄندي گھر به ڦوڪي ته ان گھر ۾ خوشحالي ۽ خوشحاليءَ جي ڪري ايندڙ خوشي ڪهڙي هوندي! بس سندس گھر جو حال به اهوئي آهي. الله پاڪ شل سندس مغفرت ڪري ۽ مٿس فرمائي سڻائي ڪري.  

ڊائريءَ جو ٻيو ورق
22 نومبر 2002 جمع جو ڏينهن


ڪامريڊ حق موجود

گذريل ٽن چئن ڏينهن دؤران اڌم سلطان، سچل سائينءَ جا ميلا گھمي چڪو آهيان. اڌم سلطان جي ميلي ۾ ڏاڍو مزو آيو. چانڊوڪي رات، هلڪڙي ٿڌ، جابلو علائقو، مٿاهيون چاڙهيون ۽ پيچرا ڏاڍا موهيندڙ هيا ۽ انهن سڀني ڳالهين ۾ چارچنڊ وري تڏهن لڳا جڏهن جابلو ڇپرن جي ڇانو ۾ ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل ۽ صوفي رنگ ۾ ايڪو سائونڊ سسٽم تي فنڪارن پنهنجا سر وکيريا هيا. اهو جيئن ته هڪ مڪمل عوامي ميڙ هو ان ڪري اتي چرس جي سلفيءَ جو دونهون به دکندو رهيو ته ڀنگ جي پسائيءَ لاءِ ڪونڍي ۾ ڏنڊي جو رڳڙو به متواتر جاري رهيو ۽ ڀنگ جا موالي جام تي جام چاڙهي سلفيءَ جا سوٽا ڀري، اکيون ڳاڙهيون ڪيو پئي گھميا. ننگر نياز به عام جام هو. هيٺ ماٿريءَ ۾ ناچو ڇوڪرن جو ناچ به پئي هليو جت انهن ڪبوترن جا شوقين پنهنجا کيسا خالي ڪري رهيا هيا. راڳ رنگ جو محفلون هڪ کان وڌيڪ جاين تي جاري هيون. هت فقير نذير بهلڪاڻي، حسن پنهيار فقير ۽ لالا حقه جو سهڻو ساٿ هو. لالا حقه سان پهريون دفعو ايتري ويجھڙائي ٿي آهي ڏاڍو خوبصورت خيالن وارو عملي انسان آهي. ان کان پوءِ سچل سائينءَ جي درگاهه تي حسن فقير سان وڃڻ ٿيو. جت ادبي مشاعري ۾ حسن پنهيار پنهنجو ڪلام ترنم سان ٻڌايو. ان کان اڳ ساڳي پنڊال ۾ صوفين جي سرمستيءَ ۾ چيل عارفانه ڪلامن کي ٻڌي اندر اجاريو هوسين. خاص ڪري سائين شيرشاهه جو رنگ ئي نرالو هو. موٽڻ شاهه ۽ غلام حسين فقير، شمن فقير به پاڻ نڀاهيو جڏهن ته موٽڻ شاهه ۽ غلام حسين فقير ڪجھ بيمار هيا ان ڪري اهي پنهنجي اصلي رنگ ۽ ڍنگ سان ڪلام پيش نه ڪري سگھيا هيا پر اها ڳالهه تمام سٺي هئي ته هن دفعي سهراب فقير جي طبيعت خاصي بهتر هئي ۽ ان پنهنجي ٽولي سان هڪ من موهيندڙ ڪلام ٻڌايو هو. دل ته چئي پئي ته رات جو رٿيل پروگرام به ڏسجي ۽ پسجي پر پوئتي بابا سائينءَ جي بگڙيل طبيعت جو اونو هو ۽ ٻيو ته اوڄاڳو ۽ ٿڪاوٽ پڻ هو ۽ پاتل ڪپڙا به ڌوڙ ۾ رهڻ ڪري صفا ميرا ٿي چڪا هيا. سائين حسن پنهيار اتي ترسي پيو هو جڏهن ته مان سکر هليو آيو هوس. ڪالهه رات (نومبر 21) وري سچل آڊيٽوريم ۾ ادبي محفل ۽ مشاعرو رکيل هوجت زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مون به پنهنجو شعر ”اي ڪاش تون مان هڪ هجون...“ ٻڌايو هو. ڪجھ ڪنفيوز ته هئم پر ڪم ٽپائي ويم. مسٽر خادم ڪلهوڙي چيو ته آءُ بهتر هوس هوشوءَ به ساراهه ڪئي پر مون کي مزو نه آيو. اهڙي محفل ۾ عشقيه ڪلام بدران ڪو مزاحمتي، قومي يا صوفياڻو گيت، غزل يا نظم چئجي ها ته بهتر هو. بهرحال ان منهنجي ڪارنامي عيوض سائين ايازگل کان ٻه سؤ روپيه مليا، هاڻي ايندڙ سال تائين ڪونه ڪو چڱو شعر سرجي ئي ويندو. بهرحال پاڻ به هاڻي شاعرن جي ٽولي جا ماڻهون ٿي پيا آهيون.