Saturday, May 28, 2016

روڪ جي روڪين سگھين


”تارے زمین پر “ هندي مووي ۾ عامر خان جو هڪ ڊائيلاگ

”دنيا اندر اهڙا اهڙا هيرا پيدا ٿيا، جن سڄي دنيا جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو، ڇوته انهن دنيا کي پنهنجي الڳ نظرن سان ڏٺو هو، دماغ انهن جا ڪجھ هٽيل هيا، آس پاس وارن کان برداشت نه ٿيا، انهن سندن لئه تڪليفون پيدا ڪري ڇڏيون پر ان هوندي به اهي ڪامياب ٿيا ۽ اهڙا ڪامياب ٿيا جو دنيا ڏسندي ئي رهجي ويئي“.

اها ڳالهه سؤ فيصد صحيح آهي، اهڙن ”مٿي ڦريل“ ماڻهن ئي هن دنيا ۾ ڪي حسين رنگ ڀريا، ڪي نيون، نراليون، اڻ ٿيڻيون ايجادون ڪري انسانذات لاءِ سهولتون پيدا ڪيون، انهن مان ڪن وري پنهنجن زمانن ۾ هلندڙ وهنوار موجب سؤ فيصد مڃيل سچ کي للڪاريو ۽ چيو ته اهو جنهن کي اوهين مقدس ڪتابن جي حوالن سان سچ ٿا سمجھو اها اوهان جي اڻ ڄاڻائيءَ کان سواءِ  ڪجھ به ناهي، انهن مظبوط دليلن سان منطقي انداز ۾ ان وقت جي سؤ فيصد سچ کي مڪمل نموني ڪوڙو ثابت ڪري ڏيکاريو. ٻين وري فلسفي جي دنيا ۾ نيون، نراليون ڳالهيون ڪيون جيڪي پڻ پنهنجي دؤر ۾ ڪفر جي زمري ۾ ڄاڻايون ويون. ان نموني انهن انمول انسانن  دنيا جي انيڪ مامرن لاءِ اسان جي سوچ کي وسيع ڪيو، واضع ڪيو ۽ سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ نيون راهون هموار ڪيون, 

اها به حقيقت آهي ته خدا جي زمين تي رهندي پنهنجو پاڻ کي نعوذ بالله خدا جي رتبي جو ڏک ڏيندڙ هر وقت جي فرعونن انهن انمول انسانن مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائي وڌا هيا. جن سچائي کي پرکي ظاهر ڪيو، ڪارائتيون ايجادون ڪيون انهن جي پنهنجي ذاتي زندگيءَ کي ان وقت جي مڃيل مڃايل مذهبي عالمن مٿن ڪفر جون فتوائون ڪڍي زهر بڻائي ڇڏيو هو. ڪن کي جيئري باهه ۾ ساڙيو ويو، ڪن کي شينهن جي پڃرن ۾ واڙي خونخوار جانون هٿان چيرجي ڦاڙجي مرڻ واري اذيت ڏني ويئي، ڪن کي هاٿيءَ جي ڳرن پيرن هيٺان چيڀاڙجڻ جي سزا ڏني ويئي، ڪن جي جيئري کل لهرائي ويئي، ڪن کي سرعام ڦاسي ته ڪن کي زهر جا پيالا پيئڻ تي مجبور ڪيو ويو. اهو سوچيندي ڪيڏو افسوس ٿو ٿئي ته وقت جا صحيح ڏاها، سائنسدان، فلسفي، منطقي سوچ ڌاريندڙ، سماج کي اڳتي وٺي ويندڙن جي ذاتي زندگي ڪا آئيڊيل نه هئي. جسماني تڪليفون ته کڻي انسان برداشت به ڪري وڃي پر ڪو اڌ اکري ماڻهون، ڄٽ، جاهل، ڪوتاهه نظر بادشاهه، نيم ملان، جڏهن پنهنجي وقت جي وڏي ۾ وڏي عالم جي عزت نفس جو ڌڄيون اڏاري، کين ذليل و خوار ڪري، مٿن چٿرون ڪري، سربازار وقت جي تمام وڏن عالمن کي راهه ويندڙن کان ٿڪون هڻائي ته مان سمجھان ٿو ته اهو جسماني تڪيلفن، ايذائن ويندي جسماني موت کان وڌيڪ اذيت ڏيندڙ هوندو آهي.

ان جي ڀيٽ ۾ ان زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ظاهر داريءَ جي ڏک ڏيندڙ منافق ماڻهون، آمر، فتوائن جون فيڪٽريون کولي هلائيندڙ ٺٺ واري زندگي گذاريندا پيا اچن. اڄوڪو ماحول پاڻ سڀني جي سامهون آهي. هن ملڪ اندر حقيقي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالسلام جو نالو وٺڻ به گناهه عظيم آهي، ڪنهن کي خبر ناهي ته سندس قبر ڪٿي آهي جو سندس قبر تي لڳل قطبي کي ئي اڏاريو ويو آهي ۽ ها هن زماني ۾ ئي ڪنهن بي گناهه کي قتل ڪندڙ قاتل کي قانوني گھرجن پٽاندڙ مليل موٽ جي سزا تي وقت جي يزيدن ڌرتي تپائي ٽامون ڪري ڇڏي هئي. هاڻي سندس سندس قبر کي درٻار شهيد/غازي جو نالو ڏئي جهالت ڦهلائڻ جا جتن پيا ڪيا وڃن.

عقل، علم، هنرمندي، منطق، دليل، سائنسي سوچ سان جهالت، انڌن عقيدن، ايڪويهين صديءَ کي تمام گھڻيون صديون پوئتي گھلي وٺي وڃڻ جي خواهش رکندڙ پراڻ پسند جي جنگ هلي پيئي. جنگ جي نتيجن تي ۾ مون کي ٽڪي برابر به ڪو شڪ ناهي ته جهالت جا رکوالا هن هلندڙ وقت ۾ پڻ ساڳي ذلالت ڀري شڪست کائيندا جيئن هنن تاريخ جي سمورن دؤرن ۾ کاڌي آهي ان هوندي ته کين رياست جا بي پناهه وسيلا موجود هيا، وٽن طاقت هئي، وٽن فوجون ۽ فتوائون هيون.

 علم ڪنهن مفتوح علائقي جي ڦرلٽ مان هٿ آيل باندي ناهي جنهن کي هي جاهل پنهنجي جنسي هوس جو نشانو بڻائيندا. علم ته هوا آهي، خوشبوءِ آهي، فلسفو سج جي روشني آهي، ايجادون نئين صبح جون بهارون آهن، هوا، خوشبوءِ، روشنيءَ کي نه ڪو اڳ روڪي سگھيو آهي ۽ نه هاڻي اهو ڪم سندن هٿ وس کان چڙهيل آهي.  مان کين رڳو اهو چوندس ته روڪ جي روڪين سگھين....

Sunday, May 22, 2016

روشنيءَ ڏانهن سفر؛ ڪجھ ڪتابن تي تبصرو


گذريل ڪجھ ڏينهن اندر مون ٻه ٽي ڪتاب پڙهيا آهن. ڊاڪٽر مبارڪ حيدر جا ٻه ڪتاب ”تهذيبي نرگسيت“ ۽ ”مغالطي مبالغي“، رسول ميمڻ جو ڪتاب ”خدا، روح ۽ سائنس“ (سائنس ۽ فلسفو) ۽ اڄ پائلو ڪوئلهو جو ناول  ”ڪيمياگر“ (سنڌيڪار؛ فهيم اختر ميمڻ) پڙهي پورو ڪيو اٿم. انهن چئني ڪتابن وچ ۾ گھڻيون ئي ڳالهيون الڳ الڳ نوعيت جون آهن ته منجھن ڪي هڪ جهڙايون پڻ آهن. ڊاڪٽر مبارڪ حيدر جي ڪتابن ۾ نرگسيت جي مرض ۾ مبتلا مسلمان آباديءَ جو الميو بيان ڪيو ويو آهي ته ڊاڪٽر رسول ميمڻ مذهب ۽ سائنس جي حساس پر تڪراري نوعيت جي عنوانن تي طبع آزمائي ڪئي آهي جڏهن ته پائلو ڪوئلهو جو ”ڪيمياگر“ دنيا جو هڪ انتهائي مقبول ناول آهي جنهن ۾ خوابن جي ساڀيان لاءِ انساني جدوجهد کي فوڪس ڪيو ويو آهي.

            ڊاڪٽر مبارڪ حيدر جا ڪتاب اسان کي هڪ خيالي دنيا مان ٻاهر نڪرڻ جو ڏس ڏيڻ سان گڏ گس به ٻڌائين ٿا. انهن ڪتابن ۾ اسان کي ڄاڻ ملي ٿي ته ڪيئن نه اسان شين کي پنهنجي اصلي، صحيح روپ ۾ ڏسڻ بدران پنهنجي خواهشن موجب ڏسڻ جي ڪوششن ۾ رڻ جا رولاڪ بڻجي ٿا پئون. ڪجھ عيار ۽ مڪار ماڻهون مذهبي جوش ۽ جنون کي چريائپ جي حد تائين وڌائي انهن مان پنهنجا ذاتي ۽ گروهي فائدا حاصل ڪن ٿا. اسان جا اٻوجھ ماڻهون اهو ٿا سمجھن ته اهي خدا ۽ ان جي رسول جي پيروي پيا ڪن، جهاد پيا ڪن ۽ دنيا اندر الله ۽ سندس سچي رسول جو پيغام پيا پکيڙين ۽ مرڻ کان پوءِ واري سدا جاري رهڻ واري دنيا اندر پنهنجي لاءِ جايون پيا جوڙين.  پر افسوس ته سادن ماڻهن جي سچن عقيدن جي سحر پويان حقيقتون  ڪجھ اؤر آهن. اسان جنهن علائقي جا مڪين آهيون اتي ڪن چالاڪ، حرفتي ۽ مڪار ماڻهن مذهب کي ڪاروباري شڪل ڏئي ڇڏي آهي. اهي نام نهاد مذهبي ٺيڪدار مذهبي معلومات کي يا ته وڌائي چڙهائي پيش ڪندا آهن يا وري ڪن حقيقتن کي لڪائي ڇڏيندا آهن. ٻنهي صورتن ۾ سچ کي اجاگر ڪرڻ کان روڪيو ويندو آهي. اسان جا نشرياتي ادارا ڪوڙ بدوڙ جون فيڪٽريون کوليون ويٺا آهن جتي چوويهه ڪلاڪ ڪوڙ جو وکر وڏي طمطراق، اعتماد ۽ فخر سان وڪرو ڪيو پيو وڃي. اليڪٽرانڪ، پرنٽ توڙي سوشل ميڊيا  تي ڪيئي نام نهاد سياسي تجزيا نگار، ڪيئي نام نهاد مذهبي ٺيڪيدار، ڪيئي نام نهاد اسڪالر منجھيل ماڻهن کي وڌيڪ منجهائڻ، عام سادن انسانن کي رڻ ۾ رولائڻ جا جتن پيا ڪن. هٽلر جي دوست مسوليني چيو هو ته هڪ ڪوڙ کي ٻاهتر دفعا ورجايو ماڻهون ان کي سچ سمجھڻ لڳندا. سندس انهن هدايتن کي نظر ۾ رکندي هتي سندس روحاني پوئلڳ ڪنهن ڪوڙ کي محض ستر دفعا نه پر ستر هزار دفعا ورجائي ورجائي ڪاڪڙو ڦاڙي بيان پيا ڪن! عام انسان حيران ۽ پريشان آهن، کين سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته ڇا سچ آهي ۽ ڇا ڪوڙ! اهڙي خسيس پڻي واري ماحول ۾ ڊاڪٽر مبارڪ حيدر جا ڪتاب آرهڙ جي تتل ڏينهن ۾ بڙ جي گھاٽي ڇانو جهڙو ٿڌڙو احساس ڏيارين ٿا.  اسڪالر پنهنجي وت ۽ وس آهر مذهب جي نالي ۾ ٻارڻ بڻجندڙ ماڻهن کي سمجھائڻ، سندن ذهنن تي لڳل ڪَٽ لاهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل نظر اچي پيو.

            رسول ميمڻ پنهنجي ڪتاب ۾ ”خدا، مذهب ۽ سائنس“ ۾ پڻ ساڳي موضوع تي طبع آزمائي ڪئي آهي.  گاڊ پارٽيڪلس ۽ گاڊ جين سندس ڪتاب جا اهم ترين موضوع آهن. سندس چوڻ آهي ته خدا کي انسان کان ٻاهر ڳولهڻ اجايو آهي. خدا ۽ انسان ساڳي ڳالهه آهن ۽ کٽين يا هارائين هنڌ تنهنجو هيءُ آهي. ڪنهن اڄاتل دنيا جي آسري تي هن دنيا جنهن ۾ اسين رهون ٿا جيڪا اکئين ڏسون ۽ پسون ٿا ان کي دوزخ بڻائڻ ڪنهن به صورت عقل منديءَ جو ڪم ناهي. سندس چوڻ آهي ته ڪوبه ماڻهون مڪمل نموني فنا نه ٿو ٿئي هر انسان پنهنجي ايندڙ نسل جي شڪل ۾ زنده ٿو رهي ۽ اها موت جي شڪست ۽ زندگيءَ جي فتح آهي.  ڊاڪٽر رسول ميمڻ جوڪتاب پڙهندي مون کي سندس ڪيل ڳالهيون سنڌ جي صوفين پاران ڏنل پيغام جو تسلسل لڳيون ۽ ائين ڀانيم ته ڊاڪٽر صاحب ان ريسرچ کي اتان کنيو آهي جتي انهن صوفين ان کي ڇڏيو هو. سنڌ جي صوفين پنهنجي شاعريءَ ۾ اهي ڳالهيون بار بار ورجايون آهن ته الله ۽ بندو هڪ آهن، انهن جي وچ ۾ ڪا ٻيائي ناهي، ”مون ۾ تون موجود ازل کان“ آهين، جڏهن به انسان پنهنجو پاڻ ۾ پيهي ڏٺو آهي ته کيس پنهنجو پاڻ ئي نظر آيو آهي. پنهون ڪنهن ٻاهرين دنيا ۾ نه پر اندر ۾ ئي ويٺل آهي، جيڪو ساهه جي رڳ کان به ويجھو آهي. انهن ڳالهين کي صوفي پنهنجي لازوال شاعريءَ ۾ رندي رمزن سان صديون اڳ بيان ڪري ويا آهن. لطيف سائين چئي ويو هو ته ”پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ، ته نه ڪا ڏونگر ڏيهه ۾ نه ڪا ڪيچين ڪاڻ، پنهون ٿيس پاڻ سسئي تان سورهيا“. لطيف مذهب جي نالي دنياوي ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن جي منهن تان نقاب روڙي لاٿا هيا؛ ”منهن ته موسى جهڙو اندر ۾ ابليس.....“ يا ”ان پر نه ايمان جي ڪلمي گو جي ڪوٺائين، دغا تنهنجي دل ۾شرڪ ۽ شيطان، منهن ۾ مسلمان اندر آذر آهين“. يا هي به ته ”روزو ۽ نماز اي پڻ چڱو ڪم، پر اي ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي“. ساڳين ڳالهين کي اڳتي وڌائيندي ۽ چٽي انداز ۾ سچل ڪي ڳالهيون ڪيون. سچل چيو ته ”ڪلمي مون کي ڪين ڪيو مورئون مسلمان، نڪي احمد موڪليو عرب کان اسلام، سچو آهي سبحان پر آدم ليکي آدمي“. ساڳي ڳالهه بيدل سائين به چئي ويا آهن؛ ”مذهب واري قيد کؤن، عشق ڪندءَ آزاد“. سندن وڌيڪ اهو به چوڻ هو ته ”حقيقت ۾ هڪ ٿيو، ڪفر ۽ اسلام، مظهر مولا پاڪ جو، هندو مسلمان، تارا ڪيا تالان، سورج سندي سوجھري“.  انهن اندر اجارڻ،انسانيت سان بنا ڪنهن مذهبي، فرقي يا ذات پات جي پيار ڪرڻ، امن ۽ سلامتي جو ماحول پيدا ڪرڻ جون ڳالهيون وڏي واڪ انڪري ڪيون هيون ڇوته محبوب ۽ معشوق وچ ۾ ڪا دوئي، دوري نه هئي. هر صوفيءَ کي پنهنجن دؤرن ۾ سندن ان بغاوت ڪرڻ تي ظاهرداريءَ جي پاسداري رکندڙ ملن مولوين پاران ڪفر جي فتوائن سان منهن مقابل ٿيڻو پيو هو. صوفين محض اهي دعوائون ڪونه ڪيو هيون پر انهن عملي طرح اهي سڀ خيال پنهنجين زندگين تي لاڳو ڪري ڇڏيا ها.  وٽن سندن عملي زندگي ئي مثال يا دليل هو. ٻئي پاسي مذهب جي ٺيڪدارن جي هٿن ۾ مقدس ڪتابن جي حوالن جون پنهنجي مقصد واريون تشريحون هيون.

            انهن منجھيل مامرن، اڻ ڏٺل ۽ ڏند ڪٿا بڻيل ڳالهين تي سائنسي دليلن سان سير حاصل بحث سائين رسول ميمڻ جن ڪيو آهي ۽ ليکڪ پنهنجي سائنسي دليلن، تجربن جي آڌار تي پنهنجي ڳالهه کي وزنائتو بڻايو آهي. رسول ميمڻ اسان کي سائنس  جي حيرت انگيز وادين جو سير ڪرائيندي، تصويرون ڏيکاريندي، ڪجھ نظر ايندڙ ۽ ڪجھ نظر کان اوجھل شين کي سوليءَ سنڌيءَ ۾ بيان ڪندي سمجھائڻ جون سڀاويڪ ڪوششون ڪيون آهن. اهي ڳالهيون هڪ عام ماڻهون لاءِ ته حيرت انگيز آهن ئي سهي پر انهن جي گوناگوني کي جڏهن پاڻ پسي ٿو ته هڪ ڊاڪٽر هئڻ جي ناتي کيس به اهي ڳالهيون انتهائي انوکيون ۽ نراليون ٿيون لڳن ”هڪ پئٿالوجسٽ جي حيثيت ۾ جڏهن خوردبين ۾ ڏسان ٿو ته دنگ رهجي ٿو وڃان ٿو، نظر نه ايندڙ دنيا سحر انگيز آهي“.

            رسول ميمڻ اهو سڀ ڪجھ ان ڪري پيو بيان ڪري ته سندس ”مقصد هن دنيا کي اهميت ڏيڻ آهي ڇو جو هي دنيا جتي ڪنهن امير جي آهي اتي هڪ غريب جي پڻ آهي. امير وٽ زندگي گذارڻ جا وسيع موقعا آهن. غريب دنيا ۾ محروم رهي ٿو. غريب انصاف جو طالب آهي. کيس دنيا مايوس ڪري ٿي ۽ هو خدا ڏانهن رجوع ڪري ٿو. خدا جو انصاف قيامت ۽ ٻي دنيا آهي. هن دنيا کي عارضي ۽ فاني چئي اهميت نه ٿي ڏني وڃي ائين ڪيترا بي پهچ ماڻهون انصاف جي حسرت رکي دنيا مان هليا وڃن ٿا. جيڪڏهن اها سڌ پئجي وڃي ته خدا جي ذات انسان اندر ان  جي ڪروموسومز کانسواءِ ڪٿي به نه آهي ته اهو حق ۽ انصاف لاءِ جاکوڙيندو. ايوان ۽ عدالتون ڪوتاهين مان نڪري کيس برابريءَ جي بنياد تي انصاف ڏيڻ تي مجبور ٿي پوندا ۽ وسيلن جي ورهاست هڪ جيترا حق ڏئي تعليم هنر ۽ روزگار جا در کوليندي“. ان لاءِ اسان جي عوام کي اها ڳالهه سمجھڻي پوندي ته ”انسان جو ڇوٽڪارو مذهب جي منفي ترغيب مان ٻاهر نڪرڻ ۾ آهي“.
            رسول ميمڻ پنهنجي ڪتاب ۾ سماج اندر جاهليت کي پکيڙيندڙ قوتن پاران ڪوڙ بدوڙ جي ڳالهين تان پردو هٽايو آهي، سندس پنهنجو چوڻ آهي ته ”هي ڪتاب کليل دل روشن دماغ پڙهندڙن لاءِ آهي“ ساڳي ڳالهه ڊاڪٽر مبارڪ حيدر پڻ ڪئي آهي سندس چوڻ آهي ته ”تعظيم جا حقدار اهي سائنسدان، محقق ۽ ڏاها آهن جيڪي زندگيءَ جي حفاظت ۽ خوشحاليءَ لاءِ گس جوڙيندا آهن“. لب لباب ٻنهي جو اهو آهي ته هن ڌرتيءَ تي علم جي روشني اجاگر ٿئي. منجھيل مسئلا چٽا ۽ واضع نموني ماڻهن کي سمجھ ۾ اچن. ماڻهن جي دلين تي لڳل ڪٽ لهي ۽ سندن دماغ نئين روشنيءَ کي پسڻ لاءِ تيار ٿين. عام ماڻهون اهي ڳالهيون سمجهي هن دنيا کي رهڻ لائق بڻائي ۽ فطرت پاران مليل سک ماڻي سگھن.

            ماڻهون پنهنجي خوابن جي حاصلات تڏهن حاصل ڪري سگھي ٿو جڏهن هو نڀاڳ جي ننڊ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پئي، اکيون مهٽي روشني جي ڳولها لاءِ نڪري. جڏهن ڪوبه ماڻهون اهو گس وٺندو ته کيس گھڻين ئي مشڪلاتن سان منهن مقابل ٿيڻو پوندو. کيس ڏکيا ماڻهون، ڦورو ۽ ويڙهو گروهه ملي سگھن ٿا. کيس اڻانگھن ۽ اوکن پيچرن تان لنگھڻو پوندو. قدرتي آفتون به سندس راهه روڪينديون. زهريلا جيت جڻيا کيس اذيت پهچائي سگھن ٿا. کيس بکن ڪاٽڻ ۽ بيمارين سان مد مقابل ٿيڻ کي به نه وسارڻ گھرجي. ”ڏاگھن ڏيرن ڏونگرن ٽنهي ڏنم ڏک...“ جهڙا احساس قدم قدم تي اڀرندا پر ٻئي پاسي جڏهن هو جھرجھنگ، شهر، وستيون، ريگستان، سمنڊ، جبل جھاڳيندو هلندو ته هر موڙ تي کيس سکڻ لاءِ ڪيئي نيون ۽ ناياب شيون ملنديون. کيس محبوب ماڻهون ملندا جيڪي سندس حوصلووڌائيندا.  کيس ڪي گرو ملندا جيڪي الجھيل، منجھيل زندگيءَ جي سُٽَ کي سلجھائڻ ۾ سندس رهنمائي ڪندا.  هوا، واريءَ جا ذرڙا پکي ساڻس ڳالهائيندا، وڻ ٽڻ کيس واٽ وندر جي جا ڏس پتا ڏيندا. سفر جي منزل تي پهچندي سندس سمورا ٿڪ لهي ويندا ۽ اهي ڏک ڏاکڙا کيس سُک لڳندا. سندس اندر ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني جون سڳند ڀريون هوائون گھلڻ لڳنديون. ان جي ڀيٽ ۾ جيڪي پنهنجي خوابن کي خيالي ڳالهه سمجھي گھر جا ڪڪڙ بڻجي ويهندا اهي محروم رهجي مري ويندا.  منهنجي ناقص خيال مطابق اهو لب لباب آهي پائلو ڪوئلهو جي ڪتاب ”ڪيماگر“ جو.

            انسان پاران پنهنجي اندر جي دنيا جيڪا نظرن کان اوجھل آهي يا ٻاهر پکڙيل دنيا جيڪا اڃا تائين سندس لاءِ اڄاتل آهي ان کي پسڻ لاءِ تمام ضروري آهي ته هو اهي سڀ ڪم ڪنهن جبر بداران محبت سان سرانجام ڏئي ڇوته بقول پائلو جي ”محبت ۾ توهان ڪجھ به ڪري سگھو ٿا، ۽ محبت ۾ اهو به سوچڻ ۽سمجھڻ جر گھرج ناهي ته ڇا ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو جيڪي ڪجھ به ٿي رهيو هوندو آهي سو توهان جي اندر هوندو آهي ۽ انسان پاڻ کي واءُ ۾ مٽائڻ جي به صلاحيت رکي ٿو پر ان صورت ۾ جڏهن واءُ سندس واهر ڪري“. سائين رسول ميمڻ جو چوڻ آهي ته ”حق ڳولهڻ نابين جي ڪلهي تي هٿ رکي هلڻ برابر آهي“. سندس وڌيڪ اهو چوڻ آهي ته ”هڪ سوچ سؤ مونجھارن جا در کولي ٿي هڪ مونجھارو سؤ سوالن کي جنم ڏئي ٿو. هر سوال هزارين جوابن ۾ تبديل ٿي هڪ اهڙي بحث تي ختم ٿئي ٿو جنهن جو حل وقت جي سچ ۽ ڪوڙ جي ٻن پور وڇوٽ لڪيرن جي وچ تان لنگھي ٿو“. ڊاڪٽر مبارڪ حيدر ۽ رسول ميمڻ عالمانه انداز سان انهن مامرن/خيالن/ڳالهين تي بحث ڪن ٿا، پائلو ڪوئلهو جو ريڍار ۽ ڪيمياگر عملي نموني پنهنجي خوابن جي تڪميل، خزاني جي ڳولها ۾ دنيا جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي تائين سفر ڪن ٿا اهڙن سوالن جي جوابن جي ڳولها لاءِ دربدر ٿين ٿا، جوکم کڻن ٿا، ڌوڪا کائي سکن ٿا ۽ساهي پٽي وري اڳتي وڌن ٿا ۽ نيٺ منزل ماڻين ٿا.


            علم واٽ به آهي ته روشني به آهي. علم  ڪتاب به آهي ته ان ڪتاب کي پاڙهيندڙ استاد به آهي، علم جو رستو ڪنڊن سان ڀريل آهي ته ڪنڊن سان گڏ سهڻا رنگ برنگي ۽ هڳاءُ پکيڙيندڙ گل به آهن. علم جي واٽن تي هلڻ وارن جي تمام ٿورائي آهي، اڪثر اسان جا نوجوان بس سڌڙيا آهن، انهن کي مڌُ ته کپي پر هو ان مڌ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. کين هر شيءِ اڳ تيار ٿيل گھرجي، کين بس شين کي واپرائڻ مان مزو حاصل ڪرڻ جي هوس آهي. اسان جي نوجوان نسل سفر جي سختين سان لانئون لهي ڪلالن جي ميخاني تائين پنهنجو پاڻ پهچڻ سکيو ئي ناهي. انهن لاءِ لطيف سائين چئي ويو هو ته ”سڌڙيا شراب جون ڪهه پچارون ڪن...“  مڌ، محبوب، اکين ۾ جوت، دل ۾ روشني، دماغ ۾ ڏاهپ تڏهن ايندي جڏهن ماڻهون پاڻ ان لاءِ تيار هوندو.  انهن جا ڳل ڳاڙها هوندا آهن، جيڪي راهن تي ويهي اڻ ڏٺل علائقن ڏانهن ويندڙ قافلن کان کان پڇائون ڪندا آهن ته ڪڏهن لاهوتين جي ٽولين سان گڏجي نڪري پوندا آهن. انهن لاءِ سندن مقرر ڪيل منزل ئي دنيا جي عظيم خوبصورتي هوندي آهي اهي واٽن تي عارضي خوبصورتين تي هرڪي پنهنجو سڀ  ڪجھ وساري ويهي ناهن رهندا. اهي ته سوا گھڙيءَ جا ماڳ هوندا آهن جتي ٿڪ ڀڃي رمتا جوڳي مرليون وڄائيندا پنهنجن واٽن تي هليا ويندا آهن. اچو ته سنڌ اندر علم، ڏاهپ، سونهن، امن، ڀائيچاري، خوشحالي، سهپ جا ڏيئا ٻاريون، اها روشني گھر گھر پهچايون

Sunday, May 8, 2016

منهنجي ستن ٻارن جي ماءُ




8 مئي جي ڏينهن تي سڄي دنيا امڙين جو ڏينهن (Mother’s Day) پئي ملهائي. منهنجي لاءِ سڄي سال جا سمورا 365 ڏينهن جيجل جا ڏهاڙا ئي ته آهن. امڙ کي ياد ڪرڻ جي حوالي سان مون لاءِ جو دم غافل سو دم ڪافر مثل آهي. مون پنهنجي امان لاءِ 26 مارچ 2016 بلاگ بعنوان ”امڙ جون ساروڻيون“  لکيو هو ۽ هن رنگا رنگي دنيا کي ڏيکاريندڙ هستيءَ جي تصوير ان ڏينهن کان ئي فيس بوڪ تي پروفائيل ڦوٽوءَ طور رکي ڇڏي  هئم.

منهنجي خيال ۾ ته هن دنيا جي گولي تي جنم وٺندڙ سڀ عورتون جيڪي امڙيون آهن اهي ڪنهن نه ڪنهن جو ڀيڻو، ڪنهن جون نياڻيون ۽ پنهنجي جيون ساٿيءَ جون گھرواريون پڻ آهن. ان نموني هر عورت عظيم آهي. اڄ مان هڪ اهڙي ماءُ تي ڪجھ لکڻ ٿو چاهيان جيڪا منهنجي ستن ٻارڙن جي ماءُ آهي. منهنجي ستن ٻارڙن جي ماءُ جنهن سان منهنجو پلئه اڄ کان لڳ ڀڳ ٽيتاليهه سال اڳ 1974ع ۾ ان وقت ٻڌو ويو هو جڏهن مان پاڻ هڪ معصوم ٻار هئس ۽ اٺين درجي کي پاس ڪري نائين ۾ پير پاتو هوم. منهنجي ٻارن جي ماءُ مون کان عمر ۾ ٿوري وڏي هئي پر شاديءَ جي ٻنڌڻن لاءِ ننڍي وڏي عمر جي گھٽ وڌائي، پسند ناپسند جي احساسن، جوڙ بي جوڙ وارين ڳالهين کي اسان جا وڏڙا معمولي ڳالهه سمجھندا هيا. جيڪا اهم ڳالهه ڄاتي ويندي هئي اها هئي ”گھر جي ڇوڪري گھر ۾ ئي رهندي“ ۽ ”پنهنجي گھر جو ڇوڪرو“ وغيرهه. انهن معيارن تي اسان سؤ فيصد پورا پئي لٿا سين. اسان جي گھر ۽ منهنجي سهري چاچا قلندربخش جي گھر وچ ۾ بس ماما شاهه بيگ ڪٽوهر جا ٻه ڪمرا هيا ۽ اڱڻ ته ٽنهي گھرن جو ساڳيو هو.

منهنجي گھر واريءَ تي سندس وڏڙن ”پپر“ نالو رکيو هو، پر پوءِ جڏهن شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جو وقت آيو هو ته انوقت پنهنجي نابالغي واري سوچ کي سامهون رکندي مون ان روائتي نالي کي رد ڪري مسلمانڪو نالو ”غلام صغران“ ڪري ڇڏيو هو. پر اڄ به راڄ ڀاڳ ۾ سندس اهو پراڻو روائتي نالو ئي گردش ۾ رهندو آهي. هونئن به هاڻي اسان جي گھرن مان عورتن جا ا هي اصلوڪا نالا جهڙوڪر شاني، کيمي، سياڻي، ڌياڻي، هوٻان، گگل، سراف، بچي، ڦاپل، هير، هيري، جنان، ٿڌي، ڪوڙي، سيزه، ڦٺر، گيمبلي، سانئڻ، ڀاڳڀري، هاٽي، بگي، سليمي، چڱي، ڇٽي، ڌوڌي، هبلي، ڊوڻي سڄڻ، راحت، لالي، ڪونج، ڪڪر، گوشي، سجي، هکي، ڌاڻو، وغيرهه گم ٿيندا پيا وڃن. افعال کڻي ڪهڙا به هجن پر نالن ۾ ته ”شهر ڪا شهر مسلمان هوا ڦرتا هي“ وارو واءُ وريو آهي.

اسان جي شادي ٿيڻ کان بعد لڳ ڀڳ تيرهن سالن تائين منهنجي حياتي رولهڙن واري هئي. مئٽرڪ کان پوءِ شهر ۽ ڳوٺ جي رول ڇوڪرن جي صحبت ۾ اچي مان زندگيءَ جو مقصد بلڪل وڃائي ويٺو هوس، رولو ڪتن وانگي سڄو ڏينهن خيرپور شهر جي گھٽين ۾ ٽولا ٺاهي نوس نوس ڪرڻ اسان جو مشعلو هوندو هو. پڙهائيءَ ۽ ڪلاسن وٺڻ وارو ڪم صفا وساري ڇڏيو هوم. ان گندي ماحول اندر جھيڙا جھڳڙا ٿيڻ اڻ ٽر هو ۽ هڪ اهڙي ئي جھنگاڻ ته منهنجو سِرُ کنيو هو بس پير زور هيا ته بچي ويو هوس. ان ماحول مان مڪتي ڏيارڻ لاءِ بابا سائين مون کي ڪراچيءَ ۾ رهندڙ مائٽ ماما صوبل خان ڏانهن استاد غلام مصطفى ڪٽوهر سان اماڻي ڇڏيو هو ته هڪ ته گھر کان ٽريل هجان ۽ اتي وڃي ڪا نوڪري ڪيان. اتي رهڻ وقت ڪا خاص نوڪري ته نه ڪري سگھيو هوس پر ڪراچي وارا ڏهاڙا ۽ اتي ڪامريڊن سان رهڻ بعد منهنجو هڪ ٻيو جنم ٿيو هو. هڪ ترقي پسند، مثبت سوچ ڌاريندڙ انسان جو روپ وٺي واپس ڳوٺ موٽي آيو هوم. ڳوٺ واپسيءَ ۾ ٻين ڪجھ سببن سان گڏ هڪ سبب امان سڳوريءَ جو ضد به هو ته مان سندس سڪيلڌو پٽ پرديس (ڪراچي) ۾ سندس اکين کان پري نه رهان. ان سموري عرصي اندر مان گھر وارن کي ڪجھ ڏيڻ بدران هردفعي کانئن ڪجھ وٺندو رهندو هوس. بابا سائين هڪ مسڪين ڪڙمي هو، گھر جي حالت ”آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ واري هئي. منهنجي ٻارن جي ماءُ کي سندس ماءُ منهنجي پڦي الله بچائي ڀرت ڀرڻ سيکاري ڇڏيو هو ۽ واندڪائي ڪڍي هوءَ روزانه ڀرت ڀرڻ جو ڪم ڪندي رهندي هئي جڏهن وونئڻ تيار ٿيندا هيا ته امان ۽ منهنجي گھر واري ڦٽين چونڊڻ وارو پورهيو ڪري به ڪجھ پئسا ڪمائي وٺنديون هيون. سندس ان ڪمائي مان ٻارڙن جون خرچيون ۽ ڪي قدر منهنجا خرچ به هلندا هيا. ان زماني ۾ اسان جي گھر ۾ ڏاندن جو جوڙو، هڪ اڌ مينهن يا ڳئون سان گڏ ڪي ٻڪريون به هونديون هيون.  انهن لاءِ پري زمين تان گاهه جون ڀريون ٻڌي گھر کڻي اچڻ بعد ڪتر ڪري مال کي ڏيڻ، گھر جا سمورا ڪم ڪار سرانجام ڏيڻ، ماني ٽڪي ڪرڻ، ٻار پالڻ سندن حوالي هوندا هيا. زمين ۾ هر ڪاهي ان کي ريج ڪرڻ، ٻج ڇٽڻ يا گُڏَ ڪرڻ وارا ڪم ته بابا سائين سرانجام ڏيندو هو پر ڪڻڪ جو لابارو، ڪڻڪ جي وَلِ جي ڍوئائي، ڦٽين جي چونڊي وارا ڪم عورتن لاءِ مختص ٿيل هوندا هيا. جيستائين ٿريشر نه آيا هيا ته ڪڻڪ جي ڳاهه ڳاهڻ وارو ڪم بابا سائين سان گڏ منهنجي امڙ ۽ منهنجي گھر واري گڏجي سرانجام ڏينديون هيون. انهن ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن مان به بابا سائين سان گڏجي رات جو پاڻي ورائڻ ويندو هوم ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳاهه ڳاهڻ، هر هلائڻ ۾ سندن مدد ڪندو هوم. ان نموني گھر ۽ ٻنين جي ڪم ڪار ۾ منهنجي گھر واريءَ جو ڀرپور حصو هوندو هو. سياسي دوستن جي اچ وڃ اسان وٽ متواتر رهندي هئي ته انهن جي ماني ٽڪي، چاءِ پاڻيءَ جا سمورا ڪم به کيس ڪرڻا پوندا هيا. منهنجي گھر واري جيئن ته قرآن شريف پڙهيل آهي ان ڪري هلڪي ڦلڪي سنڌي به پڙهي ۽ لکي وڃي.  

جڏهن مون کي سياست جي لنؤ لڳي هئي ته ان ۾ مان پنهنجي گھر واريءَ کي به شرڪت جا موقعا ڏيندو رهندو هوس. سنڌياڻي تحريڪ ضلع خيرپور جي مختلف ڳوٺن ۾ عورتن جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندي رهندي هئي. ان کان سواءِ به سانگھڙ، سکر، راهوڪي تائين هن سفر ڪيا هيا. اهڙن پروگرامن ۾ شرڪت ڪري سندس نه رڳو ذهني صلاحيتون وڌيون پر دنيا کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جا موقعا پڻ کيس ميسر آيا ۽ منجھيس اعتماد پيدا ٿيو، سنديس حوصلو وڌيو ۽ اسان جي باهمي تعلق ۾ ڀروسي جي فضا مظبوط ٿي.

منهنجي ٻارڙن جي ماءُ ٻهراڙي جي انهن جفاڪش، پورهيت، وفادار عورتن سان تعلق رکي ٿي جن سڄي ڄمار محنت ڪئي هوندي. مون کي اهي ڏينهن ياد ٿا پون ته تمام گھڻي جسماني محنت، اڻ پوري خوراڪ، اڌوري علاج، مسلسل ٻارڙن جي ڄم ڪري اصل هوءَ سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي هئي. ڪاش سندس اولاد پنهنجي ماءُ کي سڃاڻي سگھي ته اهي اڄ جنهن منزل تي آهين اتي پنهنجو پاڻ ڪونهن پهتا، سندن تعليمي ۽ روزگار وارين ڪاميابين پويان سندن ماءُ جي چاليهن سالن کان مسلسل ڏنل قربانين جو وڏو هٿ آهي.

منهنجي گھر واريءَ جي ستن ٻارڙن مان ڇهه فيس بوڪ تي موجود آهن. اڃا تائين انهن پاران مون کي فيس بوڪ تي پنهنجي ماءُ سان انسيت جي اظهار جي ڪا پوسٽ به اپ لوڊ ٿيل نظرن مان ناهي گذري ها هڪ سندس پٽ فيس بوڪ جي ڊي پي آءِ لو يو مدرسو ضرور لڳائي ڇڏيو آهي.

اڄ ڏيهان ڏيهه ملهائي ويندڙ امڙين جي ڏينهن تي مان پنهنجي ٻارڙن جي ماءُ جو شڪريو ادا ڪرڻ ٿو گھران ته جڏهن مون لاءِ زندگي زهر هئي، جڏهن واري ساري واٽ هئي، جڏهن کائڻ لاءِ ٿوهر ملندا هيا، جڏهن دنيا وارن جي وات مان لفظن جي صورت ۾ زهريلا تير نڪرندا هيا جڏهن وات سڻڀي گرهه لاءِ واجهائيندو هو جڏهن سڀ موسمون ساڙينديون هيون ته هن منهنجو ساٿ ڏنو هو بنا ڪنهن شرط شروط جي. اسان جي ڊگھي مسافت ۾ هلڪا ڦلڪا جھيڙا جھٽا به ٿيا پر ساٿ هلندو رهيو. اڄ به اسان ٻنهي جي جدوجهد جاري و ساري آهي نه هوءَ ٿڪي آهي نه مان جھڪيو آهيان. هن وقت تائين اسان پنهنجي اولاد کي رڳو ڏنو ئي هوندو سين ۽ اسان جي ڪوشش اها هوندي ته کانئن ڪجھ وٺڻ بدران اسان کين يا عمر ڏيندا ئي رهون بنا ڪنهن حساب ڪتاب جي.      


Saturday, April 30, 2016

سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر تي لکيل تاثر










سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر تي لکيل تاثر
30 اپريل 2016 ٽائيم 9.45 رات جا
گل ڪٽوهر
سنڌ جي معيشت جو گھڻو تڻو مدار زرعي شعبي تي آهي ۽ زرعي شعبي لاءِ سنڌوءَ تي اڏيل ٽي بئريج هرهڪ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئريج ڪرنگهي جي هڏيءَ جيان آهن. لائيڊ بئريج سکر مان ڪل ست نديون نڪرن ٿيون انهن مان کير ٿر به هڪ آهي. سنڌوءَ وٽان جتان کير ٿر نڪري ٿو ان جي بلڪل ڪنڊ ۾ هڪ خوبصورت ڪنارا هوٽل جڙيل آهي. کير ٿر جي اوڀارين پاسي واري ڪناري تي ڪجھ بئنچون ۽ ٽيبلون فرش سان فڪسڊ ٿيل آهن. هي اها جاءِ آهي جتي سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جون گڏجاڻيون تڏهن کان شروع ٿيون آهن جڏهن کان ان جو سيڪريٽري سيد ڪاشف بخاري کي چونڊيو ويو آهي. جڏهن شاخ جو سيڪريٽري پيارو بشير منگي هيو ته گڏجاڻيون سندس آفيس اندر ئي ٿينديون هيون. ان کان گھڻو اڳ جڏهن اسان سڀني جو پيارو، مٺڙو، سٻاجھڙو دلبر دوست سائين پروفيسر منظور اڄڻ حال حيات هيا ته سنگت جون دستوري گڏجاڻيون بئريج ڪالوني واري علائقي ۾ بلائينڊ اسڪول جي پرنسپل آفيس يا ان جي ڪنهن ڪلاس ۾ ٿينديون هيون جو سائين منظور اڄڻ ان اداري جا پرنسپل هوندا هيا. جيڪڏهن ڪو ڏهاڙو ملهائڻو هوندو هو ته اسڪول جو وڏو حال به سنگت حوالي هوندو هو پر جيڪڏهن معاملو تهان وڌيڪ ڪنهن صوفياڻي راڳ رنگ جي پروگرام جو  هوندو هو ته اسڪول جو ويڪرو ورانڊو استعمال ڪيو ويندو هو.  جيستائين سائين منظور اڄڻ جن جيئرا هيا سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جا سرپرست رهيا ۽ شاخ کي ڪڏهن به دستوري گڏجاڻين يا ٻين پروگرامن جي سلسلي ۾ جڳهه جون ڪي به ڏکيائيون ڏسڻ ۾ نه آيون. جڏهن کان ڪاشف بخاري جي اڳواڻيءَ ۾ ڪنارا هوٽل تي گڏجاڻيون ٿيڻ لڳيون آهن مان پهريون دفعو 29 اپريل 2016ع تي ان ۾ شريڪ ٿي سگھيو هوم.

مٿي ٻڌايل تاريخ تي صبح جو گورنمنٽ ڊگري ڪاليج گھوٽڪي وڃي سکر بورڊ پاران امتحانن ۾ ايڪسٽرنل جي ڊيوٽي سرانجام ڏيئي منجھند جو سخت گرميءَ ۾ واپس گھر پهچندي صفا اکڙي پيو هوم ۽ بستري تي آهلجي اڃا آرس به نه ڀڳو هوم ته گھر جي عورتن ڳوٺ پهچائڻ جو حڪم صادر فرمايو هو. سخت ٿڪاوٽ هوندي سکر کان ڳوٺ ۽ وري واپسي وارو خوفناڪ خيال ئي دل کي ڏهڪاءُ ڏيندڙ هو پر اڳين کي ڪهڙي خبر ته منهنجي سرير ۾ ساهه به آهي يا نه کين ته بس پنهنجو ڪم ڪڍڻو هو. مون زندگيءَ ۾ دل جون ڳالهيون مڃي پنهنجي جسم جا تمام وڏا ڏوهه ڪيا آهن سوچيم ته هڪ گناهه ٻيو به ڪيان ٿو پوءِ جيڪي چار آنا بچيا!

اڃا گھر ڀاتين کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ پنواڙي ضلع خيرپور ۾ پهچائڻ وارو هوم ته شاخ جي سيڪريٽري ڪاشف بخاري پاران ڪال آئي ۽ بنا ڪنهن تمهيد جي سندس آواز منهنجي ڪنن ۾ ٻرڻ لڳو ”سائين ڪٿي آهيون گڏجاڻيءَ ۾ جلدي پهچو اسين سڀ اوهان جي انتظار ۾ آهيون“. گھر ڀاتين کي ڳوٺ ٻاهران ڇڏي اتان ئي پنهنجي مهراڻ کي طوفان ميل جي رفتار ڏيئي سکر طرف موڙي ڇڏيو هوم ۽ پوءِ جڏهن ڪنارا هوٽل جي گيٽ وٽ پهتو هوم ته پيارو بشير منگي پڻ گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت لاءِ موٽر سائيڪل تان لهي رهيو هو. گيٽ وٽان ئي پياري شاعر دوست مقيم ناز بلوچ جي رهنمائيءَ سان جڏهن منزل مقصود تي پهتا هياسين ته گڏجاڻي اڳ ئي شروع ٿي چڪي هئي ۽ ڪاشف بخاري محترم رشيد ڀٽيءَ جي تازي ڇپيل ڪتاب تي لکي کڻي آيل تبصور پڙهي رهيو هو.

انوقت رات مڪمل نموني پنهنجا پر پکيڙي چڪي هئي، گڏجاڻيءَ واري جاءِ تي بجلي جي اڻ هوند ڪري شريڪ دوست موبائيل جو فليش ٽارچ ٻاري پنهنجون لکڻيون پڙهي رهيا هيا. سامهون لائيڊ بئراج تي لڳل بلبن جي روشني کيرٿر جي پاڻيءَ ۾ نچندي ڪڏندي نظر اچي رهي هئي، کير ٿر ۾ دريا جو پاڻي گجگوڙون ڪري وهي رهيو هو جڏهن ته بئريج واري پل تان گاڏين جي اچ وڃ به متواتر جاري هئي. اهڙي رومانٽڪ ماحول ۾ سکر جا ڪجھ ڪهنه مشق اديب جهڙوڪر سچل ڀٽي ۽ بشير منگي، نواز مغل، ساجد شاهه، مقيم ناز بلوچ، ڪاشف بخاريءَ ساند گڏ اويس ساگر سومري سميت ڪجھ نوان نوجوان دوست مٿو مٿي ۾ ملائي وڏي غور فڪر سان هڪ ٻئي جي لکڻين کي ٻڌي انهن تي تنقيدون ۽ تبصرا ڪري رهيا هيا ۽ مون کي تاريخ جا اهي ورق ذهن تي ڦري رهيا هيا جڏهن يونان جا فلسفي روزانه شهر جي چوڪن تي بيهي علم، عقل، منطق جون ڳالهيون ڪندا هيا.  

مون کي سائين بشير منگي ۽ سائين سچل ڀٽيءَ سان کوڙ سارين ڳالهين تي اختلاف آهن. سندن ڪن خيالن کان منهنجا خيال مختلف به هوندا آهن. درحقيقت مان اختلافي خيالن کي خراب به ناهيان سمجھندو. مان، مون سان اختلاف رکندڙ دوستن کي تمام وڏي عزت واري نظرن سان ڏسندو آهيان ان جو ڪارڻ هي به آهي ته منهنجا اهي پرين پيارا رڳو مون سان اختلاف نه ٿا رکن پر مان به ته ساڻن سڀني ڳالهين تي سهمت ناهيان. جهڙا هو مون لئه آهن ته اهڙوئي مان انهن لئه آهيان. پر ان ڳالهه کان ڪهڙو ”ڪافر“ انڪار ڪندو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جون سموريون رونقون، ادبي محفلون، گڏجاڻيون، پروگرام ۽ پروگرامن جو تسلسل، خاص ڪري سيکڙاٽ نون اديبن، شاعرن، نثر نگارن جي سکيا جو سمورو سڀاويڪ عمل مڪمل نموني سائين سچل ڀٽي ۽ سائين بشير منگي جي مرهون منٿ آهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي هن گڏجاڻيءَ ۾ مون کي ٽي عدد بلڪل نوان نوجوان نظر آيا. کين جڏهن گڏجاڻيءَ ۾ پيش ڪيل ڪنهن اسم تي تبصري ڪرڻ جو چيو پئي ويو ته شرمائجي پئي ويا ۽ ڪاغذ اڳتي پئي وڌائي ڇڏيائون. کين ڏسي مان ماضيءَ جي انهن ڏهاڙن ۾ واپس هليو ويو هوم جڏهن منهنجي عمر به انهن جيتري ئي هئي. اهي 1970ع واري ڏهاڪي جا آخري سال هيا جڏهن فيڊرل ڪيپٽل ايريا ڪراچي جي ڪنهن فليٽ ۾ رکيل سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو هوم. اها منهنجي زندگيءَ جي پهرين ادبي گڏجاڻي هئي جنهن ۾ منهنجو ڳلو مڪمل نموني سڪي ويو هو ۽ گڏجاڻيءَ ۾ پڙهيل ڪنهن به اسم تي ڳالهائي نه سگھيو هوم. سائين ملڪ نديم سان منهنجي پهرين ملاقات به ان گڏجاڻيءَ ۾ ئي ٿي هئي. سائين ملڪ نديم انوقت روزانه هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪندا هيا.
اڄ جڏهن سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي گڏجاڻيءَ ۾ چند نون ۽ شرميلن نوجوانن کي ڏٺم ۽ سوچيم ته جي اهي تواتر سان سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندا رهيا ته يقينن انهن مان ڪي مستقبل جا نالي وارا اديب اسري ۽ نسري نروار ٿيندا.

هن گڏجاڻي ۾ سائين نواز مغل جي ڪيل ڳالهه مون کي ڏاڍي وڻي جنهن ۾ هن چيو ته کيس صاف سٿرا پنا، قيمتي پينون ۽ خوبصورت ٽيبلون وڻنديون آهن ۽ جڏهن به جتي به ڪنهن وٽ اهڙيون شيون ڏسندو آهيان ته دل چاهيندي آهي اهي کانئن کسي وٺان.

سکڻ سيکارڻ جا ادارا جيترا به وڌيڪ هوندا معياري هوندا اوتري انسان سازي ٿي سگھندي. سنڌ کي اهڙا تعليمي، ادبي، فني، صحافتي ادارا وڌ کان وڌ گھربل آهن جتي نوجوان نسل جي سکيا وارو عمل ٿي سگھي.
سنڌي ادبي سنگت به هڪ اهڙو ئي ادارو آهي، جتي علم، ادب جي آبياري ٿئي پئي. جتي ڪهاڻيون پڙهيون ويندو آهن، گيت، غزل، نظم وايون پيش ڪيون وينديون آهن جتي امن جو درس ملندو آهي، جتي سهپ، پيار محبت جهڙن اهم موضوعن تي بحث مباحثا ٿيندا رهندا آهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي سموري سٿ کي تواتر سان پنهنجين گڏجاڻين کي هلائڻ تي جس هجي ۽ اميد ته مستقبل ۾ مستقل اهو عمل جاري رهندو.  


Thursday, April 21, 2016

اسان روح راحت نه ماڻي ته ڇا ٿيو!




اپريل 20، 2016

پنج وڳا شام جا. ڪامرس ڊپارٽمنٽ

اسان روح راحت نه ماڻي ته ڇا ٿيو!

لڳي ٿو ته هاڻي صفا ٿڪجي پيو آهيان. آرام ڪرڻ ٿو گھران. آرام مان منهنجي مراد کٽ جا پاوا پڃڻ واري ناهي، پر اهي ڪم جيڪي اڃا تائين ڪري نه سگھيو آهيان اهي ڪرڻ جون خواهشون ڪر ڀڃي جاڳي پيون آهن. ڦوٽو گرافي، دنيا جو سير، سمنڊ، پهاڙ، ريگستان، واديون، جھنگل، ميدان، محفلون، راڳ رنگ، ساز سروند، اڪيلائي، خريداريون، بي فڪري، عشق، ڪتاب پڙهڻ ۽ ڪتابن جي ڇپائي، وغيرهه وغيرهه خبر ناهي الائي ڇو جسم ته پوڙهو ٿيندو پيو وڃي پر خواهشون ته ساڳي نموني جوان ٿيون لڳن ۽ ها ڪي خواهشون ته بنهه ٻاراڻي وهي واريون به آهن. خبر ناهي اهو انڪري پيو ٿئي جو زندگي جي ڊوڙ ۾ ڪڏهن ساهي پٽي ويهڻ جو موقعو ئي نصيب نه ٿيو هو ته پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌي 
سگھان ها ۽ دل اندر دٻيل انهن اڌمن کي ڪا معنى ڏئي سگھان ها.
ڪو وقت هو ته اخبارن ۾ ڪالم لکندو هوس، روزانه ڊائريءَ جا پنا ڪارا ڪندو هوس، جڏهن به ڪنهن 
سفر تي نڪرندو هوس ته ان متعلق سفرنامو لکي پوءِ ئي ساهي پٽيندو هوس ۽ هاڻي ته صفا ويهجي ويو آهيان...افسوس صد افسوس...ڪجھ وقت اڳ تائين ليپ ٽاپ تي ويهي اليڪٽرانڪ ڊائري پڻ تحرير ڪندو هوس پر هاڻي اهو ڪم به گھٽائي ڇڏيو اٿم، ناول جو ڪم اڌ ۾ رليو پيو آهي. ڪجھ لکڻ جا اڌورا پراجيڪٽ پورا ڪرڻا آهن ته وري اهو تحرير ٿيل مواد ڇپائڻ جو جنون به سر تي سوار آهي. انهن سڀني ڪمن لاءِ هڪ ته يڪسوئي گھرجي ۽ ٻيو ته سرمايو پڻ کپي. بنا خزاني جي سلطان ٿيڻ مشڪل آهي ۽ پنهنجي حالت رٽائرمنٽ جي ويجھو پهچڻ تائين آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا واري آهي. 

هونئن به مان هڪ ايوريج صلاحيتن وارو انسان رهيو آهيان. نه ڪو هنر ٿو اچي، نه ڪا وڏي ڊگري آهي، نه زماني سازيءَ ۾ ڀڙ آهيان، بس هڪ عام انسان جيان روزاني وهنوار وارن ڪمن ۾ جٽيل رهيو آهيان. نوڪري، ٻار پالڻ، گھر، دوستن جو ننڍڙو هلڪو ۽ بس....

سوچيو هوم ته ٻارڙا وڏا ٿيندا، معياري تعليم حاصل ڪري مون کي به ڪو رليف ڏيندا پر هاءِ ڙي قسمت سمورا خواب اڌرورا ئي رهيا. ٻارڙن کي پنهنجي پر ۾ معياري اعلى تعليم ڏيارڻ ۾ مون ته وسان ڪين گھٽايو پر سندن حالت ۾ ڪو غير معمولي ڦيرو نه آيو اهي به بس مون جهڙا ئي ايوريج انسان نڪتا.
 

جڏهن اولاد جي حالت ان نموني جي هجي ته لاابالي ۽ پنهنجي پسند واري حياتي گذارڻ جي محض خواهش ئي ڪري سگھجي ٿي باقي عملي نموني ته اهو ممڪن ڪونه پيو ڀانئجي...پر چري دل کي ڪير سمجهائي، خواهشن جي لهرن کي ڪير بند ٻڌي، اڌمن ۽ آسن کي ڪير سنڀاري.....

گھڻو اڳ سائين عبدالرحمان نقاش هڪ شعر سرجيو هو ته؛

اسان روح راحت نه ماڻي ته ڇا ٿيو
ڏکن جي، جي نه ٿي پڄاڻي ته ڇا ٿيو

Sunday, March 27, 2016

امڙ جون ساروڻيون



منهنجي امان جنهن جو نالو ”ٿڌي“ هو. هوا واقعي به برف وانگي ٿڌي هئي. سج اڀرڻ کان وٺي سڀني جي سمهي پوڻ تائين بنا وقفي جي، بنا ڪنهن شڪايت ڪرڻ جي، بنا ڪنهن جي چوڻ آکڻ جي ڪم ڪندي رهندي هئي. جيڪا چڱي چوکي شيءِ هوندي هئي اُها اسان کي ڏيندي هئي ۽ پاڻ ساڳ، مريڙو، لسي ۽ سکڻي مانيءَ ڳڀي تي گذران ڪندي هئي. امان سانئڻ بابا سائين جي شوخ طبيعت، گار گند ۽ تشدد هوندي به ڪڏهن پنهنجي زبان تي شڪايت جو لفظ نه آندو. ويتر امان ڪيئي دفعا مون کي چيو هو ته ”بابهئين ٻاهريون سخت طبيعت جو آهي پر دل جو خراب ناهي“. امان طبيعت ۾ ته کڻي ٿڌي هئي پر سندس سڀاءُ مکڻ ۽ ملائي جهڙو نرم، ملائم هوندو هو. مان جڏهن بيمار ٿيندو هوس ته امان صلوات پڙهي منهنجي نرڙ تي زور ڏيندي هئي. يقين ڪريو ته مون کي جيڪو سڪون، جيڪو آنند سندس ان مسيحائي مان حاصل ٿيندو هو هو اڄ ڏينهن تائين ڪا دوا درمل واپرائڻ مان ڪڏهن به حاصل ڪري نه سگھيو آهيان. 

(اُس نے جلتی ہُوئی پیشانی پہ جب ہاتھ رکھا...رُوح تک آ گئی تاثیر مسیحائی کی).

 اسان جڏهن پيدا ٿيا هيا سي ته رک (ڪِري) طور تي امان کٽو، مٺو يا اهڙي ڪا ٻي شي نه واپرائيندي هئي ته مبادا اسان تي ان جو اثر ٿئي. منهنجي امان جو وڏي ۾ وڏو ڏک منهنجو ننڍو ڀاءُ سندس ٻيو نمبر نوجوان پٽ ئي هيو جيڪو هيروئن جي نشي جو عادي بڻجي پنهنجي ۽ پوري گھر جي سڪون کي غارت ڪري چڪو هو. امان اڪثر ڪري مون کي چوندي هئي ته ”بابلا مون کي انب (اسان پيار وچان پنهنجي ڀاءُ کي انب چوندا هياسين) جي اولاد جي ڳڻتي آهي ته سندن ڇا ٿيندو. واقعي سندس انومان صحيح هيا. اڄ جڏهن امان سانئڻ، بابا سائين ۽ احمد بخش (انب) هن دنيا اندر ناهن رهيا ته احمد بخش جا چارئي پٽ ڪنهن حد تائين ان نموني جي زندگي گذارڻ کان ڪجھ پاسيرا آهن جيڪا کين ملڻ گھربي هئي. سچ چوندا آهن ته جيستائين پيءُ ماءُ زندهه آهن ته ماڻهون ٻار ئي آهي. مان جڏهن به گھر پهچڻ ۾ دير ڪندو هوس ته امڙ کي پنهنجي انتظار ۾ ڏسندو هوس ۽ امان وڏي نماڻائي سان چوندي هئي ته ”بابا ايڏي دير ڪري نه اچو زمانو خراب آهي“ انوقت مان پنهنجي بيوقوفي ۽ اڻ ڄاڻائي جي اثر هيٺ چوندو هوس ته ”امان تون فڪر ڇوٿي ڪرين هاڻي مان ڪو ٻار ته ناهيان اڇي ڏاڙهي ٿي وئي اٿم“ پر امان منهنجي اهڙي ڪنهن به جواب کان مطمئين ڪونه ٿيندي هئي. منهنجي امان مڪمل نموني مولائڻ هئي. شهيد ڪربلا جي پوئلڳ. هوءَ فوت به محرم مهيني جي نائين تاريخ تي ٿي هئي. مون کي چٽي طرح ياد آهي ته رات جو جڏهن گل بهار، مجيب، هوشو، ڪاشو وغيرهه پاڙي واري امام بارگاهه جي پڙ تي ماتم لاءِ ويل هيا ته امان رات جو ٻي وڳي اٿي ڪري چيو هو ته ”پٽ ٻار اڃا تائين ناهن آيا...؟“ اڄ جڏهن امان سانئڻ کي وڇڙي ڪيئي سال ٿي ويا آهن ۽ بظاهر پوري گھراڻي جو وڏو مان ئي وڃي رهيو آهيان ته پنهنجو پاڻ ۾ ذري برابر به اها ٿوم نه ٿو ڀانيان جيڪا منهنجي وڏڙن امان سانئڻ، بابا لاهوتي علي گل، چاچا سائين قلندربخش، ماما ولي محمد وٽ هوندي هئي.  اهي سڀ مڻيا دار ماڻهون هيا، وڏي جگر، وڏي دل گردي، وڏي سهپ وارا ها. 

افسوس ته اڄ جڏهن گھر پهچندو آهيان ته ڪير به منهنجي انتظار ۾ ناهي هوندو، اڄ جڏهن بيمار ٿيندو آهيان ته اهو مسيحائي هٿ به ڪٿي ناهي هوندو، اڄ بس سندن يادن جي سهاري پيو جيان.

سي جيءَ جيارا ماڻهو ها، سي سڀ کان پيارا ماڻهو ها،
جن ساهه ڏئي، ويساهه ڏنو، جي دل ۾ دود دُکائي ويا.

Saturday, March 5, 2016

”وڃان ٿو ڌوڙ پائڻ“ (ننڍي ڪهاڻي)



جاويد علي منهنجو يونيورسٽيءَ جي وقت کان وٺي تمام ويجھو دوست آهي. جاويد علي ۽ مون ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ گڏجي ايم بي اي ڪئي هئي. اسان ٻئي يونيورسٽي هاسٽل جي ساڳي ڪمري ۾گڏ رهيا هياسين. گڏجي سڏجي موج مستيون، خريداريون، رولهڙا ڪندا هياسين.

جاويد علي فائنل ييئر ۾ اڃا انٽرنشپ پئي ڪئي ته کيس سرڪاري کاتي ۾ سترهين گريڊ جي آفيسري جو آفر مليو هو. جلدي ئي سندس شادي به ٿي ويئي هئي ۽ شاديءَ جي ستن سالن ۾ ئي کيس ٽي ٻار ٿي چڪا هيا. يونيورسٽيءَ واري دؤر ۾ جاويد علي سنهڙو پر ڪسرتي بدن وارو چست نوجوان هوندو هو ۽ سندس خوش مزاجي ۽ دوستيءَ جا چرچا هر زبان تي هوندا هيا. هن دفعي جڏهن ساڻس سندس گھر ۾ ملاقات ٿي ته سندس ڳاڙهيون اکيون، وڏو پيٽ، وکريل وار، وڌيل شيو، ٻنهي هٿن جي آڱرين ۾ پاتل منڊيون ڏسي مون کي گھڻي حيراني ٿي ۽ ٻيو ته هو حد کان وڌيڪ ٿلهو ٿي ويو هو. سندس ڊرائنگ روم ۾ پڻ ڪا شيءِ سيبتي نموني نظر آئي: ڪتاب هت هت کنڊڙيا پيا هيا، ٽيبل تي رکيل چادر ميري ٿي چڪي هئي،  ليپ ٽاپ کي سندس ٻار هلائي رهيا هيا ۽ هر ٻار جي اها ڪوشش هئي ته ليپ ٽاپ هو هلائي ۽ باربار پنهنجي پيءَ کي دانهون به ڏئي رهيا هيا پر جاويد علي ته جهڙوڪر ٻوڙو هيو ٻارڙن جي گوڙ شور، هڪ ٻئي سان جهيڙي جهٽي جو سندس طبعيت تي ڪوبه اثر نظر نه پئي آيو. ويتر وچ وچ ۾ وڏي آواز سان کين داٻا ڏيئي خاموش رهڻ جو پئي چيائين. يونيورسٽيءَ واري جاويد علي ۽ اڄوڪي جاويد علي ۾ زمين آسمان جو فرق نمايان هو. مان تمام ڳچ عرصي کان پوءِ سندس اڱڻ تي آيو هوس ان هوندي به مون سان گڏ ويهي حالي احوالي ٿيڻ بدران هوگھر جي اڱڻ ۾ هيڏي هوڏي گھمي ڦري رهيو هو. ڪنهن هلڪي کڙڪي تي بنا دير جي در کولي ٻاهر پئي نهاريائين، سندس بي چيني ڏسڻ وٽان هئي، سگريٽ مٿان سگريٽ پئي ڦوڪيائين، صاف نظر پئي آيو ته کيس ڪنهن جو شديد انتظار آهي.  منهنجي اندر ۾ اها ڳالهه اک ۾ پيل ڪک وانگر چڀي رهي هئي ته اڄ مان وٽس غلط ۽ اويلي وقت تي آيو آهيان. نيٺ مون کان به رهيو نه ٿيو ۽ کانئس پڇي ورتم ته ”ڏي خبر سڀ خير ته آهي ني؟“  باهڙجي مون ڏانهن نهاريائين، کيس مون وٽان اهڙي اوچتي سوال جي شايد توقع نه هئي ”ها ها سڀ خير آهي يار، بس چاچا سائين موٽر سائيڪل ڪاهي ويو آهي، ان جي واٽ پيو ڏسان“.  ٿورو ساهي پٽي وري پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي ۽ پنهنجي پنجن سالن جي ڇوڪري ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ته؛ ”سنڌوءَ لاءِ ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته کيس رت جي کوٽ آهي ۽ سندس رت جو گروپ پاڙي ۾ رهندڙ نوجوان عاصم سان ملي ٿو، عاصم سان گڏجي ستين وڳي بلڊ بئنڪ وڃڻو آهي پر بائيڪ اچي ته نڪران، ان جو انتظار آهي“. مان سنڌوءَ ڏانهن پيار ڀريل نظرن سان ڏسندي سندس اڻ تڻ سمجهي ويس. مون کي پنهنجو پاڻ تي شرمساري ٿيڻ لڳي ته سندس بي چينيءَ متعلق اجايو منفي سوچي رهيو هوس.  مون گھڙيءَ ۾ نهاريندي کيس آٿت ڏني ”پر يار اڃا ته ڇهه به ناهن ٿيا، اميد ته چاچو سائين ان کان اڳ ئي موٽي ايندو“. بي اعتباريءَ وارن نظرن سان مون ڏانهن نهاريائين جهڙوڪر منهنجي ڪيل ڳالهه جي سچائيءَ تي پهچڻ لاءِ ڪوشش ڪندو هجي. ليپ ٽاپ جي بيٽري ختم ٿي چڪي هئي ۽ ٻارڙا گھر جي ٻي ڪمري ۾ هليا ويا هيا ته انوقت سندس موبائيل تي ڪال آئي ۽ سندس موبائيل ٽيون تي خانصاحب نصرت فتح عليءَ خان جو ڳاتل ڪلام ”چل ميري دل کُلا هي ميخانه...“ ڪمري ۾ گونجڻ لڳو. ڪال اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ڪمري کان نڪري اڱڻ ۾ هليو ويو ٿوري دير کان پوءِ سندس آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته ”يار مڙهي به بيزار ڪري وڌو آهي، بائيڪ ڪاهي ويو آهي ته جهڙوڪر کيس واپسيءَ وارو رستو ئي وسري ويو آهي، بس جيئن ئي پوڙهو پهچي ته مان نڪران ٿو اوهان اسٽاڪ پورو پورو رکجو“. ”الله اڪبر“  منهنجي دل ۾ هڪ ٻوڙي پر گهري دانهن اٿي! جاويد علي پنهنجي يارن سان ڳالهائيندي پنهنجي پيءُ وانگر کيس پاليندڙ پنهنجي چاچي لاءِ ڪيتري نه غيرمناسب ٻولي ڳالهائي رهيو هو، ان چاچي لاءِ جنهن کيس هن منزل تي پهچايو هو. مان منجھي پيس ۽ سوچڻ لڳم؛ هڪ پاسي ته هو سنڌوءَ کي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃڻ جي ڳالهه ڪري رهيو هو جڏهن ته ٻئي پاسي يارن سان ڪمپني جو ٽائيم رکيل اٿس!  چاءِ بسڪٽ واپرائي لڳ ڀڳ ساڍي ڇهين وڳي مون کانئس موڪلائڻ جي ڪئي، مون کي محسوس ٿي رهيو هو ته منهنجو اتي وڌيڪ ويهڻ مناسب ناهي.  جاويد علي مون کي ڇڏڻ لاءِ گھر جي ٻاهرين در تائين هلي آيو. عين انوقت سندس پوڙهو چاچو به پهچي ويو هو، سندس ٻارڙا ڊوڙندي سندس چاچي سان چنبڙي ويا. چاچو خداڏنو مون کي به سڃاڻندو هو ۽ وڏي اڪير سان ملندي رات جي ماني کائي پوءِ واپسي جي ڳالهه ڪيائين پر مون بهانو ڪري کانئس به موڪلايو. ايتري ۾جاويد علي موٽر سائيڪل کي ڪڪ هڻي چالو ڪري هلڻ واري ڪئي ته سندس ننڍڙي نياڻي سنڌوءَ سندس قميص کي ڇڪيندي چيو ته ”بابا ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ کيس دڙڪو ڏيئي کانئس قميص ڇڏائيندي موٽر سائيڪل جو گيئر وجھي چيائين ته ”پري ٿي ته هڻانءِ نه چماٽ، ڏاڍي آئي آ ماڻس وانگي پڇاڻا ڪرڻ واري ته ڪاڏي پيو وڃان، وڃان ٿو ڌوڙ پائڻ“!!