اوڙڪ واري علائقي ۾ مون اتي وڻن جي ڇانو ۾ ويهي ڍنڍ مان وهندڙ برف جهڙي ٿڌڙي پاڻيءَ ۾ پير پسائڻ بدران ٽڪريءَ تي چڙهڻ جي مشق ڪئي. ٽڪريون شادي شهيد جي علائقي سنڌ جون هجن يا ڪوئٽه بلوچستان جي علائقي اوڙڪ جون هجن مون کي موهينديون آهن جيتوڻيڪ ٽڪرين تي چرهندي ساهه چڙهي پوندو آهي ۽ هيٺ لهندي پير ترڪي به پوندا آهن پر شوق ويهڻ جو نه ٿو ڏئي ته ماڻهو مجبور ٿيو پوي.
هي ٽيون حصو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اتساهيندڙ ڇوٿون پارٽ آهي جيڪو اجهو ٿو اپ لوڊ ڪيان، پر يارو اوهان منهنجا هي ويڊيو ڏسي پنهنجي راءِ ته ڏيو، جيڪڏهن نه وڻي ته ان جو ئي اظهار به ڪيو خبر ته پوي منهنجي هڻ هڻا جو ڪو نتيجو به نڪري ٿو يا اجايو ٿو پنهنجا سيل ساڙيان... هل سائين اوهان اڃا تائين منهنجو چينل به سبسڪرائب ناهي ڪيو! يار ان ۾ نه ڪو حرج، نه ڪو خرچ، نه ڪو خطرو نه ڪو خوف ته پوءِ دير ڇاجي