Tuesday, July 2, 2019

Sukkur 2 Qutta, part 01=from suk to Machh

Beauty of Balochistan : Quetta to Urak Part 11

Hiking on Urak Mountain Quetta (Part 111)




اوڙڪ واري علائقي ۾ مون اتي وڻن جي ڇانو ۾ ويهي ڍنڍ مان وهندڙ برف جهڙي ٿڌڙي پاڻيءَ ۾ پير پسائڻ بدران ٽڪريءَ تي چڙهڻ جي مشق ڪئي. ٽڪريون شادي شهيد جي علائقي سنڌ جون هجن يا ڪوئٽه بلوچستان جي علائقي اوڙڪ جون هجن مون کي موهينديون آهن جيتوڻيڪ ٽڪرين تي چرهندي ساهه چڙهي پوندو آهي ۽ هيٺ لهندي پير ترڪي به پوندا آهن پر شوق ويهڻ جو نه ٿو ڏئي ته ماڻهو مجبور ٿيو پوي.
هي ٽيون حصو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اتساهيندڙ ڇوٿون پارٽ آهي جيڪو اجهو ٿو اپ لوڊ ڪيان، پر يارو اوهان منهنجا هي ويڊيو ڏسي پنهنجي راءِ ته ڏيو، جيڪڏهن نه وڻي ته ان جو ئي اظهار به ڪيو خبر ته پوي منهنجي هڻ هڻا جو ڪو نتيجو به نڪري ٿو يا اجايو ٿو پنهنجا سيل ساڙيان... هل سائين اوهان اڃا تائين منهنجو چينل به سبسڪرائب ناهي ڪيو! يار ان ۾ نه ڪو حرج، نه ڪو خرچ، نه ڪو خطرو نه ڪو خوف ته پوءِ دير ڇاجي

Quetta a diverse City, Mr Taique Aziz Kolachi narrating



With Saen Tariq Aziz Kolachi DPO Pak Railway DS office Qutta.
We discussed divrse topics, Kolachi Sahib offered us delicious Lunch and also provided us Vehicle (Hiece) for visit of Oorrak and Hina Lake.
We are very much thankful to Kolachi sahib for his warm Hospitality.
Ghulam Murtaza Langah

Beauty of Balochistan P 4th: Boating In Hanna Lake Quetta

Beauty of Balochistan p 11: Quetta to Chaman by Road

Nau Taal Railway Station Naseer Abad Balochistan





ڪوئيٽا کان سکر لاءِ نڪتل الحڪمت بس سروس وارن جي ڪوچ آخر ڪار نئوتال (ضلع نصير آباد بلوچستان) جي اسٽاپ وٽ صفا پڙ ڪڍي بيهي رهي ۽ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي بس سروس جي مالڪن اسان کي کڻڻ لاءِ جيڪب آباد کان ٻي بس گهرائڻ جي نويد ته ڏني پر اهو به چيائون ته بس ٻن اڍائي ڪلاڪن ۾ پهچي ويندي، اسين جيڪي بس جي ايرڪنڊيشن خراب هئڻ باوجود ان ۾ سفر ڪرڻ وقت پوري نموني گرميءَ ۾ پچي لال ٿي چڪا هياسين ۽ پگهر نيسارا بڻجي وهي رهيو هو ۽ بس کي باهه لکڻ جهڙن وسوسائي زهريلن نانگن وارين سوچن، انومانن ۽ خدشن پڻ رت سڪائي ڇڏيو هو ته سندن اهو اعلان به اسان کي عيد جهڙو لڳو هو. وقت ڪاٽڻ لاءِ هوٽل تي ويهي چانهه چڪو به ورتو سين پر اڍائي ڪلاڪ تمام گهڻو ٽائيم آهي. سفر جي ساٿي سائين عبيد الله ٻپڙ چيو ته "هل ته هلي پريان نئوتال جي ريلوي اسٽيشن گهمي ٿا اچون". انڌي کي کپي هڪ اک مون کي ته جهڙوڪر ٻئي ملي ويون هيون ۽ پوءِ اسان روڊ ٽپي ريلوي اسٽيشن طرف روانيا ٿياسين جنهن پنهنجي پهرين سڃاڻ ئي ابتي ڪرائي. اتي اسٽيشن جو اردو ۾ نالو نٽال ۽ انگريزي ۾ NUTTAL لکيل هو. جيتوڻيڪ اصلي، تاريخي نالو نئوتال انگريزي يا اردو ۾ پڻ صحيح اچارن سان لکي سگهجي پيو پر پاڪ ريلوي اٿارٽريز وارن کي اهڙن جيتامڙن جيترن مامرن جي ڪابه پرواهه نه آهي.
نئوتال ريلوي اسٽيشن جتي هاڻي ڪابه ريل ناهي بيهندي نئين پنڊ سکر شهر جو مسٽر عبدالستار انصاري چئن سالن کان اسٽيشن ماسٽر طور اسٽيشن جي ڪلاسيڪل نموني جڙيل خوبصورت بلڊنگ سامهون پليٽ فارم تي پنهنجي هڪ ساٿيءَ سان آهليو پيو هوندو آهي. آفيسرن جي اچ وڃ وقت انهن جي لاءِ ريسٽ هائوس، ملازمن جي لاءِ جڙيل ڪوارٽر، گدام ڀڄي ڀري رهيا آهن
باقي قصو وڊيو ۾ بيان ڪيل آهي.