Wednesday, July 3, 2019

Phool Bagh (Flower Garden) Khairpur July 3, 2019



منهنجو ننڍپڻ خيرپور ميرس ۾ گذريو آهي ۽ شهر جي هر گهٽي ۽ گام سان منهنجو ڪيئي يادون جڙيل آهن ۽ انهن ۾ هي ڦول باغ پڻ آهي. هن ڦول باغ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي پسار ڪندا هياسين، ڪيئي سياسي جلسا ڪياسين، ثقافتي ڏهاڙا ملهاياسين. گذريل صدي جي ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي تائين ان باغ جي وچ ۾ هڪ ڪمري واري لئبرري پڻ هوندي هئي جتي مختلف اردو ڊائجسٽن سان گڏ سنڌي ۽ اردو اخبارون پڻ اينديون هيون. مون کي چٽي نموني ياد آهي ته مون سنڌي روزاني اخبار هلال پاڪستان ۾ امرجليل جا لکيل چٽ پٽا ڪالم ان لئبرريءَ ۾ ئي پڙهيا هيا جنهن ڪري منهنجي پڙهڻ واري عادت جي شروعات ٿي هئي. لئبرريءَ جو انچارج ٺاهوڪي قد ڪاٺ ۽ سهڻي صورت ۽ سيرت وارو جمالي ڳوٺ جو چاچو جمالي(مون کي چاچي جو نالو ياد نه ٿو اچي) هوندو هيو. انوقت اڃا ڦول باغ جي اوڀارين پاسي اهي دڪان، آفيسون جڙيل ڪونه هيون جنهن ڪري اهو باغ ويڪرو ويڪرو لڳندو هو.
هن وڊيو جي آخر ۾ ڦول باغ جي اترين اولهائين گيٽ جي در ڀرسان پاڻيءَ جي صفائي (فلٽر پللانٽ) لاءِ لڳل پراجيڪٽ جي فلمبندي ٿيل ڏسي سگهجي ٿي جيڪا شايد ڪنهن زماني ۾ هلندڙ هوندي پر اها هاڻي مڪمل نموني بند آهي

Leader ot Follower

Tuesday, July 2, 2019

جنگ جون تباهيون





جنگ جون تباهيون
افغان جنگ کان گهڻو اڳ جي ڳالھ آهي ڪابل کان چاچو نورمحمد پٺاڻ اسان جي ڳوٺ ايندو هو ۽ آس پاس جي سمورن ڳوٺ جي ماين کي اوڌر تي ڪپڙو لٽو وڪڻي وري اهو ڇهن مهينن بعد اڳاڙي پنهنجي ديس هليو ويندو هيو. چاچو نورمحمد پٺاڻ نيڪ، ايماندار ۽ تمام سادگي پسند انسان واقعي هيو. چاچي نورمحمد کان پوءِ سندس ڪاروبار کي سندس پٽ سنڀاريو هو. اها منهنجي افغانستان ۽ افغاني ماڻهن سان پهرين ڄاڻ سڃاڻ ٿي هئي پر پوءِ حالتون بدلجي ويون.
اسان 29 جون 2019 واري ڏهاڙي پاڪ افغان سرحد چمن بلوچستان گهمڻ ويا هياسين ته اتي مون کي هي هڪ ٽنگ کان معذور ماڻهو نظر آيو هو جيڪو پاڪستان واري پاسي کان ڪنهن مريض کي افغانستان واري پاسي اماڻن لاءِ ضروري فارملٽيز جي پورائي لاءِ ڪيترو ئي وقت بيٺو هيو. گهڻو ڪري سندس ٽنگ ڪنهن بارودي سرنگ تي پير اچڻ ڪري ضايع ٿي هوندي ۽ ان قسم جا هزارين معذور جنگ سٽيل افغانستاني ٻنهي پاسي رهن ٿا.
اسان راند جي ميدان ۾ هارجيت ڪري کين حرامخور چوندي ته دير نه ٿا ڪيون پر اهو وساري ٿا ويهون ته اسان جي ملڪ جي هڪ وڏي حرامخور جنرل ضياء الحق، ملڪ جي وڪائو ملن سان ملي آمريڪي ڊالرن جي برسات ۾ جيڪو نام نهاد جهاد شروع ڪيو هو ته ان سان افغانستان ۾ جيڪا بارود ۽ باهه جي راند شروع ٿي هئي ته اها اڄ سوڌي جاري آهي ۽ ان باهه جا سيڪا پاڪستاني عوام ۽ خاص ڪري سنڌي قوم کي پڻ مليا هيا ته پنهنجي ملڪ جون جڙون ئي لڏي ويون هيون ۽ اسان جي ملڪ جو ڪو گهر اهڙو نه هيو جيڪو ان جنگ جي ٻاريل باهه ۾ نه سڙيو هجي.
پر افسوس هي آهي ته اسان سوچ کان وڌ تباهه ڪارين مان سکيو ڇا آهي؟
ڪجهه به ته نه
اڄ به اسان جا حڪمران ۽ لڪل رياستي قوتون پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي سڪون ڏيڻ بدران ڏنڀ پيون ڏين، جن مذهب جي نالي ۾ ڀينگ ڪئي انهن تي ڳالهائڻ يا تبصرو ڪرڻ وارا، امن چاهڻ وارا مسنگ پرسن پيا ٿين.

END OF HISTORY: Discovery of K-07 Cave






This is story of successful exploration of K-07 Cave in Rohri Hills from Shadi Shaheed area. I positively thinks this Ancient Cave will catch the eye of visitors in Sindh, Pakistan and rest of World. You must watch this video once and your heart beats pump speedily to visit that unique site.
My Sindh is Beautiful, International Human Civilization starts from here, we have undeniable evidences, Paleolithic Era Workshops, Caves and as son of soil I have every reason to be proud as Sindhi.

Journey For Education

Sukkur 2 Qutta, part 01=from suk to Machh

Beauty of Balochistan : Quetta to Urak Part 11