امير گل ڪٽوهر جو بلاگ Amir Gul Katohar's Blog
Tuesday, April 14, 2020
Saturday, April 4, 2020
Behavior of religious people in days of Covid_19 Lock Down
تبليغي
۽ زوار به هن ملڪ جا معزز شهري آهن. مان دلي دعاگو آهيان ته باقي سموري آبادي سان
گڏ اسان جا هي دوست به شل هن وبا کان مڪمل نموني محفوظ رهڻ. منهنجي ڪري يا ٻي ڪنهن
شهريءَ جي ڪنهن ٻي احتياطي ڪري جيڪڏهن وائرس پکڙجي ته اها تمام گهڻي تشويش جي ڳالھ
آھي. مان ۽ مون سان گڏ ڪيترائي ساڃهوند ان ڳالهه تي زور ڏيندا رهيا آهيون ته ملڪ ۽
دنيا جي مڃيل ڳالهين کي پاڻي ڏيندي اهڙو ڪوبه عمل نه ڪجي جنهن سان پنهنجو سر ته
وڃي ۽ پورو راڄ ڏچي ۾ پئي. پر خدا جا بندا اها ڳالھ سمجهڻ لاءِ تيار ئي ناهن. کين
ٻه ٽي جملا رٽايا ويا آهن ۽ اهي صبح، منجهند شام، رات معني ته هر گهڙي انهن جو
ورجاءُ تسبيح جي داڻن وانگي ڪن ٿا.
هي
جيڪا وبا يا بيماري آهي ان کي نه مڃڻ سان آها ختم ڪونه ٿي ويندي، پٽ پاراتي جو مٿس
ذرو به اثر نه ٿو ٿئي، هن جو علاج ڪنهن ٽوڻي ڦيڻي، دعا يا عبادت سان به ڳنڍيل
ناهي، هن وقت تائين معلوم ڄاڻ موجب هن وبا جي ڪا دوا به تيار ٿي نه سگهي آهي ۽ نه
ڪو هن جو علاج آهي ها بچاءُ ڪري سگهجي ٿو ۽ سڄي دنيا جا انسان ان کان بچڻ لاءِ
گهرن ۾ ويهي رهيا آهن، هٿن جي صفائي، سوشل ڊسٽنس سان اها زنجير ٽوڙي سگهجي ٿي.
هاڻي
اسان جي سماج اندر جي هيٺئين سطح جي تنقيدي سوچ جا مالڪ آهن اهي اهڙين ڳالهين مان
وڏون ڪڍن ٿا.
هي
جيڪي ٻن خبرن وارا ڦوٽوز رکيل آهن، آهي تمام گهٽ تنقيدي سوچ جو چٽو پٽو ثبوت آهن.
الله سائين پنهنجو رحم ڪري ۽ اسان کي شل سمجهه اچي ته اسان اهڙين ٻاراڻين حرڪتن
کان باز رهي پاڻ کي، پنهنجي گهروارن کي ۽ سماج کي بچائي سگهونContinuous killing of women in Sindh in the name of Honor
تڪرار
سڱاونديءَ جو هجي، مختلف برادرين جو هجي، پاند پلاند هجي يا ڪنهن ناجائز مطالبي
کان انڪار هجي مرندي عورت ئي آهي...
سنڌ توتي بي گناهه قتل ٿيل نياڻين جي ايف آئي آر داخل ٿيڻ گهرجي، ڇوته اهڙن انيائن تي نه تنهنجي ڌرتي ٿي ڌڏي، نه سمنڊ ٿو چاڙهه کائي نه ماڻهو احتجاج ٿا ڪن، بس آهي ڙي گناهه ڪٺل نياڻين جون آهون ۽ دانهون دٻجي ٿيون وڃن. قاتل پاءُ تيل جو مڃڻ هڻي مڙس ماڻهو ٿيو گهمندا ٿا وتن.
سنڌ توتي بي گناهه قتل ٿيل نياڻين جي ايف آئي آر داخل ٿيڻ گهرجي، ڇوته اهڙن انيائن تي نه تنهنجي ڌرتي ٿي ڌڏي، نه سمنڊ ٿو چاڙهه کائي نه ماڻهو احتجاج ٿا ڪن، بس آهي ڙي گناهه ڪٺل نياڻين جون آهون ۽ دانهون دٻجي ٿيون وڃن. قاتل پاءُ تيل جو مڃڻ هڻي مڙس ماڻهو ٿيو گهمندا ٿا وتن.
Proverbs changing meaning
. لفظ جن جو معنائون بدلجي ويون آهن
سچ= ڪفر
محب وطن= خلائي مخلوق جو انڌو پيروڪار
سوشل ورڪر= پراجيڪٽ ملي ته ڪم ڪبو
لاڪ ڊائون = ٻين جي لاءِ آهي، مان ته عام ماڻهن جي ڀڃڪڙين کي لائيو ڏيکارڻ خاطر سڄو ڏينهن گهر کان ٻاهر هوندو آهيان.
حاجي ۽ زوار= ڀڄ پري منهنجا يار
بيوقوف= عقل مند
عقل مند= بيوقوف
ٽي وي اينڪر= اجايو يخي باز
ڪامريڊ= انڊر گرائونڊ
مذهبي پيروڪار= هوڏي ۽ ضدي
پ پ پ= مراد علي شاهه+ سعيد غني
اڄ جو نوجوان= ٽڪ ٽوڪ جو ديوانو
تحقيق= ڪاپي پيسٽ
عالم دين= حڪمرانن جو قصيدي گو
تبليغي = ڪورونا وائرس نرسري
نيازي= بي نيازي
سوشل ميڊيا= افواهن جي جمع بازار
سنجيدگي= ماضيءَ جو مزار
بائيڪر (بنا سبب جي موٽر سائيڪل شهر ۾ هلائيندڙ) = ڪڪڙ
يوٽيوب تي وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ وکر= جنسي ٽوٽڪا
سچ= ڪفر
محب وطن= خلائي مخلوق جو انڌو پيروڪار
سوشل ورڪر= پراجيڪٽ ملي ته ڪم ڪبو
لاڪ ڊائون = ٻين جي لاءِ آهي، مان ته عام ماڻهن جي ڀڃڪڙين کي لائيو ڏيکارڻ خاطر سڄو ڏينهن گهر کان ٻاهر هوندو آهيان.
حاجي ۽ زوار= ڀڄ پري منهنجا يار
بيوقوف= عقل مند
عقل مند= بيوقوف
ٽي وي اينڪر= اجايو يخي باز
ڪامريڊ= انڊر گرائونڊ
مذهبي پيروڪار= هوڏي ۽ ضدي
پ پ پ= مراد علي شاهه+ سعيد غني
اڄ جو نوجوان= ٽڪ ٽوڪ جو ديوانو
تحقيق= ڪاپي پيسٽ
عالم دين= حڪمرانن جو قصيدي گو
تبليغي = ڪورونا وائرس نرسري
نيازي= بي نيازي
سوشل ميڊيا= افواهن جي جمع بازار
سنجيدگي= ماضيءَ جو مزار
بائيڪر (بنا سبب جي موٽر سائيڪل شهر ۾ هلائيندڙ) = ڪڪڙ
يوٽيوب تي وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ وکر= جنسي ٽوٽڪا
تبصرن جا اطلاع حاصل ڪرڻ لاءِ:
هتي ڪلڪ ڪريو





