Monday, February 13, 2012

25 ورسيءَ جي موقعي تي شهيد فاضل راهو جو خون ڪنهن لوڙهيو؟ شاهنواز راڄپر



منهنجي دوست امير گل جو ايس ايم ايس آيو ته “جديد سنڌ فاضل راهوءَ جهڙا جاکوڙي ڪردار گهٽ پيدا ڪيا هوندا. ٻينپارٽين کيس سياسي تعصب ڪري نظرانداز ڪيو ۽ وري “پنهنجا” کانئس ان ڪري پري ٿي ويا جو اوچي بڙ هيٺان سندن ننڍو قد نه پڌرو ٿي پوي. فاضل عمل جو ڌڻي هو. سنڌ کيس اڃا تائين سمجهڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي....!!” برابر شهيد فاضل کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي آهي. پر اسان مان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪنهن ڪئي آهي؟ اڄ فاضل کي شهيد ٿئي 25 سال پورا ٿي چڪا آهن. انهي عرصي دوران ڪڏهن اسان مان ڪنهن شهيد فاضل جي ڪيس جي وارتا تي قلم کڻڻ جي همت ساري آهي؟ ڇا ڪنهن اها پڇا ڪئي آهي ته شهيد فاضل جو ڪيس جيڪو تقريبن 13 سال عدالتن اندر هلندو رهيو ته ان جي پوئواري ڪرڻ ۾ سندس پارٽي ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟ ڪهڙا وڪيل ڪيس وڙهڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا ۽ پارٽي جو ان تي ڪيترو خرچ آيو؟ فاضل صاحب جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ سندس پارٽي عوامي نيشنل پارٽي مرڪز توڙي سنڌ جي وحدت جو شهيد فاضل راهو ڏانهن رويو ڪهڙو هو؟ آخر ان جو ڪهڙو سبب هيو جو پنهنجي پارٽي خاص طور سنڌ ۾ پارٽي ادارن اندر هي حڪم سختي سان جاري ڪيا ته “راهوڪي جا رستا بند ڪيا وڃن!؟ آخر اهي ڪهڙا سبب هيا جن ڪري شهيد فاضل راهو جي خاندان کي پارٽي نظرانداز ڪرڻ تي مجبور هئي؟ ڇا ڪڏهن پارٽي جي اندر يا ٻاهر شهيد فاضل راهو جي قتل واري سانحي تي ڪنهن گهرائي سان سوچ ويچار ٿيو، جنهن ۾ سازش جا مختلف پاسا بحث هيٺ آيا هجن؟ مٿين سوالن کان سواءِ به ڪيترائي سوال اڃا به آهن جيڪي جواب طلب آهن. پر سازشي ۽ مصلحتن جي ماريل ماڻهن جي لفظن جي جادوگري اصل حقيقتن تي ايتري دز چاڙهي ڇڏي آهي جو ان کي لاهڻ لاءِ قلم جي جاکوڙ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. آءُ عوامي تحريڪ، ان سان لاڳاپيل سنڌي شاگرد تحريڪ (SST) ۽ ٻين ادارن ۾ ذميوار حيثيت ۾ رهيو آهيان. تنهن ڪري انهي عرصي دوران جيڪو ڪجهه وهيو واپريو اهو به منهنجي سامهون آهي. انهي شروعاتي عرصي دوران پارٽي جي مالي پوزيشن ڪهڙي هئي؟ اها به اسان جي سامهون آهي. يعني ان وقت پارٽيءَ جو آمدني جو ذريعو صرف شهيد فاضل راهو ئي هيو. پر تنهن کان به پائي پائي جو حساب ورتو ويندو ۽ هُن ڪڏهن به اهڙي عمل کي برو نه سمجهيو، خوشي سان حساب ڪتاب ڏئي جان آجي ڪرائيندو هو. ان وقت 1976ع-1977ع ڌاري لطيف آباد نمبر پوڻا پنج ۾ پليجي صاحب واري گهر جڏهن آءُ ۽ سائين ڪرم ساڻس ملڻ وياسين ته پليجي صاحب اسان جي سامهون شهيد فاضل راهو کي فون ڪري چيو ته منهنجي گاڏيءَ جو ٽائر پنچر لڳو پيو آهي. تيل به ڪو نه اٿس ان جو بِلو ڪر! اسان ساڻس ڪچهري پئي ڪئي ته ٻه ننڍا ڇوڪرا اندر آيا ۽ پليجي صاحب کي ڪجهه پئسا ڏئي گاڏيءَ جو ٽائر کولي رڪشا ۾ کڻائي ويا ۽ ٿوري دير ۾ ٺهرائي گاڏي ۾ لڳائي هلڻ لڳا ته پليجي صاحب اسان کي ٻڌايو ته هي فاضل جا ڇوڪرا اسماعيل ۽ اسلم آهن!!! پليجي صاحب کان موڪلائي ٻاهر ٿياسين ته سائين ڪرم مون کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته “تو وٽ پنجاهه روپيا هيا ته به حيدرآباد نه پيو اچين هاڻ ته ڏٺئي نه ته پنهنجي ليڊر وٽ ته ٽڪو به ڪونهي، تون اجائي وڏيرپ ڇڏي ڏي” ايئن اسين پليجي صاحب جي اڻ هوند اسماعيل راهو ۽ اسلم راهو جي فرمانبرداري ۽ شهيد فاضل جي مالڪي ڪرڻ جهڙن گڻن مان ايمان تازو ڪري واپس خيرپور موٽياسين. وقت گذرندو رهيو، ڪيئي لاها چاڙها آيا ڇٽ پٽن سان اچي لڳا، ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ڪري مارشل لا لڳائي وئي، ڀٽو قيد ٿي ڦاسيءَ تي چاڙهي شهيد ڪيو ويو. تنهن کان پوءِ ملڪ ۾ جيڪو سياسي جمود طاري هيو ان کي آڪٽوبر 1979ع ۾ راهوڪي ۾ ٿيل هاري ڪانفرنس ذريعي ٽوڙيو ويو، موٽ ۾ شهيد فاضل راهو پليجي صاحب سميت ڪيترائي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا، جن ۾ خاص طور تي مِٺو مهيري، ادريس ميراڻي، گل چانگ ۽ ٻيا شامل هيا، هنن کي ڪوڙا به هنيا ويا، هلندي 1980ع ڌاري هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن وارن جو نوٽيس پليجي صاحب جي نالي نڪتو ته توهان جيڪو قرض لطيف آباد پوڻا پنج واري گهر لاءِ ورتو هو اهو هاڻي 30000 هزار روپيه ٿي چڪو آهي جيڪڏهن قرض واپس نه ڪيو ويو ته اهو گهر نيلام ڪري پئسا سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايا ويندا. تنهن کان پوءِ پارٽي جو حڪم پهتو هو ته “پنهنجي اڳواڻ جي سهائتا ڪرڻ لاءِ سنڌي ماڻهن اڳيان جهولي ڦهلائڻ کان نه ڪيٻايو، پليجي صاحب جو گهر بچايو!!” پوءِ توکي ته ياد هوندو گل! ڪيئن نه سائين ڪرم پاڻ ٻنهي کي فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ ڊوڙائيندو هو ۽ پاڻ واري موٽر سائيڪل ڪچو پڪو هڪ ڪري ڏنو هو. ايئن سڄي سنڌ خاص طور حيدرآباد ٽيهه، لاڙڪاڻي مان سورنهه ۽ خيرپور مان پنج ۽ باقي ضلعن مان ٿورو ڪي گهڻو فنڊ پارٽي وٽ پهتو هو. مزي واري ڳالهه اها ٿي جو پارٽيءَ فيصلو وري اهو ڪيو ته هن فنڊ مان پندرنهه هزار پارٽي ڏيندي ۽ باقي پندرنهه هزار ساٿي “ناٿو” (شهيد فاضل راهوءَ جو پارٽي اندر نالو) ڀريندو. شهيد فاضل جيتوڻيڪ ان وقت جيل ۾ هيو پر هن پارٽي جو حڪم مڃيندي الائي به ڪٿان پئسن جو بندوبست ڪيو ۽ اهڙي طرح اسان جي قائد، رهبر استاد محترم رسول بخش پليجي صاحب جو گهر نيلامي کان بچي ويو. هتي هڪ ڳالهه ياد ڏياريندو هلان ته لاڙڪاڻي مان جيڪي فنڊ جا سورنهه هزار گڏ ٿيا هيا سي صحبت ٻرڙو دور بيني اندر لڪائي کڻي آيو هو ته متان ڪو ڦر نه ڪري وڃي. انهيءَ کان پوءِ پارٽي اهو سوچڻ شروع ڪيو ته “پارٽي وٽ ڪجهه اهڙا وسيلا هجن جن جي آمدنيءَ مان پارٽي جو ڪار وهنوار آساني سان هلائي سگهجي” فيصلو اهو ٿيو ته بدين ۽ ٺٽي ضلعن جي ضلعي ٽيڪس وارا ٺيڪا پارٽي لاءِ ورتا وڃن. اهو ذمو ساٿي فاضل تي رکيو وڃي ته هو اهي ٻئي ٺيڪا پارٽي لاءِ وٺرائي ڏئي. تنهن کانپوءِ پارٽي ئي ٻه نالا تجويز ڪيا جن ۾ هڪ غلام قادر پليجو ۽ ٻيو حمزو پليجو! هتي تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ٻئي پليجا پارٽي جي ويجهو به ڪو نه هيا!! ٽيون فيصلو اهو ٿيو ته پارٽيءَ جا انتهائي ايماندار ڪارڪن ٺيڪن جو انتظام سنڀاليندا ته جيئن پارٽي کي صحيح لاڀ ملي سگهي. انهي لاءِ ٻه پارٽي ڪارڪن چونڊيا ويا هڪ اسماعيل سولنگي جيڪو يوسف نانگي جي نالي سان مشهور هو ۽ پوءِ سيٺ يوسف سڏجڻ لڳو ۽ ٻيو هو ادريس ميراڻي جن جي ديانت ۽ سچائي تي پارٽي کي پورو يقين هو. شهيد فاضل راهو پنهنجي ذميواري نڀائي ۽ ٺيڪا پارٽيءَ کي مليا، ٺٽو حمزو پليجو ۽ بدين غلام قادر پليجو کي مليا. يوسف نانگو ‎ٺٽو سنڀالڻ لڳو ته ادريس ميراڻي غلام قادر جو سهارو بڻيو. ٺيڪن جو ڪم شروع ٿيو ته همراهن جا رويا ئي تبديل ٿي ويا. جنهن جو آخر نتيجو اهو نڪتو ته پارٽي جا ڪم ڪار ته ڌوڙ ٿي ويا پر پليجا اقتداري ايوانن تائين ضرور پهتا. پارٽي جي حساب ڪتاب ۽ آڊٽ ڪرڻ واروکاتو به بند ڪيو ويو. هنن کان ڪا به پڇا نه ٿي ته ساليانو آمدني ڪيتري ٿئي ٿي ۽ ان مان پارٽي کي ڇا ٿي مليو. پارٽيءَ جي ٻنهي ڪارڪنن جي سچائي ۽ انتهائي ايمانداري دولت جي وهندڙ گنگا ۾ لڙهي ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن هلي وئي. هتي سوال ٿو پئدا ٿئي ته جڏهن شهيد فاضل راهو اڪيلو پارٽي جا مالي وسيلا پورا ڪندو هو ته انهي کان پائي پائي جو حساب ورتو ويندو هو. پر جڏهن پئسن جي گنگا وهڻ شروع ڪيو ته پارٽي مالي وسيلن جو حساب ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو! انهي جو جواب ڪير ڏيندو؟ ڇا ان وقت جي انهي پارٽي گروپ جنهن کي پارٽي يعني پليجي صاحب جا تارا مسيح چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو تن منجهه ايتري اخلاقي جرئت آهي جو هو انهي مامري جي سنڌ جي نوجوان نسل اڳيان حقيقت پيش ڪن!؟ يقينن شهيد فاضل پارٽي جي اهڙي روئي تي تنقيد به ڪئي هئي ته احتجاج به ڪيو هو، اها ته سندس نيڪ نيتي هئي جو هن ڪڏهن به اهڙن ناروا طريقن جو سهارو وٺندي پارٽيءَ ۾ ڪا گروپ بندي نه ڪئي. انهي عرصي دوران ايم آر ڊي واري جهدوجهد شروع ٿي چڪي هئي سڄي سنڌ رڻ گجيو راڙو ٿيو، وارو منظر پيش ڪري رهي هئي گرفتارين جو سلسلو شروع ٿي چڪو هو انهي جهدوجهد ۾ پيپلز پارٽي کانپوءِ ٻيو نمبر عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جو تعداد پنجونجاهه هيو. جيل اندر اسٽڊي سرڪل هلائڻ ۽ ڪارڪنن جي سار سنڀال ۽ نظم ضبط رکڻ لاءِ پارٽي جي منظوري سان هڪ سيل به قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ آءُ، حمزو هاري ڊاڪٽر ولي عباسي ۽ سراج سيال شامل هياسين. 1984ع ڌاري اسان جي سيل کي پارٽي طرفان هدايت نامو مليو جنهن ۾ ٻين ڳالهين کانسواءِ هڪ اها ڳالهه به چئي وئي هئي ته “دشمن اسان جي صفن ۾ ڏار وجهڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. آمريڪي قونصل جنرل ۽ نويد قمر (جيڪو ان وقت تازو ئي آمريڪا مان پنهنجي تعليم مڪمل ڪري واپس وريو هو ۽ هن وقت وفاقي وزير طور ڪم ڪري رهيو آهي) سان گڏجي ‎ٺٽي بدين ۽ حيدرآباد جا دورا ڪري چڪو آهي. هر جاءِ تي سندن اهو سوال آهي ته عوامي تحريڪ جي ڪم ڪرڻ جو طريقئه ڪار ڪيئن آهي ۽ سندن مرڪز ڪهڙو ۽ ڪٿي آهي؟ تنهن ڪري پنهنجي صفن کي مضبوط رکو ۽ ڪو به اهڙو عمل ۽ حرڪت اوهان کي سرزد نه ٿئي جنهن سان دشمن کي فائدو ملي....!” انهي جو مطلب اهو هو ته جيڪڏهن جيل اندر تشدد وسيلي اوهان کان پارٽيءَ متعلق ڪو پچاڻو ٿئي ته مڙسي سان انهي کي برداشت ڪري وڃجي، پر پارٽي متعلق دشمن کي ڪا به ڄاڻ نه ڏجي. اسين جيل اندر سڀ ساٿي ذهني طور تي ايترا پڪا پختا ٿياسين ته ڀلي اسان کي چيري چچري ماريو وڃي پر اسين ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍنداسين. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ وارن جي وطن دوست مزدور فيڊريشن پاران هڪ پمفليٽ ورهايو ويو جيڪو جيل اندر سندن دوستن وٽ به پهتو... پمفليٽ جو عنوان هيو “سنڌ جي مزدورن، هارين جي جمهوريت پسند جهدوجهد سان پيپلز پارٽي ۽ عوامي تحريڪ جي غداري..!” سموري پمفليٽ ۾ ٻه ئي دليل ڏنل هيا ته “پيپلز پارٽي جي اڳواڻ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي گهر جو ٽيلي فون بحال ٿيڻ (ياد رهي ته جتوئي صاحب انهن ڏينهن ۾ پنهنجي ئي گهر اندر نظر بند ٿيل هو) ٻيو دليل هيو ته عوامي تحريڪ جي سيڪريٽري جنرل رسول بخش پليجي کي ڪوٽ لکپت جيل مان ميو اسپتال منتقل ڪرڻ، جتي پنجاب جي گورنر جنرل جيلاني طرفان خير سگالي طور تي گلدستا پڻ موڪليا ويا آهن...!!” پمفليٽ پهچڻ شرط سياسي قيدين خاص طور تي پيپلز پارٽي ۽ عوامي تحريڪ جي همراهن ۾ تمام گهڻو تيش ڦهلجي ويو. حالت اها وڃي ٿي جو حالتن کي سنڀالڻ اسان جي وس کان ٻاهر ٿي پيو تنهن ڪري اسان پنهنجي ٻن دوستن عوامي تحريڪ جي راهب جت ۽ پيپلز پارٽي جي لاڙڪاڻي واسي مساواتي (هن تي هي نالو شهيد ڀٽي جو رکيل هو) کي هڪ کوليءَ ۾ سڄو ڏينهن بند رکڻو پيو ڇو ته اهي ٻئي دوست ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ ئي نه ٿي آيا، شام جو پيپلز پارٽي جا اڳواڻ آفتاب شعبان ميراڻي ۽ مير هزار خان بجاراڻي آيا جن پيپلز پارٽي ۽ عوامي تحريڪ جي دوستن سان گڏجاڻي ڪري معاملو ٿڏو ڪرايو. وقفي وقفي سان ايم آر ڊي جا اسير به آزاد ٿيندا رهيا. سال 1986ع هلندي عوامي تحريڪ، اين ڊي پي جنهن جو سربراهه خان عبدالولي خان هو ۽ ڪجهه ٻين گروپن کاٻي ڌر جي پارٽي عوامي نيشنل پارٽي (ANP) ٺاهي جنهن جو پهريون تاسيسي اجلاس مرحوم حاڪم علي زرداريءَ جي ڪراچي واري گهر تي ٿيو هو. پاڪستان اندر اهڙي قسم جي برجستي کاٻي ڌر جي پارٽي ٺهڻ تي افغانستان جي تڏهوڪي صدر ڊاڪٽر نجيب الله پارٽي صدر خان عبدالولي خان کي پنهنجي پارٽي وفد سميت افغانستان اچڻ جي دعوت ڏني، جنهن تي اي اين پي جي مرڪزي ڪاميٽي اهو فيصلو ڪيو ته محمد فاضل راهوءَ (جيڪو پارٽي جو سينئر نائب صدر هيو) جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد موڪليو ويندو جنهن ۾ بيگم نسيم ولي خان سميت ٻيا اڳواڻ به شامل هيا، افغانستان جي ويزا وفد جي ٻين مڙني ميمبرن کي ته ملي وئي جيڪي ڊسمبر 1986ع ڌاري افغانستان جي دوري تي وڃڻا هيا، پر فاصل صاحب کي سرڪار ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انهي وچ ۾ پنهنجي پارٽي جي ڪنهن سڄڻ ماڻهوءَ کي اها کڙڪ پئي ته فاضل جي زندگيءَ کي خطرو آهي، سو ان پليجي صاحب کي اهڙو اطلاع ڪرايو، موٽ ۾ پليجي (E-11) اليون اِي محمّد علي سوسائٽي واري بنگلي تي هڪ دونهاندار پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ سرڪار کي خبردار ڪندي چيو ته توهان جا باوردي ماڻهو اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. اسين ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون وغيره ...! پوءِ ستت ئي پليجو صاحب علاج واسطي لنڊن روانو ٿي ويو، جتي به کيس خرچ پکي جي ضرورت هئي، جنهن واسطي فاضل سميت پارٽي جي سمورن دوستن سڄي سنڌ مان چندو گڏ ڪري لنڊن موڪليو هو. نومبر ڊسمبر 1986ع ۾ فاضل صاحب سنڌ جو دورو ڪيو هيو. گڏجاڻين ۾ سندس تقرير جو اڪثر موضوع ئي اهو هو ته “موت کان ڇو ڊڄجي! مرڻو ته اڳي پوءِ ضرور آهي. تنهن ڪري ڪجهه ڪري مرجي ته بهتر!” اڄ به جڏهن رڪارڊ ڪيل سندس تقريرون آءُ ٻڌندو آهيان ته مونکي لڳندو آهي ته فاضل صاحب کي واضح طور ٻڌايو ويو هو ته “اسان سان ٺاهه ڪر نه ته ٻي صورت ۾ مرڻ لاءِ تيار ٿي..!!” ۽ پوءِ 17 جنوري 1987ع تي پاڻ کي ته رات جو 8 وڳي بي بي سي ريڊيو تان ئي اطلاع مليو ته “توهان جو ڀنڀور لٽجي چڪو آهي، اوهان جو فاضل راهو قتل ٿي چڪو آهي” پليجي صاحب جي لنڊن واپسي کانپوءِ مون کي پڪ ڏياري وئي ته پارٽي شهيد فاضل راهو جي پلاند لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙيندي! ڇو ته 18 ڊسمبر 1987 جي رات مون ۽ جمعي نوحاڻيءَ راهوڪي ۾ شهيد فاضل جي قبر جي پاسي ۾ ويهي ڳوڙهن ڳاڙڻ بدران اها رٿابندي پئي ڪئي ته وڌ ۾ وڌ هفتي جي اندر اندر پلاند ٿيڻ گهرجي، اسين اهڙي رٿا جي مختلف پاسن تي سوچي رهيا هياسين ته هڪ پارٽي ساٿي اچي چوڻ لڳو ته توهان کي پارٽي جا ساٿي گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ جو چئي رهيا آهن. تنهن تي اسان ان کي ٺاهوڪي ڇنڊ پٽي ۽ هو هليو ته ويو پر ٿوري دير ۾ عالم شاهه ۽ ڪجهه ٻيا ساٿي اچي نڪتا، جن پارٽي ضابطن ۽ پارٽي لائن تي بحث ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اسان ٻنهي کي اها پڪ ڏياري ته پليجي صاحب کي رڳو پهچڻ ڏيو.......!! ڊسمبر 87 ۾ حسين بخش ناريجي جي پٽن جا طهر ٿي رهيا هيا ته پارٽي طرفان اسان کي اطلاع مليو ته “اپر سنڌ جي مک ساٿين جي گڏجاڻي نئين ديري ۾ حسين بخش جي گهر ٿيندي ان لاءِ اوهان ٻن ساٿين ڪرم وساڻ ۽ شاهنواز راڄپر کي اتي پهچڻو آهي، مونکي سرهائي ٿي ته پليجي صاحب جي موجودگيءَ ۾ اها پهرين گڏجاڻي ٿي رهي آهي يقينن شهيد فاضل جي پلاند ڪرڻ لاءِ ضرور پلاننگ ڪئي ويندي، سو مون مختلف رٿون جوڙي ورتيون ته جيئن گڏجاڻيءَ ۾ ڀرپور انداز ۾ رکي سگهان. نئين ديري ۾ سکر، خيرپور، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جا ٻه ٻه ساٿي پهتل هياسين. رات جي ماني کان پوءِ گڏجاڻي شروع ٿي جنهن ۾ شروعاتي طور عالم شاهه ڳالهايو. سندس سموري رپورٽ يوسف نانگي (اهو پارٽي ساٿي جيڪو ايماندار طور حمزي پليجي کي ڏنو ويو هو) متعلق ڳالهايو جنهن جو تت اهو ٿو بيهي ته “نانگو سپلاير آهي ۽ شهيد فاضل جي پٽ اسماعيل راهوءَ جو اصل خانو خراب ڪري ڇڏيو اٿائين ۽ جنهن جي ڪري اسماعيل راهو پارٽي کان پري ٿي چڪو آهي وغيره...!! مون رپورٽ به ٻڌي پئي ۽ اسماعيل راهو لاءِ ڪاوڙ واري انداز ۾ سوچي به رهيو هيس ته اسماعيل راهو ٿيندو ڪير آهي جو شهيد فاضل راهو جي پارٽي کان پري ٿيندو پيو وڃي، مون دل ۾ اهو پڪو پهه ڪيو ته سج اڀرڻ سان ڳوٺ وڃڻ بجاءِ لاڙڪاڻي کان سڌو حيدرآباد ويندس ۽ ادي شهناز راهو (شهيد فاضل راهو جي وڏي نياڻي) کي ساڻ ڪري اسماعيل راهو جي چڱي نموني خبر وٺندس. ان وقت منهنجي حالت اها هئي جو گڏجاڻي ۾ ڄڻ آءُ موجود ئي نه هيس، ڇو ته مون خيالن ئي خيالن ۾ اسماعيل راهو سان جهيڙو ٿي ڪيو. گڏجاڻي ۾ منهنجي اها حالت ٻئي ته ڪنهن محسوس نه ڪئي صرف ڀر ۾ ويٺل علي حسن ٻپڙ جيڪو منهنجو هم خيال هو ۽ اسان ٻئي گهاٽا دوست به آهيون، تنهن منهنجي اها حالت ڏسي ورتي ته هي ڪنهن ٻئي جهان ۾ آهي. تنهن مونکي ٺونٺ هڻي واپس گڏجاڻي ۾ آندو ۽ اک جي اشاري سان پڇائين ته ڇاهي؟ مون جلدي چٽ تي لکي ڏنس ته اسماعيل راهو سان جهيڙو. خير عالم شاهه جي رپورٽ ڏيڻ کان پوءِ پليجو صاحب کي ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو ته اسين سڀ همه تن گوش سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ تازا ٿي پياسين پليجي جيڪا تقرير ڪئي اها وري شهيد فاضل راهوءَ متعلق ۽ انهن ڄٽ پارٽي ساٿين لاءِ هئي جيڪي پلاند ڪرڻ لاءِ آتا هيا! سندس چوڻ هيو ته ڄٽن جي پارٽي اندر هاڻي ڪا به گنجائش ناهي، فاضل به ڄٽڪيون ڪندو هو، منجهس وڏيرڪيون خوبيون هيون ۽ هو هميشھ بيوقوفيون ئي ڪندو هو...!! اهو ٻڌي آءُ سوچڻ لڳس ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ مون پاسي کان ويٺل سائين ڪرم وساڻ کي ٺونٺ وهائي ڪڍي ته هي ڇا آهي؟ تنهن هٿ جي هلڪي اشاري سان چپ رهڻ لاءِ چيو. آءُ سوچيندو ئي رهيس ته اڃا فاضل جو ڪفن ميرو ته پري جي ڳالهه آ پر سندس خون جا نشان به ڪفن تان ڌنڌلا نه ٿيا آهن ۽ پارٽي قيادت طرفان مٿس ذاتي قسم جي شديد تنقيد ڪئي پئي وڃي آخر ڇو؟ سياسي لائن ۽ سوچ تي تنقيد پارٽي ادارن ۾ ٿيندي رهي آهي، پر هتي هڪ اهڙي پارٽي اڳواڻ تي ذاتي تنقيد ٿي رهي هئي يا اهڙا الزام ٿي لڳا جن جو مون ڪڏهن تصور به ڪو نه ڪيو هو، ڇو ته پارٽي جي مختلف ادارن ۾ مٿس ڪڏهن به اهڙن الزامن متعلق تنقيد نه ٿي هئي، حالانڪه شهيد فاضل ۾ سخت کان سخت تنقيدي جملا برداشت ڪرڻ جي صلاحيت موجود هئي، پوءِ سندس زندگيءَ ۾ ڇو نه مٿس اها تنقيد ڪئي وئي، ان رات مون کي ننڊ ڪا نه آئي، باقي رات ڪاڪي ارباب آگاڻي سان ٻاهر مچ ٻاري ويهي رهيس ۽ سوچيندو رهيس ته آخر هي ماجرا ڇا آهي؟ ايتري ۾ علي حسن ٻپڙ ٻاهر نڪري آيو ۽ چيائين ته سمهين نه ٿو، مون چيومانس ننڊ نه ٿي اچي! چيائين هي گڏجاڻي ۾ ڇا هيو جو هڪ اسماعيل راهو تي ڳالهايو ۽ ٻئي شهيد فاضل تي!؟ چيم اهو ئي ته سوچيان ويٺو جنهن جي ڪري ننڊ نه ٿي اچيم. ڪنهن کان به موڪلائڻ کان سواءِ فجر مهل سڀني کي ننڊ ۾ ستل ڇڏي، صرف ڪاڪي ارباب کان ئي موڪلايم جنهن دعائون ڪندي روانو ڪيو، ويگن ۾ چڙهي سکر هليو آيس. هاڻي مسئلو اهو سامهون آيو ته سنڌ مان پارٽي ڪنهن کي ٿي موڪلي يا ڪنهن جو نالو ٿي ڏئي. اي اين پي جي سينئر نائب صدر لاءِ، انهي سلسلي ۾ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ گهڻن دوستن جو اهو رايو هو ته اسماعيل راهوءَ کي سينئر نائب صدر ٿيڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته جيئن هو سياسي طور پرائي سگهي، ڪجهه ٿورن دوستن جو خيال هو ته هي انقلابي پارٽي آهي جنهن ۾ موروثيت ۽ ذاتيات جو تصور نٿو ڪري سگهجي. پوءِ واري حالت کان ته هر پارٽي جو دوست واقف آهي، هر ضلعي ۾ هيٺين سطح جي يونين تائين “موروثيت هڪ غلط لاڙو” جي عنوان سان هدايت ناما پڙهايا ويا، هر سطح تي بحث ٿيڻ لڳا. نيٺ عالم شاهه پارٽيءَ جو نائب صدر ٿيو ۽ ڄڻ ته سنڌ جو ڪو وڏو مسئلو حل ٿي ويو. سوال اهو ناهي ته اسماعيل راهوءَ کي موقعو ڇو نه ڏنو ويو؟ اصل ڳالهه روين جي آهي، احساس محروميءَ وارا رويا ئي ماڻهو کي خسيس بڻائيندا آهن. شهيد فاضل جو قتل ڪيس جلد ئي قاتل ڌر طرفان بدين کان ڪراچيءَ ڏانهن منتقل ڪرايو ويو. شهيد فاضل جو وڪيل عبدالسلام انصاري هو جيڪو حيدرآباد جو تمام ماهر وڪيل رهيو آهي.اهو به سرڪار پاران ئي اسان تي رحم کائيندي ڏنو ويو هو ته ڇا ياد ڪندا، ان (قتل ڪيس) متعلق اسان جي پارٽي ۽ قائد جا ڪهڙا ويچار هيا؟ پارٽي قتل ڪيس جو ڪراچي ڏانهن منتقل ٿيڻ کانپوءِ ان جي پوئواري ۽ مالڪي مان ڇو هٿ ڪڍي وئي؟ آخر ان جا سبب ڪهڙا هيا؟ ڪيس ۾ پيش ٿيندڙ اکين ڏٺن شاهدن جمن سولنگي، جعفر جاکرو ۽ حسن لوهار کي گولاڙچي شهر ۾ ڌمڪيون ملنديون رهيون ته “خبردار جيڪڏهن توهان فاضل راهو جي حق ۾ ۽ اسان جي خلاف شاهديون ڏنيون ته اوهان جو حشر به اهو ٿيندو جيڪو فاضل راهو جو ٿيو آهي” ان صورتحال کان پوءِ فاضل جي پارٽي دشمن جي ڌمڪائڻ واري عمل تي ڪهڙو رد عمل ڏيکاريو ۽ ڪهڙي رٿابندي ڪئي ته جيئن ڪيس جي شاهدن جيڪي به پارٽي جا ڪارڪن هيا انهن جو تحفط ڪري سگهجي؟ پر ڪنهن ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ جي به تڪليف ڪا نه ڪئي نتيجي ۾ پارٽي کان ڪارڪنن ۾ مايوسي پکڙجڻ لڳي. خود گولاڙچي سرڪاري اسپتال جو ڊاڪٽر لطيف کهڙو جيڪو چانڊڪا ڪاليج جي زماني کان منهنجو دوست رهيو آهي جڏهن اهو ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ مون سان مليو ۽ ڪيس متعلق مون کي ٻڌايائين ته “مون تي گهڻو دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته حاضرين تي به پيش ٿي، تون جيئن چوندين ايئن ٿيندو ٻي صورت ۾ تو لاءِ سٺو نه ٿيندو يعني ان کي ڌمڪائڻ ۽ لالچون ڏيڻ جو ڪم دشمن طرفان ٿي رهيو هو. مون جڏهن ڊاڪٽر لطيف کي چيو ته “يار پرواهه نه ڪر اهڙي ڳالهه ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ توکي ڪجهه نه ٿيندو، تنهن تي مون کي چيائين ته “منهنجو فڪر ڇڏيو، پنهنجي شاهدن جو بچاءُ ڪريو جيڪي ڪيس تي به ڪو نه ٿا اچن. اها هئي شهيد فاضل جي پارٽي جي حالت، ٻيو ته ڇڏيو پر ڪيس هلڻ دوران ته محترم رسول بخش پليجي جا اهي لفظ ته “چانگ (يعني شهيد فاضل جا قاتل) بيوقوف آهن مون کي وڪيل ڪن ها ته آءُ کين ماڻهو جلدي ۾ ئي ڇڏرائي ڏيکاريان هان.....!!” انهي عمل ۽ رويي کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ ٻيو ته ٺهيو پر جڏهن 12 مئي 1990ع ۾ ڪيس جي فتويٰ آئي پئي ته پليجي صاحب کي چيو ويو ته “سائين اڄ شهيد فاضل راهو جي ڪيس جي فتويٰ آهي هلو ته ڪورٽ ۾ هلون!” تنهن تي به سندس جواب اهو ئي هيو ته “ڇا مون کي ٻيا اهم ڪم ڪونهن؟ ڇا هي دنيا جو ايڏو وڏو ڪيس آهي جنهن کي آءُ ٻڌڻ هلان!!” پليجي صاحب سان اها آخري حجت جنهن به ڪئي اسان ان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. هاڻ ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ کپي ته زندهه فاضل کان شهيد فاضل وڌيڪ چڀندڙ ۽ اک جو ڪنڊو آهي..!! هينئر ويب سائيٽس تي ڏيکاريو پيو وڃي ته “عوامي تحريڪ کي پليجو خاندان ۽ بلوچ فيملي ئي منظم ڪري هلايو! ته پوءِ ٻيا ڪارڪن ۽ اڳواڻ ڪيڏانهن ويا!؟ آخري ڳالهه پڇندس ته 1980ع ۾ اسان جي پارٽي وٽ ٽيهه هزار ڪونه هيا، پر اٺن سالن بعد جڏهن ملڪ ۾ عام چونڊون، ٿيون هيون تڏهن پليجي صاحب جو چونڊن وارو خرچ لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪروڙ جي وڃي بيٺو هو. اهي پئسا ڪٿان کان آيا؟ ٻيو ته اليڪشن دوران جڏهن سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ پيپلز پارٽي سان ڳالهايو ويو ۽ شهيد محترمه بينظير اسماعيل راهو واري صوبائي سيٽ ڏئي رهي هئي ته اها ڇو نه ورتي وئي. محترمه بينظير ڀٽو جو اهو چوڻ هيو ته شهيد فاضل راهوءَ جون جمهوريت لاءِ وڏيون قربانيون آهن تنهن ڪري اها سيٽ سندس قربانين ۽ خدمتن جي مڃتا طور سندس پٽ کي ڏئي رهيا آهيون. پر شهيد فاضل جون جمهوريت، عوام جي خوشحالي، پورهيت انقلاب لاءِ ڏنل قربانيون سندس ئي دوست کي قبول ڪو نه هيون.... آخر ڇو؟ مون کي اڃا به ڪيترائي سوال پڇڻا آهن. انهي سڄي کوجنا ۽ واقعن جي تسلسل ۾ مون کي اهو ئي جواب مليو آهي ته ... “تير لڳڻ کان پوءِ جڏهن مون پوئتي نهاريو ته، توسان ئي ملاقات ٿي وئي..!! (پندرنهن وار “افيئر” ۾ شايع ٿيل)

Sunday, January 22, 2012

مڙيا مڇ هزار ڀاڱا ٿيندي سهڻي


منهنجي ڊائريءَ مان هڪ ورق


12مئي 1999...ٽائيم 11.15 رات


  ڪاليج اندر فرسٽ ييئر ۽ انٽر جا امتحان جاري آهن. انڪار جي باوجود امتحاني ڪم ۾ جوٽيو ويو آهيان. هينئر امتحان اجھو هي؛ ٽائيم تي شاگردن کي سوالي ۽ جوابي ڪاپيون مهيا ڪيون ٿا. کين هرروز سوالي ڪاپي ڏيڻ بعد اهو تاڪيد ڪندا آهيون ته “بابا جلدي جلدي ڳائيڊن مان جوب ڳولهي ڪڍي وٺو ۽ باقي ۽ باقي ڪتاب يا مواد اسان جي حوالي ڪيو”. ان بعد لڳي ويندا آهيون جوابي ڪاپين تي صحيح ڪرڻ کي، حاضريءَ وارو پنو ڀرڻ ۽ شاگردن کان صحيح ڪرائڻ مان فراغت بعد سڪون سان ڪاپي جي ڪم ۾ رڌل شاگردن تي هڪ مهربان نظر ڦيرائيندا آهيون ۽ آرس ڀڃي، هڪ عدد اوٻاسي ڏيئي پنهنجي ڪنهن ڪليگ کان پڇندا آهيون ته اڃ چاءِ الائي ڇو دير ڪئي آهي ته ان وچ ۾ ڪو نه ڪو شاگرد اٿي بيهندو آهي يا اشارو ڪندو آهي ۽ اسين فرمانبردار نوڪر وانگي وٽس وڃي پهچندا آهيون. اهو گھڻو ڪري گائيڊ مان ڳوليل جواب کي سوال سان ڀيٽائي ان جي درستگيءَ جو تعين اسان کان ڪرائيندو آهي ۽ اسان (اسان مان مراد گھڻو ڪري سڀ انويجيلٽر) پنهنجي علمي قابليت جي ڌاڪ ويهارڻ خاطر سوال ۽ جواب تي هڪ نظر ڦيرائي کين ان جي صحت بابت آگاهه ڪندا آهيون. موٽ تي گڏ ڏيوٽي ڪندڙ ٻئي انويجيلٽر سان شاگردن جي پڙهائيءَ ۾ عدم دلچسپي ۽ سندن نااهليءَ تي ٽوڪ زني يا ڪو اگرو تبصرو ڪري پيا امتحاني هال ۾ مٽر گشت ڪندا آهيون. اڄ ڪالهه شاگرد انويجيلٽر کان ته هڪ ٽڪو به لڪ لڪاءُ نه ٿا ڪن، ويتر انهن کي جهڙوڪر مددگار بنائي ڇڏيو اٿن. انويجليٽر محض جواب جي صحيح هجڻ جي تصديق وارو نيڪي جو ڪم ئي ناهن ڪندا، پر ڪي وڌيڪ ڪوآپريٽو قسم جا استاد ڳائيڊن مان سوال ڳولهي شاگردن جي تريءَ تي رکڻ جو ثواب به ڪمائيندا آهن. اڳ شاگرد انٽرنل يا ايڪسٽرنل کان ڪجھ اک هڻندا هيا پر هاڻي انهن کان لڪائي ڪاپي ڪرڻ وارو “فيشن” به پراڻو ٿي چڪو آهي. بس ڏئي وٺي ڪا بورڊ جي ٽيم آئي يا ڪو انتظاميه جو عملدار يا ميجسٽريٽ ايندو آهي ته انهن کان “ڪن هڻبو” نه ته مڙوئي خير. استاد پنهنجيون ڊيوٽيون پنهنجن پٽن يا ويجھن عزيزن جي بلاڪن ۾ هڻائي سندن ٻيڙو ساحل تائين پهچائڻ جا انتظام ڪندا آهن. ڪجھ پروفيسر اهڙا به آهن جيڪي شاگردن کي ٽيوشن ان گرنٽيءَ سان ڏيندا آهن ته اوهان کي سٺن مارڪن ۾ پاس ڪرائڻ سندن فرضِ منصبي آهي. امتحان جي سيزن ۾ انهن پنهنجن شاگردن جي ڀرپور مدد ڪندا آهن، پيپرن جي چڪاس ۾ انهن جا پيپر ڳولهي هٿ ڪري کين ڀليون مارڪون ڏياريندا آهن. پوءِ جي خوشقسمتيءَ سان انهن مان ڪو ڇوڪرو پوزيشن کڻندو آهي ته ان کي پنهنجي عظيم ڪاميابي ڄاڻائي وري ٻئي مرحلي لاءِ “گراهڪ” ڦاسائڻ واري عمل ۾ ان کي سندَ طور پيش ڪندا آهن. پٽيوالا ڪجھ ڇوڪرن سان “ڊيل” هينئن ڪندا آهن ته شاگردن کان پئسه اوڳاڙي استادن کي ايلاز منٿون ڪري سوالن جا جواب هٿ ڪري پنهنجي ڪلائنٽ تائين پهچائيندا آهن پر جيڪي پهرين جوڙ جا حرفتي پٽيوالا هوندا آهن اهي ٻاهر حل ٿي آيل ڪاپيءَ کي وڏي چالاڪي سان واسطيدار ڇوڪري تائين پهچائي پنهنجي “روزي حلال” ڪندا آهن. هن “خير جي ڪم” پوليس وارا پنهنجو شاندار پارٽ ادا ڪندا رهندا آهن. سڀئي ملي جلي ڪري تعليم جي لاش کي ڳجھين وانگر پٽين ٿا.... امتحان فراڊ آهن، ڌوڪو آهن، اسان سڀني جي منهن تي دانگي جي ڪارنهن آهن. ان صورت ۾ ڪيئن تعليم جو سرشتو سڌري سگھندو. جيڪي چالاڪ آهن، جيڪي پئسي جي ڏيتي ليتي ڪري ڄاڻن، جيڪي ٺيڪدار قسم جي استادن سان لهه وچڙ ۾ هوندا آهن اهي سؤ فيصد ڪامياب ۽ ڪامران هوندا آهن. گذريل يونيورسٽيءَ جي امتحانن ۾ بي ڪام ۾ پهرين پوزيشن هڪ پروفيسر جي پٽ کنئي جڏهن ته ان ڀلجي ڪڏهن ڪلاس روم جو منهن به نه ڏٺو هيو ۽ باگڙجيءَ جو سيد ڇوڪرو جنهن پوري سيشن ۾ شايد هڪ ڏينهن به گسايو نه هيو ان کي ڪنڊون ڪري پاس ڪيو ويو آهي. مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي......

Monday, November 21, 2011

مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان جلدي بستري حوالي ٿيڻ ٿو چاهيان

ڪالهه رات دير تائين روهڙي جي قاضي محلي ۾ سائين علي حسين قاضيءَ جي اوطاق تي راڳ رنگ جي محفل ۾ مگن هياسين. ان محفل ۾ سائين غلام مرتضى لانگاهه،



قاضي علي حسين، استاد علي بخش شيخ، مير حسن سيال، الطاف ۽ مون (امير گل ڪٽوهر) سميت ڪجھه ٻيا دوست موجود هيا. جيئين جيئن رات پئي ٺري ته سازن ۽ سرن ۾ سرور پئي ويو وڌندو. دل ئي نه پئي چاهيو ته ان محفل جي ڪا پڄاڻي ٿئي. محفل جي وچ وچ ۾ سياست، سنڌ، موسيقي، تعليم، جي موضوعن تي به ويچار پئي ونڊيا سين. قاضي علي حسين سائين اسان جي اهڙن محفلن سجائڻ جو روح روان هوندا آهن. سائينجن ئي پنهنجي موسيقي جي استاد سائين علي بخش شيخ جن کي دعوت ڏئي گھرايو هيو جيڪي راڳ جا ڄاڻو ته آهن ئي سهي، ان سان گڏ سريلي آواز وارا ۽ موسيقي جي انسٽرومينٽ وڄائڻ جا به ماهر آهن. ساڻس گڏ مير حسن سيال (جيڪو تمام سٺو اڀرندڙ راڳي آهي) ۽ ڍولڪ تي سنگت ڪرڻ لاءِ سائين الطاف جن کي به هيا. راڳ رنگ جي وچ ۾ چانهن جا دؤر به پئي هليا. مون ان محفل کي پنهنجي موبائيل جي ڪيمرا ۾ وڊيو رڪارڊ به پئي ڪيو. جيئن ته سندس بئٽري ڊائون هئي ان ڪري وقفي وقفي سان چارج تي رکڻ ڪري ڪجھه سريلا ڪلام رهجي به ويا. جيئين ته اها سڄي رڪارڊنگ موبائيل ۾ ڪئي هئم ان ڪري ان جي تصويرن توڙي آواز جو معيار سٺو نه هيو. پر مون ان ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ بنا اهي ڪم پئي ڪيا ته جيئن انهن گھڙين کي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ محفوظ ڪري ڇڏيان. ڪجھه ڏينهن اڳ سائين ظهور احمد سولنگيءَ سان نيٽ تي چيٽ پئي ڪيم ۽ کيس اهڙي هڪ محفل جو احوال ڏنو هوم، سائين جن مون تي زور ڀريو هيو ته معيار پنهنجي جاءِ تي پر اسان کي جيترو ٿي سگھي اهڙن محفلن، ڪچهرين، بحثن کي فلم بند، قلم بند يا آواز بند ضرور ڪرڻ گھرجي. ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي هڪ اڌ اسم کي ڇڏي لڳ ڀڳ سموري محفل کي رڪارڊ ڪري ڇڏيو. رات جو ٻارهين کن جڏهن سکر گھر پهچي انهن فائيلس کي يو ٽيوب تي اپ لوڊ ڪرڻ لڳس، انٽرنيٽ جي ڍري اسپيڊ ڪري اهو ڪم ويو اينگھجندو ۽ رات جا ساڍا ٽي ٿي ويا. بهرحال تيستائين ٽي چار اسم يوٽيوب تي اپ لوڊ ڪري ڇڏيا هئم. آذان جي آواز کان ٿورڙو اڳ وڃي بستري حوالي ٿيس. صبح جو ڇهين ساڍي ڇهين جي لڳ ڀڳ اک کلي انوقت بجلي بند هئي. جيئين ته مون واري موبائيل جي بيٽري بلڪل ڪنزيوم ٿي چڪي هئي ان ڪري ڪنهن به يار دوست سان رابطي کان محروم هيس. نيٺ دير سان بجلي آئي، موبائيل کي چارج ڪري تڙ تڪڙ ۾ تڙ ڪري وري روهڙي سائين قاضي صاحب جي اوطاق تي ترسيل سائين غلام مرتضى لانگاهه جن کي موٽر سائيڪل تي کڻي سکر آياسين. سکر ۾ فقير محمد فائونڊيشن پاران مهاڻن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان هڪ پروگرام سنڌوءَ جي پيٽ ۾ رکيو ويو هيو



جنهن ۾ انهن دريائي وڏا ٻيڙا بوڪ ڪرائي ڇڏيا هيا انهن تي لب مهراڻ کان چڙهياسين ۽ سنڌوءَ جي پيٽ ساڌ ٻيلي کان ٿورو اڳ لينسي ڊائون پل جي ڀرسان پهچي واپس ٿياسين. زبردست سين هيو. هڪ ٻيڙي ۾ مڱڻهار فقير سازن سروندن سان ڳائي وڄائي رهيا هيا، هڪ ۾ سکر جا ڪاهوڙي صحافي سنڌوءَ جي سونهن ۽ سوڀيا کي پنهنجي ڪيمرائن جي اکين ۾ محفوظ ڪري رهيا هيا. سنڌو جي پيٽ ۾ سيرڪندي دريا جي ٻنهي ڪنارن سان گڏ سکر ۽ روهڙي شهر جي هڪ نئين انداز جي سونهن ۽ سوڀيا کي پسيو سين. اهو حُسن دريا جي ڪنارن تان بيهي ڪنهن به صورت ۾ پسي نه ٿو سگھجي. دريا ۽ مهاڻي جو رشتو اهڙو ئي آهي جهڙو امڙ جو پنهنجي اولاد سان هوندو آهي. سکر جي مهاڻا (ملاح ۽ ميراڻي) برادريءَ کي پنهنجن سياستدانن سان سخت قسم جو شڪايتون آهن، جن جو هنن برملا اظهار پڻ ڪيو. سندن چوڻ هيو ته اهي هن ڌرتي، سنڌوءَ جا صدين کان وارث آهن پر هي ڌرتي ۽ سنڌوءَ جون ڇوليون کانئن کسڻ جو سازشون چوٽ چڙهيل آهن . اڳواڻن مرحوم فقير محمد ميراڻي جي تمام گھڻي واکاڻ پئي ڪئي جنهن پنهنجي اولاد کي تعليم جي زيور سان مالا مال ڪيو. جنهن جو نيڪ اولاد جهڙوڪر سرجن ڊاڪٽر شاهد حسين ميراڻي،



پنهنجي برادري سان گڏ سڀني سنڌي ماڻهن جي خدمت پيو ڪري. نوجوان پروفيسر ساجد حسين ميراڻي پنهنجو مٽ پاڻ آهن.



سڀاءَ جا سلڇڻا شاهه عبدالطيف يونيورسٽيءَ جي پبلڪ ايڊمنسٽريشن شعبي ۾ ليڪچرار آهن. اڄ ڪالهه مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ايم فل پيا ڪن. يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ سندن پي ايچ ڊيءَ ۾ داخلا پڻ ٿي چڪي آهي. ان کان علاوهه هن محفل ۾ سکر جو ڄاتل سڃاتل سماجي ورڪر سائين دلبر ميراڻي، بئنڪر اشفاق ميراڻي ۽ برادريءَ سان تعلق رکندڙ سوين ننڍا توڙي وڏا موجود هيا. ان يادگار سفر مان موٽي وري ڪاليج جو رخ رکيو سين جتي سائين غلام مرتضى لانگاهه ۽ وفا شاهه صاحب جن جي ڪچهري ڪاليج جي پروفيسرس سان رکي هئم. ياد رهي ته اهي ٻئي ڄڻا سائين اسد منگي ۽ مان تازوئي آغا خان يونيورسٽيءَ مان ايم ايڊ ڪري آيا آهيون. ڪاليج اندر سائين زبير مڱريو، پروفيسر نعيم صادق، ذالفقار پنهور ۽ ٻين دوستن سان ڀرپور علمي بحث مباحثو ٿيو. ان ڳالهه تي متفق ٿياسين ته اسان سڀني کي پنهنجي صلاحيتن ۽ وسيلن آهر تعليمي ترقيءَ لاءِ جاکوڙڻ گھرجي. دوستو مان ان سڄي ڊيگھه مان چوڻ اهو ٿو چاهيان ته هنوقت ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان، جلدي بستري حوالي ٿيڻ ٿو چاهيان ته جيئن ڪالهه کان ڏينهن رات وٺ وٺان مان پيدا ٿيل چور چور جسم کي ڪجھه فرحت ملي سگھي. وري ملنداسين ڪجھه نون ڳالهين، واقعن ۽ تبصرن سان گڏ...موڪلاڻي ناهي. سدائين گڏ...







Thursday, November 17, 2011

پاڻيءَ مٿي جھوپڙا مورک اڃ مرن

 


اسين ايڪويهن صديءَ ۾ رهون ٿا جيڪا ڊسڪوريءَ جي صدي آهي، جنهن ۾ انسانذات جيڪا ترقي ڪئي آهي ان جو اڳ مثال به نه ٿو ملي. اڄ سيٽلائٽ جي سهولت جي ڪري انفارميشن جو هڪ نه کٽندڙ طوفان آهي جيڪو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ واقعن ۽ لقائن کي هڪ لحظي اندر پوري دنيا ۾ ڦهلائي ٿو ڇڏي. انٽر نيٽ ذريعي سڄي دنيا جا ماڻهون هڪ ٻئي سان تمام آسانيءَ ۽ سستائي سان رابطو ڪري رهيا آهن ته ان ذريعي ڪروڙين قيمتي دستاويز، تعليمي، ثقافتي، تاريخي، تهذيبي، فنون لطيف سان واسطو رکندڙ لکين فائيل هڪ ٻئي سان ونڊي رهيا آهن. هاڻي ڄاڻ تي ڪنهن جي به هڪ هٽي ناهي رهي. انٽرنيٽ ذريعي ماڻهون رابطن جو جهان جوڙي لکن جا اجتماع ڪري رهيا آهن. دنيا جي ملڪن سمنڊ جي پاڻيءَ کي صاف ڪري پيئڻ جي لائق بڻائي ڇڏيو آهي. روڊ، ريل، جهاز ۽ پاڻيءَ جي ٻيڙن ذريعي سفر جا بي شمار فرحت ڏيندڙ وسيلا جوڙيا ويا آهن.


ٻئي پاسي اسين آهيون جيڪي هن ايڪويهين صديءَ ۾ به انسان جي لاءِ جيڪي انتهائي ضروري شيون آهن انهن کان بلڪل محروم آهيون. مثال طور سکر شهر جي رهواسين کي اڳوڻي دؤر جي بادشاهه سائين ناصر شاهه جي دؤر ۾ ميونسپل وارن پاران جيڪو پاڻي ملندو هيو اهو ڪنهن به صورت ۾ پاڻي چورائڻ جي لائق نه هيو. سکر جي ساڃهوند ماڻهن ارباب اختيار اڳيان ڪيئي دفعه کليل ڪچهرين ۾ اها ڳالهه برملا چئي هئي ته خدا جي واسطي شهر واسين کي اهو انساني غلاظت سان ڀرپور پاڻي نه پياريو پر ڪجھ به نه وريو. سنڌ جي ماڻهون کانئن بلڪل مايوس ٿي ويا هيا ۽ انهن سوچيو هيو ته بادشاهه ناصر حسين سندن اهو آواز اصلي ڪونه ورنائيندو ان ڪري انهن سائين خورشيد احمد شاهه اينڊ ڪو کي عوامي اڳواڻ سمجھي ووٽ ڪيو ۽ کانئس اها اميد رکي هئائون ته سائين جن جڏهن وزير نه هيا ته پاڻ ريجنٽ جهڙي علائقي ۾ رهندا هيا ۽ کين ماڻهن جي مسئلن جي خبر هوندي ۽ اهو ايندي ئي سندن گھٽ ۾ گھٽ صاف پيئڻ جي پاڻي وارو پراڻو مسئلو ضرور حل ڪندا. سائينجن جڏهن کان وزير ٿيا آهن سکر جي حالت ۾ ذري برابر سڌارو اچي نه سگھيو آهي. روڊ ساڳي نموني اڊڙيل آهن، تعليم تباهه آهي، شهر ۾ آلودگي حد کان وڌي ويئي آهي ۽ پيئڻ لاءِ اهو ساڳيو انساني مُٽ گاڏڙ پاڻي مهيا ڪيو پيو وڃي. هاڻي ته حد اتي وڃي بيٺي آهي ته اهو پاڻي به پنجن ڏينهن کان بند آهي. مون سميت اسان جي پنجن ڪليگس پنهنجا ٻار ڳوٺ موڪلي ڇڏيا آهن جو ايترو پاڻي به گھر ۾ موجود ڪونهي ته ننڍي ٻارن جي گندگيءَ کي صاف ڪري سگھجي. سکر دريا جي ڪناري تي جڙيل آهي، جنهن ۾ بئراج لڳل آهي ۽ ان بئراجي علائقي ۾ ٻاروهي پاڻي جو تمام وڏو ذخيرو جمع ٿيل هوندو آهي. پر ان هوندي ماڻهون هڪ هڪ بوند جي حاصلات لاءِ پاڻي جا ڏونگا کنيو در در ڀٽڪندا پيا وڃن. هاڻي ماڻهون اهو چوڻ لاءِ مجبور ٿي پيا آهن ته جيڪڏهن پنهنجي دؤر ۾ سائين ناصر حسين شاهه بادشاهه هيو ته اڄوڪي دؤر ۾ وري سائين خورشيد احمد شاهه صاحب جن شهنشاهه آهن.


گھڻي ڊيگھ کان پاسي ٿيندي بس ايترو لکندس ته بقول لطيف سائين جي ته؛


پاڻيءَ مٿي جھوپڙا مورک اڃ مرن. 


 

 

پاڻيءَ مٿي جھوپڙا مورک اڃ مرن....

Thursday, October 27, 2011

سکر بورڊ جي چيئرمين سيد غلام مجتبى شاهه صاحب کي مبارڪباد.

اها ڳالهه سيد غلام مجتبى شاهه صاحب کي ثابت ڪرڻي پوندي ته واقعي سندس مقرري سٺو عمل آهي. جيئين ته سائين جن ڪاليجي استادن جي تنظيم سپلا ۾ به ڪم ڪري چڪا آهن ۽ سندن انوقت استادن جي حقن لاءِ سٺي ڪنٽريبيوشن هئي پر هاڻي اهي سپلا جا نمائندا ناهن هڪ اهم اداري جا سربراهه آهن جتي کيس يارن کي راضي رکڻ بجاءِ سنڌ جي ٻورڊن اندر انتها تي پهتل بدديانتين تي ڌيان ڏيڻو پوندو. سنڌ کي بچائڻو آهي ته سنڌ جي تعليم کي بچايڻو پوندو. جيڪي ادارا اهو خير جو ڪم سرانجام ڏيئي سگھڻ جي قابل آهن انهن ۾ اسان جا اهي انٽرميڊيئيٽ ۽ سيڪنڊري بورڊ وڏي، اهم، سگھاري جاءِ والارين ٿا. پر افسوس ته ماضيءَ ۾ ڪنهن به سرڪاري بورڊ ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو. ڪاپي ڪلچر، پئسن تي پوزيشنون ڏيڻ، بورڊ جي ملازمن جي ٻارن جون پوزيشنس اچڻ، تمام دير سان رزلٽن جو اچڻ، امتحان جو انتهائي ناقص طريقه ڪار، اسيسمنٽ نالي ۾ عظيم مشڪري، شاگردن ۽ شاگردياڻين جو بورڊن جي درن تي سرٽفيڪيٽس حاصل ڪرڻ لاءِ ڌڪا کائڻ، بورڊ جي ملازمن هٿان سندن بي عزتيون ڪجھ ڪارستانيون آهن جيڪي اسان جي بورڊن ڪرتا ڌرتائن جو شيوو رهيا آهن. سپلا سائين جن کي مبارڪباد ڏني آهي ان جو جواب سائين جن کي بورڊ اندر مثبت تبديلين سان آڻڻ گھرجي. جي سائيجن اهو سڀ ڪجھ ڪيو ته مان کيس يقين سان چوان ٿو ته تاريخ ٿي سگھي ٿو ته سندس ڀاءُ وفاقي وزير خورشيد احمد شاهه کي ته وساري ڇڏي کيس ضرور ياد رکندي، ٻي صورت ۾ سائين جن به هڪ روائتي طاقتور وزير جا ڪاموري ڀاءُ جي حيثيت سان سڃاتا ويندا. سڀ ڪجھ سندس هٿ ۾ آهي.

Wednesday, October 26, 2011

سنڌ جي تعليمي ترقيءَ جا خواهشمند ضرور پڙهن



خيبر پختون خواهه ۾طالبان جو زور آهي جيڪي سڀ کان وڌيڪ تعليم دشمن آهن. کين خاص ڪري ڇوڪرين جي تعليم ته سراسر ڪفر لڳندي آهي، ان ڪري ڳولهي ڳولهي ڇوڪرين جي اسڪولن جون اڪثر عمارتون ڊاهي پٽ  ڪري ڇڏيون اٿن. ڊان جي 26 آڪٽوبر 2011 جي شماري ۾ هڪ رپورٽ خبر ٿي آهي ته هڪ نوجوان ڇوڪري پنهنجي مڱينديءَ کي اسڪول وڃڻ کان روڪيو پر ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي مهناز سندس اهڙي ڳالهه کي نظر انداز ڪندي اربع ڏينهن اسڪول وڃي رهي هئي ته سندس ان مڱيندي اسڪول ويندڙ رستي تي کيس قتل ڪري ڇڏيو.


سنڌ اندر اهڙي ڪابه صورتحال ناهي. ٻهراڙي جا ڪجھ ماڻهون يا نوجوان بي سمجھيءَ ڪري کڻي ڇوڪرين جي تعليم کي سٺو نه سمجھندا هجن پر اهي ان انتها تائين وڃڻ جو سوچي به نه ٿا سگھن. سنڌ اندر ڪوبه اسڪول ان ڪري ڪڏهن به ڊاٿو ناهي ويو ته اهو ڇوڪرين جو آهي. سنڌ جو اڪثريتي عوام پنهنجي سمورن ٻارڙن بشمول نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جو دلي خواهش مند آهي. ان سوچ جو مظهر اهي سرڪاري اسڪولي عمارتون آهن جيڪي ڳوٺاڻن وڏين سفارشن ۽ رشوتن عيوض پنهنجن ڳوٺن ۾ جوڙايون آهن ته اتي سندن ٻار علم جي اڃ اجھائيندا. هت سوال هي آهي ته ان سڀ هوندي به سنڌ جي تعليم خيبر پختون خواهه جي معيار کان تمام گھڻي پوئتي پيل آهي. ان جو هڪ ننڍڙو ۽ واضع ثبوت ملڪ کي هلائيندڙ ڪامورن جي چونڊ يعني سي ايس ايس جي امتحان ۾ پاس ٿيندڙ  اميدوارن جا انگ اکر آهن،  جنهن مطابق سنڌ جو نمبر پنجاب، خيبر پختون خواهه کان پوءِ ٿو اچي.


اها حالت انتهائي تشويشناڪ ته آهي پر ان جو ڪارڻ ڳولهڻ ڪو ايڏو ڏکيو ناهي جيڪو اسان کي اچرج ۾ وجھي ڇڏي. جيئن ٻيا سرڪاري محڪما شديد بدعنواني جو شڪار آهن،  ساڳيو حال تعليم کاتي جو به آهي. ڪنهن به محڪمي ۾ سواءِ رشوت جي ڪم ٿئي اهو ممڪن ئي ناهي. سرڪاري ملازم پنهنجي نوڪريءَ کان سواءِ هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن. اهو ساڳيو حشر تعليم کاتي سان به آهي. جتي ملازمن جي ڀرتيءَ کان وٺي سندن پوسٽنگ تائين سياسي مداخلت ڪنهن کان لڪل ناهي. ووٽرن کي راضي ڪرڻ ۾ ٻه محڪمه پنهنجو مٽ پاڻ آهن، پهريون تعليم کاتو ۽ ٻيو صحت کاتو. اسان جا اڪثر سياستدان پنهنجي سياسي دڪانداري کي چمڪائڻ لاءِ تعيلم ۽ صحت کاتن سان روز روز زبردستي زنا وارو عمل ورجائيند رهيا آهن.   آغا خان يونيورسٽي_ انسٽيٽوٽ فار ايجوڪيشنل ڊويلپمنٽ ۾ ايم ايڊ ۾ ٿيسز لاءِ   مان مواد گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ مون ڪيترن ئي گورنمنٽ ڊگري ڪاليج جي پرنسپلس جا انٽرويوڪيا هيا. هڪ عورت پرنسپل پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو هيو ته سندس ڪاليج ۾ سڀ کان وڏو درد سر اهي ننڍا ملازم آهن جيڪي تازوئي سياسي بنيادن تي ڀرتي ٿي آيا آهن. اهي ڪم ته پنهنجي ايم اين اي جي گھر ۾ ڪندا آهن بس مسٽررول تي حاضري ڀرائڻ لاءِ سندن ڪاليج اندر اچڻ ٿيندو آهي. انهن کي جڏهن ڪاليج جي ڪم ڪار لاءِ چوندا آهيون ته ويتر اهي اسان تي اکيون ڦوٽاريندا آهن. ان کان سواءِ جيڪي انتظامي شعبا آهن انهن تي اهي ماڻهون مقرر ٿيل آهن جيڪي به اسان جي عقل کان وانجھيل سياستدانن جا دادلا ۽ مٽيون ڀريندڙ آهن. اتر سنڌ جي قبائلي علائقي مان مون سان گڏ ايم ايڊ ڪندڙ منهنجي سدا بهار دوست هڪ اهڙي ڳالهه ٻڌائي هئي جيڪا زندگي ڀر مون کان وسري نه سگھندي. ان ٻڌايو هيو ته سندس تر جي هڪ استاد سندس علائقي مان آنڱوٺي ڇاپ وڏيري جي پيرن تي ڪري ايلاز پئي ڪيا ته “خدا جي واسطي مون کي هڪ دفعو تعليم کاتي جو ايِ ڊي او بڻايو پوءِ پادر هڻي مون کان ڪم وٺجو”. هاڻي جڏهن اهڙا جتيون چٽيندڙ تعليم کاتي جا ڪامورار مقرر ٿيندا ته اهو کاتو ڪهڙيءَ طرح سڌري سگھي ٿو. هن وقت تعليم کاتو انڪم ٽيڪس کان به وڌ ڪمائي وارو کاتو بڻجي پيو آهي. بدلي هجي يا پوسٽنگ، داخلا هجي يا ڪو ٻيو ڪم بنا رشوت جي ڪلارڪ ڪڙو هڪ ڪرسي کان اٿي ٻي ته به ويهڻ گوارا نه ڪندؤ. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ هيڊ ٽيچر، پرنسپل، ۽ وائيس چانسلر به جڏهن پنهنجي پنهنجي سيٽ جي مناسبت سان ڏوڪڙ ڏيئي اها ڪرسي والاريندا ته انهن جي ايجنڊا تي تعيلم جي سڌاري ۽ واڌاري کان سواءِ باقي سمورا مال ميڙڻ جا اسم زير غور ضرور ايندا.


ڳالهه اتي ئي ختم ٿئي ها ته به خير هو،  پر اسان جي تعليمي ادارن ۾ پرائمري کان وٺي يونيورسٽي ليول تائين جيڪي استادن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ جوڙيل تنظيمون جهڙوڪر “پ ٽ الف”، “گسٽا” “سپلا” آهن انهن جي ايجنڊا تي به تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري جو ڪو پروگرام ناهي. اهي استادن جي پگھارن، پوسٽنگس، ۽ ٻين سهولتن جي حاصلات لاءِ ته مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن پر انهن مان ڪنهن به ڀلجي ڪڏهن تعليم جي سڌاري، اسڪولن جي تالا بندي يا انهن کي گودام طور استعمال ڪرڻ، ان جي معيار کي بلند ڪرڻ، استادن جي غير حاضري ۽ پنهنجي ڪم کان ڪن لاٽار متعلق ڪو جلوس، ڪا بک هڙتال نه ڪئي آهي. اهي استادن جي حقن جي ڳالهه ته ڪندا آهن پر استادن کي ڀلجي ڪري به پنهنجي فرض طرف راغب ڪرڻ لاءِ ڪجھ به ناهن چوندا.



آخر ۾ سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر ڪجي ته ڇا ڪجي؟ جيڪي سنڌ سان سچا آهن، جيڪي سنڌ جي تعليم جي واڌاري جو دلي درد رکن ٿا،  جيڪي واقعي به هن مظلوم قوم جي زندگين ۾ حقيقي تبديليءَ جا خواهشمند آهن، انهن جو اندر جلي ڪوئلو ٿي ويو آهي. هت مان هي ڳالهه ڪنهن قومپرست سياسي پارٽي جي نه ٿو ڪريان جن جا ڪارڪن خود تعيلم جي تباهيءَ لاءِ اوترائي ذميوار آهن، جيترا حڪمراني ڪندڙ وزير، مشير ۽ ڪامورا آهن. هتي مان ڳالهه پنهنجي انهن دوستن جي ٿو ڪريان جيڪي واقعي به سنڌ جي تعليم کي دنيا جي سڌريل ملڪن جي سطح تي ڏسڻ جا خواهشمند آهن. مان تمام گھڻين ڪچهرين، بحثن مباحثن، عملي طور ريسرچ ڪرڻ ۽ ريسرچ مواد پڙهڻ بعد ان نتيجي تي پهتو آهيان ته جيڪي ڪجھ ڪرڻو پوندو سو اوهان ۽ مونکي ڪرڻو پوندو. نه ته حڪمران ڌر جا وڏيرا سياستدان، نه قومپرست انا پرست، نه استادن جي تنظيمن ۾ ڪم ڪندڙ مفاد پرست، نه ئي اندر ڪارا ڪامورا ڪجھ ڪري سگھندا، جيڪي ڪجھ ڪرڻو آهي.....مان لفظ ورجايان ٿو مونکي ۽ اوهان کي گڏجي ڪرڻو آهي. ان سلسلي ۾ اهي ڳالهيون ذهن ۾ رکڻيون آهن ته پاڻ وٽ نه ته ڀرتي، نه پوسٽگ، نه ئي انفراسٽڪچر کي ٺيڪ ڪرڻ جو ڪو اختيار آهي.  پاڻ هٿين خالي آهيون، ڪي وڏا وسيلا به پاڻ وٽ موجود ناهن پر ان هوندي به جيڪي ڪجھ پاڻ ڪرڻ جي قابل آهيون اهو سڀ ڪجھ ٻين کان ڪونه ٿيندو. ان ڪري اسان کي پنهنجي پلاننگ پنهنجي کل اندر رهي ڪري ڪرڻي آهي. اها ڀلي انگ کرن سان سٿيل خوبصورت پاور پرزينٽيشن نه هجي، ڪو هلڪو مثبت خيال پنهنجي دماغ ۾ اچي، جيڪو پاڻ پنهنجي هنر، صلاحيت، عقل، فهم ۽ وسيلن سان سرانجام ڏئي سگھون ٿا اهو ڪرڻ گھرجي. سنڌ جي تبديلي ۽ ترقي جي پيڙهه وارو پٿر پاڻ اڄ ئي رکي سگھون ٿا. اوهان مان هرهڪ دوست سوچي ته هو ڪهڙي سٺي تعليم دوست ڪم ڪرڻ جي قابل آهي، اهو کيس اڄ ئي ڪرڻ گھرجي.


اوهانجي صلاحن، راين، تجويزن جو منتظر.


فقير امير گل ڪٽوهر


03337121187

Tuesday, October 25, 2011

خيبر پختون خواهه ۾طالبان جو زور آهي جيڪي سڀ کان وڌيڪ تعليم دشمن آهن. کين خاص ڪري ڇوڪرين جي تعليم ته سراسر ڪفر لڳندي آهي، ان ڪري ڳولهي ڳولهي ڇوڪرين جي اسڪولن جون اڪثر عمارتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون اٿن. ڊان جي 26 آڪٽوبر 2011 جي شماري ۾ هڪ رپورٽ خبر ٿي آهي ته هڪ نوجوان ڇوڪري پنهنجي مڱينديءَ کي اسڪول وڃڻ کان روڪيو پر ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي مهناز سندس اهڙي ڳالهه کي نظر انداز ڪندي اربع ڏينهن اسڪول وڃي رهي هئي ته سندس ان مڱيندي اسڪول ويندڙ رستي تي کيس قتل ڪري ڇڏيو.


سنڌ اندر اهڙي ڪابه صورتحال ناهي. ٻهراڙي جا ڪجھ ماڻهون يا نوجوان بي سمجھيءَ ڪري کڻي ڇوڪرين جي تعليم کي سٺو نه سمجھندا هجن پر اهي ان انتها تائين وڃڻ جو سوچي به نه ٿا سگھن. سنڌ اندر ڪوبه اسڪول ان ڪري ڪڏهن به ڊاٿو ناهي ويو ته اهو ڇوڪرين جو آهي. سنڌ جو اڪثريتي عوام پنهنجي سمورن ٻارڙن بشمول نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جو دلي خواهش مند آهي. ان سوچ جو مظهر اهي سرڪاري اسڪولي عمارتون آهن جيڪي ڳوٺاڻن وڏين سفارشن ۽ رشوتن عيوض پنهنجن ڳوٺن ۾ جوڙايون آهن ته اتي سندن ٻار علم جي اڃ اجھائيندا. هت سوال هي آهي ته ان سڀ هوندي به سنڌ جي تعليم خيبر پختون خواهه جي معيار کان تمام گھڻي پوئتي پيل آهي. ان جو هڪ ننڍڙو ۽ واضع ثبوت ملڪ کي هلائيندڙ ڪامورن جي چونڊ يعني سي ايس ايس جي امتحان ۾ پاس ٿيندڙ اميدوارن جا انگ اکر آهن، جنهن مطابق سنڌ جو نمبر پنجاب، خيبر پختون خواهه کان پوءِ ٿو اچي.


اها حالت انتهائي تشويشناڪ ته آهي پر ان جو ڪارڻ ڳولهڻ ڪو ايڏو ڏکيو ناهي جيڪو اسان کي اچرج ۾ وجھي ڇڏي. جيئن ٻيا سرڪاري محڪما شديد بدعنواني جو شڪار آهن، ساڳيو حال تعليم کاتي جو به آهي. ڪنهن به محڪمي ۾ سواءِ رشوت جي ڪم ٿئي اهو ممڪن ئي ناهي. سرڪاري ملازم پنهنجي نوڪريءَ کان سواءِ هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن. اهو ساڳيو حشر تعليم کاتي سان به آهي. جتي ملازمن جي ڀرتيءَ کان وٺي سندن پوسٽنگ تائين سياسي مداخلت ڪنهن کان لڪل ناهي. ووٽرن کي راضي ڪرڻ ۾ ٻه محڪمه پنهنجو مٽ پاڻ آهن، پهريون تعليم کاتو ۽ ٻيو صحت کاتو. اسان جا اڪثر سياستدان پنهنجي سياسي دڪانداري کي چمڪائڻ لاءِ تعيلم ۽ صحت کاتن سان روز روز زبردستي زنا وارو عمل ورجائيند رهيا آهن. آغا خان يونيورسٽي_ انسٽيٽوٽ فار ايجوڪيشنل ڊويلپمنٽ ۾ ايم ايڊ ۾ ٿيسز لاءِ مان مواد گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ مون ڪيترن ئي گورنمنٽ ڊگري ڪاليج جي پرنسپلس جا انٽرويوڪيا هيا. هڪ عورت پرنسپل پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو هيو ته سندس ڪاليج ۾ سڀ کان وڏو درد سر اهي ننڍا ملازم آهن جيڪي تازوئي سياسي بنيادن تي ڀرتي ٿي آيا آهن. اهي ڪم ته پنهنجي ايم اين اي جي گھر ۾ ڪندا آهن بس مسٽررول تي حاضري ڀرائڻ لاءِ سندن ڪاليج اندر اچڻ ٿيندو آهي. انهن کي جڏهن ڪاليج جي ڪم ڪار لاءِ چوندا آهيون ته ويتر اهي اسان تي اکيون ڦوٽاريندا آهن. ان کان سواءِ جيڪي انتظامي شعبا آهن انهن تي اهي ماڻهون مقرر ٿيل آهن جيڪي به اسان جي عقل کان وانجھيل سياستدانن جا دادلا ۽ مٽيون ڀريندڙ آهن. اتر سنڌ جي قبائلي علائقي مان مون سان گڏ ايم ايڊ ڪندڙ منهنجي سدا بهار دوست هڪ اهڙي ڳالهه ٻڌائي هئي جيڪا زندگي ڀر مون کان وسري نه سگھندي. ان ٻڌايو هيو ته سندس تر جي هڪ استاد سندس علائقي مان آنڱوٺي ڇاپ وڏيري جي پيرن تي ڪري ايلاز پئي ڪيا ته “خدا جي واسطي مون کي هڪ دفعو تعليم کاتي جو ايِ ڊي او بڻايو پوءِ پادر هڻي مون کان ڪم وٺجو”. هاڻي جڏهن اهڙا جتيون چٽيندڙ تعليم کاتي جا ڪامورار مقرر ٿيندا ته اهو کاتو ڪهڙيءَ طرح سڌري سگھي ٿو. هن وقت تعليم کاتو انڪم ٽيڪس کان به وڌ ڪمائي وارو کاتو بڻجي پيو آهي. بدلي هجي يا پوسٽنگ، داخلا هجي يا ڪو ٻيو ڪم بنا رشوت جي ڪلارڪ ڪڙو هڪ ڪرسي کان اٿي ٻي ته به ويهڻ گوارا نه ڪندؤ. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ هيڊ ٽيچر، پرنسپل، ۽ وائيس چانسلر به جڏهن پنهنجي پنهنجي سيٽ جي مناسبت سان ڏوڪڙ ڏيئي اها ڪرسي والاريندا ته انهن جي ايجنڊا تي تعيلم جي سڌاري ۽ واڌاري کان سواءِ باقي سمورا مال ميڙڻ جا اسم زير غور ضرور ايندا.


ڳالهه اتي ئي ختم ٿئي ها ته به خير هو، پر اسان جي تعليمي ادارن ۾ پرائمري کان وٺي يونيورسٽي ليول تائين جيڪي استادن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ جوڙيل تنظيمون جهڙوڪر “پ ٽ الف”، “گسٽا” “سپلا” آهن انهن جي ايجنڊا تي به تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري جو ڪو پروگرام ناهي. اهي استادن جي پگھارن، پوسٽنگس، ۽ ٻين سهولتن جي حاصلات لاءِ ته مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن پر انهن مان ڪنهن به ڀلجي ڪڏهن تعليم جي سڌاري، اسڪولن جي تالا بندي يا انهن کي گودام طور استعمال ڪرڻ، ان جي معيار کي بلند ڪرڻ، استادن جي غير حاضري ۽ پنهنجي ڪم کان ڪن لاٽار متعلق ڪو جلوس، ڪا بک هڙتال نه ڪئي آهي. اهي استادن جي حقن جي ڳالهه ته ڪندا آهن پر استادن کي ڀلجي ڪري به پنهنجي فرض طرف راغب ڪرڻ لاءِ ڪجھ به ناهن چوندا. آخر ۾ سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر ڪجي ته ڇا ڪجي؟ جيڪي سنڌ سان سچا آهن، جيڪي سنڌ جي تعليم جي واڌاري جو دلي درد رکن ٿا، جيڪي واقعي به هن مظلوم قوم جي زندگين ۾ حقيقي تبديليءَ جا خواهشمند آهن، انهن جو اندر جلي ڪوئلو ٿي ويو آهي. هت مان هي ڳالهه ڪنهن قومپرست سياسي پارٽي جي نه ٿو ڪريان جن جا ڪارڪن خود تعيلم جي تباهيءَ لاءِ اوترائي ذميوار آهن، جيترا حڪمراني ڪندڙ وزير، مشير ۽ ڪامورا آهن. هتي مان ڳالهه پنهنجي انهن دوستن جي ٿو ڪريان جيڪي واقعي به سنڌ جي تعليم کي دنيا جي سڌريل ملڪن جي سطح تي ڏسڻ جا خواهشمند آهن. مان تمام گھڻين ڪچهرين، بحثن مباحثن، عملي طور ريسرچ ڪرڻ ۽ ريسرچ مواد پڙهڻ بعد ان نتيجي تي پهتو آهيان ته جيڪي ڪجھ ڪرڻو پوندو سو اوهان ۽ مونکي ڪرڻو پوندو. نه ته حڪمران ڌر جا وڏيرا سياستدان، نه قومپرست انا پرست، نه استادن جي تنظيمن ۾ ڪم ڪندڙ مفاد پرست، نه ئي اندر ڪارا ڪامورا ڪجھ ڪري سگھندا، جيڪي ڪجھ ڪرڻو آهي.....مان لفظ ورجايان ٿو مونکي ۽ اوهان کي گڏجي ڪرڻو آهي. ان سلسلي ۾ اهي ڳالهيون ذهن ۾ رکڻيون آهن ته پاڻ وٽ نه ته ڀرتي، نه پوسٽگ، نه ئي انفراسٽڪچر کي ٺيڪ ڪرڻ جو ڪو اختيار آهي. پاڻ هٿين خالي آهيون، ڪي وڏا وسيلا به پاڻ وٽ موجود ناهن پر ان هوندي به جيڪي ڪجھ پاڻ ڪرڻ جي قابل آهيون اهو سڀ ڪجھ ٻين کان ڪونه ٿيندو. ان ڪري اسان کي پنهنجي پلاننگ پنهنجي کل اندر رهي ڪري ڪرڻي آهي. اها ڀلي انگ کرن سان سٿيل خوبصورت پاور پرزينٽيشن نه هجي، ڪو هلڪو مثبت خيال پنهنجي دماغ ۾ اچي، جيڪو پاڻ پنهنجي هنر، صلاحيت، عقل، فهم ۽ وسيلن سان سرانجام ڏئي سگھون ٿا اهو ڪرڻ گھرجي. سنڌ جي تبديلي ۽ ترقي جي پيڙهه وارو پٿر پاڻ اڄ ئي رکي سگھون ٿا. اوهان مان هرهڪ دوست سوچي ته هو ڪهڙي سٺي تعليم دوست ڪم ڪرڻ جي قابل آهي، اهو کيس اڄ ئي ڪرڻ گھرجي. اوهانجي صلاحن، راين، تجويزن جو منتظر. فقير امير گل ڪٽوهر 03337121187