اڄ ڪالهه منهنجي مطالعي هيٺ ڪيري ڪوپر ۽ ويلري سٿلرلينڊ جو انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب 30 Minutes…To Deal With Difficult People (Cary Cooper & Welerie Sutherland) آهي. ان جي صفحي نمبر17 تي Characteristics of the abrasive personality ٻڌايل آهن. سولي سنڌي ۾ انهن ماڻهن جون خصوصيتون بيان ڪيل آهن جيڪي رڳڙائو، نود، ڏکيا يا ڏنگي قسم جوهوندا آهن. ان ۾ لکارين ڄاڻايو آهي ته اهي ضدي هوندا آهن، حرفت ۽ هنر کان آجا، ٽوڪ ۽ طنز جا ماهر، ٻئي جي راءِ کي بنادير جي، ٻڌڻ بنا ئي رد ڪري ڇڏڻ وارا، ٻين جي ڪم ۾ سدائين ڪيڙا ڳولهڻ وارا، ٻين جي ڀيٽ ۾ پنهنجو پاڻ کي اعلى دماغ سمجھڻ وارا، ٻين تي پنهنجي راءِ مڙهڻ ۽ کين هرحالت ۾ سندن پاران جوڙيل معيار تي هلڻ تي زور ڏيڻ وارا، پنهنجي ڳالهه کي حرف آخر سمجھڻ وارا، پنهنجي پاران ٺاهيل/جوڙيل اصولن ۽ ظابطن تي ڪوبه سمجھوتو نه ڪرڻ وارا، گڏجاڻين ۾ پنهنجي ڳالهه مڃائڻ وارا، سدائين ٻين کي نااهل سڏڻ وارا هوندا آهن. اهڙن ماڻهن جو پارو هڪدم چڙهي ويندو آهي، جڏهن ڪوبه ساڻن اصولي اختلاف رکندو آهي ته هو انهن تي تمام زوردار نموني حملي آور ٿيندا آهن، هو هر ان ماڻهون کي دشمن سمجھندا آهن جيڪو ساڻن ڪو اختلاف رکندو آهي، اهي گھڻو تڻو الڳ ٿلڳ رهڻ پسند ڪندا آهن، کين پنهنجي طاقت، مرتبي، ڄاڻ، حيثيت تي وڏو ناز هوندو آهي.
مون جڏهن ”گورن“ جا اهي خيال پئي پڙهيا ته منهنجي ذهن جي پردي تي ان قسم جي ماڻهن جا عڪس چٽا ٿيندا پئي ويا. جڏهن مون اهي سموريون خصوصيتون پڙهي پوريون ڪيون ته مونکي منهنجو سياسي استاد ياد اچي ويو. هوبهو اهڙوئي.....!!!! اسان جو استاد کلي عام اسان کي جاهل ۽ پنهنجو پاڻ کي عالم چوندو هيو، کيس ان ڳالهه جو هميشه درد ستائيندو رهندو هو ته هو اسان جهڙن گھٽ عقل ۽ علم وارن ماڻهن جواڳواڻ آهي، ان سلسلي ۾ سندس چوڻ هوندو هيو ته ڪاش مون جهڙي ليڊر جا ڪارڪن به مون جهڙا هجن ها ته جيڪر اهي پنهنجي ليڊر جي دانائي، هنر ۽ حرفت کي ڏيهان ڏيهه مشهور ڪري ڇڏين ها. هر ميٽنگ جنهن ۾ هو شرڪت ڪندو هيو بس سندس ٻڌايل ڳالهه ئي هلندي هئي. هو موڊي هيو، هروڀرو هروقت مون جهڙي ايري غيري نٿو خيري سان ملڻ کي ٽائيم جو زيان سمجھندو هيو. هن سان جنهن به ڪو اصولي اختلاف رکيو هوندو اهو غداري جي الزام هيٺ سنگسار ڪيو ويو ۽ ان کي پنهنجي راڄ ڀاڳ مان خوار۽ خراب ڪري ڪڍيو ويو. ڪيئي مڻيادار ماڻهون صليب تي چاڙهيا ويا. سندس آڏو جيڪڏهن پارٽي جي ٻئي اڳواڻ جي ڀلجي ڪري به جي ڪنهن ڪا نيڪي ڪئي ڄڻ پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيائين، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته جنهن پارٽي جو هو اڳواڻ هجي ان جي ٻين اڳواڻن جي نيڪي سندس سامهون بيان ٿئي. هو پنهنجي پارٽي جي انهن عظيم اڳواڻن جي توهين ائين چئي به ڪندو هيو ته ”اهي سڀ منهنجي پيداوار آهن“ يعني ته اصل محرڪ هو پاڻ آهي نه ڪي اهي ماڻهون يا سندن جدوجهد آهي. سنڌ ۾ نه سندس جهڙو ڏاهو پيدا ٿيو نه پيدا ٿيندو، بس پيدا ڪرڻ واري ان کي پيدا ڪري ان قالب کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو هوندو. سندس اهڙن روين ڪري ڪڏهن به ”پارٽي“ اسري ۽ نسري نه سگھي. هر ٻئي يا ٽئين سال ان پارٽيءَ مان لوڌون غدارن جون ڪڍي ان کي پاڪ ۽ صاف بڻايو ويو. هو جيئن ته اڻ ورچ، ضدي ۽ ڪم کان نه ٿڪنجندڙ هو ان ڪري هر دفعي نئين سر شروعات ڪري نوان ماڻهون پيدا ڪري کين اهو سيکاري اڳتي آندو ويو ته جيڪڏهن اسان پارٽيءَ تي ان نموني ڳجھ ڳوهه ۾ دشمن پاران دوستن جي روپ ۾ حملا نه ٿين ها ته جيڪر هو ڪڏهڪو سنڌ کي ويٽنام بڻائي ڏيکاري ها.
اسان جواهو اڳواڻ ڪن ڳالهين ۾ واقعي سچو هو ته اسين جيستائين اڻ ڄاڻ هياسين ته سندس مريد بڻيل رهياسين پر جنهن ٿورو به علم پرايو ۽ ساڻس اختلاف رکيو ته يا ته کيس الزام بازي ڪري خارج ڪيو ويو يا اهو پاڻ ئي پاسيرو ٿي ويو.
سنڌ ۾ عوامي سياست جي پير پختا نه هئڻ جا ڪيئي ٻيا سبب به هوندا پر سنڌ اندر جيڪي نام نهاد قومپرست ۽ نام نهاد ترقي پسند اڳواڻ هيا يا آهن انهن جي پنهنجي رهڻي ڪهڻي، اٿڻي ويهڻي، عمل، رويا سڀ کان وڌيڪ ذميوار آهن. اسان جا قومپرست اڳواڻ جيڪي اليڪشن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي هر هر اهو باور ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل رهندا آهن ته بس اهي ئي لکن ۾ هڪ آهن پر اهي اليڪشن کان اڳ يا اليڪشن کان پوءِ عام ماڻهن کان ڳولهيو به ناهن لڀندا. اهي ڪي پڪا پختا پروگرام جوڙي ماڻهن وٽ وڃڻ بدران ڪن اشوز تي سياست ڪندا آهن. جڏهن ڪو اشو اڀريو ته اهي به اڀامندا نه ته ست خير....
وقت جي اهم ضرورت آهي ته سڀني ڳالهين تي نئين سر ڇنڊ ڇاڻ ٿئي. عظيم اسان جي قوم ۽ غريب عوام آهي، مقدس اسان جي سنڌ ۽ سندس وحدت آهي، منزل اسان جي سنڌ جي خوشحالي ۽ سياسي خودمختياري آهي، باقي سڀ قصا آهن. اوهان جي ڇا راءِ آهي؟
katohar@gmail.com
امير گل ڪٽوهر جو بلاگ Amir Gul Katohar's Blog
Friday, May 24, 2013
اڳواڻي متعلق ڪي چند سوال......

Thursday, February 14, 2013
صنفي تعليم جي سطحي ڄاڻ
اسان ڪجهه سرڪاري استادن آغا خان يونيورسٽي-انسٽيٽيوٽ فار ايڊيوڪيشنل ڊويلپمنٽ مان ٻن سالن تي مشتمل ايم ايڊ جي ڊگري اسڪالرشپ تي حاصل
ڪئي هئي. اها اسڪالرشپ ڪينيڊين انٽرنيشنل ڊويلپمنٽ ايجنسي (سيڊا) پاران ڏني ويئي هئي. سيڊا بنيادي طرح عورتن کي معاشري ۾ صحيح مقام ڏيارڻ، کين سمورا انساني حق ڏيارڻ ۽ صنفي برابري ۽ انصاف لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم آهي ۽ ان سان گڏ معياري تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ فنڊ پڻ ڏيندي آهي.
هڪ مرد ۽ هڪ عورت تي مشتمل هڪ ٽيم سيڊا پاران نيوزيلينڊ کان آئي هئي جن سان اسان جي ملاقات جو بندوبست ڪيو ويو هيو. هو اها جاچ ڪرڻ آيا هيا ته جن کي (اسان کي) هنن جي تنظيم اسڪالرشپ ڏني هئي انهن ڊگري حاصل ڪري پنهنجي معاشري اندر ڪا تبديلي آندي آهي يانه. ٻن ماهرن جي ٽيم اسان کان ڪجھ سوال ڪيا هيا جن ۾ هڪ سوال صنفي اڻ برابري مطعلق به هيو. اسان جي ٽيم مان ڪجھ دوستن جڏهن اهو چيو ته اسان جي معاشري اندر صنفي اڻ برابريءَ جو ڪو تصور ڪونهي ۽ حقيقت ۾ غربت ۽ اميري جو چڪر آهي. جن وٽ پئسو آهي اهي پنهنجي ڇوڪرين کي پڙهائين ٿا ۽ جن وٽ پئسو ناهي اهي نه ٿا پڙهائين. جڏهن اسان جا دوست اهو سڀ ڪجھ بيان ڪري رهيا هيا ته مان ٽيم وارن جي چهرن تي تري آيل حيرت کي ڏسي اندر ۾ ڀري رهيو هوس ۽ سوچي رهيو هوس ته اسان جا اهي مهمان ۽ محسن اسان تي ڪيل خرچ کي پنهنجي پئسي جو زيان ته نه سمجھي رهيا آهن!. اسان جو صنف متعلق علم، صنفي اڻ برابري يا صنفي توازن، صنفي انصاف لاءِ ڄاڻ انتهائي سطحي آهي. اسين سمجھون ٿا ته ڇوڪرين کي پڙهائڻ يا نوڪري ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ يا کين پنهنجي پسند جي شاديءَ جو حق ڏيڻ صنفي برابري يا انصاف آهي!
اڄ صبح جو جڏهن سڀ گھر جا ڀاتي ۽ خاص ڪري گھر جون عورتون ڪنهن نه ڪنهن ڪرت ۾ مصروف هيون ۽ مان واندو هيس ته ان واندڪائيءَ جي گھڙين کي سجايو ڪرڻ لاءِ گھر جي ٿانون کي ڌوئڻ شروع ڪيم. انوقت منهنجو ٽن سالن جو پوٽو بورچي خاني ۾ گھڙي آيو ۽ مون کي ٿانو ڌوئندي ڏسي حيرت سان چيائين ته ”بابا اوهان ٿانو ڇو ٿا ڌوئو، هي ڪم ته عورتن جو آهي“! منهنجو اهو ساڳيو پوٽو جڏهن پنهنجي پيءُ سان گڏ ڪم ڪار سانگي گھر کان ٻاهر ويندو آهي ته سندس ٻن سالن جي ڀيڻ زار و قطار روئندي ساڻن گڏ هلڻ لاءِ اصرار ڪندي آهي. پر اڪثر ڪري ٻئي پيءُ پٽ هليا ويندا آهن ۽ ننڍڙي ڇوڪري روئي پٽي ماٺ ڪري ويهي رهندي آهي. ٻاهر وڃڻ وقت سندس ننڍڙو ڀاءُ کيس دلاسو ڏيندو آهي ته ”تون نه رو مان تنهنجي لاءِ شيءِ ورتيون ايندس“. ان ايتري ننڍي عمر ۾ اسان جا ٻار اهو سکي چڪا آهن ته ڪير ميل آهي ۽ ڪير فيميل ۽ سندن ڪم ڪار به الڳ الڳ آهي. منهنجي ننڍڙي پوٽي اهو ڄاڻي ورتو آهي ته ٿانو صرف عورتون ئي ڌوئينديون آهن، ٻاهر صرف مرد ئي ويندا آهن، ڇوڪرين جو ڪم آهي ته اهي گھر ۾ رهن ۽ سندس ڀاءُ پاڻيهي ان لاءِ ٻاهران بازار مان شيءِ وٺي ايندو پوءِ هوءَ اها کائي. صنفي اڻ برابري اسان جي معاشري جي رڳ رڳ ۾ ڊوڙندڙ رت وانگر شامل آهي. اسان کي خبر ئي نه ٿي پوي ته اسين ڪيڏانهن پيا وڃون. جڏهن مان ان قسم جون ڳالهيون پنهنجي بالغ اولاد ساڻ ونڊيندو آهيان ته اڪثر ڪري مون کي اڻ پسنديدهه نگاهن سان ڏٺو ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي طعنه به ٻڌڻا پوندا آهن ته ”مون عورتن جو دماغ خراب ڪري ڇڏيو آهي“ يعني مان کين جيڪا ٿوري گھڻي آزادي ڏني آهي ته ان ڪري اهي سندن چوڻ کان نڪرنديون پيون وڃن. اسين جيڪي بظاهر ڏاڍا پڙهيل لکيل آهيون انهن کي به انهن ڳالهين جو ڪو ٽڪو احساس ناهي ته اسان ڪيئن نه صنفي توازن کي بگاڙي رهيا آهيون. اهڙي عمل سان ٻه ڳالهيون رونما ٿينديون. هڪ ته جيڪي ڇوڪرا آهن انهن ۾ اجايو احساس برتريءَ وارا خيال پڪا پختا ٿي سندن ايمان جو جز بڻجي ويندا ۽ ٻيو ته ڇوڪرين ۾ احساس ندامت، احساس ڪمتري جا خيال اڀري ايندا ۽ کين پنهنجي جنس سان نفرت ٿيڻ لڳندي. هونئن اهي ڳالهيون تمام ننڍڙيون ٿيون نظر اچن پر حقيقت ۾ائين ناهي. اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا اهو مڪمل طرح مرداڻي اثر رسوخ تي هلندڙ هڪ طرفو معاشرو آهي. جنهن ۾ هر شيءِ جو مالڪ مرد آهي، کيس خصوصي اختيار مليل آهي، هو گھمڻ ڦرڻ، فيصلا ڪرڻ، ڪوبه ڪم ڪار وهنوار ڪرڻ لاءِ آزاد آهي. هو جيڪڏهن ڪا بي راهه روي به ڪندو آهي ته ان سان گھر جي عزت ۽ وقار جي مجروح ٿيڻ جو ڪوبه امڪان ناهي هوندو. پر جيڪڏهن اڻ ڄاڻائي وچان يا ڪنهن غلط فهمي ڪري به جيڪڏهن ڪو الزام گھر جي ڪنهن نياڻيءَ تي ايندو آهي ته قهرام مچي ويندو آهي، گھر جي عزت سرعام نيلام ٿيڻ جون ڳالهيون ٿيڻ لڳنديون آهن. اسان جي هن دقيانوسي معاشري اندر ڇوڪرين لاءِ تمام سخت حد بنديون قائم آهن، انهن حدبندين کي اسان قراني آيتن وانگر پوڄيندا آهيون. صنف جو معاملو غربت يا اميري سان هرگز سلهاڙيل ناهي. صنفي جبرجي معنى اها آهي ته ڪنهن به ڌر عورت يا مرد کي ڪنهن به معاملي ۾ رڳو ان ڪري نظر انداز ڪجي ڇوته هو/هوءَ ڇوڪرو/ڇوڪري آهي. هاڻي اسان جيڪڏهن ان ڪسوٽيءَ کي سامهون رکي ڏسنداسين ته اسان کي پنهنجي معاشري ۾ عجب نظارا نظر ايندا. ڪجھ ڏينهن اڳ سابق راڳي ۽ هاڻوڪي مُلي جنيد جمشيد جو انٽرويو ڪنهن ٽي وي چينل تي نشر ٿيو هيو ته ”اسلام ۾ عورتن لاءِ اها گنجائش ناهي ته اهي ڪار جي ڊرائيوري ڪن“. اهو ملو ڪو غريب ناهي سڄي ملڪ اندر جيڪي مهانگا ترين شاپنگ سينٽر آهن انهن ۾ سندس ڪروڙن روپين جي سيڙپ ڪاري ٿيل آهي. هاڻي جڏهن اسان سندس بيان کي پڙهون ٿا ته خبر ٿي پوي ته سندس اندر ۾ عورتن لاءِ ڪيڏو نه تعصب ڀريل آهي. مطلب چوڻ جو اهو ته اسان مان هر ماڻهون ڪنهن نه ڪنهن نموني صنفي تعصب جو شڪار آهي. ڪجھ ماڻهون مذهب جي آڙ وٺي عورتن جي حقن کي پامال ٿا ڪن ته ٻيا جاهل ۽ اڻ پڙهيل ان کي غيرت جو نالو ٿا ڏين. مقصد ٻنهي جو ساڳيو ئي آهي. نام نهاد پڙهيل عورتن کي سٺا ڪپڙا لٽا وٺي ڏئي اهو سمجھن ٿا ته انهن عورتن جي حقن جي حفاظت ڪري ورتي آهي. هن سلسلي ۾ اسان کي پنهنجي قوم کي سمجھائڻو آهي، کين پڙهائڻو آهي ۽ سيکارڻو آهي ته صنفي توازن قائم ڪرڻ سان معاشرا عزت ڀرئي انداز سان ترقي ڪندا آهن.

Tuesday, January 8, 2013
سڀ سانگ سجايو آ پيارا
2004 کان وٺي 2006ع تائين اسان USAID جي مدد سان ESRA پراجيڪٽ جي UEI ڪنسورشيم جي بينر هيٺ سکر ۾ گورنمنٽ پرائمري اسڪولس جي هيڊ ٽيچرس ۽ ايڊمن اسٽاف جي سکيا لاءِ ماسٽر ٽرينر هيٺ ڪم ڪيو هيو. ان سلسلي ۾ مان سکر سٽي، باگڙجي، ڪنڌرا، پنوعاقل، ٺڪراٺو ۾ ٽريننگون ڪرايون هيون. منهنجي زندگيءَ جو اهو هڪ انوکو تجربو هيو. اسان وٽ سکيا حاصل ڪندڙن ۾ نوجوان توڙي رٽائرمنٽ کي ويجھو پهتل استاد/استادياڻيون (هيڊ ٽيچرس) شامل هيون. اسان جي ٽريننگ جي هڪ خصوصيت اها به هئي ته هڪ ڏينهن اڳ ڪيل سموري ڪارگذاريءَ تي سکيا وٺندڙن کان رفليڪشن وٺندا هياسين. اسان جي ڪوشش اها هوندي هئي ته هر سکيا حاصل ڪندڙ ڪجھ نه ڪجھ لکي کڻي اچي. انهن مان اڪثريت جي رفليڪشن بس روائتي هوندي هئي، جن ۾ ڪيل ڪم جي رپيٽيشن هوندي هئي. جڏهن ته ڪڏهن ڪڏهن ڪي سکيا حاصل ڪندڙ استاد ڏاڍيون ڪارائتيون، سوچ ۽ سمجھ واري عمل کي هٿي ڏيندڙ شيون/خيال به لکي کڻي ايندا هيا. اسان کي سندن انهن رفليڪشنس مان خبر پوندي هئي ته ڪنهن ڪنهن ڪيتري ڪيتري ڳالهه سمجھي آهي. ڪيترا استاد پنهنجي رفليڪشن شاعريءَ ۾ به پيش ڪندا هيا، جڏهن ته خاص ڪري فيميل هيڊ ٽيچرس وري پني تي وڏي محنت ۽ ڪاريگريءَ سان چٽساليون ڪري کڻي اينديون هيون. مون استادن جون اهڙيون ڪيئي يادگيريون اڃا تائين پاڻ وٽ سنڀالي رکيون آهن. مان اڳ ئي سندن اهڙن رفليڪشنس تي ٽي عدد آرٽيڪلس لکي چڪو آهيان جيڪي مختلف تاريخن تي مختلف سنڌي اخبارن ۾ پڻ شايع ٿي چڪا آهن. اڄ استادن جي اهڙين رفليڪشنس مان هڪ هتي شيعر ڪرڻ ٿو چاهيان. اهو 27 سيپٽمبر 2005 جو ڏينهن هيو ته ڪنڌرا سينٽر تي استاد ارباب علي ڪٽبر منهنجي ذات متعلق هڪ رفليڪشن لکي کڻي آيو هيو. حقيقت ۾ اها رفليڪشن نه هئي مون لاءِ منهنجي زندگيءَ جو هڪ بهترين ايوارڊ هيو جيڪو منهنجي دوست مون کي ڏنو هيو. مان سندس ان تحفي کي ڪيئن پئي وڃائي سگھيس. سو ان کي پنهنجي نوٽ بوڪ تي اتاري ڇڏيو هوم. اڄ ستن سالن ۽ ساڍن ٽن مهينن جي وقت گذرڻ کان پوءِ جڏهن اها ڪاپي کولي پڙهيم ته مون کي اهي سڀ منظر ياد اچي ويا. اچو ته سڀ کان اول ان کي پڙهي ڏسون ته ان ۾ لکيل ڇا هيو؛
”استاد صاحب هڪ قسم جو بادشاهه هوندو آهي، علم جو بادشاهه، جنهن کي اڻ ميو علم جو خزانو مليل هوندو آهي. هڪ ڏيهن مسٽر اميرگل صاحب هڪ خواب ڏٺو ته سندس علم جو خزانو کانئس کسيو پيو وڃي، جڏهن کيس جاڳ ٿي ته سوچيائين شايد اهو محض خواب هيو پر وري کيس خيال آيو ته اهو خواب نه پر حقيقت هئي. هو اهو خواب مسلسل ڏسندو رهيو، هو حيران رهڻ لڳو ۽ ان متعلق يارن دوستن، مٽن مائٽن کان به پڇندو رهيو. هڪ اهڙي ئي خواب ۾ علم جي خزاني ساڻس ڳالهايو ته تنهنجو امتحان ورتو ويندو جي تو ان جو صحيح جواب ڏنو ته مان يعني علم جو خزانو تو وٽ رهندس ٻي صورت ۾ اوهان علم جي خزاني کان محروم ٿي ويندا!
استاد اميرگل سڀني مٽن مائٽن، يارن دوستن ۽ ٻين واقفڪارن کان ان متعلق پڇندو رهيو. جيترا منهن اوتريون ڳالهيون، ڪنهن کيس چيو ته اوهان کانئس ”جاگير“ جي گھُر ڪريو، ٻئي جي وري اها صلاح هئي ته کيس ”ڪارون ۽ بسون وٺڻ گھرجن“. هو انهن صلاحن کان مطمئين نه ٿيو. سوچيائين ته ڪنهن درويش، عالم يا ڏاهي سان صلاح ڪجي ته سندس ڪهڙي راءِ آهي. اهو خيال ڪري هڪ ڏينهن هڪ درويش ڏانهن روانو ٿيو. درويش کيس پريشان ڏسي مسڪرائيندو رهيو. نيٺ موقعو ڏسي مسٽر اميرگل صاحب کيس پنهنجي سڄي وارتا بيان ڪري ٻڌائي. پهريان درويش کيس ڪا راءِ ڏيڻ کان انڪاري هيو پر نيٺ کيس سندس هيڻي حال تي رحم آيو ۽ کيس صلاح ڏنائين ته ’ڪارون، بنگلا، جاگيرون، ملڪيت ظاهري طرح ته پرڪشش آهن پر اهي تنهنجي مسئلي جو حل نه آهن، وڃ ۽ علم جي خزاني کي چؤ ته توکي ’پيار، محبت، ٻڌي ۽ علم کپي‘. درويش جي اها ڳالهه کيس دل سان لڳي ۽ هو شانت ٿي ويو کيس پنهنجي سوال جو جواب ملي ويو هيو. نيٺ وري جڏهن ’علم جي خزاني‘ کيس خواب ۾ پڇيو ته هن کانئس اهي ئي شيون علم، ٻڌي، پيار ۽ محبت جي گھُر ڪئي. ان تي کيس خزاني مبارڪ باد ڏني ۽ وچن ڪيائين ته قيامت تائين مان تون سان گڏو گڏ رهندس“.
مان سمجھان ٿو ته تمام خوبصورت ۽ اعلى خيال اسان جو استاد اسان کي ٻڌائي ويو هيو؛ ’ڪارون، بنگلا، جاگيرون، ملڪيت ظاهري طرح ته پرڪشش آهن پر اهي تنهنجي مسئلي جو حل نه آهن، وڃ ۽ علم جي خزاني کي چؤ ته توکي ’پيار، محبت، ٻڌي ۽ علم کپي‘. ڪاش اسان سنڌ وارا پنهنجي هن گمنام استاد جي فرياد کي ورنائي، ظاهري دولت جاگيرن، ڪارن، بنگلن ۽ ٻي ملڪيت تي وڙهڻ بدران علم واري پاسي ڏانهن موٽي اچون ته جيڪر ڪارن، بنگلن ۽ ٻي ملڪيت جو حصول ته اسان جي لاٰءِ ٻاراڻي راند بڻجي وڃي. شايد اهڙن محسن، بي ضرر ۽ سچن استادن جي دعائن جو اثر آهي ته اڄ جڏهن ڪنڌ ورائي پوئتي ٿو نهاريان ته مون کي پنهنجي گذاريل زندگيءَ تي فخر ٿو محسوس ٿئي. تازوئي 2009 کان 2011ع دؤران آغا خان يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس ان ايڊيوڪيشن (ايم ايڊ) جي حاصل ڪيل ڊگريءَ کي ان خواب جو تسلسل ئي ٿو سمجھان، نه ته ڪٿي خيرپور ضلعي جي گمنام ڳوٺ پنواڙي ۾ ملان علي گل جي گھر ۾ پيدا ٿيل ’ڪيٽو‘ جنهن کي سندس ماءُ وري ’گيدل‘ جي نالي سان سڏيندي هئي، اهو دنيا جي مڃيل يونيورسٽيءَ مان اعلى تعليم جي ڊگري حاصل ڪري!!!!
بهرحال مون کي جتي به ۽ جڏهن به ڪنهن سکيا حاصل ڪرڻ يا وري ڪرائڻ جو موقعو مليو آهي ته اهڙين پنهنجين سرگرمين کي مون مڪمل نموني پنهنجي سکيا سان جوڙي ڇڏيو آهي. هر دفعي، هر جاءِ تي ڪي نه ڪي ڪارائتيون شيون سکڻ لاءِ ملي ئي وينديون آهن. منهنجي اهڙي روين ڪري مون کي ڪيئي مڻيادار دوست پڻ ملي ويا آهن، جن سان ملي ’زندگيءَ‘ سان ملڻ جو احساس ٿيندو آهي. هر سکيا واري پروگرام ۾ منهنجي ڪوشش اها هوندي آهي ته سکيا حاصل ڪندڙن جي جذبن کي جوان ڪريان، کين همٿايان ۽ کين پڙهڻ ۽ سکڻ جا ڪارائتا گُر سادي ۽ سلوڻي نموني سيکاريان ۽ مان پاڻ انهن کان سکان. مون ڪيئي ڪم جون ڳالهيون انهن تجربن مان پرايون آهن. مون سمجھي ڇڏيو آهي ته هڪ سٺو سکيا ڏيندڙ اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي ڪم جي اڳواٽ مڪمل تياري ڪري اچي، کيس حد درجي سهپ جو مادو هجي، هو ڪنهن جي به عزت نفس سان نه کيڏي، پنهنجا خيال سکيا حاصل ڪندڙن تي زبردستي نه مڙهي، سندن مذهبي، ذاتي، سياسي سوچن جو احترام ڪري ۽ جيڪڏهن کيس ڪا ڳالهه سمجھ ۾ نه اچي ته اجائي يخي هڻڻ بدران تسليم ڪري ته کيس ان ڳالهه متعلق يا ته ڪائي ڄاڻ ناهي يا اڌوري آهي. ان منجھيل سُٽ کي سلجھائڻ لاءِ ياته واسطيدار ڪتابن، آرٽيڪلس کي پڙهي پنهنجي ڄاڻ وڌائي يا پنهنجي ڪنهن ڪليگ، استاد کان مدد وٺي جيڪو ان معاملي ۾ ڄاڻندو هجي. سکيا دؤران دوستاڻو ماحول جوڙي رکي ۽ سکيا ڏيندڙ ۽ وٺندڙن وچ ۾ اعتماد ۽ ڀروسي واري ماحول کي يقيني بڻائي. سکيا لاءِ گھربل سمورن مليل سهولتن/وسيلن مان ڀرپور فائدو وٺي. سکيا واري عمل ۾ سڀني کي ساڻ وٺي هلندو هلي. ڪنهن مخصوص سکيا حاصل ڪندڙکي بي جا اهميت ڏيڻ جا تمام خطرناڪ نتيجا اچي سگھن ٿا. سکيا وٺندڙن سان سندس رابطي جو رشتو هيمشهه جڙيل رهڻ هئڻ گھرجي
Wednesday, January 2, 2013
ماروئڙا فقير ڪنهن در ڏيندا دانهڙي؟؟؟؟؟
هي نئون 2013 جو سال به اسان سنڌ واسين لاءِ ڪو سٺو پيغام کڻي ڪونه آيو آهي. گذريل سال ته نسورو سورن جو سال هيو. ڊسمبر 25، 2012 جي ڏينهن تائين بقول ورلڊ هيلٿ آرگينائيزيشن
http://www.thenews.com.pk/Todays-News-4-151893-Measles-killed-240-children-in-Sindh-in-2012
جي ته 240 سنڌ جا ٻار ۽ ٻارڙيون ارڙي وگھي اجل جو شڪار ٿي چڪيون هيون. ان انگ ۾ روز افروز اضافو ٿيندو پيو وڃي. پر اختيار ڌڻين جي ڪنن تائين ڪا جونءَ به ڪانه پئي چري. مون کي هڪ ٽي وي چينل تي هڪ ذميوار نوجوان سنڌي ڊاڪٽر جي چيل ڳالهه تي تمام گھڻو صدمو رسيو ته ٻار جيڪي ارڙي وگھي اجل جو شڪار ٿيا آهن اهي سندس حد ۾ نه پيا اچن...الله اڪبر منهنجي دماغ جي پردي تي نسيم احمد کرل جي ڪهاڻي چوٽيهون در واري فلم هلڻ لڳي..‘!!. اڄ منهنجي دل رت ٿي روئي ته اسين ڪيڏا نه لاوارث ۽ نڌڪڻا ٿي موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهيون. ذميوار ادارا گڏه جي مٿي تي سڱن وانگي گم آهن، سنڌ لاءِ صحت جي نامزد وزير جون حدون ڪراچي جي ٽول پلازا کان اڳتي آهن، سنڌ جو وڏو وزير، ملڪ جي صدر صاحب ۽ پارٽي جي نئين چونڊيل نوجوان چئرمين جي خوشامند کان واندو ڪونه پيو ٿئي. سنڌ جي باقي وزيرن کي قيمتي گاڏين تان هيٺ لهي اکين تان انڌ جا ڪارا چشما هٽائي غريبن جي ڏکڻ ڏاکڙن کي ڏسڻ گوارا ناهي، اپوزيشن ليڊران حڪومت تي ڦٽ لعنت ڪرڻ مان واندا ڪونهن، قومپرست ۽ ترقي پسند سياست ڪرڻ وارن جي ته اها روائت ئي ناهي ته اهي عوام جي انتهائي ڏکين حالتن ۾ وڃي ساڻن ڀيرو ڪن، مذهبي جماعتون طالبان جي پاران دهشت گرديءَ کي جائز قرار ڏيارڻ ۾ ته سندن مددگار آهن ته انهن کي هن نموني مرندڙ ٻارڙن جو ڏک وري ڪهڙو ٿيندو، اين جي اوز وارا تيستائين ايڪشن ڪيئن کڻن جيستائين کين ڪو پراجيڪٽ نه ٿو ملي، سنڌ جي نام نهاد سول سوسائٽي به ستل ٿي لڳي.....ها سڀني گڏجي غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي مرڻ جي آزادي ڏيئي ڇڏي آهي.
جُه سي لوڙائو ٿيا جنين سندي ڌِير،
ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي. .
Monday, December 17, 2012
شام کو بيٽهني کي لئي سب سي اچهي جگه هي ميخانه
گذريل اونهاري جي هڪ شام جو قصو آهي ته پياري دوست سائين سعيد سانگريءَ سان خيرپور ۾ ملاقات ٿي هئي. اسان ٻنهي جي صلاح اها هئي ته ڪنهن پرسڪون جاءِ تي ويهي ڪا روح رهاڻ ڪجي. صلاح مصلحت بعد فيصلو ڪيو سين ته انڊس ريسورس سينٽر (آءِ آر سي) جي جڙيل خزاني واري ڪينٽين تي ٿا هلي ڪچهري ڪيون. آءِ آر سي وارن دوستن جي آفيس خيرپور جي مشهور تاريخي جاءِ ڳاڙهي محل ۾ آهي، ۽ ان جي سامهون ئي سندن ”خزاني“ جي بلڊنگ آهي جنهن ۾ انهن پنهنجي مختلف پراجيڪٽس ۾ خاص ڪري هنرمند عورتن پاران تيار ڪيل مخلتف شيون رکيون آهن جن جو معيار به موچارو آهي ته قيمتون پڻ مناسب. ڪينٽين به ان خزاني آفيس سان لڳ جڙيل آهي. سامهون وسيع ايراضيءَ تي گولائيءَ ۾ ڇٻر جو ميدان آهي جڏهن ته چوڌاري گھاٽا ساوا چهچ وڻ پوکيل آهن. ان ساوڪ ۽ وڻن کي ڏسي مون کي پنهنجي ڳوٺ وارو ميخانو ياد اچي ويو جيڪو پڻ وڻن ٽڻن سان جھنجھيل هوندو هيو.
آباديءَ ۾ انڌا ڌنڌ واڌ اسان جي شهرن توڙي ٻهراڙين جي اٿڻي ويهڻي بنهه تبديل ڪري ڇڏي آهي. اهو ويجھي ماضي جو قصو آهي ته اسان جي ڳوٺ ۽ آس پاس جي ڳوٺن مان ڊنب ماڻهن جا ڳاڙهي فقير جي ميخاني ۾ اچي گڏ ٿيندا هيا. ڪي تاش جي راند ۾ مگن هوندا هيا ته ڪي وري چوپڙ راند تي ڪوڏين کي ڪاريگرانه انداز ۾ڪڏڪائي انهن کي پٽ تي اڇلائي پنهنجي ڳوٽن کي ڪاميابيءَ سان پيا هلائيندا هيا، ٽيان وري نَوَ ٽڻ راند کيڏندا هيا. ڀنگ جي موالين جي ڪابه ڪمي ڪونه هوندي هئي ۽ متواتر ڪونڊي ۾ ڏنڊو پيو ڦرندو هيو. اونهاري ۾ وري ڀنگ پيئڻ جو مزو ئي پنهنجو هوندو هيو. شوقين مڙس ڀنگ ۾ بادام، ڦوٽا، مصري، ٿاڌل ملائي گھوٽي ان کي باريڪ ۽ صاف ڪپڙي ۾ ڇاڻي منجھس مناسب مقدار ۾ ٿڌي مَٽَ جو پاڻيءَ ملائي پيئڻ لاءِ پيش ڪندا هيا. اهڙي مذيدار ڀنگ پيئڻ مهل ته ماڻهونءَ جو اندر ٺري پوندو هيو، پر جيڪي هيراڪ نه هوندا هيا ته انهن جا ٿوري ئي وقت ۾ تاڪ لڳي ويندا هيا. پر جيڪي هيراڪ موالي هوندا هيا انهن تي ان ڀنگ جو اثر اهو ٿيندو هيو ته کين آرڙهر جا ساڙيندڙ ڏينهن به ٿڌڙا لڳندا هيا. ها کين وقت سر ڀنگ نه ملندي هئي ته سندن بي چيني وڌندي ويندي هئي ۽ اهي ان کي اڻ پيتيءَ جا نشا چوندا هيا. اسان ٻارڙن کي ڳوٺائي وري ڀنگ جي لپ ۾ گلاس پاڻيءَ جو ملائي پيش ڪندا هيا ۽ وڌيڪ نصيحت به ڪندا هيا ته هي ڪا ايڏي خطرناڪ شيءِ ناهي بس ان لپ پيئڻ سان اوهان جا ريلا جاري ٿيندا ۽ ايترو مقدار اوهان جي صحت لاءِ به مفيد آهي. ان نموني ٻار به ان جا هيراڪ ٿيندا ويندا هيا ۽ ڪجھ مهينن يا سال بعد اهي گھاٽي ڀنگ جنهن کي موالي تيلي ٻوڙ جي نالي سان ياد ڪندا هيا جا هيراڪ بڻجي ويندا هيا. ننڍي هوندي ڏاڏا سائين گھر م ڀنگ گھوٽڻ بعد ان کي ڇاڻڻ لاءِ ڪپڙي جو هڪ پَلَؤ جھلڻ لاءِ مون کي ڏيندو هيو ۽ پوءِ ان جي وچ واري جاءِ تي زور سان هٿ هڻي چوندو هيو ته پٽ صافي کي مضبوطي سان پڪڙي رک ڇوته اهو ڪم شينهن جي ڪن جھلڻ جي برابر آهي. ڪجھ وڌيل موالي ڀنگ سان گڏ چرس به واپرائيندا هيا. چرس پيئڻ لاءِ سلفي تيار ڪئي ويندي هئي. ان سلفي کي سڀ کان پهرين جيڪو ڪش هڻندو هيوته موالي ان کي ”سَرَ“ ڪرڻ چوندا هيا. پوءِ اها سلفي واري واري سان سڀني موالين کي پيش ڪئي ويندي هئي. ڀنگ جو نشو هوريان هوريان چڙهندو آهي پر اهو تمام ديرپا به هوندو آهي. جيڪڏهن ڪو اڻ هيراڪ ان کي واپرائي ته ان جي لهڻ (گھٽ ٿيڻ/نارمل ٿيڻ) ۾ هڪ کان وڌيڪ ڏينهن به لڳي ويندا آهن. ڀنگ جي نشي ڪرڻ سان دماغ جي رڳن کي نقصان پهچندو آهي، مقدار کان جھجھي ڀنگ واپرائڻ ڪري ڪيئي ماڻهون دماغي توازن به وڃائي ويهندا آهن. ان جي ڀيٽ ۾ چرس هڻ کڻ نشو آهي، هيڏانهن ڪش هنيو ناهي ۽ مڙس الوٽ ٿيو ناهي. موالي چرس يا ڀنگ واپرائڻ مهل ڪيئي ٻول به ڏيندا هيا. مثال طور ”پيئون ٿا چرس، گھمون ٿا عرش، مانجھاندو موسى وٽ“ ، ”پيئون ٿا ڦُل ڏيندا سين جنت ۾ بُلُ“ ، ”چرس ناهي چاندي، شاستريءَ جي ڌي واندي، موالين ڪم ۾ آندي“ ، ”گھوٽڻ ڀيرين گم، ڇاڻڻ ڀيرين ڇتا، پيئڻ مهل ائين اچن جيئن سائين نور شاهه جا ڪتا“، (هڪ ڀنگ جو موالي نورشاهه ڀنگ گھوٽائي پاڻ به پيئندو هيو ۽ پنهنجي ڪتن کي به پياريندو هيو.) ”اچي، ڀلي ڪري اچي، هڪ پوک ته ٻي پچي، سر سيد جو بچي، موذي هڪ به نه بچي، جيڪو بچي اهو ڏنڊي ڪونڊي هيٺيان اچي، ڪيو قادر قلندر مست“، ”جيڪي پيئن سي جيئن“ وغيره . اسان جي هڪ ويجھي مائٽ جا سندس موالي پٽ اڄ به جڏهن سندس ٻارهو ڪندا آهن ته يادگار طور تي ڀنگ گھوٽي سندس قبر تي ڇڻڪار ڪندا آهن ۽ چرس جي دونهي جو واس قبر کي ڏيندا آهن. روهڙيءَ ۾ هڪ هندو درويش وسڻ فقير جو ماڳ آهي، اهو به پنهنجي زندگيءَ ۾ ڀنگ جو وڏو عاشق هيو ۽ سندس آخري آرام گاهه تي اڄ به هروقت تازي ڀنگ جو ڪونڊو ڀريل ملندو. هڪ دفعي جڏهن اسان صوفي سنگت جا دوست ان جي آرام گاهه گھمڻ ويا هياسين ته مان پاڻ ان ڪونڊي مان لپ ڀنگ جي پيتي هئي.
ميخانو هڪ وڏي ايراضي تي مشتمل هوندو هيو، جنهن جي هڪ پاسي پڪي ۽ ٿلهي ڪاٺ مان جوڙيل غازي عباس جو علم لڳل هوندو هيو ۽ ان علم جي چوڌاري هڪ مخصوص ايراضيءَ کي پِڙُ ڪري ليکيو ويندو هيو. اهو پِڙُ مسجد جهڙو پاڪ سمجھيو ويندو هيو (۽ اڄ به سمجھيو ويندو آهي)، ڪوبه ماڻهون، ٻار يا عورت ان ايراضيءَ ۾ جتي پائي داخل ڪونه ٿيندو هيو. ٻي پاسي هڪ وڏي لانڍي جڙيل هئي، جنهن جي سامهون وڏو آڳر خالي هوندو هيو ۽ اتي هڪ ٿلهو به ٺهيل هيو. باقي سموري ايراضيءَ تي ٽالهي، ٻٻر، ٻير، نم، کٻڙ، ڪنڊي، انب، سرنهن جا وڻ ۽ گل ٻوٽا پوکيل هوندا هيا. ميخاني جي چئني پاسي کجي۽ جا وڻ فوج جي سپاهين جيان قطار ۾ بيٺل نظر ايندا هيا. انهن وڻن ۾ انيڪ قسم جي پکين جهڙوڪر طوطن، جھرڪين، ڳيرن، ڪبوترن، ڪٻرين، ڪانون، هيڙهن، ڪاٺ ٽڪڻن، ڀورين، بازن، الوئن، ڦوسين، جا وڏا وڏا خاندان آباد هوندا هيا. شام ٿيندي ئي ڪٻرين جو ٽِيڪو، جھرڪين جي ٽِين ٽِين شروع ٿي ويندي هئي. جڏهن ته ڏينهن جو طوطن جي ٽِيُون ٽِيُون، اسر جي مهل ڪبوترن ۽ ڳيرن جي ڳُٽر ڳو ڳُٽرڳو ۽ گھوگھو جا آواز ڪنن کي آسيس پهچائيندا هيا.
اسان وارو اهو ميخانو محض موالين يا ٻين ڳوٺاڻن جي راند روند لاءِ مخصوص نه هوندو هيو، جي ڪنهن جو مهمان مڙو اچي ويو ته کيس ميخاني ۾ ويهاري ماني ٽڪر کارائي خذمت چاڪري ڪئي ويندي هئي. رستي ويندڙ مسافر شهري ويندي يا اتان موٽندي ميخاني ۾ پوکيل وڻن جي ٿڌڙي ڇانو ۾ ساهي پٽي ڀرسان واري کوهه مان ڀريل ٿڌن مٽن مان پاڻي پي آسيس حاصل ڪري پوءِ اڳتي پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿيندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن راڄوڻا فيصلا ڦرڙا به اتي ڪيا ويندا هيا. ننڍڙا ٻار چدي (بلور) راند، ڏٽي ڏڪر، لڪ ڇپ جهڙيون رانديون ڪندا هيا. ان قسم جا ميخانا ڪميونٽيءَ لاءِ ملڻ جلڻ، حال احوال ڪرڻ، ٿڪ پڃڻ، آرام ڪرڻ ۽ ذهني آسودگي حاصل ڪرڻ لاءِ تمام وڏا ذريعا هوندا هيا. اتي ويٺي ويٺي جانورن جي وڪري ۽ خريداري جا مامرا پڻ طئي ٿيندا هيا ته ماڻهون رشتيداريءَ جي سلسلي ۾ هڪ ٻئي سان صلاح مصلحتون پڻ ڪندا هيا. ان سان گڏ پنهنجي دکن دردن جا داستان هڪ ٻئي سان سلي هلڪا ڦلڪا ٿي گھرن ڏانهن موٽندا هيا. سڄو ڏينهن کل ڀوڳ جون محفلون پڻ پيون هلنديون هيون ته وري ڪڏهن ڪڏهن ڪي صوفي فقير گھرائي کانئن صوفياڻي راڳ رنگ جون محفلون ڪرايون وينديون هيون. ميخاني ۾ ڪميونٽي جي شادي مراديءَ جون تقريبون به منقعد ٿينديون هيون ته فوتگيءَ جا تڏا به وڇايا ويندا هيا. محرم جي مهيني ۾ وري اتي شهيدي ڪربلا جي ياد ۾ ماتم سان گڏ مجلسون منقعد ٿينديون هيون ته ننگر و نياز به ڪيو ويندو هيو. محرم جو مهينو اسان لاءِ انتهائي اهميت وارو هوندو هيو. ذوالحج جي ستاويهن تاريخ تي علم پاڪ کي وري نئين سينگارڻ لاءِ لاٿو ويندو هيو ۽ محرم جي پهرين تاريخ تي ان کي سينگاري مخصوص جڳهه تي چاڙهيو ويندو هيو ۽ پوءِ پورا ڏهه ڏينهن ان پڙ تي روزانه رات جو ماتم ٿيندو هيو. ماتم لاءِ مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ جايون جڙيل هونديون هيون. اسان جون عورتون سنڌي اوسارا چئي ان تي ماتم ڪنديون هيو. انهن ورلاپن ۾ الائي ته ڪهڙو جادو هوندو هيو ته ڪٺور دليون به ڇڄي پونديون هيون ۽ هر اک آلي ٿي پوندي هئي. مرد پڙ جي گولائيءَ ۾ بيهي حيدر مولى حيدر مولى، ياحسين ياحيسن جي ورلاپن تي سيني زني ڪندا هيا. اسين ٻار به سندن آس پاس ۾ بيهي ساڻن سر وٺائيندا هياسين. اسان مان ڪجھ ننڍڙا وري بيلڊ سان جھير ڏئي رت ڪڍي به ماتم ڪندا هيا. اونهاري ۾ ٿڌي شربت، ٿاڌل جون سبيلن جا مٽ ڀري ماتمين کي پياريا ويندا هيا، جڏهن ته سياري ۾ چاءِ جي سبيل هلندي هئي. اونهاري توڙي سياري ۾ خاص ڪري ڇولن جو نياز ته هر رات ڪرايو ويندو هيو جيڪو مختلف ڳوٺاڻا ٺاهي کڻي ايندا هيا. مايون هر سال ڪي نه ڪي باسون باسيندويون هيون. ماتم مهل اسان جي راڄ جو مڱڻهار شادو فقير دهل جو اهڙو ته واڄو ڪندو هيو جو ان سان ماتمين جو جوش خروش تهان وڌي ويندو هيو. ان زماني ۾ اسان واري ميخاني تي ٻه عدد نغارا به هوندا هيا، جن کي منهنجو موالي مامون وڏي ڪاريگرانه انداز سان وڄائيندو هيو. نغاري، دهل، ۽ ماتمين جي ياحسين ياحيسن جي صدا پوري آس پاس جي ماحول کي سوڳوار ڪري ڇڏيندي هئي. اسان واري امام بارگاهه جي حيثيت مرڪز واري هوندي هئي. ٻيا جيڪي امام بارگاهه مختلف ڳوٺن ۾ هوندا هيا ته اهي ڏهي جي مختلف راتين تي اسان واري امام بارگاهه ڏانهن پڙ کڻي ايندا هيا. اسان واري پڙ جا ماتمي ماتم ڪندي ٿوري مفاصلي تائين سندن استقبال لاءِ اڳتي وڌندا هيا. جڏهن ٻئي پڙ هڪ ٻئي جي ڀرسان اچي پهچندا هيا ته سندن جوش خروش ڏسڻ وٽان هوندو هيو. بعد ۾ ٻئي ملي هڪ ٿي ويندا هيا. ائين ئي ڪڏهن ڪڏهن اسان جي پڙ جا ماتمي ٻين امام بارگاهن طرف به ويندا هيا. ماتم هلندي اسان کي وڏڙا اهي هدايتون به متواتر ڪندا هلندا هيا ته ”وائي ڪيو، وائي ڪيو“ يعني ياحسين ۽ حيدر مولى جا ورلاپ بلند آواز سان گڏجي چؤ ته جيئن اوڙي پاڙي جي ڳوٺن کي هلندڙ ماتم جي ڄاڻ ملي سگھي. مون کي زوردار ماتم ڪندي ڏسي ڪڏهن ڪڏهن بابا سائين مون کي هدايت ڪندو هيو ته ”تون جوش خروش سان ماتم ڀلي ڪر پر مهرباني ڪري پنهنجي سيني تي هٿ هلڪو هڻ“. !
اسان جو گھراڻو به عجيب هيو ۽ آهي. اسين ماتم ڪندا آهيون، ننگر ۽ نياز ڪندا به آهيون ته کائيندا به آهيون پر نماز وري سني مسلڪ واري پڙهندا آهيون. اڳي جڏهن اوس پاس ۾ سني مائٽن پاران اجتماع ڪيا ويندا هيا ته انهن ۾ به شرڪت ڪندا هياسين. اسان کي ڪڏهن به پنهنجن وڏڙن انهن اجتماعن ۾ وڃڻ کان نه روڪيو هو ۽ نه ئي اهي مذهبي اجتماع ڪندڙ ڪنهن ماڻهونءَ تي اعتراض واريندا هيا ته ”هي هت ڇو آيو آهي“. اسان ان صوفي روايت کي اڄ به برقرار رکيون پيا اچون. اسان جي ڳوٺ ۾ اڄ به جيڪا عيد جي نماز پير احمد شاهه تي پڙهي ويندي آهي ان جو تسلسل آهي. پير احمد شاهه جو اهو آڳر جتي هڪ جاءِ عيد گاهه لاءِ مخصوص ٿيل هئي (افسوس ته زمين جي خريداريءَ بعد اسان جي مائٽ ان تي به پوکي ڪري ڇڏي آهي) جنهن تي منهنجو ڏاڏو سائين پيش امامت جا فرائض سرانجام ڏيندو هيو، بعد ۾ سندس جاءِ بابا سائينءَ والاري هئي ۽ هاڻي اسان سنڀاريو پيا اچون. (هنوقت عيد نماز پير جي سحن ۾ پڙهي ويندي آهي). انوقت اڃا ماڻهن ۾ فرقي واريت يا ذات پات وارا زهريلا جراثيم ڪونه لڳا هئا. اسان جي اوسي پاسي رهندڙ سمورين ذاتين جا ماڻهون جيڪي مختلف مسلڪن سان واسطو رکندڙ هوندا هيا، ڏاڏا سائين جي امامت ۾ نماز ادا ڪندا هيا. انهن مان ڪجھ هٿ ٻڌي پنهنجي مولى جي آڏو سيس نوائيندا هيا ته ٻيا هٿ کولي کيس سجدن سان ٻڌائيندا هيا ته اسين سڀ تنهنجا بندا آهيون. اڄ ڪلهه ته اسان جي ملن مولوين مسجدن کي نعوذ باالله الله سائين جي حق ملڪيت کان الڳ ڪري پنهنجي مسلڪ جي جاگير بڻائي رکيو آهي. مون کي هڪ دوست ٻڌايو ته هو خيرپور جي وچ ۾ جڙيل هڪ مسجد شريف ۾ جيئن ئي نماز شروع ڪري سجدي ۾ ويو ته (ياد رهي ته اهو شيعو هيو) ته کيس ٻن ڄڻن ٽنگا ٽولي ڪري کنيو ۽ ٻاهر اچي روڊ تي ڦٽي ڪيو. ٻڌائڻ وارا بيان ٿا ڪن ته پوءِ ان مسجد جي جڳهه جتي هن نماز پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي کي تمام سٺي نموني ڌوتو ويو. احمدشاهه جو ميلو هر سال اونهاري جي مند ۾ باغن جي پِڙَنِ کڄڻ بعد لڳايو ويندو هيو. درگاهه جي فقير چاچي بخشڻ موريجي کي هرڪو پنهنجي وس ۽ وت آهر چندو ادا ڪندو هيو جنهن مان هو ڪڻڪ جو ڀت رڌرائيندو هيو. اهو ڀت اسان سڀ وڏي چاهه سان کائيندا هياسين. ميلي جي موقعي تي ڪا ڳائڻي خاص طور تي گھرائي ويندي هئي. ان محفل ۾ سڀني جو چاهه تڏهن تمام گھڻو وڌي ويندو هيو جڏهن گھور جو مقابلو شروع ٿي ويندو هيو. ان گھور جي مقابلي مان جنهن کي سڀ کان گھڻي خوشي ملندي هئي اها ڳائڻي ئي هوندي هئي جو ان عمل سان کيس جھجھا پيسا ملي ويندا هيا ۽ گھور جي عمل ۾ مشغول ماڻهن جا کيسا خالي ٿي ويندا هيا. ڀت کائڻ، راڳ رنگ جي محفل بعد پير جي ڀرسان وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل واري جي دڙن وچ ۾ ڪوڏي ڪوڏي يا ٻيلهاڙي جون رانديون ٿينديون هيو. اسان جي ڳوٺ جي آس پاس سوين ايڪڙن تي واريءَ جا دڙا هوندا هيا. اسڪول وڃڻ لاءِ اسان کي انهن واري جي دڙن کي پار ڪرڻو پوندو هيو ۽ اڪثر ڪري بابا سائين مون کي واري جا دڙا پار ڪرائي اڳڀرو ڪري ايندو هيو. واري جي دڙن تي سون جي تعدا ۾ کٻڙن جا وڻ هوندا هيا. اونهاري جي مند ۾ اسين کٻڙن مان پيرون پٽي جھوليون ڀري گھر کڻي ايندا هياسين. کٻڙن جي وڻن سان گڏ جٿ ڪٿ ٻوڙن جا جھڳٽا عام جام نظر ايندا هيا. ٻوڙن جا ٻه قسم هوندا هيا، هڪ سچا ٻوڙا ٻيا ڪوڙا ٻوڙا. اسين ٻارٻوڙي جي ڪاني ۽ ڳر مان ڦيتي جي شڪل جهڙا گولڙا ٺاهي انهن کي تيز هوائن واري موسم ۾ واريءَ جي دڙن تي گوءِ ڪندا هياسين.
انهن ٻوڙن اندر چيٽ جي مند ۾ نيسر ٿيندي هئي. ٻوڙي جو گل انتهائي خوبصورت ٿيندو آهي، قطار در قطار اهي گل ان علائقي کي قدرتي سونهن جو اڻ ميو خزانو بخشي ڇڏيندا آهن. ڳوٺاڻا انهن ٻوڙن جي نسرڻ سان موسمن جو اندازو هڻندا هيا. چيٽ ڀڄڻ مان اها مراد ورتي ويندي هئي ته هاڻ گرميءَ جي مند جي پڄاڻي ٿي ۽ ٿڌ شروع ٿيڻ واري آهي. جيئن لطيف سائين فرمائي ويا آهن ته؛
”سر نسريا پاند اتر لڳا آءُ پرين، مون تون سين ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون“.
واريءَ جي دڙن ۾ ڳورپٽ، ڄاها، ڪوئا، سيهڙ، مختلف نسلن جا نانگ، وڇون، ڪرڙيون، سانڊا رهندا هيا. ڪارڙن ۽ بگڙن تترن جي ٻولن سان اهي واري جا ڀٽ گونجندا رهندا هيا.
غازي جو علم ته اڄ به ساڳيءَ جاءِ تي لڳل آهي پر اها دلفريب جاءِ جنهن کي اسين ميخانو چوندا هياسين ان جا نشان گم ٿئي ڪيئي ورهه ٿي ويا آهن. ميخاني جي سمورن وڻن ٽڻن کي پوئين نسل وڍرائي ڇڏيو آهي. وڻن جي وڍجڻ سان گڏ ئي اتي آکيرا جوڙي رهندڙ پکين جي به نسل ڪشي ٿي ويئي آهي. هاڻي اتي ڪو طوطو ٽيون ٽيون ڪرڻ لاءِ ناهي بچيو، هاڻي جھنگلي ڪبوتر جي گھُو گھُو ڪري ذڪر ڪرڻ وارا ٻول هيمشهه لاءِ ختم ٿي چڪا آهن. گل ٻوٽا ڍورن ڍنگرن جي پيرن هيٺان لتاڙجي پنهنجو وجود وڃائي چڪا آهن، هاڻي نه اهي موالي رهيا نه اهي ماتمي، سنڌي اوسارن، سنڌي قصيدن جي جاءِ تي واپاري نيت سان مارڪيٽ ۾ آيل فلمي گانن ٽائيپ اردو ماتمي نوحن والاري ڇڏي آهي. اڄ اتي ويراني جو راڄ آهي!
بخشڻ فقير جي پيالي ڪرڻ بعد احمد شاهه جو ميلو به لڳڻ بند ٿي چڪو آهي. ڀٽن مان واري ٽريڪٽرن جي ٽرالين تي مڪمل نموني ڍوئجي چڪي آهي ۽ واري جي دڙن جا نشان ئي مٽجي چڪا آهن، جتي راندين جي مقابلي لاءِ آس پاس رهندڙ برادرين جا هزارين ماڻهون گڏ ٿيندا هيا، خوشيون ڪندا هيا، هاڻي اها سموري زمين آباديءَ هيٺ آندي ويئي آهي. انهن ڀِٽَن ۾ جيڪا جھنگلي جيوت رهندي هندي هئي سابه هن دنيا جي نقشي تان ميسارجي چڪي آهي. آس پاس جي علائقي جا سمورا تتر بندوقن جي نالين مان نڪتل بارود سان ڀسم ڪيا ويا آهن، جھنگلي سيهڙ، جھنگلي ٻلا ته ڄڻ هن دنيا ۾ هوندا ئي ڪونه هيا. ها بس ڏئي وٺي گدڙ پنهنجو نسل اڃا الائي ته ڪهڙي نموني بچايون پيو اچي. اڳ شادي شهيد جي پهاڙين ۾ جھجھي تعداد ۾ هرڻ رهندا هيا، جبلن ۾ آبادي وڌڻ ڪري انهن جو نسل به ختم ٿي چڪو آهي.
سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا هي زمين صرف اسان انسانذات جي آهي؟ يا جيڪي ٻيا ساهوارا يعني جانور، پکي پکڻ، جيت جڙا، وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا، آبي جيوت جيڪا آهي انهن کي به هن دنيا ۾ رهڻ جو ايترو ئي حق آهي؟؟؟ ٺيڪ آ انسان اشرف المخلوقات آهي، جنهن وٽ سوچڻ، سمجھڻ، دنيا جي وهنوارن کي ڏسي انهن مان نتيجا ڪڍي ان مطابق فيصلا ڪرڻ جو ادراڪ مليل آهي. ان جو مطلب اهو ٿورو ئي آهي ته کيس هر ٻي ساهواري کي نيست نابود ڪرڻ جو لائسنس مليل آهي! ٻين ساهوارن جي نسل ڪشي انسان ڪندو پيو اچي، منهنجي نظر ۾ اهي به ڪربلائون آهن جيڪي مظلوم، بي وس ۽ اسان انسانن جي رحم و ڪرم تي وجود رکندڙ ساهوارن سان اسان سڀ روزانه برپا ڪندا پيا اچون. انهن معصوم جانورن، ساهوارن، گل ٻوٽن لاءِ ته ٻاروهي محرم جو مهينو آهي. اچو ته اڄ انهن مظلومن لاءِ گڏجي نوحا پڙهي سينه زني ڪريون.
ني سي وؤڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون، پسي بازاريون هيئنڙو مون لوڻ ٿئي. لطيف.
Thursday, December 13, 2012
آغا خان ڪميونٽي هڪ جائزو
عيسوي سن اوڻويهه سؤ ڇاهتر ۾ مون سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ۾ داخلا ورتي هئي. سائنس جي پڙهائي ۾ ته ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگھيو هوم جو منهنجي سنگت وري شهر ۽ ڪاليج جي لوفر قسم جي ڇوڪرن سان هئي. ان ڪني ماحول جي هڪ جھيڙي ته منهنجو سِر کنيو هُيو. بس پِيِر زور هيا ۽ ابي امڙ جي ڪا دعا اگھاميل هئي جان بچي ويئي هئي. انوقت بابا سائين مون کي، ان ماڻهون مار ماحول کان بچائڻ لاءِ ٽي سؤ روپيه ڏيئي ڪراچي پنهنجي هڪ عزيز ڏانهن اماڻيو هيو، جنهن کيس منهنجي نوڪريءَ جو آسرو ڏنو هيو. انوقت منهنجي تعليم محض ميٽرڪ هئي باوجود ڪيترن مهينن جي رولهڙن جي نوڪري ته ملي نه سگھي هئي پر تين هٽي پرسان جهانگير ڪواٽرس ۾ جن دوستن سان رهڻ جو موقعو مليو هيو اهي پنهنجي وقت جا سون نه پر پارس هيا. انهن جي صحبت ۾ رهندي ۽ انهن جي علمي، ادبي، سياسي ڪچهرين ۽ تربيت ڪري ئي مان ان قابل ٿي سگھيو هوس ته پنهنجي دماغ ۾ ڀريل سموري فتور کي ڪڍي سگھان.
Tuesday, December 4, 2012
اک الٽي ڌار
مون کي اهي ڏينهن ٿا ياد اچن جڏهن گورنمنٽ ڪاليج آف ايڊيوڪيشن سکر جي برانڊ نيئن سوزوڪي پڪ اپ تي چڙهي اسان جي ڪاليج سائيڊ جا الحاج ڊاريڪٽر صاحب پنهنجي دفتر ايندا هيا. سندن دفتر اسان جي اسلاميه ڪاليج جي مرحوم هاسٽل ۾ قائم آهي. سوزوڪي جي ڊرائيونگ تنهن وقت جو باريش ۽ صوم و صلوات جو پابند پرنسپل صاحب بذات خود سرانجام ڏيندا هيا ۽ جڏهن دفتر جي گيٽ تي سوزوڪي پهچندي هئي ته نيڪ سيرت پرنسپل صاحب، الحاج ڊاريڪٽر صاحب (کين الله پاڪ شل جنت ۾ جاءِ ڏي) جي بيگ سنڀاري کين سندن دفتر ۾ڪرسيءَ تي ويهاري واپس ٿيندا هيا ۽ پوءِ موڪل ٿيڻ وقت وري ان ساڳي سوزوڪي ۾ صاحب جن سوار ٿي سکر جي بس اسٽاپ تي پهچي اتان ويگن ۾ ويهي پنهنجي گھر شڪارپور روانا ٿيند هيا. اهو روزانه جو وهنوار هوندو هيو. ڊاريڪٽر صاحب کي سرڪاري ڪار ته مليل هوندي هئي پر صاحب ان کي گھٽ استعمال ڪندا هيا. ان دؤر جي شرلاڪ هومز قسم جي دوستن جو چوڻ هيو ته صاحب جن سرڪاري گاڏي جي پئٽرول وارو ووچر ٺاهڻ ڪڏهن به ناهن وساريندا. ان نموني پئسن جي بچت ڪري شايد صاحب حج جي سعادت به ماڻي آيا هيا. پر ٿورو ترسو ته ساڳي صاحب متعلق ٻي هڪ اکئين ڏٺي واقعي کي بيان ڪري اوهان جي علم ۾اضافو ڪندو هلان. ساڳي صاحب جي دؤر ۾ اسان جي ڪاليج جي انوقت جي پرنسپل صاحب هڪ پروگرام رٿيو هيو. ان فنڪشن لاءِ ڊاريڪٽر صاحب جن کي خاص مهان طور دعوت ڏني ويئي هئي. پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ خاطر ڪاليج اندر پهچڻ بعد ڊاريڪٽر صاحب جن پهچڻ سان ئي ٻه فرمائشون ڪيون هيون. هڪ ته پروگرام جي ڪوريج لاءِ گھرايل ڦوٽوگرافر کان سندس تصوير ڪڍرائڻ جيڪا موصوف کي پاسپورٽ لاءِ کپندي هئي (ياد رهي ته پاسپورٽ آفيس ۾ اڄ جيان انوقت ڦوٽو ڪڍڻ جو بندوبست ٿيل ڪونه هوندو هيو) ۽ ٻيو ته ڪاليج اندر ٽڙيل گلن کي پٽي انهن مان هڪ پلاسٽڪ جي ڳوٿري ڀري ڏيڻ ته جيئن ته اهي گل ڊاريڪٽر صاحب جن پنهنجي مرحوم امڙ جي قبر تي رکي اچن. اسان جي مهربان پرنسپل سندن پهريون انگل پورو ڪرڻ ۾ ته ڪا دير نه ڪئي پر گلن کي ڇنڻ واري ڳالهه کين هرگز پسند نه هئي. ياد رهي ته ڪاليج اندر سندس ذاتي ڪوششن سان باغيچو جڙيو هيو ۽ سائين جن انهن گلن ٻوٽن سان پنهنجي اولاد وانگر محبت ڪندا هيا. پرنسپل صاحب وڏي احترام سان کين عرض ڪيو هوته قبلا گھٽ ۾ گھٽ پنهنجي جيجل جي قبر تي ته پنهنجي کيسي مان گل وٺي نڇاور ڪر پر جي وڌيڪ ضد آهي ته هو بازار مان خريد ڪيل گلن جي قيمت ڏيڻ لاءَ تيار آهي.
تبصرن جا اطلاع حاصل ڪرڻ لاءِ:
هتي ڪلڪ ڪريو