پروفيسر گل ڪٽوهر پنگريو واقعو؛ ڪجھ سوال ۽ ڪجھ جواب ڪجھ ڏينهن اڳ پنگريو ۾ ڀوري ڀيل جي لاش جي بي حرمتي وارو جيڪو واقعو پيش آيو هو، ان وحشي پڻي تي ڪيئي مضمون اچي چڪا آهن. سياسي، سماجي، ادبي ۽ انساني حقن جي علمبردار ماڻهن پاران اهڙي انسانيت کان ڪريل حرڪت جي مذمت ٿي چڪي آهي. مختلف ٽي وي چينلن توڙي فيس بوڪ ۽ ٽيوٽر تي گھڻائي پيغام پهچڻ سان گڏ ڪيئي واسطيدار وڊيوز به اپ لوڊ ڪيا ويا آهن. انهن ۾ هڪ ڳالهه تمام صاف آهي ته ان انسانيت سوز سانحي کي برپا ڪندڙ ڌرين ۽ فردن کي پنهنجي ڪيل ڪم تي ٽڪي پيسي جي به شرمساري ناهي. کين ته (شايد) ان ڳالهه تي فخر محسوس ٿيندو هجي ته پنهنجي پر ۾هنن اسلام جي سربلندي وارو عظيم ڪارنامون سرانجام ڏنو آهي. ان معاملي تي بحث اڃا به جاري آهي. شايد ڪجھ ڏينهن بعد اهو معاملو به ماڻهن کان ان نموني وسري وڃي جيئن سيتا وارو واقعو ماضيءَ جو قصو بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ هڪ چرئي ماڻهون جو مٿو سرعام لٺين باٺن، سرن سان چٿي، کيس گهلي شهر جي وچ چوڪ ۾ آڻي نعره تڪبير، نعره حيدري ۽ جيئي سنڌ جي نعرن جي گونج ۾ باهه ڏيئي ساڙيو ويو هيو.- پر جيڪو اهم سوال آهي جنهن طرف اسان جو تمام ٿورو خيال ٿو وڃي ته آخرِ ڪار اهڙا هانو ڏاريندڙ واقعا هر هر ڇو ٿا رونما ٿين؟ انگريزي اخبار ڊان جي 13 آڪٽوبر 2013 واري شماري ۾ سائرل الميڊا (Cyril Almeida) جو مضمون بعنوان ’ملاله کان نفرت‘ (Hating Malala) شايع ٿيو آهي. جنهن ۾ ليکڪ ان ڳالهه تي بحث ڪيو آهي ته طالبان سان گڏ عام ماڻهن جو هڪ حلقو به ملاله يوسف زئي سان نفرت ڪري ٿو ته ان جو ڪهڙو سبب آهي؟ جڏهن ته هن معصوم کي ننڍي عمر ۾ طالبان پاران گوليون هلائي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي، هِن کان ڪهڙو گناهه سرزد ٿيو هو سواءِ ان جي ته هوءَ ڇوڪرين جي تعليم جي حق ۾ هئي. ان سلسلي ۾ سندس چوڻ هو ته رياست کي جيڪي بنيادي ڪم ڪرڻ گھرجن اها ڪرڻ ۾ صفا ناڪام ويئي آهي. تعليم، صحت، امن امان، انصاف نالي ڪا شيءِ نظر ڪونه ٿي اچي. ان صورت ۾ماڻهون وڃن ته ڪيڏانهن وڃن ۽ ڪن ته ڇا ڪن؟ اهو هڪ تمام وڏو بنيادي نڪتو آهي، جنهن جي سمجھڻ سان ٻيون پيچيده ڳالهيون چٽي نموني سمجھ ۾ اچي وينديون. رياست جي ناڪامي ماڻهن کي ٻين رخن ڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪندي آهي. مثال طور جڏهن عدالتون سالن جا سال ماڻهن جي معمولي ڪيسن تي فيصلا ڏيڻ بدران هر مهيني کين حاضري ڏيڻ جو ڪم ڪنديون ته ماڻهون لامحاله سرچاءُ ۽ پرچاءُ لاءِ ڳوٺ جي وڏيري وٽ ويندا جيڪو بيٺي بيٺي ڪونڪو فيصلو ٻڌائي کين روانو ڪري ڇڏيندو آهي. پاڻ وٽ ڪجھ اهڙا خانگي تعليمي ادارا آهن جتي جيڪا تعليم مهيا ڪئي ويندي آهي ان کي ڪنهن حد تائين پاڻ معياري تعليم جي زمري ۾ آڻي سگھون ٿا، پر اها انتهائي مهانگي آهي، ۽ غريبن جي پهچ کان صفا چڙهيل آهي. سرڪاري ادارن ۾ هيٺين ڪلاسن تائين تعليم مفت آهي جڏهن ته ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي سطح جي تعليم جو خرچ به ڪنهن حد تائين غريب غربي جي پهچ ۾ آهي پر اها صفا ناڪاره بڻائي ويئي آهي. اهڙي صورت ۾ غريب ۽ گھٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ هڪ پاسي ڀت ٻئي پاسي باهه آهي. اهي خانگي ادارن جي ڳاٽي ٽوڙ خرچن ڀرڻ جهڙا ناهن ته ٻي پاسي انڌي جهڙي پيڪي تهڙي ساهرين واري ڪار لڳي پئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ غريب ماڻهون پنهنجن ٻارڙن کي مدرسن ۾ داخل ڪندا آهن، جنهن لاءِ وٽن اهو دليل هوندو آهي ته ٻارڙن کي رهائش، کاڌو پيتو مفت ٿو ملي ۽ الله ۽ رسول جي سنت جي متعلق علم به مليو وڃي. صحت جي شعبي جو حشر به ساڳيو آهي. سرڪاري اسپتالون ڪوس گھر کان گھٽ ناهن، جڏهن ته پرائيوٽ اسپتالن جا ڳاٽي ٽوڙ خرچ عام ماڻهن جي برداشت کان ٻاهر آهن. ان صورتحال ۾ ماڻهون پنهنجي دردن جو درمان پيرن، فقيرن، تعويذي ملن مولوين جي درن تي وڃي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پوليس جو ڪم آهي ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ، ڏنگن، لوفر، چور چڪار، ڦورو ۽ طاقتور ماڻهن جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان کين بچائڻ، پر زميني حقيقتون ان جي بنهه ابتڙ آهن. پوليس جو کاتو ته وڌ کان وڌ ماڻهن جي زندگين کي زهر بڻائڻ جي ڪڍ آهي. سنڌ ۾ پوليس پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي آهي. ان ڪري عام ماڻهون سردارن، ڀوتارن، وڏيرن، پٽيلن يا ڀتي خورن جي درن تي وڃي تحفظ لاءِ ٻاڏائين ٿا. جڏهن ماڻهون رياستي ادارن مان مايوس ٿي غير رياستي عناصرن وٽ پنهنجي دردن جي درمان لاءِ پهچن ٿا ته اهي سندن مٿي تي هٿ گھمائي، کين ٻه چار ابتيون سبتيون ڳالهيون سڻائي، آسرا ڏئي روانو ڪندا آهن. اهي جيئن ته عيار، مڪار، چالاڪ، حرفتي هوندا آهن ۽ آساني سان عام ماڻهن جي سطحي سوچ جو فائدو وٺندي ڪمال ڪاريگريءَ سان پنهنجا ذاتي ۽ گروهي مفاد حاصل ڪندا آهن. ماڻهون سمجھندا آهن ته کين ڪجھ نه ڪجھ ته ملي ويو پر حقيقت ۾ اهي سراسر گھاٽي جو فيصلو ڪري پنهنجو پاڻ کي وڏي ٻوهي ۾ وجھڻ جو سبب بڻجندا آهن. اهي ماڻهن جي سادگيءَ جو فائدو وٺندي کين بار بار اهو باور ڪرائيندا آهن ته هو ئي سندن اصلي رکوالا، ناخدا، همدرد ۽ هڏ ڏوکي، مرشد، ڀوتار سنڀاليندڙ ۽ پاليندڙ آهن. جيڪڏهن اهي سندن ڪڍ لڳندا، سندن چوڻ تي هلندا، کين پنهنجو اڳواڻ، مرشد، ڀوتار سمجھندا ته ان ۾ سندن پنهنجو ئي فائدو آهي. اهڙيون ڳالهيون ڪري اهي عام ماڻهن جي دماغن جي برين واشنگ جو ڪم ڪندا آهن. جميل خان ”نواءِ انسان“ جولاءِ 2013 وارري شماري ۾ ”دماغي تطهير جي ذريعي ذهني غلامي“ ۾ لکي ٿو ته ”دماغي تطهير يا برين واشنگ واري پروگرام جو دارو مدار انهيءَ ڳالهه تي آهي ته فرد جي نفيسات کي مسلسل ڪشمڪش ۽ اظطرابي ڪيفيت ۾ رکيو وڃي، ايستائين جو هو ڪرڀ جي اظهار جا رستا تلاش ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي وڃي يا پوءِ ڇڙوڇڙ ۽ پريشان ڪندڙ فضا سان گڏ خود کي هم آهنگ بڻائي ڇڏي، پر جڏهن نفسياتي ڪشمڪش جو ماحول مسلسل قائم ۽ اظطرابي ڪيفيت فرد يا فردن تي هر لمحي مسلط رهي ته اهڙي صورت ۾ انفرادي يا اجتماعي سطح تي ماحول سان گڏ مثبت طور تي هم آهنگ هئڻ جي صلاحيت ختم ٿي وڃي ٿي ۽ اهڙن روين اظهار ٿيڻ لڳي ٿو، جيڪي اخلاقي ۽ معاشرتي قدرن لاءِ انتهائي تباهه ڪندڙ ثابت ٿي سگھن ٿا.، اڪثر جڳهين تي انهي حڪمت عملي جو منظم انداز ۾ نفاذ ڪيو ويندو آهي ته گھڻا ماڻهون حيواني سطح کان به هيٺ ڪري پوندا آهن ۽ اخلاقي قدر بيدرديءَ سان پامال ڪيا ويندا آهن، انساني نفسيات کي ڪشمڪش ۽ اظطراب ۾ مبتلا ڪرڻ لاءِ اهڙي فضا تشڪيل ڏني وڃي ٿي، جنهن ۾ بار بار هڪ ئي طرح جا منظر يا فرد يا فردن جي آڏو آندا وڃن ٿا ۽ وڏي گھرائيءَ سان گڏ انهن منظرن کي ماڻهن جي فڪرن تي حاوي ڪري ڇڏيو ويندو آهي“. مٿي بيان ڪيل پس منظر ۾ جڏهن اسين سنڌ اندر سماجي شعبن واري ماحول جي پرک ڪنداسين ته اسان کي ڪي واضع اهڃاڻ ملي ويندا. سرڪاري ادارن جي ناڪامي جا انتهائي خوفناڪ اثر اسان جي معاشري ۾ ظاهر ٿيڻ لڳا آهن. ماڻهن جي سوچڻ ۽ سمجھڻ واري صلاحيت تمام هيٺين سطح تائين ڪري پيئي آهي. هاڻ اهي پنهنجو دماغ استعمال ڪرڻ بدران جيئن رئيس، ڀوتار، سردار، مرشد، مولوي چئي ان تي اکيون پوري عمل ڪرڻ کي ايمان سمجھڻ لڳا آهن. هر پاڙي ۾ ٻه ٻه ٽي مسجدون آهن. هر مسجد ۾ ٽيپ رڪارڊر رکيل آهي، جنهن تي هر وقت ڪو نه ڪو واعظ پيو هلندو آهي ۽ انهن مسجدن تي لڳل لائوڊ اسپيڪر اهو آواز پري پري تائين پهچائيندا آهن. اڪثر ڪري انهن ۾ چڙ ڏياريندڙ تقريرون هلايون وينديون آهن، جنهن ڪري مخالف فرقي وارا ۽ خاص ڪري اقليتي برادري جا ماڻهون مستقل خوف جي سائي ۾ گذارڻ تي مجبور ڪيا ويا آهن. سيتا ٻائي (فرضي نالو) جو ڪڻو شهيد بي نظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام جي وسيلئه حق پروگرام ۾ نڪتو هيو. ”وسيلئه حق“ پروگرام تحت بي واهه ۽ غريب عورتن کي ٽي لک روپيا ڏنا ويندا آهن. اهي پئسه کين ڪنهن نه ڪنهن ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ لڳائڻ لاءِ پابند بڻايو ويندو آهي ته جيئن ان پروگرام مان فائدو حاصل ڪندڙ پنهنجي پيرن تي بيهي سگھن. مالياتي مدد ڏيڻ سان گڏ انهن کي انهن پئسن مان ڌنڌي ڌاڙيءَ ڪرڻ جي سکيا پڻ ڏني ويندي آهي. پر جيئن ته اسان جي معاشري ۾ عورتون ڌنڌي ڌاڙي ۾ عملي حصو گھٽ وٺنديون آهن ۽ گھڻو ڪري مرد حضرات اهو ڪم سرانجام ڏيندا آهن. سو ان ڳالهه کي سامهون رکندي ڪڻي ۾ نالو نڪرندڙ عورتن کي اها سهوليت ڏني ويندي آهي ته اهي پنهنجي مڙس، پٽ يا اهڙي ڪنهن مرد جو نالو ڏئي سگھن ٿيون جيڪو بعد ۾ ساڳيو ڪم عملي طرح سرانجام ڏيڻ جو پابند هوندو ۽ ساڳي گھر ۾ ساڻن گڏ رهندو هوندو. ان سلسلي ۾ سيتا پنهنجي پٽ موهن (فرضي نالو) کي نامينيٽ ڪيو هيو. 28 سکيا حاصل ڪندڙن ۾ موهن سڀ کان غريب پر انتهائي فضيلت وارو نوجوان هو. سال 2013 جي فيبروري مهيني جي آخري ۽ مارچ جي پهرين هفتي جي ڏينهن جو قصو آهي ته لکي شهر ۾ ساڳي پروگرام تحت آيل بينيفيشريز جي مون سکيا پئي ڪرائي جنهن ۾ اهو موهن به هو. ان پروگرام جي هڪ سرگرمي اها به هوندي آهي ته سکيا حاصل ڪندڙن کي بازار ۾ موڪليو ويندو آهي ته اهي اتي وڃي ڪونه ڪو ڌنڌو ڪن ته جيئن کين خبر پوي ته ڌنڌي ڪرڻ ۾ ڪهڙيون عملي ڏکيائيون آهن ۽ ٻيو ته ڪهڙي ڪم ۾ ڪيترو منافعو آهي. مون جڏهن موهن کي ان سرگرميءَ لاءِ چيو ته هن انتهائي شرمساري، عاجزي ۽ بي وسيءَ وچان وراڻيو هو ته ”سائين مون کان ڪير خريداري ڪندو“! مون سندس ان تمام ننڍڙي جملي ۾ هن جي دک، درد، بي وسي، لاچاري کي سمجھي ورتوهو. اسان انگريزن، يهودين، هندن، عيسائين جي هٿن جون ٺهيل شيون ته وڏي چاهه سان خريد ڪندا آهيون، انهن کي استعمال ڪندا آهيون ۽ انهن تي فخر پڻ محسوس ڪندا آهيون پر پنهنجي ڳوٺ جي ڀيل، مينگھواڙ، مارواڙي کي پاڻ سان گڏ ويهارڻ ساڻن کائڻ پيئڻ، سندن هٿن جي شيءِ کي خريد ڪرڻ ۾ گھٽتائي محسوس ڪندا آهيون. اهڙي عمل کي وري اسان اسلام جي تعليمات سان ملائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. اسلام ته اهڙي اونچ نيچ کي ختم ڪرڻ لاءَ آيو هيو، اهي رسمون ته دؤر جاهليت واريون آهن جن کي اسان اڃا تائين چچڙن وانگي چهٽيا ويٺا آهيون. ان سڄي معاملي جو ڏکوئيندڙ پهلو ئي اهو آهي ته هڪ انسان پنهنجو پاڻ کي ڪنهن ڪاروبار کان رڳو ان ڪري پاسيرو ٿو رکڻ چاهي ڇوته ٻيا کيس اڇوت، ڪافر، ڪريل سمجھن ٿا. ان کان وڌيڪ انسانيت جي تذليل ٻي ڪهڙي ٿيندي پر اهو هڪ موهن ته ناهي ان جي پوري برادري ان ساڳي نهج تي سوچيندي هوندي. جن ڳالهين تي اسان کي شرم اچن گھرجي انهن تي پاڻ فخر ٿا ڪيون ۽ جن ڳالهين تي فخر ڪرڻ گھرجي انهن کان اسان کي نفرت ٿي محسوس ٿئي. اسان جي معاشري ۾اقليتي برادريءَ سان وهنوار ڪنهن به صورت ۾ هڪجهڙائي وارو ناهي، ۽ اسان ساڻن اهڙو ڪرڀ ڀريل رويو رکي ان ۾ پنهنجو شان سمجھندا آهيون. اهڙي سطحي سوچ ۽ سمجھ، چڙ ۽ نفرت، بغض ۽ ڪيني وارا رويا پاڻ هرتو نسري وڌي وڻ ناهن ٿيا، پر انهن جي عوام دشمن طبقن ۽ گروهن پاران آبياري ڪئي ويئي آهي. وڏيرا، پير، مير، ڀوتار، سردار، خان، ملان، مولوي، ڪامورا ڪڙا، سرمائيدار، وياج خور بظاهر ڀلي ته الڳ الڳ نظر اچن، سندن مذهبي، سياسي قبلا کڻي ڪهڙا به هجن پر عوام کي ڇٿڻ، انهن جي حقن کي ڦٻائڻ، غريبن کي تعليم کان پري رکڻ، کين اقتصادي نموني پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي سمورن موقعن کان عاري رکڻ واري ايجنڊا تي اهي ڌريون هڪ ٻئي سان سؤسيڪڙومتفق آهن. ان نموني جي سماجي صورتحال اندر انبوهه (Mob) واري خطرناڪ روين جو ڦهلاءُ ٿئي ٿو ۽ پنگرئي ۽ سيتا جهڙا سانحا رونما ٿين ٿا. لکي متعلق ٿورو ٻڌائيندو هلان ته اهو ضلع شڪارپور جو تعلقه به آهي ته سکر کان شڪارپور روڊ تي ساڳي نالي سان ننڍڙو شهر به آهي. لکي جي حدن سان ملحق علائقن ۾ ڪجھ طاقتور برادرين جو تمام گھڻو اثر و رسوخ آهي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اهي ئي علائقا قبائلي جھيڙن جھٽن ڪري جهنم بڻيل آهن ۽ ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي حالت انتهائي رحم جوڳي آهي. لکي تعلقه هيڊ ڪواٽر آهي پر پوري شهر ۾ ڪٿي به مٺو پاڻي ميسر ناهي. شهر جا ماڻهون پيئڻ لائق مٺو پاڻي پري کان ڀري ايندا آهن. جيترا ڏينهن مون اتي سکيا پئي ڪرائي ته مان سکر کان مٺي پاڻيءَ جو ڪنستر ڀري کڻي ايندو هوس جيڪو اسان سکيا ڏيندڙ ۽ سکيا وٺندڙ پيئندا هياسين. لکي شهر ايندڙ يا ڳوٺن ڏانهن موٽندڙ مردن، عورتن، ٻارڙن جي لاءِ جيڪا مقبول سواري نظر آئي اهو گڏهه گاڏو هيو. شهر ۾ گڏهه گاڏن جي ڪابه ڪمي ناهي. ان ساڳي شهر ۾ مون گورنمنٽ پرائمري اسڪولن جي اسڪول مينيجمنٽ ڪاميٽين جي اهميت، انهن جي افاديت ۽ انهن کي سرگرم ڪرڻ بابت هڪ ٽريننگ به ڪرائي هئي. ان سکيا ۾ هڪ استاد سکر کان شڪارپور جي مين روڊ جي ٻنهي پاسن تي پرائمري اسڪولن جا نالا کڻي اهو ٻڌايو هو ته اهي سڀ جو سڀ بند آهن. ۽ ٻي ڳالهه جيڪا نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته ساڳي روڊ جي ٻنهي طرفن کان قدم قدم تي اوهان کي ننڍا توڙي وڏا مدرسا نظر ايندا. جت مدرسي جو استاد مولوي صاحب کٽ تي آهليل نظر ايندو جڏهن ته ننڍڙا کُتابي چندي جي پيٽي هٿ ۾ کڻي هر ايندڙ ويندڙ گاڏيءَ کان چندي جي التجا ڪندي نظر ايندا. سرڪاري رسمي تعليم جي تباهي ۽ مدرسن جي فراواني ۽ قبائلي سسٽم جي مضبوطيءَ جا خوفناڪ نتيجا ان علائقي واسي ڀوڳي رهيا آهن. فرقي واريت ۽ ذات پرستي جون زهريليون سوچون پنهنجي عروج تي آهن. پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ان قسم جي سوچ رڳو اڻ پڙهيل يا گھٽ پڙهيل ماڻهن وٽ نه آهي پراسان جا ڪيئي پڙهيل لکيل ماڻهون پڻ اهڙين انتها پسند روين جو شڪار ٿي ويا آهن. مثال طور تي ڀوري ڀيل واري واقعي کي ڪيس اسٽڊي طورکڻوٿا، ته اسان کي نظر ايندو ته ان بنهه غير انساني عمل ۾شامل جاهل ماڻهن جي بچاءُ واور ”نيڪ“ ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ ڪيئي اسان جا نام نهاد پڙهليل لکيل به نظر اچن ٿا. سندن انداز ته ”ڀلا ڀيلن کي مسلمانن جي قبرستان ۾ پنهنجي ماڻهون کي پورڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي هئي“ سندن اهو بيان بظاهر ته بي ضرر ٿو نظر اچي پر جي ٿورڙو به غور ڪبو ته اسان سمجھي ويندا سين ته سندن ان ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو ئي ته آهي ته ان قسم جي واقعي رونما ٿيڻ ۾ ڀوري ڀيل جي مائٽن جي ئي غلطي آهي ٻين لفظن ۾ ته اصل وارڌات جو محرڪ وري به اهي پاڻ ئي آهن، نه هو اهڙو ڪم ڪن ها نه ئي پنگريو جي مسلمانن جي غيرت جاڳي ها. حقيقي تعليم ۽ تربيت ماڻهن منجھ محض اکر شناسيءَ جي ادراڪ وارو ڪم ناهي ڪندي پر ان سان گڏ انسان جي روين ۾ مثبت تبديلي پڻ کڻي ايندي آهي. ماڻهن منجھ سهپ،رواداري، ڀائيچاري، هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ شرڪت ڪرڻ جا سڀاويڪ جذبا پڻ نمودار ٿيڻ لڳندا آهن. معاشري اندر اهڙي تعليم ۽ تربيت جي اڻ هوند عام خلق کي جانور بڻائي ڇڏيندي آهي، کين پنهنجي ذات کان سواءِ باقي سڀ دشمن لڳندا آهن. ڪاوڙ سندن نڪ تي رهندي آهي، ٿورين ٿورين ڳالهين تي خوناريزي روز جو معمول بڻجي پوندو آهي. ماڻهون علم، هنر، ڏاهپ، سهپ، درگذر ڪرڻ جهڙين خصوصيتن کان وانجھا ٿي ويندا آهن. ذات پرستي ۽ توهم پرستي اهڙن معاشرن ۾ جنم وٺندي آهي. پنهنجي قبيلي، ذات پات کي اعلى ۽ باقي سمورن برادرين کي نيچ سمجھڻ جا رجحان چوٽ چڙهيل هوندا آهن. اهڙن معاشرن ۾ پيرن، ڀوپن، وڏيرن، ملن مولوين جي حڪمراني چوٽ چڙهيل هوندي آهي. اهي ماڻهن جي اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ هوندا آهن. ماڻهون انهن کي پنهنجي دردن جو درمان سمجھندا آهن. پيرن جا اوتار، وڏيرن ۽ ڀوتارن جو اوطاقون، مولوين جا حجرا آباد هوندا آهن. اهي ماڻهن جي سطحي سوچ مان خوب خوب ڪمائيندا آهن. سنڌ اندر فرقيواريت، قبائلي سوچن، ذات پرستي، عدم سهپ جون پاڙن پٽڻ ۽ ان جي جاءِ تي امن ۽ ڀائيچاري، جي فضا کي قائم ڪرڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي ته واسطيدارن ادارن کي سرگرم ڪيو وڃي. صحت جون سهولتون، تعليم، انصاف جي فراهمي، روزگار جي موقعن تائين هر عام ۽ خاص شهريءَ جي پهچ کي يقنيي بڻايو وڃي. جڏهن ان قسم جا قدم کنيا ويندا ته مستقبل ۾ اهڙا هانو ڏاريندڙ واقعا رونما ٿيڻ جا گھٽ ۾ گھٽ امڪان رهندا.
امير گل ڪٽوهر جو بلاگ Amir Gul Katohar's Blog
Wednesday, November 6, 2013

Tuesday, October 22, 2013
Wednesday, September 11, 2013
مان ڪن به پنجن سوالن جا جواب لکو. 25
1. پاڻ سڳورا صه وسلم ڪهڙي قسم جي ماڻهن کي مومن نٿا چون؟
2. سخين جي لاءِ قران مجيد ۾ ڪهڙي تعريف ٿيل آهي؟
3. نبي ڪريم صه وسلم جن حضرت علي رضه جي سخاوت بابت ڇا فرمايو آهي؟
4. سوات ماٿريءَ ۾ ڪهڙا مکيه شهر آهن؟
5. نبين جو سپهه سالار ڪير آهي؟
6. سيد شڪرالله ڪٿي جو قاضي هو؟
7. ٽيليفون جو ايجاد ڪندڙ

Wednesday, August 28, 2013
ويا سي وينجهار (پروفيسر منظور اڄڻ بي وقتي موت تي لکيل تاثر)
دوست وٽان ٽيڪسٽ ميسيج مليو ته ”سائين پروفيسر منظور اڄڻ هاڻي هن دنيا اندر ناهي رهيو“ مون لاءِ اهڙي ڳالهه تي يقين ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هيو ڀلا هي به ڪا مڃڻ جهڙي ڳالهه آهي!، اڃا ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي سائين راز علي گل ڀٽو جي آفيس ۾ ويهي محبتي محفل مچائي هئي سين. انهن انمول لمحن ۾ ڪيل ڪچهريءَ ۽ ڪچهريءَ ۾ ونڊيل ٽهڪڙن جا پڙلاءُ ته منهنجي ڪنن اندر اڃا تائين پيا گونجن، ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ ماڻهونءَ جو آواز، ٽهڪ، ٽهڪن جا پڙلاءُ ته جيئرا جاڳندا هجن پر همراهه پاڻ نه هجي!!!؟
ڪڏهن هوا دروازو کولي،
منهنجي گهر ۾ پيهي ايندي،
۽ ڪمري مون کي ڳولي،
مايوسي مان موٽي ويندي،
ميز مٿان سوَ ڪاغذ،
پکڙيل هوندا آءٌ نه هوندس،
۽ ٻيو ڇا ڇا آءٌ نه هوندس۔
شيخ اياز
۽ ها سائين منظور اڄڻ صاحب ڪراچيءَ ۾جنهن دعوت جي نينڍ ڏني هئي ان جو ڇا ٿيندو؟ ڀلا ائين ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته ماڻهون ائين سڀ ڪم، سڀ وعدا وچن اڌ ۾ ڇڏي بنا موڪلائڻ جي هليو وڃي! هو اهڙو ته هوئي ڪٿي! هن پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي ڪجھ چيو ان تي عمل ڪري ڏيکاريو، هن پنهنجي ڄمار ۾ڪنهن يار دوست کي مايوس ته ڪيو ئي نه هيو...پر هاڻي کيس ڇا ٿيو....ڪجھ حقيقتون ڪيڏيون نه اڻ وڻندڙ ۽ ايذائيندڙ هونديون آهن. هڪ پرين پيارو، هڪ دوست، هڪ سٺي سڀاءُ وارو انسان جيڪو ڪالهه تائين اسان جي صفن ۾ ويٺو هيو، جيڪو ٽهڪ ورهائيندو هيو، جيڪو دوستن جي خدمت ڪري آسيس ماڻيندو هيو، اهو اڄ ناهي. ڪي لقاءُ جيڪي ائين نه ٿيڻ گھرجن جڏهن رونما ٿيندا آهن ته اسين وائڙا ٿي ويندا آهيون. مان پڻ، اڄ اهڙي وائڙائپ واري جبل جي چوٽيءَ تي ويٺو آهيان، سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته ڪوڙو دلاسو ڏيئي دل کي وندرايا يا ان زهر جهڙي ڪڙي سچ کي پي وڃان!!! مان پنهنجي پياري دوست کان ڪجهه طلب ڪيان يا کيس ڪجھ پيش ڪريان. فقير سان گذاريل لمحا، وعدا وچن، سفر، ڀوڳن ۽ چرچن جون نه کٽندڙ محفلون اهي سڀ جهڙوڪر خواب هئا...نه ائين ناهي فقير مالڪ کي پنهنجا وعدا وچن نڀائڻا پوندا، کيس اهو حق نه ٿو پهچي ته ائين بنا حساب ڪتاب جي هليو وڃي.
ڪاش ائين ٿئي ها ته مان پنهنجي دوست پڄاڻا جيڪي ڪجھ سندس لاءِ لکي رهيو آهيان، اهو مون تي لکي ها ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها. هو جيڪو هڪ ذميوار پيءُ هيو، قابل آفيسر هيو، هڪ لائق انسان هيو، ادب سان بي انتها چاهه رکندڙ ماڻهون هيو، سچو صوفي ۽ سنڌ دوست هيو، جيڪو يارن جو يار هيو، مون جهڙي انسان جي هئڻ يا نه هئڻ سان ڪهڙو ٿو فرق پوي پر جڏهن سائين منظور جهڙا ماڻهون هليا ويندا آهن ته ڪيئي مامرا اڌ ۾ رهجي ويندا آهن. ڪير پورو ڪندو انهن اڌورن پراجيڪٽس کي؟؟؟ ممتاز صحرائي به ائين ئي هليو ويو هيو، سندس وڃڻ سان ڪتابن سان بي انتها پيار ڪندڙ هڪ سٺي انسان کان سکر جا دوست محروم ٿي ويا هيا، اسان جي انتهائي مٺڙي دوست شوڪت خواجائيءَ کي شهيد ڪيو ويو هيو، هڪ چرندڙ پرندڙ تاريخ خاموش بڻجي ويئي هئي، هاڻي سائين منظور اڄڻ جي اڻ مندائتي وڇوڙي سکر جي اديبن ۽ دوستن ۽ سندس گھر ڀاتين کان جهڙوڪر گھاٽي بڙ جي ڇانوَ کسي ورتي آهي. اسان تعزيتن ۾ قدرت جي قانونن تي صبر جي تلقين ڪندا آهيون جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو چارو به ناهي هوندو، پر حقيقت ۾ اهڙن حادثن تي پنهنجي دل کي سمجهائڻ ئي تمام ڏکيو ڪم هوندو آهي. جڏهن به ڪو سلڇڻي سڀاءُ، سهڻي سيرت وارو انسان بي وقتي جدا ٿيندو آهي ته اندر مان اساٽون الماڙين جيان اٿنديون آهن ۽ دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي اهو چوڻ تي مجبور ٿيندي آهي ته اهو جيڪرنه ٿي ها. هي به ڪا ائين راهه رباني وٺڻ جي مند هئي! پنهنجي ڪنهن پرين پياري جي اڻ مدائتي اڏام تي لکڻ مون لاءِ دنيا جو سڀ کان ڏکيو ڪم آهي. حالانڪه دل ۾ اڌما سمنڊ جي منهن زور ڇولين وانگر پيا اٿلون کائيندا آهن ته وڇڙي ويل دوست جي لاءِ سوين پنا ڪارا ڪيان پر جڏهن ڪجھ لکڻ لاءِ ليپ ٽاپ (Lap Top) تي ويهندو آهيان ته آڱريون ڪي بورڊ (Key Board) تي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن، دماغ وارو سي پيو يو (CPU) آن ٿيڻ کان نابري واري ويهندو آهي ۽ انوقت مون کي جڳجيت ۽ چترا پاران ڳاتل غزل ياد اچي ويندو آهي؛
اچھا سا کوئی موسم، تنہا سا کوئی عالم،
ہر وقت کا رونا تو بی کار کا رونہ ہے۔
عمر عزيز جا ڪيئي يادگار لمحا فقير جن سان گڏ گذاريا به هاسين ته گھاريا به هياسين. ڪاش مونکي به حضرت غالب وارو علم اچي ها ته يادگيرين کي ڳنڍين ۾ ٻڌي ڇڏيان ها ۽ هاڻي هر ڳنڍ کولي اهو بيان ڪيان ها. حقيقت ۾ منهنجو دماغ ئي ڳنڍ کائي چڪو آهي. بس ڏئي وٺي چند ساروڻيون آهن جيڪي ڪنهن جھڙالي رات اندر دور افق تي ڪن ڌنڌلن ستارن وانگر ٽمڪندي نظر پيون اچن.
ڀلي سڀ ڪجھ وسري وڃي پر سندس طبيعت ۾ جيڪو سواد هيو اهو وسرڻ ممڪن ناهي. ڌيرج سان ڳالهائيندڙ، هر ڪنهن سان ڳراٽڙي پائي ملندڙ، نوجوان اديبن کي اتساهه ڏيندڙ، سنگت ساٿ جي خدمت کي پنهنجي ايمان جو جز سمجھندڙ فقير منظور ماڻهون ٿوروئي هيو ملائڪ هيو. هو دوستن جي لاءِ بڙ جي گھاٽي ڇانوَ مثل هيو.
مان به سالن کان اديبن جي سائي ۾ رهندو پيو اچان ته من ڪو ماسو مال ملي ته پرباش ٿي وڃان. ان ئي راهن تي هلندي مون کي ياد پيو اچي ته ڪو وقت هيو ته سکر جي اديبن کي پنهنجي ادبي ڪچهرين ڪرڻ لاءِ ڪو مناسب ٺڪاڻو ميسر ڪونه هوندو هيو. پر اسان جي هن دوست پنهنجو اسڪول، پنهنجي سرڪاري گاڏي سنگت حوالي ڪري ڇڏي هئي. سنڌي ادبي سنگت سکر شاخ سندس قيامت تائين ٿورائتي رهندي جو هن پنهنجي اسڪول جا دروازا سنگت لاءِ ڪڏهن به بند نه ڪيا هيا. جيستائين سائين جن سکر ۾ هيا ته هرجمعي جي ڏينهن شام جو سکر جي اديبن جا پير پنهنجو پاڻ گورنمنٽ اسڪول فار بلائينڊ ڏانهن وڌڻ لڳندا هيا.
سندس اسڪول جو هال جنهن جي ڀتين تي ڪيئي صوفياڻا شعر سهڻن اکرن ۾ لکيل آهن ان ڳالهه جي گواهي ڏيندو ته تهه سيارين توڙي تئي وانگر تتل ڏينهن ۾ اتي ڪيئي ڪارائتا پروگرام ٿي گذريا. تحقيق اهي منقعد ٿي نه سگھن ها جيڪڏهن اسان جي غريب اديبن کي اهو هال مفت ۾ نه مليل هجي ها. شايد گذريل اونهاري جي ڳالهه آهي ته ان هال ۾ ئي لطيف سائين جو ڏهاڙو ملهايو ويو هيو. تتل ڏينهن هيو، بجلي به بند هئي پر پوءِ هادي ڀٽ صاحب، بشير منگي، راز علي گل ڀٽو، مور خان مهر، مقيم ناز بلوچ، سچل ڀٽي، نذير وڌو، بشير سميجو سميت ڪيئي دوست ان پروگرام ۾ شريڪ ٿيا هيا ۽ ان پروگرام جي ڪمپيرنگ سائين منظور اڄڻ جن پاڻ ڪئي هئي جو انوقت سائين جن سنڌي ادبي سنگت سکر شاخ جا سيڪريٽري هيا.
مون کي تاريخ يا سال ته ياد ناهي پر اهو چٽيءَ طرح ياد آهي ته ان ئي هال ۾ فقير منظور هڪ يادگار محفل موسيقي منقعد ڪرائي هئي، جنهن ۾ درگاهه جھوڪ شريف جو فقير امام دين ڊکڻ پنهنجي پوري سُنگ سوڌي رنگ ڄمايو هيو. منهنجي زندگيءَ جي اها هڪ يادگار محفل هئي. فقير امام دين جي سامهون سيٽن تي ڪجھ ملوڪ صورتون پڻ ويٺل هيون ۽ فقير پنهنجي فل مستيءَ ۾ محفل کي اهڙو ته رنڱيو هيو جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. مون پوري زندگيءَ ۾ اهڙي شاندار محفل نه اڳ ڏٺي يا ٻڌي هئي نه ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين ٻڌي سگھيو آهيان. فقير منظور اڄڻ جن جو چوڻ هيو ته هن فقير امام دين ڊکڻ جن جي اڪيچار محفلن ۾ شرڪت ڪئي آهي پر سائين جن کي اهڙي رنگ ۾ هُن صرف هڪ دفعو اڳ درگاه جھوڪ شريف تي ڏٺو هيو. ڪاش اهي گھڙيون بيهجي وڃن ها ۽ اسين سڀ انهن يادگار ساعتن جو حصو بڻجي امر ٿي وڃون ها.
سکر جي اديبن سان گڏجي سائين منظور اڄڻ جي گاڏي ۾ ڪراچيءَ تائين هڪ تاريخي سفر ڪيو هوسين. سکر کان ڪراچي ۽ ڪراچيءِ کان سکر تائين فقير منظور ڊرائيونگ جو ڪم پاڻ ئي سرانجام ڏنو هو. سکر کان ڪراچيءَ تائين اوٽ موٽ هائيس ويگن جي ڊرائيوري ٿڪائيندڙ عمل آهي پر مجال آهي جو سندس منهن تي ٿڪاوٽ يا بيزاريءَ جو ترورو به نمودار ٿئي. اسان جو اهو هڪ يادگار سفر هيو ڪاش ڪو دوست جنهن جي يادگيري سٺي هجي ته ان سفر تي هڪ ڀرپور سفرنامون ترتيب ڏئي سگھي ٿو. ها ياد ٿو اچيم ته سائين ضياءَ شاهه ان قسم جو وعدو پڻ ڪيو هيو. اهو ڀوڳ، چرچن، ٽهڪن سان معمور سفر هيو. فقير گاڏي جي ٽيپ ۾ لتا جو ڪلام پئي هلايو ته ”ميري چڙهتي جواني ترسي، تون منه نه موڙ، تون وعده نه توڙ“ ته ڪنهن دوست سائين جن کي چيو هيو ته سائين ڪلام ٻڌي پاڻ کي جوان پيو محسوس ڪري، مون کيس چيو هيوته سائين اوهان گھڻي خوش ٿيڻ جي ضرورت ناهي جو لتا لڳ ڀڳ ستر سالن جي آهي ۽ اوهين سندس مقابلي ۾ واقعي به ”جوان“ آهيو پر متان سندس ڪلام ٻڌي ڪو غلط مفروضو قائم ڪيو.
ٻئي هڪ دفعي مون منظور اڄڻ سائين جن کي ذاتي طرح گاڏيءَ جي لاءِ عرض رکيو هيو، جيڪو سائين جن بلا چون وچران جي قبول ڪيو هيو. ڊاڪٽر ايوب شيخ جي تعاون سان مون لاڙڪاڻي ڪنهن شادي ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ بي بي سي جي مشهور نمائندي وسعت الله خان کان ڪاليج لاءِ ڪلاڪ کن ٽائيم ورتو هيو. مسٽر وسعت الله خان کي منظور اڄڻ فقير جي ويگن ۾ سکر ايئرپورٽ کان ڪاليج کڻي آيا هياسين شايد ڊرائيوري به سائينجن پاڻ ئي ڪئي هئي. هو سنگت ساٿ جا اهڙا ڪم ڪري دلي خوشي ۽ آسيس محسوس ڪندو هيو.
ان کان علاوهه سندس اسڪول جي اڱڻ ۾ بشير منگي ۽ سندس ڪراچي جي اديب دوستن جون گڏيل سالگرهن وارا ڪيئي پروگرام به ٿيا هيا.
ڪالهه تائين فقير اسان منجھ موجود هيو اڄ ڄڻ هوا ۾ تحليل ٿي ويو آهي. ڪالهه تائين هو اسان جي هنن محفلن جان هوندو هيو، هاڻي رچايل محفلون هن کان سواءِ اداس اداس ۽ ٻسيون ٿيون لڳن. پر ڇا ڪجي اهو سفر جاري رهڻو آهي.
”مرد نه مرن ڪين ڪي، ڪوپا هِن قائم،
ديهيءَ ري، دائم، حاضر هن هر جاءِ تي.
مرڻ مهڻو نه آهي، ڪل نفساً ذائقة الموت جو مزو هر ديهيءَ کي چکڻو آهي، جو وچن ويڙهيچن سان ڪري هتي آيو آهي، انهيءَ کي نڀائڻ لاءِ واپس موٽڻو آهي. جيئن حديث شريف ۾ آهي ته ’هر شيءِ کي اصل ڏانهن موٽڻو آهي‘، بندي جو دائمي مقام به اهو ئي آهي، باقي هي دنيا مانجهاندي جو ماڳ آهي. حضرت علي جن جو قول آهي ته ’هي دنيا پل مثل آهي، جنهن جي هڪ ڇيڙي تان چڙهبو ۽ ٻي ڇيڙي کان لهبو، وچ تي گھر ٺاهي نه ويهون‘.
”انهيءَ قول جي روشنيءَ ۾ غور وَ فڪر ڪبو ته هن قول مان انسان کي وڏو سبق حاصل ٿئي ٿو جنهن ۾ مڪمل جدوجهد جو درس ملي ٿو، جيئن شاهه ڀٽائي فرمايو آهي ته’تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي، متان ٿئي اونداهه ته پير نه لهين پرين جو‘ انسان هت جدوجهد جو عمل کڻي آيو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجا حق ادا ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪري ٿو، ڏاڍاين، تڪليفن مان پاڻ گذاري ٿو تڏهن هو حاصلات جي منزل رسي ٿو ۽ خلق خدا لاءِ هڪ استاد ۽ رهبر جي حيثيت ماڻي ٿو“. فقير پروفيسر منظور اڄڻ پاران سنگت پبليڪشن سکر جنوري 2013ع ۾ سندس پاران ڊاڪٽر ملڪ نديم تي لکيل تاثر تان کنيل.
منهنجي پنهنجي خيال موجب اهو عمل اڻ وڻندڙ آهي پر اها به اٽل حقيقت آهي ته اڻ ٽر پڻ آهي. سائين پروفيسر فقير منظور اڄڻ ان اڄاتل سفر تي روانو ٿي چڪو آهي، پاڻ سڀني کي به اهو سفر ته بهرحال هر صورت ۾ ڪرڻو آهي بس ان جي تاريخ جي خبر ناهي. تاريخ جي اڻ ڄاڻائي به هڪ قسم جي غنيمت آهي. اها اڻ ڄاڻائي اسان کي موت جي خوف کان بچائڻ جو هڪ تمام وڏو وسيلو آهي.
فقير منظور اڄڻ سمورا ڏکيا ڪم پاڻ سرانجام ڏيندو هيو ۽ جڏهن مشهوري يا اسٽيج تي اچڻ جو وارو ايندو هيو ته دوستن کي موڪليندو هيو. ان قسم جو رويو رکڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي ته پاڻ ماڻهون پس منظر ۾ رهي سڀ ڪم اڪلائي ۽ پروموٽ پنهنجي دوستن کي ڪري! اهڙا انسان مري به مات ناهن کائيندا، ڪي مري به جيئرا رهندا آهن، پياري پروفيسر فقير منظور اڄڻ جن جو ڳاڻاٽو به اهڙن امر انسانن ۾ ئي ٿيندو. هو هميشه لاءِ اسان دلين ۾ زنده جاويد رهندو.
katohar@gmail.com
Tuesday, August 20, 2013
سنڌ جي تعليمي تباهيءَ جو ذميوار ڪير آهي؟
پنهنجي معاشري ۾ اهو بحث عام جام پيو هلندو آهي ته ”ادا ٻار پڙهائي طرف اصل ڌيان ئي ڪونه پيا ڏين، سڄو وقت اجاين سجاين ڳالهين ۾پيا زيان ڪن“ اها ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح پڻ آهي. ٻار ٽي وي سيٽ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي فلمن، ناچ گانن يا راندين روندين وارن پروگرامن کي ڏسي ان ۾ پنهنجو قيمتي وقت وڃائيندا آهن. جن گھرن ۾ ڪمپيوٽر جي سهولت آهي ته انهن گھرن جا ٻار يا ته ڪمپيوٽر تي رانديون کيڏندا آهن يا يوٽيوب تي گانا ٻڌڻ يا ڊائون لوڊ ڪرڻ وارو ڪم سرانجام ڏيندا آهن ۽ باقي ٽائيم جي رهيل ڪسر سوشل نيٽ ورڪ فيس بوڪ تي ڪڍندا آهن. پر رڪارڊ جو اهو هڪ پاسو آهي. ان معاملي ۾ ٻارڙن جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ اسان پنهنجي معاشري اندر سندن سير و تفريح جو ڪيترو سامان مهيا ڪري رکيو آهي. اسان جي ڳوٺن يا شهرن اندر راندين جا ڪيترا گرائونڊ جڙيل آهن؟ ڪيتريون تفريح گاهون ٻارن لاءِ ٺاهيون ويون آهن؟ ڪتابن ۽ ڪمپيوٽر جي سهولت سان ليس ڪيتريون لئبرريون آهن؟ جت ٻار مثبت سرگرميون ڪري سگھن يا وڃي علم جي اڃ اجھائين؟؟!! ٻارڙن جي ذهني ۽ سماجي اوسر ۾ اهم ڪردار تعليمي ادارا ڪندا آهن. جتي قابل استاد کين چڱي ۽ بري جي تميز سيکارڻ وارو ڪم سرانجام ڏيندا آهن. پر اسان جي معاشري اندر اهي ڀڙڀانگ لڳا پيا آهن. ٻهراڙي جا اسي سيڪڙو تعليمي ادارا ڀوت بنگلا آهن. جت ڍور ڍنگر ٻڌل نظرا يندا يا انهن کي شادي جي غمي جي سلسلي ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. شهر جي تعليمي ادارن جو حشر به ٻهرارڙين وارن اسڪولن کان ڪو بنهه چڱو ڪونهي. تعليمي ادارن مان مراد سرڪاري تعليمي ادارا وٺڻ گھرجي، جن ۾ اسان جي ٻارڙن جي اڪثريت پڙهندي آهي. هونئن اسان وٽ جيڪي ٻار آهن اهي ڪنهن به صورت ۾ ٻين قومن جي ٻارن کان گھٽ هوشيار ناهن. وٽن اڳتي وڌڻ، سکڻ، سمجھڻ، مقابلي ڪرڻ واريون سموريون صلاحيتون موجود آهن. بس هڪ ڳالهه جي کوٽ آهي ته کين معياري تعليم نه پئي ملي ۽ ان سان گڏ کين معاشرتي مدد به مهيا ڪونه پئي ٿئي. سٺا استاد ڪڻو ڪڻو آهن، هيڊ ٽيڇر پرنسپل يا وي سي جيڪي آهن اهي مال ميڙڻ جي ڪڍ آهن، سپروائيز ۽ اي ڊي او يا ڊي او گولي جا گولن مان تن جي گولي جي مصداق سياسي ماڻهن جا ماڻهون آهن. ٻارن کي تعليمي حوالي سان اسرڻ، نسرڻ، اڳتي وڌڻ، سوچ ۽ سمجھ وارين صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ وارو جيڪو ماحول ملڻ گھرجي اهو ناپيد آهي. پر ان هوندي به سنڌ جي نوجوانن کي جتي به ڪا ڳلٿي يا وٿي ميسر ٿي آهي ته انهن پنهنجو پاڻ کي هرسطح تي مڃرايو آهي. سنڌ جا ڪيئي نوجوان هنوقت به پاڪستان توڙي دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي اعلى تعليم پرائي رهيا آهن. سنڌ جا ڪيئي سلڇڻا پٽ دنيا جي اهم ترين ادارن ۾ اهم پوزيشن تي ڪم ڪري رهيا آهن. پر اها به حقيقت آهي ته اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن، جڏهن ته اسان جي معاشري کي ضرورت آهي ته اهڙا صدورا پٽ هزارن نه پر لکن جي تعداد ۾ هئڻ گھرجن. هن وقت جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي نوجوان پاڪستان يا دنيا اندر ناليوارن ادارن اندر اهم جاءِ والارڻ ۾ ڪامياب ويا آهن ته ان پويان سندن ذاتي ڪوششن جو وڏو هٿ رهيو آهي. لاشڪ اهو تعدا هزارن ۽ لکن ۾ هجي ها جيڪڏهن انهن کي پنهنجن تعليمي ادارن جي مدد مليل هجي ها. جيڪڏهن تعليم جو معيار پرائمريءَ کان وٺي ڪاليج سطح ۽ يونيورسٽيءَ تائين اعلى هجي ته جيڪر اسان سنڌ وارا ڪيئي اهم مورچا بنا ڪنهن جنگ ۽ جدل جي جيتي اچون.
سنڌ جي تعليمي تباهيءَ جو ذميوار ڪير آهي؟ واري سوال تي پاڻ وٽ وڏا مناظري نما بحث ٿيندا رهندا آهن. ان سوال جي جواب ۾ استاد شاگردن جي والدين ڏانهن اشارو ڪري چوندا آهن ته ”اسان ته ٻارن سان حال سارو مٿو هڻون ٿا پر سندن والدين ڪڏهن پڇڻ به ناهن آيا!“، جڏهن ساڳيو سوال والدين جي سامهون رکيو ويندو ته اهي استادن جي گسائڻ، نه پڙهائڻ، ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ جا الزام ڌري پاڻ کي آجو قرار ڏيندا رهندا آهن. سياستدان عوام کي ڏوهي قرار ڏيندي نظر ايندا ته ڪامورا هيٺين ملازمن چڙيل نظرايندا آهن. ان نموني اوهان جنهن به اسٽيڪ هولڊر سان ڳالهائيندا ته اهو پنهنجي ذميوارين تي ڳالهائڻ بدران ٻئي تي الزام ڌري پنهنجي ڪوتاهي تي پردي رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
منهنجي راءِ آهي ته اهو هڪ اجايو بحث آهي ته تعليمي تباهي جو ذميوار ڪير آهي. ان بربادي جي پويان ٿورو ڪي گھڻو سڀني جو هٿ رهيو آهي. ها ان حقيقت کان ڪوبه انڪار ڪري نه سگھندو ته سنڌ جي تعليم پرائمريءَ کان يونيورسٽي سطح تائين ڊهندڙ ڀرندڙ حال ۾ آهي ۽ ٻي خوفناڪ ڳالهه جنهن ڏانهن ڪنهن جو ڌيان ئي ڪونه پيو وڃي ته اهڙي صورتحال جي ڪري پوري سنڌ جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي. اسان جي ايندڙ نسلن جو مستقل اونداهو پيو ٿيندو وڃي. اسين ان ڳالهه تي مٿو کپائڻ ته ذميوار ڪير آهي بدران جيڪڏهن اهو سوچيون ته ان صورتحال ۾ بهتري ڪيئن ٿي آڻي سگھجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. جنهن ڌٻڻ ۾ پاڻ سنڌ وارا ڦاٿل آهيون ڇا اهڙي صورتحال محض اسان سان پيش آئي آهي يا ٻيون قومون به ان سان منهن مقابل آهن يا اهڙي قسم جي صورتحال ۾ مثبت تبديلي آڻي سگھيا آهن. ڀلا پري ڇو وڃون پياري پاڪستان جي پنجاب ۽ سرحد صوبي کي ئي مثال طور کڻون ٿا. پنجاهي کن سال اڳ تعليمي ميدان ۾ سنڌ ٻين سڀني صوبن بشمول پنجاب کان به ڪيئي دفعا اڳتي هئي پر اسان جي سياسي نااهلين ڪري اها وئي پوئتي ڌڪبي. ڪو وقت هو ته سنڌ جا نڪما شاگرد جڏهن سنڌ ۾ امتحان پاس ڪري نه سگھندا هيا ته اهي ساڳيا امتحان پنجاب مان ڏيئي ڊگريون وٺي ايندا هيا ۽ هاڻي رڪارڊ جو بلڪل الٽ پاسو پيو هلي ته پنجاب جا نڪما شاگرد ڌڙا ڌڙ سنڌ جي سرحدي ضلعن ۾ رشوت عيوض امتحان ڏئي ڊگريون پيا حاصل ڪن. سرحد جتي ضياالحق جي دؤر کان وٺي مذهبي انتها پسندن علم دشمني جي حد ڪري ڇڏي آهي. پاڻ روز اخبارن ۾ پڙهندا آهيون ته فلاڻي شهر ۾ ڇوڪرين جي اسڪول کي بم جي ڌماڪي سان اڏاريو ويو آهي يا اسڪول ويندڙ ڇوڪرين جي منهن تي تيزاب هارڻ وارا واقعا به ڪيا ويندا رهيا آهن. ملاله يوسف زئي جو جڳ مشهور قصو ته ڪنهن کان به ڳجھو ڪونهي پر اهڙي صورتحال هوندي به سندن تعليمي شرح ۽ تعليمي معيار اسان سنڌ وارن کان تمام مٿاهون آهي. پاڙيسري ملڪ سريلنڪا سالن تائين گھرو ويڙهه جي باهه ۾ سڙندو رهيو آهي پر حيرت جي ڳالهه ته ڏسو سندن تعليمي شرح سؤ سيڪڙو آهي. هندستان جي تيز رفتار ترقي پويان سندن سياسي صلاحيتون ته برابر آهن پر ان ترقي ۾ تعليمي شرح ۽ سٺي معيار جو به وڏو هٿ آهي. اسان کان ته هاڻي بنگله ديش به اڳتي نڪري چڪو آهي. منهنجي هيتري ساري تمهيد ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته هي مسئلو ڪو اهڙو ناهي جنهن جو حل ناممڪن هجي. جڏهن ٻيون قومون يا ملڪ ڀلائي آڻي سگھن ٿا ته اهي سمورا امڪان هتي به آهن.
اسان کي معياري تعليم ڏيندڙ تعليمي ادارن جي گھرج آهي. ان سلسلي ۾ حڪومتي ڪوششون ڀلي جڏهن ٿين يا نه ٿين پر جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو اسڪول آهي ان ۾ ٻه ٽي جيڪي استاد آهن، هو جيڪو هيڊ ماسٽر آهي ته انهن کي ڪنهن روڪيو آهي ته اهي تعليم جو معيار نه وڌ ائين!. پرائمري پيڙهه آهي سٺي ڪم جي شروعات اتان کان ئي ٿيڻ گھرجي. ان ڪم ۾ ڳوٺ وارا جيڪڏهن دلچسپي ڏيکاري ڪا تبديلي آڻيندا ته کين به ڪو ڪونه جھليندو. ڪاليج سطح تي پرنسپل کي ڪاليج جي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري کان ڪوبه نه ٿو روڪي يا ٽوڪي، بس اهو آهي ته اڪثر جيڪي اسان جا ان سطح تي پرنسپل مقرر ڪيا ويندا رهيا آهن انهن جي ڪسوٽي غلط رکي ويئي آهي اهي يا ته سينارٽي يا سياسي سفارشن تي مقرر ڪيا ويندا آهن. ٻنهي صورتن ۾ اهي ڪي مثبت تبديلين بدران ذاتي ۽ گروهي مفادن جي رکوالي جي ڪڍ هوندا آهن. پر ان حقيقت کان به انڪار ناهي ته معاشرتي ڀڃ ڊاهه واري هن ئي ماحول ۾ اسان کي پرائمري، سيڪنڊري کان وٺي ڪاليج سطح تائين ڪيئي ڀلوڙ استاد، هيڊ ٽيچر ۽ پرنسپل ملي ويندا جن پنهنجو دين ايمان پئسي کي ڪونه سمجھيو هوندو. مون کي جڏهن به اهڙن اسڪولن يا ڪاليجن جي دؤري جو موقعو مليو ته مون کي بهار جي مند ۾ گھلندڙ ٿڌڙي هير وارو سڀاويڪ احساس محسوس ٿيندو رهيوآهي. خاص ڪري جن تعليمي ادارن کي ڪي سٺا تعليمي اڳواڻ هيڊ ٽيچر يا پرنسپل جي صورت ۾ مليل هوندا آهن ته انهن جي شڪل ئي مٽيل ملندي آهي. ان ڪري ئي ته اهو ڪنهن چيو هو ته ”مون کي ڪو سٺو اسڪول ڏيکاريو مان اوهان کي سٺو پرنسپل ڏيکاريندس“. سٺي اسڪول ۽ ڪاليج جو واسطو سڌوسنئون سٺي هيڊ ٽيچر يا پرنسپل سان هوندو آهي. اهي پنهنجي اداري کي چار چنڊ لڳائڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪندا آهن بس ٿورڙي همٿ هجي، حوصلو هجي ته هر ڳالهه ممڪن آهي. معياري پرائمري تعليم ڪاليج سطح جي تعليم کي وڌائڻ لاءِ ضروري آهي ۽ ڪاليج سطح جي معياري تعليم وري يونيورسٽي جي تعليم جي معيار کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي. جيڪڏهن اسان واقعي به قوم جي تقدير بدلائڻ جا خواهش مند آهيون ته اسان کي هرسطح جي تعليم جي معيار کي وڌائڻو پوندو. جيڪڏهن اسان اڄ کان ڪي ڪوششون وٺنداسين ان ڪم کي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچڻ ۾ گھٽ ۾ گھٽ سورهن کان ارڙهن سالن ۽ اعلى تعليم جي مد ۾ 20 يا 22 سالن جو عرصو لڳندو. معياري تعليم ڪا اڪ جي ماکي ناهي ته اها آساني سان لهي وڃي هي هڪ تمام پيچيدهه عمل آهي، پر آهي به تمام ضروري ان کان سواءِ چاڙهو به ڪونهي.
اسان مان گھڻو ڪري سڀ ان ڳالهه تي نظر رکندا آهن ته کين صحيح صحيح ڪم سرانجام ڏيڻ گھرجي ۽ اسان تمام گھڻو وقت ان ڳالهه تي سيڙائيندا آهيون ته صحيح ڪم ڪيئن سرانجام ڏيئي سگھجي ٿو. اها ڪا هروڀرو خراب ڳالهه به ناهي پر جيڪڏهن اسان صحيح ۽ غلط واري جھنجھٽ مان جان آجي ڪري بس منزل طرف پنهنجو سفر بنا دير جي شروع ڪري ڏيون ته تهان سٺو ٿيندو. ها ائين ڪرڻ سان اسان کان غلطيون ٿينديون پر اهي غلطيون ئي صحيح گس لاءِ رهنما ثابت ٿينديون ان ڪري اچو ته سفر شروع ڪريون، صاف نيت سان، نيڪ ارادن سان، چڱائي جي اميد سان، سهاني مستقبل جي آس سان، سنڌ کي پڙهائي ان بچائڻ واري نعري سان اچو ته سفر شروع ڪريون، سفر لاءَ ضروري ناهي ته پاڻ وٽ لکين ماڻهون هجن، هجوم هجن بس ٻه چار جيڪي به آهيون اهي شروعات ڪيون قافلا پنهنجو پاڻ جڙي پوندا.
Thursday, August 1, 2013
تعليمي تحقيق ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽون
تبصرن جا اطلاع حاصل ڪرڻ لاءِ:
هتي ڪلڪ ڪريو

.jpg)