Wednesday, September 30, 2015

رقص مين هي سارا جهان







ڪجھ ڏينهن اڳ سائين علي حسين قاضي صاحب سان گڏجي سنڌ جي هڪ وڏي صوفياڻي درگاهه تي محفل سماع جو مزو وٺڻ ويو هوم، جتي سائين ارشاد سومرو، سائين صوفي عبدالحميد سومرو به مليا هيا. اسان جو سماج جيڪو نيم ملان خطره ايمان جهڙن ماڻهن جي ور چڙهيل آهي، اتي ضروري آهي ته ماڻهن جي روح کي راحت ڏيندڙ، دل ۾ محبت، رحم  جا جذبا اڀاريندڙ  اهڙيون محفلون مچن. مون کي تمام گھڻي خوشي ٿي ته درگاهه جي نوجوان متولي هر مهيني (اسلامي ڪيلينڊر)  جي پهرين خميس جي شام (جمع جي رات) تي اهڙي محفل جو اهتمام ڪيو آهي. جڙيل پنڊال پوري نموني ماڻهن سان ڀريل هو، پبڊال ۾ ويٺل  ماڻهن ۾ رنگ، مذهب، ذات، پات، ننڍ وڏائي جو ڪو مامرو نه هيو. سڀ محبت ۽ امن جا پانڌيئڙا هيا.  محفل جي ڪمپيرنگ اسان جو تمام پيارو دوست سائين منظور اڄڻ ڪري رهيو هو. راڳ رنگ جي محفل ۾ صوفي راڳين تمام خوبصورت صوفياڻا ڪلام ڳائي ٻڌندڙن کي خوب محظوظ ڪيو ۽ ماڻهون جھومي پيا. ان راڳ رنگ دؤران ڪي ملنگ گيڙو ۽ ساوا ڪپڙا پهري رقص ڪري رهيا هيا. سندن رقص وجدان وارو هيو، کين خبر ئي نه پي پئي ته سندن پورو جسم پگھر ۾ شم ٿي ويو آهي يا اتي ڪي ٻيا ماڻهون به آهن. مون کي ڪنهن ڪلام جو مصرعو ياد اچي ويو هو ته "رقص میں ہے سارا جہاں". 

پر انهن ڳالهين کان هٽي ڪري ڪي ڳالهيون مون محسوس ڪيون جيڪي هت پيش پيو ڪريان.
راڳ رنگ جي لاءِ مخصوص پنڊال ۾ اڻ ڳڻيا گارڊ پنڊال جي چوڌاري، پنڊال جي ڀرسان جڙيل عمارتن جي ڇتن تي بيٺا هيا. صوفين جي درگاهن تي وزيرن، پيرن، ميرن وارو پروٽوڪل ڏسي مون کي حيرت ٿي. مون سوچيو پئي ته درگاهه جو متولي انهن سڀني پرائيوٽ گارڊن کي پگھارون به ڏيندو هوندو؟ جيڪڏهن واقعي به اهي سڀ پگهاردار اسان جي نوجوان متوليءَ جي حفاظت لاءِ ڀرتي ٿيل آهن ته پوءِ ته کيس لکين روپيه ته محض پگھارن جي مد ۾ ڏيڻا پوندا هوندا. پر جيڪڏهن انهن کان ونگار پئي وهائي ويئي ته اها به صوفياڻي روح جي خلاف ڳالهه آهي!

مون ٻي ڳالهه به نوٽ ڪئي ته اسان جي ان محفل ۾ نوجوان متولي اهو واحد ماڻهون هيو جنهن تي صوفياڻي راڳ جو ڪوبه اثر ڪونه پئي ڏسڻ ۾ آيو. سندس منهن مبارڪ تي جيڪا سختي منڍ ۾ هئي اها آخر تائين قائم رهي، راڳي ويچاري ڪلام ڳائيندي، دوهيڙا هڻندي ڪيئي دفعه سائين جن ڏانهن داد لاءِ نهاريو پئي پر هو ته پنڊ پاهڻ ٿي ويٺل نظر اچي رهيو هو.

ٽين ڳالهه جيڪا مون محسوس ڪئي ته غلاميءَ جي حد تائين ڪريل پيري مريدي وارو رنگ اتي به نظر آيو. ڪيئي ماڻهون نوجوان متولي جي پيرن تي هٿ رکي رهيا هيا، ڪي سندس هٿن کي چميون ڏئي رهيا هيا، هڪ نوجوان ته راڳين کي هزار هزار جا نوٽ متوليءَ جي پيرن کي ڇهي پوءِ ڏئي رهيو هيو.  اسان جي صوفي عالمن پيري مريدي، بزرگي کي ننديو آهي ۽ ان کي انسانيت جي توهين قرار ڏنو آهي پر صد افسوس ته سندن اولاد سندن ئي ٻڌايل اصولن جون ڌڄيون اڏاري رهيا آهن.  مون کي هڪ سٽ سائين بيدل جي ياد پئي اچي ته ”بزرگيءَ کان ڀڄي بيدل رنديءَ جا رنگ رچايا سي“ يا سچل سائين چئي ويو آهي ته ”نه مان مير، نه مان پير، سڄي فقر جو فقير“.


اسان جي صوفي بزرگن پنهنجي شعر و شاعريءَ ۾ جنهن ڳالهه جي تبليغ ڪئي آهي ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. لطيف هجي يا سچل، بيدل هجي يا روحل فقير، ٻڍل سائين هجي يا انور سائين، خوش خيرمحمد هيسباڻي هجي يا حمل انهن سڀني محبت، امن، ڀائيچاري، سک، شانتي، پيار ۽ پنهجائپ جا درس ڏنا آهن. اچو ته سندن پيغام کي پاڻ به پڙهون، پنهنجن پيارن کي به پڙهايون ۽ اهو آواز پوري ڌرتيءَ جي گولي تي ڦهلايون. انهن جي پيغام تي عمل ڪرڻ ۾ اسان سڀني جي ڀلائي آهي. امن هوندو، محبت هوندي، ايڪو هوندو، سهپ هوندي، هڪ ٻئي جو احترام هوندو ته اسين ترقي ڪنداسين ۽ سک جي زندگي گذارينداسين جيڪا اسان صوفين جي منشا به هئي. 

Monday, September 7, 2015

خالد بروهي، گمنام تاريخ نويس ۽ اديب

هُن سان منهنجي واقفيت ته تمام پراڻي آهي پر ساڻس دل کولي ڪچهري مون ڪالهه ئي ڪئي هئي. زيرو پوائنٽ سکر جي ڀرسان هڪ اين جي او جي اورينٽيشن پروگرام جي دوستن پروگرام جي پڄاڻيءَ تي بريانيءَ جو هڪ عدد پيڪٽ ڏنو هو مون سوچيو هو ته اهو ساڻس گڏجي کائيندس پر هن يار ته ٻه چمچا کائي معذرت ڪئي ته سندس معدي جي خرابي ڪري هو ان ڪم ۾ منهنجو ساٿ ڏئي نه ٿو سگھي ۽ اها سڄي پليٽ مون کي کائڻي پئي. پر ان کان پوءِ چانهن جي ڪپ تي 2 ڪلاڪ کن جيڪا ڪچهري مون دلبر خالد بروهيءَ سان ڪئي اها يادگار هئي/آهي. خالد بروهي سنڌ جي يگاني تاريخ نويس مولائي شيدائيءَ جي گھراڻي سان تعلق رکي ٿو ۽ هي بذات خود تاريخ جو تمام وڏو ڄاڻو آهي. جڏهن خالد تاريخ تي ڳالهائي رهيو هو ته مون کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ يار بوسڪيءَ جي ڪپڙي جي ٿانن جا تهه پيو کولي...خالد بروهي محض تاريخ تي ڳالهائي نه پيو پر هو انهن تاريخي واقعن جي ڀرپور ڇنڊڇاڻ ڪندو به پئي هليو. ڪيئي داستان هيا جن کٽڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو. سعادت حسين منٽو جي افسانن کان وٺي مٿس هلايل ڪيس جا احوال انهن ۾ فيِض احمد فيض جي شاهدي، امرتا پريتم جا ڪتاب، اردو غزل، تاريخ جا مستند ڪتاب وغيرهه...پر ڪالهه ئي مون کي خبر پئي ته خالد بروهي جي اندر ۾ هڪ انتهائي معصوم ٻار به ويٺل آهي جيڪو ماضيءَ جا قصا بيان ڪندي نه رڳو پنهنجا ڳوڙها روڪي نه سگھندو آهي پر ٻڌندڙ جون اکيون به آليون ڪري وجھندو آهي. سکر جي البيلي انسان سائين شوڪت خواجائي کان پوءِ مون کي هي ٻيو انتهائي ڄاڻو دوست مليو آهي جيڪو سکر، سنڌ، پاڪستان ۽ پوري دنيا جي تاريخ تي دليلن سان ڳالهائڻ ۾ ڪا هٻڪ يا هٽڪ محسوس ناهي ڪندو. خالد بروهي کي مون عرض ڪيو ته مالڪ پنهنجي ڳالهين کي تحرير جي شڪل ۾ آڻي ۽ هو اهو ڪم ڪري به رهيو آهي پر سندس ان شڪايت جو ازالو ڪير ڪندو ته ”يار مولائي شيدائي جو تاريخ تي تمام گھڻو ڪم ته اڃا تائين ڇپيو ئي ناهي ته منهنجي لکڻين کي ڪير لفٽ ڪرائيندو“...
سنڌ اندر علم، ادب، تاريخ، سياست، تهذيب، ڪلچر، موسيقي، دانش ۽ ڏاهپ رکندڙ ڪيئي گمنام انسان رهن ٿا پر انهن ۾ هڪ ”خرابي“ آهي ته اهي پنهنجي مارڪيٽنگ نه ٿا ڪن، سندن ميڊيا يا ادب جي ميدان ۾ ڪي لابيون به ناهن ۽ ”منڊيءَ ۾ ٽڪ“ اهو ته اُهي نه ته ڪامورا آهن نه وٽن پئسو آهي ته پوءِ ڀلا کين ڪير لفٽ ڪرائيندو. ؟؟؟!!! هي اسان وارو يار به انهن مان هڪڙو آهي 

Monday, August 24, 2015

اچو ته گڏجي سڏجي ڳالهائڻ جو فن سکون


تازو هڪ پروقار ادبي تقريب ۾ شرڪت جو موقعو مليو، جنهن جي ميزباني پڻ هڪ تمام سٺو پڙهيل لکيل دوست ڪري هو. مون کي انوقت ڏاڍي حيرت ٿي جڏهن ميزبان دوست هڪ مهندار دوست کي مهمان خاص جي سيٽ تي ويهڻ کان اڳ 
لطيف سائينءَ جو هي شعر

ڄنگھ ڄرڪي وات ۾، سسي کي سنسار
چوڙا ٻيڙا چڪ ۾، لڙ ۾ لٽيس وار،
لکين چهٽيس لوهڻيون، ٿيلهيون ٿرنئون ڌار،
مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي.

 پڙهيو، منهنجي ناقص خيال مطابق اهو برمحل نه هو ۽ وقت ۽ حالتن جي مدنظر بلڪل به اڻ موزون هيو. اسان جيڪي ان تقريب جا مهمان هياسين منجھي پياسين ته سائين اهو شعر ڪنهن کي مخاطب ٿي چيو آهي. ڪهڙا مڇ مڙيا آهن جيڪي سهڻي کي ڀاڱا ڪندا، اسٽيج تي ويهاريل علم ۽ عقل وارا يا اسان جهڙا ان تقريب مان لاڀ پرائيندڙ سامعين ۽ ناظرين... ان موقعي تي مون کي هڪ پراڻو ان جهڙوئي هڪ پروگرام ياد اچي ويو.  هڪ ڪامريڊ دوست پاران مهمان خاص کي ويهارڻ کان اڳ شعر پڙهيو هو ته؛

ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،
 انهن آکيرن تي ويٺا چٻ چڙهي،
وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪانئيرن جو.

شعر چئي مهمان خاص کي پنهنجي ڪرسي والارڻ جي دعوت ڏني هيائين.

اهڙي قسم جون غلطيون جوش خطابت ۾ ٿي وينديون آهن يا ڪي دوست مهمانن کي اسٽيج تي ويهارڻ يا ڳالهائڻ کان اڳ ڪونه ڪو شعر پڙهڻ لازمي سمجھندا آهن بنا شعر جي مفهوم سمجھڻ جي ۽ ڪي وري پنهنجي علم جي ڌاڪ ويهارڻ جي نيت سان به اهو عمل ورجائيندا آهن پر کين خبر ئي نه پوندي آهي ته هو ڪهڙي نه سنگين غلطي ڪري رهيا آهن. هڪ ٻي تقريب به مون کي ياد پئي اچي جيڪا هڪ ته روائتي نموني دير سان شروع ٿي هئي ۽ اسٽيج سيڪريٽري هر مهمان کي پنهنجي تقرير کي مختصر ڪرڻ جي وينتي ڪري رهيو هو پر هر ٻئي مهمان کي گھرائڻ کان اڳ اسٽيج سيڪريٽري 
هردفعي پاڻ هڪ عدد ڊگھي تقرير جھاڙي رهيو هو.

تقرير، بحث مباحثو، ڳالهه ٻولهه، قصو گوئي، ليڪچر ڳالهائڻ، پنهنجي ڳالهه يا نقطه نظر کي ٻين تائين پهچائڻ جا مختلف ذريعا ۽ طريقا آهن پر جيڪڏهن ائين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته اهي سڀ تمام عميق هنر آهن ۽ جيڪي انهن هنرن جي پيچيدگين کي سمجھي ڪم سرانجام ڏيندا آهن ته گھربل نتيجا حاصل ڪندا آهن ۽ انهن تي منڊيءَ ۾ ٽڪ وارو محاورو فٽ لڳندو آهي پر جيڪڏهن مڙوئي ڪم ٽپائڻ جهڙو ماحول هوندو آهي ته سنڌيءَ جو ٻيو هڪ محاورو به استعمال ڪندا آهيون ته “ڪيڏانهن منهن مريم جو ڪيڏانهن الهيار”.

سنڌ جي نوجوانن کي ڳالهائڻ، ٻولهائڻ، بحث مباحثي ڪرڻ، ڊپلوميسي جا گر سکڻ، پنهنجي ڳالهه کي اثرائتي نموني ٻين تائين پهچائڻ جا هنر اچڻ گھرجن جيڪڏهن اسان جا نوجوان ذاتي، پروفيشنل، ادبي، ثقافتي ميدانن تي اڳتي اچڻ جا خواهشمندا آهن ۽ اهي دنيا کي تسخير ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا ته کين سوچ ۽ سمجھ سان، غور ۽ ويچار سان، محنت ۽ پنهنجي ذهانت سان اهي هنر سکڻا پوندا. هي دنيا ڪميونيڪيشن جي دنيا آهي، هتي ڪامياب اهو آهي جيڪو ٻين کي قائل ڪري سگھي، جيڪو پيچيدهه کان پيچيدهه مامرن کي تمام سادي ۽ سلوڻي نموني بيان ڪري سگھي ۽ جنهن کي خبر هجي ته ٻهراڙي جي ڪنهن ماڻهون سان ڪيئن ڳالهائبو آهي ته ڪنهن يونيورسٽيءَ جي ماهر پروفيسر سان ڳالهه ٻولهه ڪيئن ڪبي آهي.
اچو ته گڏجي سڏجي ڳالهائڻ جو فن سکون.


Wednesday, August 12, 2015

Tuesday, August 11, 2015

ڪي ماڻهون تاريخ ٿين ٿا...سائين شاهنواز راڄپر جي شخصيت تي لکيل مختصر تاثر


”ڪي ماڻهون تاريخ ٿين ٿا...“ شيخ اياز جي شاعريءَ جي هڪ امر سٽ آهي ۽ جڏهن به ڪو لکاري ڪنهن عظيم انسان کي ڀيٽا ڏيندو آهي ته ان سٽ کي عنوان طور (جيئن مون به ڪيو آهي) ڪم آڻيندو آهي. پر دوستو جن جي لاءِ اسين سمجھون ٿا ته اهي چند ماڻهون تاريخ ٿين ٿا اهو هڪ اڌورو سچ آهي. ان تاريخ سازيءَ واري عمل  ۾ ڪيئي عظيم گمنام ڪردار هوندا آهن جيڪي پنهنجو سڀ ڪجھ، تن من ڌن قربان ڪري ڇڏيندا آهن ۽ کين موٽ ۾ ڪجھ پلئه ناهي پوندو، نه مشهوري، نه لقب القاب، نه ڌن دولت...

اهڙن ماڻهن جي هجوم مان هڪ منهنجو به واقف آهي، واقف ڇا آهي، منهنجو همزاد آهي. سندس نالو شاهنواز راڄپر آهي. ڏهاڪن کان مان کيس سڃاڻا، انوقت کان جڏهن ٽيپ رڪارڊر سندس ڪڇ ۾ هوندو هو ۽ هو لانڍي کان لاهور تائين پنهنجي رهبر جي ڪڍ ڪڍ هوندو هو ۽ سندس هر تقرير، هر پريس ڪانفرنس کي نوٽ ڪندو هو، ۽ پوءِ ان رهبر ڪٺورتا سان کيس ڪاڄ مان اهو چئي اٿاري ڇڏيو هو ته جنهن شيءِ کي اوهان سڀ پنهنجو گڏيل ورثو ٿا سمجھو سو درحقيقت سندس ذاتي ملڪيت آهي.  شاهنواز راڄپر جيڪو 1983ع ۾ ايم آر ڊي جي جدوجهد ۾ سڀ کان وڌيڪ جيل گھاريندڙ هو صرف ان ڪري ته هُن معافي لکي ڏيڻ کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو هو. ايم آر ڊي جي جدوجهد بدولت جڏهن آمريت جا پاڇا هن ملڪ تان ٽري ويا هيا ۽ جمهوري راڄ قائم ٿيو هو ته ان جمهوري راڄ مان رڄ ڪري ڪمائيندڙ سندس ڳوٺ ۽ آسپاس جي سياسي اداڪارن کيس ڪڏهن کيڪاريو به ورلي هوندو. شاهنواز راڄپر، مختيار حاجاڻو، غلام مصطفى ڪٽوهر ۽ مون سنڌ يونيورسٽي شاهه عبدالطيف ڪيمپس خير پور ۾ 1981ع ۾ داخلا ان لاءِ ڪونه ورتي هئي ته ڪي اسين اتي وڃي ڪورس جي ڪتابن کي پڙهي ڪامورا ٿينداسين اسان جو مقصد هو ته ڪيمپس ۾ پنهنجي تنظيم جو ڪم ڪنداسين ۽ اسان کي اهو فخر آهي ته اسان پنهنجي ان مقصد ۾ 200 فيصد ڪامياب ويا هياسين ۽ ها شاهنواز راڄپر کي اها پڙهائي به راس ڪانه آئي هئي، هُن ايجنسين پاران ڏنل ساڻن تعاون واري آفر کي ٿڏي ته ڇڏيو هو پر ان سان گڏ کيس اها پنهنجي پڙهائي اڌوري ڇڏڻي پئجي ويئي هئي ۽ هو پنهنجو وقت شهيد فاضل سان گڏ گذارڻ لڳو هو. بعد ۾ راهو خاندان سان سندس اهڙو ته سنگ جڙي ويو جنهن کي مان ڪو به نانو ڏيڻ جي قابل ناهيان، فاضل شهيد ٿي ويو ته شاهنواز راڄپر اسماعيل راهو ۽ اسلم راهوءَ جو ٿي رهجي ويو. اسماعيل راهو صاحب وزاتون ماڻيون، سندس صحبت ۾ رهندڙ ڪروڙپتي ٿي ويا، راهو صاحب مشرف جي دؤر ۾ جيل اندر رکيو ويو هو. هڪ قيدي ڀت جي اندر هو ۽ هڪ قيدي ڀت کان ٻاهر هو، ڀت جي اندر رهندڙ قيدي ته ”جيل جا ڏينهن جيل جون راتيون“ ڪتاب لکي تاريخ جوڙي ڇڏي پر جيل کان ٻاهر رهندڙ قيدي شاهنواز راڄپر کي ڇا مليو؟  اچو ته کانئس ئي ٿا پڇون ” منهنجو الميو اهو رهيو آهي ته مون پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي ۽ منشا سان ناهي گذاري، کوڙ دفعا چاهيندي به ته رستو مٽايان، من ڪونئون گس ملي وڃي پر هر طرف نظر سان گڏ وکون به ڊوڙايم پر ناڪاري ۽ اوگڻ روين ئي منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ منهنجي ذهن تي ”امراءُ جان“ جو گانو ”جستجو  جس کی تھی وہ  تو  نہ  پایا  ہم  نے، اس  بہانے   دیکھ لی دنیا  ہم  نے“ ،سو دنيا جي پاڇن پٺيان پڄڻ بجاءِ پنهنجي پيرن تي بيهي ٿو رهان، ٺيڪ آهي. سو انيڪ رويا جن تي سوچي کل به ايندي اٿم ته ڏک به ٿيندو آهي ته منهنجي واري اچڻ تي منهنجي ئي دوستن وٽ منهنجي لاءِ ”قومي ترانو ڇو ٿو وڄي وڃي؟“. (سائين شاهنواز راڄپر پاران مون ڏي لکيل خط مان ٽڪڙو)   

شاهنواز راڄپر جنهن زندگي جي تلخين مان جيڪڏهن ڪجھ سکيو آهي ته اهو آهي وفا، قرباني، ڏيڻ. سائين شاهنواز راڄپر سور سختيون ته اڪيلي سر سهي ويندو آهي پر جڏهن خوشين ۽ شادمانين جو ويلو ايندو آهي ته سنگت ساٿ کي سڏي جشن ملهائيندو آهي. سو جيڪڏهن مون کي اجازت ڏيو ته مان  شيخ اياز جي ان سٽ ۾ واڌارو ڪريان ته ”ڪي گمنام ماڻهون ڀي تاريخ ٿين ٿا“...

Friday, July 17, 2015

امڙ جي نانءُ


مون کي پنهنجي امڙ دعائون ڏنيون هيون ته ”پٽ الله ڪندو ته تنهنجو هٿ ڪڏهن  به نه مُنجھندو“  اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن ڪيئي اقتصادي ڏکيائيون منهن مقابل ٿيون، ڪيئي مامرا اهڙا سامهون آيا جن کي ڏسندي ساهه منجھڻ لڳندو هو ۽ سوچيندو هوس ته بس پڄاڻي ٿي ويئي ۽ هي بنڊ منهنجي کڄڻ کان چڙهيل آهي، پر پوءِ  خبر ناهي ڪيئن اها معاملا سڌا ٿيندا ويا، کڻي وقتي طرح قرض پکا چڙهيا پر وهنوار کي بريڪ ڪڏهن به نه لڳو. ٻار اعلى تعليم جي سلسلي ۾ شاهه عبدالطيف يونيورسٽيءَ خيرپور کان قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد، انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد، سکر آ بي اي تائين پڙهڻ موڪليم گاڏو گهلبو رهيو. پاڻ آغا خان يونيورسٽي ڪراچيءَ مان ٻن سالن تي ٻڌل ڊگري ڪري آيم، ته به ڪو بريڪ نه لڳو.  

مون پهرين نوڪري ناڪي منشي واري ڪئي هئي تمام ٿورڙي پگھار تي ۽ هاڻي اوڻويهين گريڊ ۾ ايسوسئيٽ پروفيسر آهيان ۽ جھجھي پگھار آهي، هڪ ڇوڪرو ليڪچرار آهي ٻيو به گزيٽيڊ آفيسر آهي، هڪ ڇُوڪِري مختلف پروجيڪٽس مان ڪمائي ڪري گھر ۾ هٿ ونڊائيندي رهندي آهي، پر پوءِ به پنهنجو حال آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا واري ئي آهي، هڪ ٽڪو به بئنڪ بئلنس ناهي، خالي کيسي سان بوڇڻ ڪلهي تي آهي. شايد انڪري ته امان سانئڻ مون کي جيڪي دعائون ڪيون هيون اهي مالدار ٿيڻ جون ٿوروئي هيون، امان ته هٿ نه منجهڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. امان سانئڻ کي وصال ڪئي ڪيئي ورهه گذري ويا آهن پر سندس ڪيل دعائن جو اثر اڄ به منهنجي سر تي سلامت آهي. ماءُ جيڪا سراسر ڌرتيءَ جهڙي هوندي آهي، سڀ گھاءُ پنهنجي سيني تي سهندڙ، گرميون سرديون جذب ڪندڙ پر بنا شڪايت جي وري به ان، ميوو، آسيس ڏيئي ساهه جي ڏور کي سلامت رکڻ جهڙا گڻ رکندڙ ۽ منهنجي سٻاجهڙي، سادي امان به ته اهڙي ئي هئي. اڄ جڏهن ماضيءَ جي جھروڪن ۾ جھاتي پائي ڏسان پيو ته مون کي ائين پيو محسوس ٿئي ته منهنجي امڙ جو بوتو پيار جي امرت پاڻي، ، ايثار، قرباني ۽ محبت جي مٽيءَ سان ڳوهي ٺاهيل هو. هو صرف ڏيندي هئي. اهو ڏيڻ معنى سڀ ڪجھ ڏيڻ؛ مايا، محبت، الفت، انسيت، انسانيت، قرباني، سهپ وغيره. امان جي زندگي ڪا آئيڊيل زندگي نه هئي، هوءَ هڪ بيوهه هئي جنهن کي هڪ يتيم ٻار (بابا سائين) سان پرڻايو ويو هو. بابا جيڪو مسڪين هو، ننڍي هوندي کان ئي پراون درن تي ڌڪا کائي پليو هو، جنهن کي نصيب ۾ غربت ۽ نفرت ئي ملي هئي، وچ ۾ بهار ۾ گھلندڙ ٿڌي هير جهڙو استاد اميرگل کيس ڀاءُ جي صورت ۾ مليو هو ۽ جنهن وقت چاچا استاد اميرگل زندگي جي خالي ڪينواس تي حسين رنگ اڃا ڀرڻ مس شروع ڪيا هيا ته قضا جي ڪاتي مٿس وهي ويئي ۽ هو بابا سائين ۽ ڏاڏا سائينءَ کي اڪيلو ڇڏي هليو ويو هو. ائين هڪ دفعو زندگي وري زهر جهڙي تلخ ٿي ويئي هئي، جنهن ۾ ڪو به گل ٻوٽو نه هو. ظالم، بي رحم، بي حس، خود غرض دنيا هئي ۽ ٻئي پاسي هڪ غريب گھراڻو هو. بس زندگي ته گذارڻي هئي. ان سُڃي ماحول ۾ امان بابا سائينءَ جو ڀرپور ساٿ ڏنو هو. بابا سائين اڪثر مايوسين، پريشانين، زماني جي ڌڪار ۽ نفرت واري هٻس ڪڍڻ لاءِ امان سانئڻ سان زباني جھيڙا ڪندو هو جنهن ۾ جھجھيون گاريون به هونديون هيون ته ڪڏهن ڪڏهن ڳالهه ٿڦا ٿڦي تائين به وڃي رسندي هئي پر مجال آهي منهنجي صابرين امان کي ته ڪجھ ڪڇي، هوءَ ته صفا برف جهڙي ٿڌي هئي ۽ ها سندس نالو به ته ”ٿڌي“ رکيل هو. هن پنهنجي نالي جي لڄ سموري زندگي رکي هئي. هر دفعي جھيڙي بعد امان اسان کي سمجهائيندي هئي ته ”اوهان جي پيءُ جي اها ظاهري حالت آهي دراصل اندر جو هو تمام سٺو انسان آهي“.  سندس اهڙن گفتن کي اسين پنهنجي اٻوجهائپ ڪري انوقت ته سمجھي نه سگھيا هياسين پر اڄ جڏهن سندس چيل ڳالهين تي غور ٿو ڪيان ته سندس چيل لفظ سؤ سيڪڙو صحيح ٿا لڳن. ڏاهپ چند ڪتابن پڙهڻ سان ٿورو ئي ايندي آهي. ماڻهون جڏهن زماني جي هلايل چڪيءَ ۾ پيسبو آهي ته هو اتي ڪيئي اڻ ڏٺل، اڻ نظر ايندڙ سچايون ڳولهي هٿ ڪندو آهي. منهنجي امان سانئڻ ۽ بابا سائينءَ کان وڌيڪ ڪير هوندا جيڪي اهڙي يونيورسٽيءَ جا گريجئيٽ هجن!  رڳو بابا سائين هجي ها ته به خير هو سندس جھوليءَ ۾ پليل سندس جگر جو ٽڪڙ سندس ننڍو پٽ احمد بخش عرف انب عرف لاهوتي فقير، هيروئن جو موالي به کيس وڌيڪ چهڪ ڏيڻ کان وسان ڪين گھٽايو هو. امڙ پاران جوڙيل سموريون رِليون، تَڏا، زمين مان گڏ ڪيل تِيليُون، اونهاري جي موسم ۾ کجين جي باغن ۾ ڪيل مزدوري مان بچت ڪيل پئسه سڀ کپائي ڇڏيندو هو ۽ امڙ وري تيزيءَ سان ساڳيا ڪم ڪار سرانجام ڏيندي هئي، جهڙوڪر کيس اڻ تڻ هجي ته متان مواليءَ جو خرچ پکو کٽي نه پوي، پر هيروئن جي موالي آڏو قارون جو خزانو به اچي رکو ته اهو بنهه ٿورڙو لڳندو ۽ هو ان پوري خزاني کي ڪجھ ڏينهن ۾ چٽ ڪري وري اچي اوهان جو در وٺندو ته اهڙو ٻيو خزانو کيس ڏنو وڃي. اهو ڀنڊڻ اسان جي گھر جو هڪ اڻ ٽٽ حصو ٿي پيو هو. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن مان ۽ منهنجو موالي ڀاءُ اهڙين ڳالهين تي تکا مٺا ٿيندا هياسين ته امان جي بي وسي ڏسڻ وٽان هوندي هئي، کيس سمجھ ۾ نه ايندو هيو ته هوءَ ڇا ڪري...هوءَ اڪثر مون کي چوندي هئي ته بابا انب (پيار وچان اسان ڀاءُ  احمد بخش کي انب چوندا هياسين) جي روين سندس اندر ساڙي ڇڏيو آهي، هوءَ مون کي چوندي هئي ته سندس مري وڃڻ بعد موالي جي ٻارن لاءِ سوچي سوچي پريشان آهي ته سندن ڇا ٿيندو!

منهنجي سٻاجهڙي امان جنهن پنهنجي ساهه جي آخري گھڙين تائين منهنجو، منهنجي ڀاءُ جو، بابا سائين جو ۽ اسان جي اولاد جو خيال تمام خبرداريءَ سان رکيو. مون کي پوري طرح ياد آهي؛  محرم مهيني جي نائينءَ جي رات هئي، منهنجا ڇوڪرا مجيب، گل بهار ۽ هوشو ۽ احمد بخش جا پٽڙا رياض علي، محمد فاضل ماتم جي سلسلي ۾ پاڙي جي ڪنهن پڙ تي ويل هيا ته امان سانئڻ رات جو ٻي وڳي اٿي مون کان پڇڻ لڳي هئي ته ڀلا ڏيو خبر ٻارڙا اڃا ڇو ڪونه موٽيا آهن؟ ٻئي ڏينهن محرم جي نائين تاريخ هئي ان ڏينهن تي اسان جي مولائڻ امان ڳوٺ جي سمورن ماين ۽ مردن کي چيو ته ”جيڪڏهن هن زندگيءَ ۾ مون سان ڪو چڱو ناهي هليو، ان منهنجو ڪو ڏوهه ڪيو هوندو يا مون کي ڪا تڪليف ڏني هوندي، يا منهنجو ڪو حق ڦٻايو هوندو ته مان انهن سڀني کي هي جهان ۽ اڳئين جهان لاءِ سڀ ڪجھ بخش ٿي ڪري وڃان، اوهان به جي ٿي سگھي ته مون کي بخش ڪندا“. ان کان پوءِ  ڪجھ گھڙين بعد امان مون کي سڏ ڪيو مون جڏهن کيس ڳراٽڙي پاتي ته امان مون کي چيو ”بابلا هاڻي موڪلاڻي آهي“ ائين چئي امان سانئڻ پنهنجو مٿو منهنجي جھوليءَ ۾ رکي ڇڏيو ۽ هوءَ هميشهه لاءِ هلي ويئي ۽ مان يتيم بڻجي ويو هوم. امان سانئڻ ۽ بابا سائين جي وهي وڃڻ بعد حقيقي طرح مون کي احساس ٿيو هو ته پيار ڇا آهي؟ سنڀار ڪيئن لهبي آهي. مان ڪڏهن ڪڏهن گھر دير سان ايندو هوس ته امان سانئڻ وڏي اڪير وچان چوندي هئي ته ”پٽ ماحول صحيح ناهي جلدي گھر موٽي ايندو ڪر“ اڄ مون کي احساس ٿئي ٿو ته ڪير ته هوندو هو جنهن کي منهنجو اوسيئڙو رهندو هو. ڪي احساس ماڻهون تڏهن محسوس ڪندو آهي جڏهن اهو ماحول ئي دفن ٿي ويندو آهي ۽ انسان جي دل ۾ اُساٽون اڀرنديون آهن ته ڪاش اهي ڏهاڙا هڪ دفعو موٽي اچن...پر وڃڻ وارا ڪڏهن واپس ٿيا آهن!...اها به حقيقت آهي پر ڪنهن حد تائين امڙ اڄ به مون سان گڏ آهي، منهنجي نياڻين جي صورت ۾، پنهنجي دعائن جي صورت ۾ دعائون جيڪي ڪڏهن مرڻيون ئي ناهن ۽ هوءَ جيڪا مون کي عظيم دعا ڏئي ويئي هئي ته ”پٽ تنهنجو هٿ ڪڏهن به نه منجھندو“ ته مان سندس دل جي اونهاين سان سندس شڪر گذار آهيان، واقعي منهنجو هٿ کڻي خالي آهي پر منجهيو ته ڪڏهن ناهي.....

Friday, July 10, 2015

The End کان اڳ


زندگيءَ جو قرض لاهيندي لاهيندي پوڙهو ٿي ويو آهيان پر هڪ قرض جيڪو لهي ٿو ته ٻيو ان کان وڏو چڙهيو وڃي. مون واري زندگي به ان پهاڙي چوٽي جهڙي آهي جيڪا سڀ کان وڏي ۽ آخري لڳندي آهي پر جڏهن ماڻهون سهڪندو، گھلبو، رڙهندو ان چوٽيءَ تي پهچندو آهي ته ٿوري فاصلي تي ٻي ان کان به وڏي پهاڙي بيٺل نظر ايندي آهي. هڪ اڻ کٽ سفر آهي، جيڪو مسلسل پيو هلي. وچ وچ ۾ کڻي ساهه پٽڻ لاءِ ماڻهون ويهي به ٿو، ٿڪ  به ڀڃي ٿو پر پڄاڻي تي پهچڻ جي اڻ تڻ کيس ننڊ ڪرڻ ڪٿي ٿي ڏي. ڪي خوشنصيب انسان هوندا آهن جن کي اڻانگن سفرن ۾ همٿائيندڙ، مدد ڪندڙ ۽ اتساهه ڏيندڙ ساٿي ملندا آهن پر منهنجو اهڙو نصيب ڪٿي، مون زندگيءَ جو سفر تن تنها ڪيو آهي، اداسين جي ڇانون ۾ ويهي ٿڪ ڀڳا اٿم، ويرانين ۾ رُلندي، ڦيراٽيون کائيندي وقت ڪاٽيو اٿم....ڪاش ڪو جيڪڏهن منهنجو ساٿ کڻي نه ڏي ها پر منهنجي درد کي سمجھي ته سگھي ها پر هت ته سڀ انڌا، گونگا، ٻوڙا، ڇسا، وائڙا، بي همٿ يار دوست، مٽ مائٽ آهن، جيڪي منهنجي زخمن تي پهو رکڻ بدران پنهنجي چڀندڙ لفظن ۾ زهر ڀري تير هڻندا آهن. جڏهن به منهنجا وارث اهڙو ڪم ڪندا آهن ته ٿڪ کان چور چور جسم وڌيڪ ڏُکڻ لڳندو آهي، انهن جي خود غرضي، لاتعلقي، بي رحميءَ وارن روين ڪري منهنجي دماغ ۾ بم گولا ڦاٽڻ لڳندا آهن ۽ مان پنهنجو پاڻ کي بي وس ۽ وڃايل ماڻهون ڀائيندو آهيان. اهڙين گھڙين ۾ ڪنهن همدرد دوست جي ساٿ جي سخت ضرورت محسوس ٿيندي آهي، دل چاهيندي آهي ته؛ ڪو ته اهڙو به منهنجو ساٿي هجي جنهن جي هنج ۾ پنهنجو مٿو رکي روئي سگھان، پنهنجي اندر جي زخمن کي ڳوڙهن جي پاڻيءَ سان ٺاري سگھان پر وري به ساڳي ڳالهه ورجائيندس ته اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي...ڪن محبوب ماڻهن لاءِ دل ۾ سَٽون اڀرنديون آهن ته ڪاش اهي ان قسم جو رويو مون سان رکي ڄاڻن ها پر ان ۾ انهن جو ڏوهه به ڪونهي، سندن زندگي صراط المستقيم تي پئي گذري (يا بظاهر مون کي ائين پيو نظر اچي) ۽ هو پنهنجي سکي زندگيءَ ۾ مون جهڙي سحرا ۾ ڀٽڪيل انسان کي ڇو شامل ڪن؟؟ هي ته منهنجو اڻ ٿيڻيون خواهشون آهن، جيڪي سماجي ٻنڌڻن کي ٽوڙڻ، روايتن کي پٺي ڏيئي هلڻ جون متقاضي آهن....اهو سفر ته مون کي پنهنجو پاڻ تن تنها سرانجام ڏيڻو آهي.

مان هڪ اهڙي معاشري جو فرد آهيان جتي هر ڳالهه اڳ ئي متعين ڪيل آهي. مون کي ڪهڙي ڳالهه پسند آهي، مان ڇا ٿو چاهيان، مان ڪهڙي نموني پنهنجي ماڳ تي پهچڻ ٿو گھران، منهنجو ڪهڙيون گھرجون يا خواهشون آهن وغيره وغيره ته انهن جي ڪائي حيثيت ناهي. منھنجي تقدير جو فيصلو نيم ملان خطره ايمان جهڙن ملن، ذاڪرن، پنڊتن، پيرن، فقيرن، صوفين، انقلابين، قومپرستن اڳ ئي ڪري ڇڏيو آهي ته منهنجي لاءِ ڪهڙي شيءِ سٺي آهي ۽ ڪهڙي خراب آهي. مون کي دائرن ۾ رهي، تلوار کان تيز ۽ وار کان سنهي رستي تي هلي زندگي گذارڻي آهي....افسوس صد افسوس اها به ڪا زندگي آهي؟  جتي ماڻهون نه خوش ٿي کلي سگھي نه روئي سگھي، نه ڳالهائي سگھي، نه اندر جي اڌمن جو اظهار ڪري سگھي، جتي قدم قدم تي راهه راست ڏيکارڻ وارا ڏائڻ هٿن ۾ گرز کنيو بيٺا هجن، ڪنهن جي اکين ۾ ڪا خوشيءَ جي چمڪ ٿي ناهي ۽ مٿس وار ٿيو ناهي! هڪ اهڙو گھٽ ٻوسٽ وارو ماحول جنهن ۾ ماڻهون ڪڙهندي ٻرندي به خاموش رهي.....حقيقت ته اها آهي ته هن وقت تائين اها ئي زندگي گھاري اٿم، شام ٿي چڪي آهي، سج لهڻ وارو آهي، ڄاڻ ملان ٻانگ ڏني، کن پلڪ ۾ سڀ ڪجھ ختم ٿي ويندو ۽ پوءِ منهنجي مڙهه تي اهو ملو اچي منهنجي گناهن جي معافي لاءِ دعائون گھرندو جنهن سان مان سڄي ڄمار سندس جهالت وارن روين تي وڙهندو رهيو آهيان. مون کي انوقت ائين لڳندو ته اها منهنجي آدرشي نظرين جي مڪمل ۽ آخري شڪست آهي ۽ لڳي به ائين ئي ٿو ته ڪروڙن ٻين مون جهڙن انسانن سان گڏ منهنجون اهي حسرتون پڻ رات جي ڊگھن ڀوائتن پاڇن ۾ ڪٿي گم ٿي وينديون...۽ جڏهن اسڪرين تي آخري لفظ The End. اڪري ايندو پر ان کان اڳ مان چاهيان ٿو ته ڪو ته اهڙو به هجي جيڪو اداس ماڻهن کي چاهي سگھي، کين دلاسو ڏئي سگھي، کيس نه سمجھندي به پنهنجو ڪري سگھي....اي ڪاش....