Tuesday, January 19, 2016

ڪامريڊ ڊائري (2002) جا ٻه ورق.....From my sweat Diary 2002




ڊائريءَ مان ٻه ورق
ورق پهريون
30 آڪٽوبر 2002ع اربع جو ڏينهن وقت 8 بجه رات. هنڌ ڳوٺ پنواڙي
گذريل رات يارهين وڳي.................هن فاني جهان مان موڪلائي وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ ۽ اصلي ماڳ تي پهتو، سندس نوجوان پٽ به ڪجھ عرصو اڳ فوت ٿي چڪو آهي. ... بس هڪ عام موالي مڙس هو، زندگيءَ ۾ ڪوبه ڌنڌو نه ڪيائين، سڄي ڄمار نشي پتي حوالي ڪري ڇڏي هئائين، گھر جو وهنوار سندس گھرواريءَ حوالي آهي، جڏهن ته سنديس هٿ ونڊائڻ وارا سندس پٽ آهن، جن مان هڪ ته الله کي پيارو ٿي چڪو آهي. مرحوم کي ست نياڻيون آهن جن مان ٽن جي شادي ته ٿيل اٿس جڏهن ته اڃا چار ويٺيون آهن. جڏهن ڪو انسان ڪو به ڪم ڪار نه ڪري، ويتر نشو پتو ڪري ۽ وس پڄندي گھر به ڦوڪي ته ان گھر ۾ خوشحالي ۽ خوشحاليءَ جي ڪري ايندڙ خوشي ڪهڙي هوندي! بس سندس گھر جو حال به اهوئي آهي. الله پاڪ شل سندس مغفرت ڪري ۽ مٿس فرمائي سڻائي ڪري.  

ڊائريءَ جو ٻيو ورق
22 نومبر 2002 جمع جو ڏينهن


ڪامريڊ حق موجود

گذريل ٽن چئن ڏينهن دؤران اڌم سلطان، سچل سائينءَ جا ميلا گھمي چڪو آهيان. اڌم سلطان جي ميلي ۾ ڏاڍو مزو آيو. چانڊوڪي رات، هلڪڙي ٿڌ، جابلو علائقو، مٿاهيون چاڙهيون ۽ پيچرا ڏاڍا موهيندڙ هيا ۽ انهن سڀني ڳالهين ۾ چارچنڊ وري تڏهن لڳا جڏهن جابلو ڇپرن جي ڇانو ۾ ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل ۽ صوفي رنگ ۾ ايڪو سائونڊ سسٽم تي فنڪارن پنهنجا سر وکيريا هيا. اهو جيئن ته هڪ مڪمل عوامي ميڙ هو ان ڪري اتي چرس جي سلفيءَ جو دونهون به دکندو رهيو ته ڀنگ جي پسائيءَ لاءِ ڪونڍي ۾ ڏنڊي جو رڳڙو به متواتر جاري رهيو ۽ ڀنگ جا موالي جام تي جام چاڙهي سلفيءَ جا سوٽا ڀري، اکيون ڳاڙهيون ڪيو پئي گھميا. ننگر نياز به عام جام هو. هيٺ ماٿريءَ ۾ ناچو ڇوڪرن جو ناچ به پئي هليو جت انهن ڪبوترن جا شوقين پنهنجا کيسا خالي ڪري رهيا هيا. راڳ رنگ جو محفلون هڪ کان وڌيڪ جاين تي جاري هيون. هت فقير نذير بهلڪاڻي، حسن پنهيار فقير ۽ لالا حقه جو سهڻو ساٿ هو. لالا حقه سان پهريون دفعو ايتري ويجھڙائي ٿي آهي ڏاڍو خوبصورت خيالن وارو عملي انسان آهي. ان کان پوءِ سچل سائينءَ جي درگاهه تي حسن فقير سان وڃڻ ٿيو. جت ادبي مشاعري ۾ حسن پنهيار پنهنجو ڪلام ترنم سان ٻڌايو. ان کان اڳ ساڳي پنڊال ۾ صوفين جي سرمستيءَ ۾ چيل عارفانه ڪلامن کي ٻڌي اندر اجاريو هوسين. خاص ڪري سائين شيرشاهه جو رنگ ئي نرالو هو. موٽڻ شاهه ۽ غلام حسين فقير، شمن فقير به پاڻ نڀاهيو جڏهن ته موٽڻ شاهه ۽ غلام حسين فقير ڪجھ بيمار هيا ان ڪري اهي پنهنجي اصلي رنگ ۽ ڍنگ سان ڪلام پيش نه ڪري سگھيا هيا پر اها ڳالهه تمام سٺي هئي ته هن دفعي سهراب فقير جي طبيعت خاصي بهتر هئي ۽ ان پنهنجي ٽولي سان هڪ من موهيندڙ ڪلام ٻڌايو هو. دل ته چئي پئي ته رات جو رٿيل پروگرام به ڏسجي ۽ پسجي پر پوئتي بابا سائينءَ جي بگڙيل طبيعت جو اونو هو ۽ ٻيو ته اوڄاڳو ۽ ٿڪاوٽ پڻ هو ۽ پاتل ڪپڙا به ڌوڙ ۾ رهڻ ڪري صفا ميرا ٿي چڪا هيا. سائين حسن پنهيار اتي ترسي پيو هو جڏهن ته مان سکر هليو آيو هوس. ڪالهه رات (نومبر 21) وري سچل آڊيٽوريم ۾ ادبي محفل ۽ مشاعرو رکيل هوجت زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مون به پنهنجو شعر ”اي ڪاش تون مان هڪ هجون...“ ٻڌايو هو. ڪجھ ڪنفيوز ته هئم پر ڪم ٽپائي ويم. مسٽر خادم ڪلهوڙي چيو ته آءُ بهتر هوس هوشوءَ به ساراهه ڪئي پر مون کي مزو نه آيو. اهڙي محفل ۾ عشقيه ڪلام بدران ڪو مزاحمتي، قومي يا صوفياڻو گيت، غزل يا نظم چئجي ها ته بهتر هو. بهرحال ان منهنجي ڪارنامي عيوض سائين ايازگل کان ٻه سؤ روپيه مليا، هاڻي ايندڙ سال تائين ڪونه ڪو چڱو شعر سرجي ئي ويندو. بهرحال پاڻ به هاڻي شاعرن جي ٽولي جا ماڻهون ٿي پيا آهيون. 

Friday, December 25, 2015

Pro Activeness is needed in Politics of Sindh


منهنجا ڪيئي اهڙا تقرير باز دوست آهن جيڪي نصيحتن ڪرڻ، تنقيدن جا ڌوڙيا لائڻ، ڳالهين ئي ڳالهين ۾ انقلاب برپا ڪڍي ڇڏڻ جا ماهر آهن پر افسوس ته وٽن عمل بدران رڳو ڳالهيون ۽ تنقيدون آهن! اهي ٻين کي غلط ثابت ڪرڻ، پنهنجي مؤقف کي حقي مڃائڻ تي زور ڏيندا آهن. 
منهنجو کانئن سوال آهي ته آخر ڪيستائين اسان پنهنجون توانايون اهڙن بي لاڀ مامرن تي خرچ ڪندا رهنداسين؟ آخر ڪيستائين؟
 

آخر ڪار اسان پنهنجون توانايون نون خوابن، نون خيالن، نوجوان نسل جي سياسي، سماجي، اخلاقي، هنري تعليم ۽ تربيت تي ڇو ڪو نه ٿا سيڙايون؟

اسان سنڌي ماڻهون خرچ ڪرڻ جا ماهر آهيون، ڪنهن جي تريءَ تي لک روپيا رکو ته اهو ان ايڏي وڏي رقم کي چند ڪلاڪن ۾ ڦوڪي ڏيکاريندو پر جڏهن ساڳي ماڻهون کي هڪ هزار روپيه ڪمائڻ جي ڳالهه ڪبي ته منهن سڄائي ويهي رهندو! اسان جو ساڳيو حال سياست ۾ پڻ آهي اسين سياسي سيڙپ ڪاري ڪرڻ بدران سياسي ميدان مان لاڀ حاصل ڪرڻ جا اجايا جتن پيا ڪريون! هاڻي سادي پاڻي جي مڳ کي کڻي ڪيترو به ولوڙجي ان مان مکڻ ته ڪونه ٺهندو ني!!!
 

سنڌ سنڌ، عوام عوام، قوم قوم، انقلاب انقلاب، جمهوريت جمهوريت، ظلم ظلم، ناحق ناحق جي هاءِ گھوڙا به کڻي ڪجي پر جي انهن نعرن کي لڳائڻ سان گڏ ماڻهن وٽ وڃڻ گھرجي عوام سان رابطو ڪرڻ گھرجي، عوام سان لاڳاپن ۽ ڳانڊاپن جا گس ڳولهڻ گھرجن. سنڌ جا ماڻهون ڪنهن ٻي گرهه جا رهاڪو ته نه آهن، اهي به هن ساڳي گولي تي رهن ٿا جنهن کي اسين سڀ ڌرتي ماتا چوندا آهيون. ڌرتي ماتا جي مختلف خطن، علائقن ۾ رهندڙ، وسندڙ قومن جا مسئلا، مونجھارا بنهه اسان جهڙا آهن جيڪي انهن پنهنجي عمل، حرفت، محنت ۽ حڪمت عمليءَ سان حل ڪيا آهن جيڪڏهن اُهي اهڙا ڪم ڪري سگھن ٿا ته اسين به ڪري سگھون ٿا ۽ اها ڳالهه به بنهه فطري آهي ته ٻين قومن ۽ سنڌي ماڻهن جي مسئلن ۾ هڪجهڙائيءَ سان گڏ ڪيئي اسان جا ڪيئي منفرد ۽ نرالا مسئلا به آهن. جتي مسئلا هوندا آهن ته حل به هوندا آهن.

جيڪڏهن اسان جي پارٽي کان علاوهه ڪنهن ٻي پارٽيءَ جو ڍينگو مٽيرو، ڌڱاڻو، ڏاهو، رهبر اهي مسئلا سمجھي ۽ حل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي ته اسان کي ڪنهن روڪيو آهي ته اڳتي اچي اهي مامرا حل ڪيون!

منهنجي خيال ۾ ته جيڪي پنهنجو پاڻ کي سڀ کان اتم، اعلى، اصلي، نج، ڏاهو، صراط مستقيم تي هلندڙ ٿا سمجھن ته کين بنا دير ميدان ۾ ڪاهي پوڻ گھرجي ڪنهن جي انتظار ڪرڻ بدران.....


Sunday, December 20, 2015

يا بي حيائي تيرا آسرا


نوٽ؛ مان هڪ ڳالهه کي واضع ڪندو هلان ته منهنجي هيٺ ٻڌايل ڳالهه ڪنهن به مخصوص ماڻهونءَ لاءِ بنهه ناهي، ڪنهن به قسم جي هڪجهڙائي بس اتفاق ئي سمجهڻ گھرجي.

ڪي اسان جا سياستدان، ڪي ڪامورا، ڪي پير، ڪي وڏيرا، ڪي ماستر، ڪي کريل گھر جا نوجوان، ڪي عاشق نامراد، ڪي ڏوهاري ذهنيت رکندڙ ماڻهون اهڙا هوندا آهن، جن تي ڪنهن به بي عزتي/ عزت نفس جي پائمال ٿيڻ جو ڪو اثر ناهي ٿيندو.

آهي ته اهو اردو محاورو پر ان کي استعمال سنڌي به عام جام آهن؛ ”يا بي حيائي تيرا آسرا“. ڪي ماڻهون ڪوبه ۽ ڪيترو به گندو، ڪريل، ڪم ڪندا آهن ته کين پنهنجي اهڙي عمل تي ڪابه شرمساري ناهي ٿيندي يا هو بنا حجاب جي اهڙا ڪم ڪندا رهندا آهن ته اهو مٿيون محاورو انهن لاءِ چيو ويندو آهي. سوليءَ سنڌيءَ ۾ انهن کي ”نود“ يا ”نڪ جو پڪو“ پڻ سڏيو ويندو آهي. مان پنهنجي چيل ڳالهه کي صفا کولي سمجھائڻ لاءِ اوهان کي هڪ لطيفو ٻڌايان ٿو اميد ته ان جي پڙهڻ کان پوءِ اوهان جي دماغ ۾ مٿي بيان ڪيل ماڻهن جي چٽي پٽي تصوير اچي ويندي.

هڪ ماڻهون وارڌات ڪندي پڪڙجي پيو، شهرين سندس منهن ڪارو ڪري، جوتن جا هار پارائي، گڏهه تي چاڙهي پوري شهر جو گشت ڪرايو. ساڻس جڏهن سندس ڪنهن دوست ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته ”يار ٻڌون ٿا ته توسان ڏاڍي ٿي ۽ تنهنجو منهن ڪارو ڪيو ويو هو“ ان تي وراڻيائين ته ”نه يارماڻهون ڪوڙ ٿا ڳالهائين، پورو منهن ڪارو ٿوروئي ڪيائون بس اهي ٻه ڪارا ليڪا پاتا هيائون!“، سندس دوست کيس جوتن جي هار پارائڻ متعلق ڳالهايو ته جواب ڏنائين ”ڪٿي ڀاءُ اهي ننڍڙن ٻارڙن جا ٻه جوڙا ئي ته هيا“،  وري سندس دوست جڏهن گڏهه جو ذڪر ڪيو ته چيائين ”يار ڪمال ٿا ڪيو گڏهه ٿوروئي هو اهو ته ننڍڙو کوتڙو هيو“ شهر ۾ گشت جي حوالي سان سندس گوهر افشاني اها هئي ته ”پورو شهر ٿورو ئي گھمايائون يار بس هڪ اڌ پاڙي جو چڪر ڪاٽرايو هئائون“.

Tuesday, December 15, 2015

شاهه عبدلطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ پيش ڪيل ٽن ايم فل سيمينارن جو احوال ۽ جائزو







اڄ 15 ڊسمبر 2015ع جي ڏينهن شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سنڌي شعبي ۾ ايم فل جي سلسلي ۾ ٽي عدد لڳاتار سيمينار ٿيا. جن ۾ جناب داد محمد ڪٽوهر (انورپرديسي) ”سچل جي سنڌي شاعريءَ ۾ علامت نگاري (تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“، جناب محمد ابراهيم کرل (ابراهيم کرل) ”نسيم کرل جي ڪهاڻين جو تنقيدي جائزو“ ۽ جناب عتيق الرحمان ميمڻ جن ”برطانوي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت (تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو)“ پيش ڪيا. ٽنهي اسڪالرن جي ڪم کي ساراهيو ويو ۽ سندن ڪيل تحقيق جي واکاڻ ڪندي سندن سيمنارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. هن ڪارائتي پروگرام جي صدارت ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ (ڊين فيڪلٽي آف آرٽس اينڊ لينگويج) صاحب جن ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي ٽنهي اسڪالرن کي گائيڊ ڪندڙ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جوسابق چئرمين ڊاڪٽر ادل سومرو، شاهه عبدالطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جا چئرمين سائين ايازگل پڻ موجود هيا. انهن کان علاوهه يونيورسٽيءَ ۽ ڪاليج سائيڊ جا ٻيا به ڪيترائي ناليوارا ڊاڪٽر، پروفيسر، شاگرد موجود هيا.  ياد رهي اڄوڪين ٽن سيمينارن ۽ گذريل چئن سيمينارن کي ملايو وڃي ته ستن جو انگ ٿو بيهي، اهڙي ڪارائتي ڪارڪردگيءَ تي سنڌي شعبي جو چئرمين سائين اياز گل لکين کيرون لهڻي، ساڳي وقت سائين ادل سومري جي مستقل مزاجي ۽ سنڌي ادب سان دلي لڳاءُ جو کليل اظهار به ٿئي ٿو ته سائين جن ڪنهن به نوجوان محقق کي مايوس ڪرڻ بدران کين همٿايو آهي ۽ پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي سندن رهنمائيءَ وارو ڪم سرانجام ڏنو آهي. انهن سمورن سڀاويڪ ڪمن ۾ ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ جن پڻ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. شاهه عبدالطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي کان سواءِ ٻين شعبن ۾ پڻ تحقيقي ڪم هلي پيو، ان ڪري ئي يونيورسٽي جي رينڪنگ تمام سٺي ٿي ويئي آهي. حقيقت ۾ اسان جي نوجوانن ۾ تمام وڏو ٽيلنٽ موجود آهي ۽ منجھن ڪم ڪرڻ، تحقيق ڪرڻ، جستجو ڪرڻ جا جوهر اتم موجود آهن بس کين موقعا فراهم ڪري ڏيڻ جي ضرورت آهي. جڏهن به ۽ جتي به کين موقعا مليا آهن ته انهن پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. مثال طور اڄ مسلسل ٽي سيمينار لڳاتار هلندا رهيا ۽ پورو هال آخر تائين ڀريل ئي رهيو. هر نوجوان محقق جي پيش ڪش بعد سوالن جوابن واري نشست پڻ تمام ڪارائتي رهي ۽ ڪيئي ڪم واريون ڳالهيون ٿيون. مان بحيثيت هڪ طالب علم جي تمام گھڻيون ڪارائتيون ڳالهيون سکيون.

ڪم ڪيترو به سٺو ٿئي پر ان ۾ وڌيڪ چڱ ڀلائي، سٺائيءَ جي گنجائش بهرحال رهندي آهي. هڪ ڳالهه جيڪا ڊاڪٽر ادل سومري ڪئي ته يونيورسٽي اندر سنڌي شعبي جا جيڪي نوجوان ايم فل جي ڊگري حاصل ڪن ٿا ته کين ان پنهنجي ايم فل جي ڊگريءَ کي پي ايڇ ڊي ۾ بدلائڻ جو چانس ناهي ۽ انهن نوجوانن محقق پي ايڇ ڊي لاءِ وري به ڪنهن ٻي يونيورسٽيءَ سان رجوع ڪرڻو پوندو ۽ سندس اها صلاح هئي ته ايم فل جي اسڪالرن کي اهو موقعو شاهه عبدالطيف يونيورسٽيءَ اندر ئي مهيا ڪري ڏنو وڃي. مان ڊاڪٽر ادل سومري جي تجويز سان سؤ فيصد متفق ٿيندي ان ۾ هڪ ٻي ڳالهه جو اضافو به ڪندس ته سنڌي شعبي ۾ ڪي پي ايڇ ڊي اسڪالر به کنيا وڃن ته جيئن تحقيقي ۽ تدريسي ڪم ۾ تهان وڌيڪ نکار اچي.

اڄوڪي پروگرام ۾ جيڪي ٽي سيمينار ٿيا اهي ٽيئي ڊيسڪ تحقيق جي زمري ۾ آيل آهن (تحقيقي ۽ تنقيدي جائزا).  ڊيسڪ تحقيق حقيقت ۾ سيڪنڊري سورس کي استعمال ڪندي ڪئي ويندي آهي. ڊيسڪ تحقيق وارو مواد اڳ ئي موجود هوندو آهي ۽ انهن جو مطالعو ڪري تحقيق ڪندڙ ڪنهن شخصيت، تاريخي دؤر، ڪنهن واقعي متعلق تحرير ٿيل مواد جو تجزيو ڪري پنهنجي چونڊيل عنوان تحت ان مان ڪي نوان پهلو اجاگر ڪندو آهي. جڏهن ته پرائمري ريسرچ اها هوندي آهي ته تحقيقڪار سڌو سنئون ڪي نيون حقيقتون پاڻ هٿ ڪندو آهي. منهنجي خيال ۾ ته اڄ جيڪي تحقيقي سيمينار ٿيا ان جا تحقيق ڪار پنهنجي تحقيقي ڪم ۾ ڪن ٻين ماهرن جي راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ کانئن ڪي انٽرويو ڪن ها يا ڪي فوڪس گروپ ڊسڪشن ذريعي به مواد گڏ ڪري انهن کي پنهنجي ڊيسڪ تحقيق سان سلهاڙين ها ته سندن ڪم کي تهان وڌيڪ چار چنڊ لڳي وڃن ها.

اڄوڪين سيمينارن ۾ تحقيقي عنوان ڏنل هيا پر ڪنهن هڪ محقق به اهو ڪونه ٻڌايو ته سندن تحقيقي سوال ۽ ان جا سب سوال (Research Question and Sub research questions) ڪهڙا آهن. ڪنهن به تحقيق ۾ تحقيقي سوال تحقيق ڪار جي رهنمائيءَ وارو ڪم ڪندو آهي ۽ ان مان تحقيق ڪندڙ کي مواد هٿ ڪرڻ، مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ، مواد جو تجزيو ڪرڻ ۽ ان تجزئي جي آڌار تي ڪي نتيجا ڪڍڻ جو موقعو ملندو آهي.
    

Saturday, December 12, 2015

پروگريسو فورم سکر پاران جشن لطيف جي پروگرام تي تبصرو



پروگريسو فورم سکر پاران 11/12/2015 جي شام جو شاليمار چوڪ تي جشن لطيف ملهايو ويو. پروگريسو فورم سکر جو روح روان مسٽر يامين ميراڻي جن آهن. سکر اندر پروگريسو فورم سان گڏ جاڳرتا فورم، بيڊس سکر به تمام گھڻو سرگرم ڏٺا ويا آهن. پروگريسو فورم ۽ جاڳرتا فورم کي سرگرم ڪرڻ وارا پنهنجي وقت جا سرگرم سياسي ڪارڪنن رهيا آهن ۽ جن پنهنجيون پوريون توانائيون پنهنجن پنهنجن سياسي پارٽين تي صرف ڪيون هيون پر جڏهن سياسي وايو منڊل مٽيو ته مٿي ٻڌايل دوستن خاموش رهڻ کان بهتر ڄاتو ته پنهنجين سرگرمين کي جاري رکن ۽ ائين اهي مختلف ڪارائتا پروگرام ڪندا رهندا آهن. سندن پروگرامن کي اسان غير سياسي پروگرام ته چئي نه ٿا سگھو ڇوته سندن پروگرامن ۾ مختلف سياسي ڪارڪنن کي ڪوٺي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويندو آهي ۽ ٻيو هي ته اهي پروگرام فورم پنهنجي هڙان وڙان ڪندا آهن.

 جشن لطيف واري پروگرام ۾ سکر سطح تي سرگرم سمورن سياسي پارٽين، ادبي ڌارائن، سماجي سطح تي ڪم ڪندڙن کي ڪوٺ ڏئي کين لطيف جي فڪر تي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو هو.

قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سائين هادي بخش ڀٽ صاحب ۽ عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سائين حڪيم زنگيجو لطيف جي فڪر تي شاندار نموني روشني وڌي ۽ لطيف جي شعرن سان لطيفي فڪر جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪري خوب داد حاصل ڪيو. مٿي ذڪر ڪيل ٻن دوستن کان سواءِ باقي اسان جا جيڪي نوجوان دوست آيا انهن لطيف جي شاعريءَ جي جنهن نموني چير ڦاڙ ڪئي ان تي سواءِ افسوس جي ڀلا ڪري به ڇا ٿو سگھجي. هڪ پاسي دعوا آهي قومپرستي جي، ڳالهيون آهن سنڌ جي آزاديءَ جون ٻئي پاسي لطيف سائينءَ جو ڪو هڪ اڌ شعر به صحيح پڙهڻ ڪونه ٿو اچي! اها صورتحال محض اسان جي سياسي ڪارڪنن جي ناهي، اسان جي تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ هر سطح تي جيڪي استاد ۽ پروفيسر آهن انهن جو حال به ساڳيو ئي آهي.  گذريل اليڪشني عمل جي پولنگ عملي جي سکيا وقت مون چاليهن جي لڳ ڀڳ عملي کي لطيف جو شعر ”اول الله عليم، اعلى عالم جو ڌڻي.....“ ٻڌائڻ جي استدعا ڪئي هئي ته سواءِ هڪ نوجوان استاد جي ٻئي ڪنهن کي به اهو شعر ياد ڪونه هو! ان نوجوان به اهو شعر غلط ئي پڙهيو هو. ڪنهن ڪنهن کي ڏوهه ڏجي، اهي جيڪي پاڙهڻ جا ذميوار آهن، اها شاعري جيڪا انهن جي نصابي ڪتابن ۾ شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ ڏنل آهي اسان جي استادن کي اها نه ٿي اچي ٻئي پاسي اسان جا نوجوان سياسي ڪارڪن جن کي سواءِ چند نعرن جي ڪجھ به ناهي ايندو، اهي جنهن سياسي ڌر سان سلهاڙيل آهن مون کي يقين آهي ته کين پنهنجي رهبر(ن) پاران لکيل فلسفي جي خبر به ڪا خير هوندي، اهي جيڪي چي گويرا کي پنهنجو هيرو سمجھن ٿا انهن چي گويرا جي لکيل گوريلا جنگ جي ڪتاب کي به شايد پڙهيو ئي هجي!

مٿي ٻڌايل جشن لطيف واري پروگرام ۾ اسان جي هڪ دوست عوام سان سڌي سنئين رابطي متعلق تمام ڪارائتيون ڳالهيون ڪيون هيون پر افسوس ته هو جنهن سياسي ڌر سان وابسطه آهي ان ۾ ڪوبه نئون رت ڏسڻ ۾ ڪونه پيو اچي، اهي جيڪي چار يار هيا جيڪي اوڻويهه سؤ اسي ۾ مون ڏٺا هيا بس اهي ئي آهن! اسان جي انهن دوستن کي ٻين کي صلاحون ڏيڻ کان اڳ پنهنجي ڳالهين تي پاڻ به عمل ڪرڻ گھرجي. اسان جي ڪن قومپرست يا ترقي پسند سياسي ڌرين ماضيءَ ۾ هيٺين سطح تي عوام ۾ ڪم ڪيو هو ۽ ڳوٺ سطح تائين تنظيمي ڄار وڇايو ويو هو، انهن پارٽين کي پنهنجن انهن لاڳاپن کي ئي ٻيهر جيارڻ گھرجي! سموري قوم کي صلاحون ڏيڻ وارا افسوس ته پاڻ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ اصل تيار ڪونهن هاڻي سنڌ جي سياسي وايو منڊل ۾ ڪا مثبت تبديلي اچي به ته ڪيئن اچي.

مون کي انتهائي افسوس ته سکر جي ادبي ۽ سياسي سوجھ بوجھ رکندڙ ساٿيءَ تي ٿيو جنهن پنهنجي مختصر تقرير ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته لطيف نه ته صوفي هو، نه مذهبي خيال رکندڙ هو، نه مزاحمتي هو ۽ نه ئي قومپرست، آخر ۾ سندس چوڻ هو ته لطيف اسان جهڙو ئي هڪ عام ماڻهون هو (مون کي ته ائين لڳو ڄڻ سائين جن جو اهو چوڻ هو ته اسان هروڀرو لطيف کي پنهنجي سِر تي سوار ڪيو آهي)

سڀ ڪم ۽ سرگرميون، محنت، تحقيق ۽ جستجو ڪرڻ کان سواءِ ثمر ڏئي ڪونه سگھنديون. مامرن کي سمجھڻ لاءِ سِر کپائڻو پوندو آهي، لاڳاپيل علم کي سمجھڻ لاءِ ضخيم ڪتابن جو مطالعو ڪبو آهي، سياسي ڪم ڪار لاءِ جبلن سان مٿا ٽڪرائڻا پوندا آهن، حق ۽ سچ جي ڳولها لاءِ رڻ پٽ، بيابان رلڻا پوندا آهن انهن لاءِ سسئيءَ واري همٿ، مارئي واري وطن دوستي درڪار هوندي آهي.    

Thursday, November 26, 2015

منهنجولکيل خط عوامي جمهوري پارٽي جي دوستن پاران جاري ٿيندڙ رسالي ”ويساهه“ لاءِ ....


گل ڪٽوهر
سکر 27/2/2015.

ويساهه نظرن مان گذريو. مون کي ويساهه ۾ ڇاپيل مضمونن جي چونڊ پسند آئي. ان جو سبب اهو ناهي ته مان عوامي جمهوري پارٽيءَ سان واڳيل آهيان پر اهو ان ڪري به ته ان ۾ ڇيپل مواد پارٽي پروپينگنڊه کان هٽي ڪري ڏنل آهي. استاد محمد يوسف جي ياد ۾ ڏنل ليک، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ماضي ۽ حال جو قصو، ڪارآمد سياسي بحث مباحثي تي مشتمل مضمون، هڪ سچي سياسي ڪارڪنن جي آتم ڪٿا، سنڌ جي زراعت، تعليم، بلدياتي نظام متعلق مضمون ۽ شهيد فاضل راهوءَ جي ورسيءَ سان گڏ محترم ابرار قاضيءَ جو تفصيلي انٽرويو وغيره.

منهنجو مشاهدو رهيو آهي ته سياسي پارٽين پاران ڇپجندڙ رسالا گھڻو تڻو انهن پارٽين جي پروگرامن جي رپورٽن، اڳواڻن جي ثنا خواني، ٻين پارٽين خلاف ڀنڊي بازي جهڙي ڦڪي مواد سان ڀريل نڪري نروار ٿيندا رهيا آهن. اهڙو مواد پڙهندي پارٽيءَ جا ڪارڪن ته بيشڪ خوش ٿيندا هوندا پر انهن رسالن ۾ عام خلق جي ڪا نمائندگي ناهي هوندي. ڀلا عام ماڻهونءَ کي ڪهڙو ضرور پيو آهي ته هو ڪنهن مخصوص پارٽيءَ جي پروپيگنڊهه تي ٻڌل رسالي تي پنهنجو قيمتي وقت زيان ڪري؟؟! سنڌ اندر ترقي پسندي ۽ قومپرستيءَ جي دعويدار ڌرين پاران اهڙي روين ڪري سندن اڪثريتي عوام سان رابطو بنهه ڪٽيل رهندو نظر آيو آهي. اهي پنهنجو پاڻ کان سواءِ سموري خلق خدا کي ڀليل، نقلي، ترميم پسند، سازشي، سنڌ دشمن، عوام دشمن، عقل ۽ علم کان وانجھيل تصور ڪندي هڪ مخصوص تصوراتي دنيا ۾ رهندا آيا آهن، جتي هو خيالن ئي خيالن ۾ پنهنجي عظيم اڳواڻ جي رهنمائيءَ ۾ انقلاب برپا ڪندا رهندا آهن. اهو رويو اٺ پکيءَ وارو آهي جيڪو واريءَ ۾ پنهنجو منهن لڪائي اهو سمجھندو آهي جيئن ته هو ڪنهن کي ڪونه پيو ڏسي ته ٻيو ڪوبه کيس ڏسي نه سگھندو هوندو. ترقي پسند دوستن سان گڏ گذاريندي ورهه ٿي ويا آهن پر انهن ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي حقيقي عوامي ماڻهون بڻائڻ جي ڪا ڪوشش ئي ناهي ڪئي. ان جي نتيجي ۾ جڏهن اهي ڪنهن سنڌ دشمن عمل خلاف ڪا ڪال ڏيندا آهن، ڪو پروگرام ڪندا آهن، ڪا ورسي يا سالگرهه ملهائيندا آهن ته آءُ ۽ ڪانو واري ڪار هوندي آهي. مان گذريل ٽن ڏهاڪن کان ڏسندو پيو اچان ته اهي ئي مهانڊا، اهي ساڳيا ئي اسٽيج تي سينگارجي ويهندڙ، اهي ئي چار هيٺ بئنچن تي ويهي اوٻاسيون ڏيندڙ ڪارڪن نظر آيا آهن. پر ڳالهه اتي ختم ٿئي ته خير آهي، اسان جا اهي خيالي اڳواڻ پنهنجي مايوسيءَ  (Frustration) کي لڪائڻ لاءِ ماڻهن کي گاريون ڏيندا آهن ۽ چوندا آهن ته ”ادا سنڌي قوم ڪونه سڌرندي، ڏسو نه اسان سندن حق ۾ ڪيئن نه پيا پاپڙ پيليون پر اهي گڏهه جي مٿي تي سڱن وانگي گم آهن“. کين اها ڳالهه اڃا تائين سمجھ ۾ اچي نه سگھي آهي ته اها قوم، عوام يا خلق جي نااهلي ناهي اها سندن ناڪامي آهي ته اهي ماڻهن کي پنهنجو پيغام پهچائڻ ۾ بنهه ناڪام ويا آهن. کين گھرجي ته قوم ۽ عوام کي گاريون ڏيڻ بدران پنهنجو پاڻ تنقيدي جائزو وٺن ته آخر ڪار کانئن ڪهڙي ڪوتاهي ٿيندي رهي آهي ته عام خلق کانئن ڊگھي مفاصلي تي بيهڻ کي پسند ڪندو رهيو آهي. منهنجي خيال ۾ ته اهوسڀ ڪجھ ڪرڻ جو خيال به انهن جي ذهنن ۾ ايندو جيڪي واقعي به سنڌ جي ڪٽيل سٽيل، لتاڙيل، چيڀاٽيل ماڻهن جي زندگين ۾ واقعي به ڪو ڦيرو آڻڻ جا دلي خواهشمند هوندا. هتي ته اڪثريت دڪانداري آهي. نالو قومپرستي ۽ ترقي پسندي ۽ نعرو سنڌ دوستيءَ جو آهي پر پردي پويان ذاتي مفادن جي رکوالي ٿيندي پئي رهي آهي. هن وقت قومپرست، ترقي پسند سياست جا جيڪي دعويدار ”عظيم اڳواڻ“ آهن انهن جي اقتصادي حالت کي ٽيهه سال پوئتي وڃي ڏسبو ته هر شيءِ واضع ٿي ويندي ته سنڌ سنڌ ۽ هاري ۽ مذدور عوام جا نعرا هڻندي ڪيئن نه اسان جا اهي اڳواڻ ڪک پتيءَ مان ڪروڙپتي بڻجي ويا آهن ۽ سنڌ، سنڌي عوام، سنڌ اندر ترقي پسند يا قومپرست سياست اڳ کان به وڌيڪ ڏٻري ۽ نٻل ٿي ويئي آهي.

اهڙن سوچن ۽ خيالن کي ذهن ۾ رکي جڏهن مان ويساهه کي ڏسان ٿو، عوامي جمهوري پارٽيءَ جي دوستن جي ڪم ڪار تي تنقيدي نظر وجھان ٿو مون کي مستقبل ۾ سنڌ اندر صاف سٿري، عوامي سياست جا عڪس ۽ اولڙا اڀرندي نظر اچن ٿا.  شل اهڙي قسم جو سڀاويڪ سوچون وڌيڪ پڪيون ۽ پختيون ٿين، سنڌ جي سياست خانداني گند واري گچڻ مان نڪري صاف سٿري عوامي ٿي ۽ اها سڀني جي آڏو شيشي جي بوتل اندر بند موتيءَ وانگي صاف ۽ چٽي جرڪندي نظر اچي.    


Saturday, November 14, 2015

سنڌو سان گڏ ذات جي ڳولها


1910ع جڏهن سنڌوءَ ۾ مها ٻوڏ آئي هئي ته سکر جي شهرين جو به ساهه مٺ ۾ هو. بندر وال سکر وٽان پاڻي ليڪ ٿي بندر روڊ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ وڃي پهتو هو ۽ شهرين سمجھيو پئي ته بس ڄاڻ بند ٽٽو ۽ شهر پاڻي حوالي ٿي ويندو. ان خوف واري فضا ۾ ڪيئي هيٺائين وارا محلا ۽ پاڙا پنهنجا گھر خالي ڪري محفوظ جاين تي هليا به ويا هيا. خوف پنهنجي جاءِ تي پر الله جو ڪرم اهو ٿيو هو ته اهڙو واقعي نه ٿيو هو ته شهرين سک جو ساهه کنيو هو. ٻوڏ واري صورتحال ختم ٿيڻ بعد جڏهن ليکا چوکا ٿيا ته وس وارن عملدارن ۽ سياسي پنڊتن کي پهريون ڀيرو اهو احساس ٿيو هو ته بندر وال تي سنڌو درياءُ جي اندرين پاسي جيڪي ماڻهون غير قانوني طرح گھر، جھڳيون اڏيون ويٺا آهن انهن جي ڪري ئي شهر جي ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿيو هو.  فيصلو ڪيو ويو ته انهن کي اتان لڏايو وڃي پر پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ اندر غير قانوني طرح هڪ دفعو جيڪو ڪنهن جاءِ تي قبضو ڪري ويٺو هجي ته ان کي اتان لڏائڻ يا قبضو ڇڏائڻ هماليه جي چوٽيءَ تي پهچڻ جي برابر هوندو آهي. هونئن به پياري پاڪستان ۾ قدرتي يا هٿرادو آفت کان اڳواٽ بچاءُ لاءِ جيڪي اپاءُ وٺڻ گھرجن اهي نه ورتا ويندا آهن ۽ اسان جي وٺ پڪڙ پوءِ شروع ٿيندي آهي جڏهن آفتن جي ڪري تمام گھڻو نقصان ٿي چڪو هوندو آهي. وڏي وٺ وٺان بعد غيرقانوني قبضا گيرن کي سندن جڙيل جھڳين جاين کان ٽيڻو وڌيڪ معاوضو مليو ته اهي اتان اٿڻ تي راضي ٿيا. جڏهن انهن کي اتان لڏايو ويو ته سرڪار اهو فيصلو ڪيو ته لب مهراڻ کان وٺي پراڻي سکر تائين درياءُ جي ڪپ سان مظبوط اوچي ڀت جوڙائي وڃي ته جيئن آئيندهه ڪنهن امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کان محفوظ رهي سگھجي. 

اهو فيصلو تمام مناسب ۽ بروقت هو.  ان ڀت جي اڏاوت جو گھڻو ڪم ته ٿي چڪو آهي پر اڄ ڏينهن تائين اها مڪمل نموني جڙي راس ٿي نه سگھي آهي!!! سنڌ اندر ترقياتي ڪمن جي سست رفتاريءَ جو اندازو ان هڪ ڳالهه مان به لڳائي سگھجي ٿو. 2010ع جا منصوبا 2015ع جي پوري ٿيڻ تائين مڪمل ٿي نه سگھيا آهن. ان ڀت سان لڳ اهو ٻيو چڱو ڪم اهو ڪيو ويو آهي ته درياءُ واري پاسي کان هزارين وڻ پوکيا ويا آهن جيڪي هڪ طرف ته سونهن جو سبب بڻبا، ٻيو ته انهن جو پاڙون درياءَ جي بند کي قدرتي طرح مظبوط بڻائينديون ۽ هوا ۾ آڪسيجن جو مقدار وڌندو جنهن سان ماحول ۾ بهتري ايندي.

جيئن ته درياءُ جو بند تمام وڏو آهي ته بندر روڊ تان گھمندي جيئن اڳ ماڻهون درياءَ بادشاهه جي مست موجن جي سونهن سوڀيا کي پسندو هو ته هاڻي ان کي ٻنجو اچي ويو آهي. هاڻي سنڌوءُ جي سرمست موجن کي پسڻ لاءِ جڙيل ان ڀت سان چئن جاين تي خوبصورت ٽائلس سان ويهڻ جون جايون جوڙايون ويون آهن. انهن جاين تي پهچڻ لاءِ سڀ کان پهرين ڀت سان لڳل ڏاڪڻ تي چڙهي مٿي جڙيل ٿلهي تي وڃڻو پوندو جتي ڇٽين هيٺيان اڌ گول جيتريون ٽائلس جون بئنچون جوڙيل آهي چاهيو ته انهن تي ويهي درياءُ جو نظارو ڪيو چاهيو ته ٿلهي جي ڀت سان بيهي درياءُ جي موجن ۽ انڌي ٻلهڻ جي ٺينگ ٽپن جو مشاهدو ڪيو يا درياءُ جي هن پار تائين جو نظارو پسيو.

مان صبح جو پسار ڪندي يا رات جو جوگنگ بعد مسجد منزل گاهه ڀرسان ساڌ ٻيلي جي بلڪل سامهون جڙيل ان ٿلهي تي وڃي ويهندو آهيان. رات جو ان ٿلهي ته ويهي جڏهن سنڌوءَ جو نظاروڪندو آهيان ته دل چوندي آهي بس پوري رات اتي ويٺو هجان ۽ ان نظاري کي ڏسندو رهان.



 سامهون ساڌ ٻيلي تي ڏياريءَ جي ڏڻ واريون ٻرندڙ ڏيئا، انهن جا درياءُ جي پاڻيءَ ۾ جھلمل ڪندڙ عڪس، ٿورو اوڀارين پاسي بکر جو پراڻو قلعو ۽ قلعي جي پويان وچ واري زمين تي پوکيل وڻ، سامهون لينسڊائون ۽ ايوب پل، دريا پار روهڙي شهر جون ٻرندڙ بتيون ۽ انهن سمورن نظارن جا وري پاڻيءَ ٺهندڙ عڪس، مٿان چنڊ هجي ۽ وري سکر ايڪسپريس جي ڪوڪون ڪندي ايوب پل تان گذري ۽ اوهان وري پنهنجي موبائيل جي هيڊ فون تان ڪو صوفياڻو ڪلام جهڙوڪر ”الائي ته ڪنهن سان راضي آ الائي ته ڇا ۾ راضي آ يا وري چترا جو ڪو غزل جهڙوڪر "سفر میں دھوپ تو ہوگی جو چل سکو تو  چلو،  سبھی ہیں بھیڑ میں تم بھی نکل سکو تو چلو" ٻڌندا هجو ته سمجھي سگھو ٿا ته ڪهڙو نه رومانٽڪ منظر هوندو، ته دوستو مان پنهنجو پاڻ کي اتي ڳولهڻ ويندو آهيان ۽ ڪيئي سوچون منهنجي من اندر آکيرا جوڙي اچي ويهنديون آهن، اڃا ڪالهه سوچيم پئي ته هي جيڪي جنت جا نظارا آهن، جي ڌرتي ۽ هي دريا جيڪو صدين کان اسان جو آهي، هي زمين جنهن جا اسين هزارين سالن کان مالڪ آهيون ته ڇا ڪو وقت اهڙو به ايندو ڇا ته اهي سڀ اسان جا نه هوندا؟؟؟؟!!!! اسين پنهنجي وطن مان جلاوطن ٿي وينداسين؟ اسان کان اسان جي صدين جي سڃاڻپ کسي ويندي؟ اسان جي اڪثريت اٺ پکيءَ وانگر واريءَ ۾ منهن لڪائي سمجھي پئي ته اسين جيڪا ڌوڙ پايون ٿا اهو ڪوبه ڪونه ٿو ڏسي پسي؟؟ اسين ڀل ڪجھ به نه ڪريون ته پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاريءَ کي نه ڪي لهر نه ڪي لوڏو؟؟؟!!! اسان جا وڏڙا پنهنجي دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ اسان کي ٻڌائيندا هيا ته سنڌڙي لڏندي پر ٻڏندي ڪونه؟؟؟؟؟!!! واقعي اهو سچ آهي؟ دنيا جي تاريخ ٻڌائي ٿي ڪيئي دنيا جون ڪيئي طاقتور قومون سستي ۽ ڪاهلي سبب ختم ٿي ويون ڇا اهو قانون اسان لاڳو نه ٿو ٿي سگھي؟؟؟
دوستو اوهان به ڀل انهن سوالن جي جوابن تي سوچيو، مون ڪو ٺيڪو ڪونه کنيو آهي ته اوهان جي بدران به مان سوچيان، گھٽ ۾ گھٽ اوهان تي سونپيل جيڪو ڪم آهي اهو ته ڪريو.....