Friday, September 30, 2016

ملڪي ترقي ۽ استحڪام لاءِ رواداري ۽ امن ضروري آهي


سڀ کان پهرين ته مان رواداري تحريڪ جي دوستن کي جس ڏيندس ته جيڪي ملڪ ۾ امن، ڀائپي ۽ سهپ واري ماحول جي آبياريءَ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهيا آهن. هر سرگرمي، هر عمل ڪونه ڪو اثر ڇڏي ويندو آهي. يقينن تحريڪ جا دوست مختلف وقتن تي مختلف شهرن ۽ صوبن اندر جنهن قسم جون ڪم ڪن پيا انهن جا سٺا اثر شرڪت ڪندڙن تي ضرور پوندا هوندا. خاص ڪري مختلف مذهبن جي مڃيندڙن وچ ۾ ڀائپي ۽ سهپ پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن سي قابل ذڪر آهن. حقيقت ۾ اهو ساڳيو پيغام آهي جيڪو قائد اعظم محمد علي جناح جن پاڪستان جي پهرين آئين ساز اسمبليءَ کي خطاب ڪندي ڏنو هو ته هاڻي اوهين آزاد آهيو مسجدن، مندرن، چرچن، امام بارگاهن ۾ وڃڻ لاءِ، اوهان سڀ هن ملڪ جا برابر جا شهري آهيو“ پر افسوس ته قائد اعظم محمد علي جناح جي وڃڻ کان پوءِ ڪنهن به سندس انهن ڳالهين تي عمل ڪرڻ يا ڪرائڻ جي ڪا به سنجيدهه ڪوشش نه ڪئي، ويتر پاڪستان ۾ قائد جي فرمان کي هرڪنهن وساري ڇڏيو. اها سڀاويڪ گائيڊ لائين هئي جنهن تي جيڪر عمل ٿئي ها ته اڄ اسان وٽ جنهن قسم جو فرقيوارانه دنگو فساد برپا آهي اهو نه هجي ها. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جن قائد اعظم تي ڪافر اعظم جون فتوائون ڏنيون هيون انهن ئي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سندس انهن ڳالهين جو مذاق اڏاريو ۽  ملڪي عوام اندر امن، سهپ ۽ ڀائپي واري ماحول جو ستيا ناس ڪري مخصوص مذهبي شدت پسنديءَ واري گس تي ملڪ کي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو هڪ اهڙو رستو آهي جتي جيئرا جاڳندا انسان ڪباب ڪيا ويندا آهن، جتي سون جي تعداد ۾ ماڻهون ماري انهن مٿان ماتم بدران شيطاني رقص ڪيو ويندو رهيو آهي.  ان ماحول ۾ اڄ اسين سڀ مري رهيا آهيون، اسين سڀ صفا غير محفوظ ٿي چڪا آهيون. معصوم ٻارڙا جيڪي اڃا بالغ ئي ڪونه ٿا ٿين ته انهن کي 72 حورن جو چڪمو ڏئي کين انساني بم جي شڪل ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي. انسانن جون منڍيون ڪپي انهن سان فوٽ بال کيڏڻ جون وڊيو به اسان سڀني ڏٺيون آهن. مسجدون، مندر، چرچ، عيدگاهون، امام بارگاهون صفا غير محفوظ ٿي چڪيون آهن. مذهبي ڏينهن جهڙوڪر عيدون، محرم، ڏياري، ڪرسمس ملهائڻ قيامت کان گھٽ ناهن رهيا. هاڻي جڏهن به ڪو مذهبي ڏڻ ايندو آهي ته ملڪي عوام جي وات ۾ آنڊا اچي ويندا آهن ۽ اهي اهڙن مذهبي ڏينهن جي خير خوبي سان گذري وڃڻ جو دعائون پيا گھرندا آهن. هنوقت حالت اها آهي ته محرم هجي يا عيدون هجن اهي سڀ فوج جي سخت نگرانيءَ ۾ منقعد ٿين پيون. 

هونئن ڪوبه مذهب، مذهبي تفاوتن ڪري ٻئي مذهب جي مڃيندڙن تي ظلم تشدد جو حامي ناهي. قرآن شريف ۾ پڻ لڪم دين ڪم واليَ دين جو واضع هدايتون مليل آهن ۽ ايتري حد تائين چيل آهي ته ”اوهان انهن جي ڪوڙن خدائن خلاف نه ڳالهيون متا اهي اوهان جي سچي خدا خلاف ڳالهائين.“  اها پرچارهر مذهب کي مڃيندڙ پنهنجي مذهب لاءِ وڏي وات ڪندو به رهندو آهي ته سندن مذهب يا مذهبي فرقو امن، سهپ ۽ انساني ڀائپي جو علمبردار آهي پر اهڙين ڳالهين تي عمل جي ڪائي سنجيدهه ڪوشش ٿيندي نظر ناهي ايندي. هونئن حقيقت ۾ هر مذهب ٻين مذهب جي پيروڪارن ساڻ رواداري سان رهڻ جي تعليم ڏئي ٿو. هر مذهب سندن مذهب کي مڃيندڙن سان گڏ ٻين مذهبي فرقن، گروپن جي جان، مال، عزت آبرو ۽ سندن ٻين حقن جي حفاظت تي زور ڏئي ٿو. پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي اهڙين ڳالهين تي عمل تمام گھٽ ڪيو ويندو آهي. جيئن پاڪستان اندر مسلمانن جي وڏي اڪثريت آهي ته هندو، سک، عيسائي ۽ خود مسلمانن جا ننڍا فرقا جهڙوڪر شيعه، اسماعيلي، قادياني شڪايتون ڪندا رهندا آهن ته ساڻن وڏو مٿ ڀيد رکيو پيو وڃي ۽ ائين آهي به سهي. پاڪستان اندر مٿي ٻڌايل غير مسلم مذهبي مڃيندڙن ۽ خود ننڍن فرقن جي ماڻهن تي وڏا خوني حملا ٿيندا رهيا آهن جن جي ڪري هزارين بي گناهه انسانن جو ناحق خون ٿيندو رهيو آهي.

 پر اها ڪار رڳو پاڪستان اندر ناهي. جيئن ته هندستان اندر وري هندو مذهب مڃيندڙن جي وڏي اڪثريت آهي ته اتي مسلمان، عيسائي ساڳيون دانهون هندن خلاف ڪندا رهندا آهن. ويندي هندو مذهب جو حصو سمجھيو ويندڙ سک به کانئن بلڪل خوش ناهن. ان نموني اسرائيل اندر وري يهودي مسلمانن سان ساڳيو وهنوار روا رکيو پيا اچن. يورپي ملڪن اندر عيسائين مڃيندڙن جو ساڳيو رويو مسلمانن سان هوندو آهي. 

هونئن مذهبي تڪرار ڪي ڪالهه جي پيداوار ناهن. مختلف مذهبن جي مڃيندڙن وچ ۾ اختلافن جي وڏي تاريخ آهي جيڪا صدين تي ڦهليل آهي.

هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته مختلف مذهبن کي مڃيندڙن وچ ۾ واقعي به اها ڀائپي ڪيئن پيدا ٿئي؟ ان جي حل جا ڪيئي نسخا مختلف ماڻهون، گروهه يا نظرياتي ماڻهون ڏيندا رهيا آهن ۽ ڪوششون پڻ ڪندا رهيا آهن. رواداري تحريڪ کي پڻ ان تسلسل ۾ ڏسڻ  گھرجي. منهنجي خيال ۾ ته ان سلسلي ۾ سڀ کان اهم جيڪو نقطو آهي اهو هي آهي ته رياستي وهنوار سيڪيولر بنيادن تي هلڻ گھرجي. پر افسوس سان چوڻو ته پوي ته پياري پاڪستان اندر مذهب جي نالي ۾ سياسي دڪان سجائيندڙ سموريون ڌريون سيڪيولر رياست جي معنى ڪفر ٿيون وٺن. جڏهن ته اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان اندر جميعت علماءِ هند وارا وري هندستاني رياست جي سيڪيولر حيثيت جي تحفظ ڏيڻ لاءِ جان جي بازي لڳائڻ جون ڳالهيون پيا ڪن. مذهب جي نالي ۾ سياست ڪندڙن جي ٻه چاپڙائي ته ان هڪڙي مثال مان واضع نظر پئي اچي.  ان ڪري اسان جي ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ جي اشد ضرورت آهي ته جيستائين اسان رياستي معاملن کي مذهبي ٻنڌڻن کان آزاد نه ڪرائينداسين تيستائين هن ملڪ اندر مختلف بين المذهبي ڀائپي ۽ دوستي قائم ٿي نه سگھندي. اهو ڪو ننڍو ڪم ڪونهي پر ناممڪن به ته ناهي.

ضيا الحق هن ملڪ جو هڪ مثالي آمر هو جنهن پاڪستان جي سمورن معاملن اندر ايترو ته بگاڙ پيدا ڪري ڇڏيو هو ته هن ملڪ جا ماڻهون انهن ڦندن ۽ ڦاهن ۾ اڄ به مڪمل نموني ڦاٿل آهن. ان مذهب کي پنهنجي ذاتي اقتدار وڌائڻ لاءِ بيدردي سان استعمال ڪيو ۽ ملڪ اندر فرقيواريت جو زهر ايترو ته پکيڙي ڇڏيو ته اسين سڀ ان زهر جي اثر هيٺ گذاريون پيا. ڊڪٽيٽر ضيا پاران اسلامائيزيشن لاءِ جيڪو نصاب جوڙيو هو اڄ اسين ان مان پيدا ٿيل فصل لڻي رهيا آهيون. ان ڪري سڀ کان اول ته پرائمري کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين هڪ اهڙو نصاب جوڙڻ جي اشد ضرورت آهي جنهن ۾ ڪنهن مخصوص مذهبي پرچار بدران سهپ، رواداري، ڀائپي، امن جو پيغام هجي. ملڪي نصاب کي هر سطح تي مڪمل نموني بدلائي سيڪيولر بنيادن تي استوار ڪرڻ جي سخت ترين ضرروت آهي. مان رواداري تحريڪ جي دوستن کي گذارش ڪندس ته اهي پنهنجي پيغام ۾ اهو نقطو به شامل ڪن. هنوقت عوام کي اهو ٻڌائڻ جي سخت ترين ضرورت آهي ته مذهبن جو معاملو فرد ۽ الله جو معاملو آهي ان سلسلي ۾ فرد ڪنهن به نام نهاد عالم يا مذهبي اسڪالر وٽ جوابدر ناهي. ها هر ڪنهن کي پنهنجي مذهبي عقيدي موجب زندگي گذارڻ، مذهبي ڏينهن کي ملهائڻ، عبادتون ڪرڻ جو حق ته بلڪل هئڻ گھرجي پر ڪنهن کي به اها اجازت هرگز نه هئڻ گھرجي ته هو پنهنجي عقيدي کي ڇڏي باقي ٻين جي تذليل ڪري، ٽوڪون ۽ ڇٿرون ڪري  يا مٿن خوني تشدد وارو وايو منڊل تيار ڪري. ان سلسلي ۾ سڀ کان اول جيڪي مدرسا فرقيواريت جي فصل جون نرسريون بڻيل آهن انهن تي مڪمل نموني پابندي لڳائي وڃي. مدرسن ۾ پڙهائڻ واري نصاب تي رياست جو چڪاس سان گڏ ڪنٽرول هئڻ گھرجي. مدرسن اندر پڙهندڙ خطابين جا امتحان امتحاني بورڊ وٺن ۽ انهن جي لاءِ امتحاني سوالي پيپرماهر پروفيسرن کان جوڙايا وڃن ته جيئن مدرسن اندر پڙهندڙ خطابين جي ذهني سطح ۽ لاڙن متعلق مڪمل ڄاڻ ملي سگھي.

مذهبي رواداري، ڀائيچاري، امن ۽ محبت جي پيغام کي عام ڪرڻ ۾صوفياءِ ڪرام جو وڏو هٿ آهي. انهن اسان کي اهو ٻڌايو هو ته ”هڪ نقطي وچ گل مقدي اي، ڦڙهه نقطا ڇوڙ ڪتابان نون“ انهن اسان کي اهو پڻ چيو هو ته ”...مسجد ۽ مندر ۾ ٻري هڪ ڏيئو...“ انهن پکين جا مثال ڏنا هيا ته انهن کان سکڻ گھرجي جن ۾ ڪابه مذهبي شدت پسندي ناهي اهي مسجد جي درين مان اٿي مندر جي مينارن يا چرچن جي مٿان وڃي ويهندا آهن. انهن مذهبي شدت پسندن جي اهو چئي مذمت ڪئي هئي ته ”مذهبن ملڪ ۾ ماڻهون منجھايا، شيخيءَ، پيريءَ پنڊتيءَ بيحد ڀلايا، ڪي نوڙي نمازون پڙهن، ڪن مندر وسايا، اوڏو ڪين آيا عقل وارا عشق جي“ سو اسان کي صوفياءِ ڪرام جي وارو عاشق بڻجڻو آهي. سندن ڏسيل واٽن تي هلڻ جي جيڪا اڄ ضرورت آهي اها ڪڏهن اڳ نه هئي. لطيف سرڪار، بلا شاهه، سلطان باهو، خواجه غلام فريد، سچل سرمست، بيدل بيڪس، روحل فقير، ٻڍل فقير ۽ ٻين جيڪي امن، ڀائيچاري، سهپ، رواداري جا بي مثال سبق رقم ڪيا آهن انهن کي عام ڪرڻ، عام ماڻهن ۾ انهن جو پرچار ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي.

ٻول نه ٻئي ڪنهن ڀُلُ، تون ته آدم ناهين،
لِڪو ٿو لاتِيُون ڪرين، جيئن باغ اندر بُلبُل.
مَلڪن ٿي سجدا ڪيا، واهه مٽي تنهنجو مُل!
ڪير ٽَپائي، ڪير ڪُڏائي، شاهه بنا دُلدل.
 اَحد منجهارؤن عبد سڏايئي، هئين تان پاڻ اَصُل.
سچل چوي سچ ٿي آئين، ڪونهي تنهنجو تُل.


 سچل سرمست

Friday, September 23, 2016

ڊاڪٽر خادم منگي؛ گھڻ پاسائين شخصيت


22 سيپٽمبر 2016ع خميس جي ڏهاڙي جاڳرتا فورم سکر جي دوستن پاران سنڌ جي ڀلوڙ شاعر، نثر نويس، سماجي ۽ سياسي ڪارڪن، هڪ استاد سائين خادم منگيءَ سان رهاڻ جو پروگرام سکر شهر جي جهڳمٽن ۽ جھميلن کان ٿورو پرڀرو ڳوٺ فراش ۾ رکيو ويو هو، ڳوٺ جنهن ۾ جاڳرتا فورم جو موجودهه سيڪريٽري محترم ارشاد پيرزادو جن به رهندا آهن. پيرزادن جو هڪ مشهور ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ لاڙڪاڻو به آهي جنهن ۾ انور پيرزادو، سائين قربان پيرزادو ۽ ٻيا کوڙ سارا ساڃهوند رهندا هيا يا رهندا آهن، ان جي ڀيٽ ۾ فراش ڳوٺ وارا پيرزادا کڻي ايترا مشهور يا مقبول نه به هجن پر اسان انهن کي ڪنهن به صورت ۾ کين نظر انداز ڪري نه سگھنداسين. فراش ڳوٺ جو سماجي، سياسي ۽ ادبي محاذن تي سرگرم ارشاد پيرزادو ته آهي ئي پنهنجو مٽ پاڻ پر مون کي ڪالهه ئي ها خبر پئي ته اتر سنڌ جي مقبول اخبار ”پاڪ سنڌ“ جا ڌڻي به هن ڳوٺ جا رهواسي آهن. پيرزادا ٻلهڙيجي جا هجن يا فراش ڳوٺ جا ڊاڪٽر خادم منگيءَ جا ٻنهي ڳوٺن جي پيرزادن سان ويجھو واسطو رهيو آهي. ڪن کان ڊاڪٽر ساڃاهه جا سبق ورتا آهن ته ڪن کي وري ڏاهپ جا ڏس ڏنا آهن.

ڊاڪٽر خادم منگي سان رهاڻ جي پروگرام ۾ مان جڏهن پهتو هوم ته مون کان اڳ ئي پروگرام شروع ٿي چڪو هو ۽ هڪ اهم مقرر سائين نياز ڀٽو ڊاڪٽر خادم منگي جي شخصيت سندس علمي، ادبي، سماجي، سياسي ڪم تي ڀرپور نموني ڳالهائي چڪا هيا جو بعد ۾ ايندڙ سڀني سندس حوالا پئي پيش ڪيا. مان به ڊاڪٽر خادم تي ڳالهائڻ پئي گھريو پر جيئن ته مقررن جي هڪ ڊگھي لسٽ هئي ۽ ان ۾ (دير سان اچڻ  ڪري شايد) منهنجو نالو درج به ٿيل نه هو ان ڪري مون کي گھرايو ئي نه ويو هو ۽ مان سمجھان ٿو ته پروگرام جي نوعيت کي ڏسندي اهو صحيح فيصلو هو. ڀلا مان ڇا ڳالهايان ها؟  جيئن ته منهنجي تياري هئي نه ئي ڪجھ لکت ۾ کڻي آيو هوس. پر جڏهن دوستن جون تقريرون پئي ڪيون، تعريفون ۽ تنقيدون پئي ڪيون، ڊاڪٽر خادم کي هي به ڪرڻ کپندو هو، کيس هو به ڪرڻ کپندو هو ته سندس شخصيت ۾ چار چنڊ لڳي وڃن ها ته انوقت منهنجي دل به اڌما پئي کاڌا ته منهنجو پرين پيارو اسٽيج سيڪريٽري سائين بشير سميجو شل مون کي به سڏائي ته مان به ڳالهايان.

 مون سوچيو هو ته مان اسٽيج تي وڃي ڀوڳ ڪندس، هونئن به منهنجي اندر ۾ ڪو مشڪرو ويٺل آهي جيڪو مون کي جتي ڪٿي خوار خراب به ڪرائيندو آهي پر ڪٿي وري عزت به ڏياريندو آهي. سو مون ان مشڪري کي اسٽيج تي چڙهي ڇوٽ ڇڏڻ پئي گھريو. مون سڀ کان اول ته اهو سوچيو هو ته ڊاڪٽر خادم منگيءَ جي ظاهري جسماني سونهن ۽ سوڀيا تي ڳالهائيندس. ڀريل بت، گورو چٽو رنگ، گول چهرو، ڳاڙها ڳٽا، ذهين اکيون، وڏو مٿو (جنهن ۾ نه ڄاڻ ڇا ڇا ته نه ڀريل آهي)، ڀريل بت جي حساب سان پورو پنو قد (سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته مڙسن جا قد ناهن ڪڇبا)، هلڻ ۾ ڦڙتي، چپن تي مرڪ، جوشيليون تقريرون، محفلن کي گرمائيندڙ ڊگھا نظم...هاڻي جنهن ماڻهون ۾ ايتري سونهن هجي، ايتريون خوبيون هجن ۽ مٿان وري نياز ۽ نوڙت وارو سڀاءُ هجي ته مون جهڙو صوفي ماڻهون اهڙي سهڻي ماڻهون مٿان عاشق ٿيڻ کان هرگز رهي ڪونه سگھندو. سو آءُ هڪ طرفو اعلان ٿو ڪريان ته ڊاڪٽر خادم منگي سان مون کي عشق آهي. هونئن مان عشق ڪرڻ لاءِ رنگ، نسل، عمر جي جھنجھٽن کي وچ ۾ ناهيان آڻيندو، مان به عاشق آهيان اهڙو ئي جنهن جو ذڪر ڊاڪٽر خادم منگي پنهنجي ڊگھي نظم ”عشق لاحاصل“ ۾ ڪندو رهندو آهي. جيئن ته ڊاڪٽر خادم منگي هاڻي منهنجو محبوب آهي ته مان اهو اعلان ڪندي فخر ٿو محسوس ڪريان ته منجھس جيڪي به خاميون آهن (جن جو ذڪر اسان جي پرين پيارن ساڻس رهاڻ واري پروگرام ظاهر ڪيون هيون) سان قبول ڪيان ٿو. هو ڪهڙي سياسي، سماجي، ادبي ڌر سان لاڳاپيل آهي يا ناهي اهو منهنجي لاءِ ڪابه حيثيت نه ٿا رکن، منهنجي لاءِ سائين ڊاڪٽر خادم منگي اهم آهي. 

ڊاڪٽر خادم منگي پنهنجي پٽ تي سوڀو گيان چنداڻيءَ جو نالو رکيو آهي. سوڀو گيان چنداڻي جيڪو هن ديس جو هڪ منفرد، سچو، بهادر، بي باڪ انسان هو. جنهن سياست ۾ منافقت نه ڪئي، جنهن خانداني تحفظ ۽ خوشحالي وارن موقعن کي مڪمل نموني ٿڏي سنڌ جي مٽيءَ جي چونڊ ڪئي، اهو سوڀو سائين خادم منگي جو سياسي استاد ۽ روحاني رهبر آهي ان ڪري هن پنهنجي استاد مان مٿاهون ڪيو آهي ۽ ثابت ڪيو ته هو به پنهنجي گروءَ وانگر ئي اصول پسند ۽ سنڌ دوست آهي. پاڪستان ۾ رهندي جتي گام گام تي وحشي جانور مذهب جي چادر اوڍي آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندي نظر پيا اچن ان ساڳي ديس ۾ ساڳي ماحول ۾ رهندي جيڪڏهن ڊاڪٽر خادم منگي اها جرئت ڪري ٿو ته هو وڏو بهادر آهي.  ان ڳالهه مان اسان سندس پنهنجي نظرئي سان لاڳاپن (Commitment) جو اندازو لڳائي سگھون ٿا. هاڻي جيڪڏهن ڪو دوست کيس ائين چوي ته ”او فلاڻي سانچي ۾ جيئن ته توکي نه وڌو ويو هو ان ڪري تون اسان جهڙو ٿي نه سگھين، جيڪڏهن تون ان سانچي مان گذرين ها ته جيڪر اسان جهڙو هجين ها.“ مون شڪر پئي بجا آندا ته ڊاڪٽر اهڙن سانچن مان نه گذريو هو جيڪڏهن هو به انهن راهن تي اکيون ٻوٽي هلي ها ته سندس رويو ۽ وهنوار به انهن روبوٽ اسٽائيل ڪامريڊن جهڙو هجي ها جيڪي سڀ ڪجھ وڃائي، راهون گم ڪري بوڇڻ ڪلهي تي رکي اڪيلا رهجي ويا آهن ۽ حقيقت ۾ زيرو واري حيثيت ماڻي چڪا آهن. هو کيس به پاڻ جهڙو زيرو ڏسڻ جا خواهشمند آهن شايد!!!

رڳو خوبيون هجن ته اهو ماڻهون نه پر فرشتو هوندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ۾ رڳو خرابيون هجن ته اهو به انسان نه پر شيطان هوندو آهي. انسان خوبين ۽ خامين جو مجموعو آهي. الاءِ ته ڇو منهنجي پيارن دوستن کي جدليات جا اها سادا اصول ۽ قانون سمجھ ۾ ڇو ڪونه ٿا اچن جن جي پرچار هو مذهبي فريضو سمجھي هر پروگرام ۾ ڪندا آهن. ڊاڪٽر خادم منگيءَ کي به انهن جدلياتي اصولن تي ماپڻ جي ضرورت آهي. مون کي پورو يقين آهي ته جڏهن تڪ تور ٿيندي ته تارازيءَ جو اهو پڙ تمام ڀاري هوندو جنهن پاسي ڊاڪٽر خادم منگيءَ جا سڀاويڪ پاسا وڌا ويندا.  

لڳ ڀڳ سڀني ڳالهائيندڙن ڊاڪٽر خادم منگي جي شخصيت جو هڪ اهم پاسو صفا وساري ڇڏيو هو. سڀني ڳالهائيندڙن سندس شاعري، ادبي، سياسي، سماجي گڻن جون ڳالهيون ته ڪيون پر ڪنهن هڪ به ائين ڪونه چيو ته ڊاڪٽر خادم منگي انهن سمورن گڻن سان گڏ هڪ ڪامياب استاد پڻ آهي. هو ميڊيڪل ڪاليج اندر شاگردن ۽ شاگردياڻين کي جديد طب جا اصول، مول متا سيکاريندو آهي. مان جڏهن به سکر جي غلام محمد ميڊيڪل ڪاليج ساڻس ملڻ ويو هوندم ته کيس شاگردن جي جھڳٽن وچ ۾ ڏٺو هوندم. ڊاڪٽر خادم منگي ان مورچي تي ڪتابن ۽ قلم وارن هٿيارن سان ليس ٿي بيٺو آهي ۽ مستقل جي معمارن جي ذهني اوسر ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري پيو.


گھڻ پاسائين، گڻائتي ۽ خوبصورت ۽ خوب سيرت رکندڙ ڊاڪٽر خادم منگيءَ لاءِ دعا آهي ته شل صحت، دولت، عزت ۽ وقار سان وڏي ڄمار ماڻين.   

Saturday, September 10, 2016

شاعريءَ جي طاقت.....”ڇا ڪو شاعر باهه ۽ برف جي انهيءَ چَرِ مان گذرڻ کانپوءِ ساڳيو رهي سگھي ٿو؟“ پئبلو نيرودا.


گذريل ڪراچي جي ٽوئر وقت سارنگا جا هي ٻه شمارا ثقافت کاتي پاران ڪراچي ۾ قائم سندن ڪتاب گھر تان خريد ڪيا هئم. اڃا انهن کي پڙهڻو آهي. ان سارنگا جي شماري 22-23 سال 2015ع جي شماري ۾سائين منوج ڪمار پاران پئبلو نيرودا جي ساروڻين جو جيڪو ترجمو ڇاپيو ويو آهي ان کي پڙهندي ئي دل ۾ اڌما اٿڻ شروع ٿيا ته اهو دوستن سان ونڊ ڪجي. سندس اهو ٽڪڙو پڙهندي مون کي پهريون دفعو اهو احساس ٿيو ته حساس شاعر ڇا ٿيندو آهي! شاعري ڪنهن لاءِ ڪبي آهي! شاعر جو سماج اندر ڪردار ڪهڙو هوندو آهي! پئبلو نيرودا جي ساروڻين کي سامهون رکي سندس ڪردار جي ڪٿ ڪري جڏهن پنهنجي ديس اندر شاعرن ۽ سندن تخليقن جي ڀيٽ ٿو ڪريان ته مون کي هتي ڪاري وارا ڪک ٿا نظر اچن. اسان وٽ اڪثر شاعري تڪ بند ۽ شاعرن جا خيال محبوبه جي زلفن، سندس دلربا ادائن تائين محدود آهن. الائي ته ڇو سنڌ جي حساس شاعرن جي نظر مسڪين، اٻوجھ، مظلوم، بکايل، ستايل، سور ۽ سختيون سهندڙ، پر عذاب زندگي گذاريندڙ عام لوڪ تائين ڇو ڪونه ٿي وڃي؟ ڪاش اسان جا شاعر به اهو دک، اهو درد، اها پيڙا جيڪو عام لوڪ سهي ٿو محسوس ڪن ته شايد قلم سندن هٿن مان ڇڏائجي وڃي. پئبلو نيرودا جي لفظن مطابق ته ”...ڇا ڪو شاعر باهه ۽ برف جي انهيءَ چَرِ مان گذرڻ کانپوءِ ساڳيو رهي سگھي ٿو؟“

 هيٺ اهو ٽڪڙو جيئين جو تيئن نقل ٿو ڪريان. باقي فيصلو پڙهندڙ پاڻ ڪن.

”شاعريءَ جي طاقت


منهنجو دور جيڪو انقلابن، جنگين ۽ سماجي اٿل پٿل سان ٻُريلهو، تنهن ۾ شاعريءَ جي سرجڻ جا وڌيڪ موقعا ملندا رهيا آهن. انهيءَ دور ۾ جڏهن مون پنهنجي شاعريءَ جو پهريون هيکلو ڪتاب لکيو ته اهو منهنجي تصور ۾ بلڪل نه هو ته هڪڙي ڏينهن آئون شهرن ۽ ڳوٺن جي چوڪن ۽ گھٽين، ڪارخانن، باغن، ليڪچر هالن، ٿئيٽرن ۾ شاعري پڙهندس. آءُ چليءَ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويو آهيان، جتي مون پنهنجي شاعري ائين ڇٽي آهي جيئن ڪو هاري ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽيندو آهي. آئون اوهان کي ٻه ٽي واقعا ٿو ٻڌايان. هڪ ڏينهن ڪنهن دوست مون کي ڪار ۾ ڇڪي ويهاريو ۽ بنا مون کي ٻڌائڻ جي هو مون کي سانتيا گو جي مصروف ترين مارڪيٽ ۾ وٺي ويو. اها مارڪيٽ اڻ ڳڻين گھوڙي گاڏين، ڍڳي گاڏين، هٿ گاڏن، ويگنن ۽ ٽرڪن سان سٿيل هئي، جيڪي سڄي ملڪ مان آندل ڀاڄيون ۽ ميوا لاهي رهيون هيون. انهيءَ مارڪيٽ ۾ ڪم ڪندڙ اڪثر اڻ پڙهيل، غريب ۽ پيرن اگھاڙا مزدور هئا. اتي پهچي مون کي ٻڌايو ويو ته مون کي انهن مزدورن کي خطاب ڪرڻو هو. جيئن آئون مارڪيٽ جي هال ۾ گھڙيس ته منهنجي بدن کي ڏڪڻي وٺي ويئي نه رڳو انهي ڪري جو اها سخت سياري جي مند هئي پر انهي ڪري جو اتي ماحول تقرير ڪرڻ جهڙو ڪونه هو، اتي ڪاٺ جي بئنچن ۽ کوکن تي چَتين لڳل ڪپڙا پهريل مزدور ويٺا هئا، جن مان گھڻا ته گوڏيون پهريل هئا. آئون هڪڙي بئنچ تي ويهي رهيس ۽ منهنجي ملڪ جا اهي مزدور هڪ ٽِڪ ٿي مون کي ڏسڻ لڳا. مون سوچيو ته آءُ پنهنجي هنن ٻڌندڙن کي ڪيئن منهن ڏيندس؟ آئون هنن کي ڇا ٻڌايان؟ مون وٽ ڇا آهي، جيڪو هنن جي دلچسپيءَ جو سامان هجي؟ بيزار ٿي مون پنهنجي هٿ ۾ جھليل ڪتاب کوليو ۽ کين چيو ته ”آئون تازو اسپين ويل هيس جتي سخت ويڙهه هلي رهي هئي مون اتي ڪجھ لکيو آهي جيڪو آئون توهان کي ٻڌايان ٿو.“ مون سوچيو ته آئون کين پنهنجا ٻه ٽي نظم ٻڌائيندس ۽ ڪي ٻه ٽي ڳالهيون ڪندس ۽ پوءِ کانئن اجازت وٺندس، پر ائين ٿي نه سگھيو. اهي مزدور مسلسل منهنجا نظم ٻڌندا رهيا. انهن نظمن جي وچ ۾ مونکي سندن خاموشيءَ جا اهي گهَرا کوهه محسوس ٿي رهيا هيا، جن جي خاموشيءَ جي کوهن ۾ منهنجا لفظ اوتجي رهيا هيا. آئون سندن اکين ۽ ڀِرن کي ڏسي رهيو هئس، جيڪي منهنجي لفظن جو پيڇو ڪري رهيا هيا. آئون کين هڪ کان پوءِ ٻيو نظم ٻڌائيندو رهيس. آئون پنهنجي ئي آواز جي اثر ۾ قابو هئس. آءُ انهيءَ مقناطيسي ڪشش ۾ جڪڙيل هيس جيڪا ڪشش منهنجي شاعري ۽ انهن سادن سودن ماڻهن جوڙي رهي هئي. اهو سڀ ڪو ڪلاڪ تائين جاري رهيو. جڏهن آئون اجازت وٺي اٿيس ته هڪڙو ڳوڻ پاتل مزدور اٿي بيٺو ۽ چيائين ته ”اسين تنهنجا ٿورائتا آهيون جو تون هتي هليو آئين. اسان زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ائين محسوس ڪونه ڪيو آهي جيڪو اسان تنهنجي شاعري ٻڌي محسوس ڪيو.“ اها ڳالهه پوري ڪري هن کان اهو سڏڪو رڪجي نه سگھيو ۽ هن روئي ڏنو ۽ مون ڏٺو ته ٻيا به ڪيترائي سڏڪن سان روئي رهيا هئا.  جڏهن آئون ٻاهر نڪتس منهنجي هٿن ۾ مزدور جي سخت هٿن جو ڇهاءُ هو ۽ منهنجي اکين ۾ ڳوڙها. ڇا ڪو شاعر باهه ۽ برف جي انهيءَ چَرِ مان گذرڻ کانپوءِ ساڳيو رهي سگھي ٿو؟ 

Wednesday, August 31, 2016

Death of dream


“Ex CM Sindh Abdullah Shah was big fan of this area” Mr Gul Baig Noohani told us about Baddo Mountain with full passion. We (I, Dear Shahnawaz Chachar and some other friends) were reached there while ago to attend yearly Musical Night of Shah Abdul Latif Bhitae’s Kalam arranged by him (Gul Baig Noohani). Bado mountain is a scenic hill side if developed it should be locally great tourist place. Bado Jabal situated 3500ft high above sea level, is part of the Khirthar range that spread along the border of Sindh and Balochistan, close to the wildlife sanctuary National Khirthar Park. Baddo Mountain mostly remained cold. I am from Sukkur northern area of Sindh and we are living in extremely hot weather, however, as we reached over there on 27/08/2016 we felt like we were sitting in fully air conditioned room. Several Neem Trees were planted over there which were adding extra beauty in that area.  Mr Noohani continuing his talk further told us that “whenever Shah Sahib (Abdullah Shah ex CM Sindh) used to visited his village, he visited here too, it was his dream to develop this are as tourist place, in his era roads were constructed, long pipe line of water laded down and arrangements made for electricity, but very sorry to say all efforts never finalized and now you see everything is being destroyed and in this way the dream of Saen Abdullah Shah also died with Shah Sahib.” I saw big sorrow on his face as he lose billions property.  Vicinity of the area was surrounded with mountains, trees, bushes and some constructed buildings nearby. “What is that?” I inquire about half finished building “that is TB hospital but as all other things this was too not finalized” he replied with heavy heart. After little pause I saw foggy hope on his face as he informed us “Now one ray of hope again sparked when Mr Murad Ali Shah son of Abdullha Shah took charge of CM House Sindh and ordered to construct hospital building once again.” But for me one billion’s question was that “whether Mr Murad Ali Shah sitting Chief Minister of Sindh might continue the project and order for redevelopment work to fulfill his father’s dream?”



I think not only Abdullah Shah dreamt but local people also dreamed about their bright future after explored great amount of Gas nearby Bhit Jabal and adjoining areas. However, we didn’t witness any such development. Common people living miserable life they never provided any basic human facilities i.e. gas, roads, bridges, employment, school, hospital, hygienic drinking water, houses etc. Gas companies traditionally settled matters with local powerful Sardars and Waderas by providing them handsome amount of bribes in different shapes. For me big death of dream is not of that Saen Abdullah Shah but the common peoples.


Mostly in moon soon rainy season people of entire area being seized by mountainous waterfalls especially at Jhangara and at Bajara. We experienced it personally too. On second day way to home there were thunder rain started and mountainous waterfalls cut road and we arrested entire day over there for nothing. However, this is routine for local common people to suffer. Two over head bridges on raod at Jhangara and Bajara is not big deal for government but for people of Sindh such type of simple development projects are to cross Himalayan Mountain, so let us tell you that Dream for Bright future by people of Sindh also dead…No body talk about that we only listen slogans G A Bhutto …Sab pe bharee Zardari.   

While googling I found more information regarding Baddo Jabbal if you are interested kindly read following passage which is matter of copy paste or click on link given bellow.

“Baddo Jabbal is Located some 320 km away from the Karachi, the hills receive chilly winds at nights. While the hills are surrounded by arid mountains, there are green pastures near the hills, and are accompanied by streams during the rainy season. There is also a smooth path for scaling heights, which was recently discovered, offering tourists a greater attraction.
The weather is cool and pleasant, and visitors can enjoy their nights away from the scorching heat, prolonged load shedding and heat waves which have become the norm is towns and cities. However, several wildlife species including mammals, reptiles, birds and insects have started disappearing from the hills. There are small plants and grasses that add to the scenic beauty for visitors, otherwise scattered trees have been drying out due to the shortage of rains.
There is a primary school, constructed by Bhitt Rural Support Program (BRSP), a non government organization. BRSP is also working to provide basic facilities to the people of Bado Jabal.
In order to maintain the beauty of their land, locals have asked visitors to bring with them seeds of plants and grains so that more of those can be planted. However, people have been complaining of the low-intensity rains during monsoons, which have caused the underground water levels to decrease, forcing local communities to travel several miles to fetch water from natural fountains and artificial ponds that the Bhitt Rural Support Program (BRSP) have set up at different locations.
There are the large deposits of best quality marble commercially known as golden and coral marbles along the hills. Two oil companies working in the area are supporting BRSP to run community development projects. Centuries-old Kai caves are popular tourist attractions, but owing to the non-availability of transport and other facilities, ordinary visitors are unable to frequent these caves. 
In the past, the former PPP-led provincial government under late chief minister Syed Abdullah Shah had shown an interest to develop schemes, including Chest Diseases Hospital, a police training center and rest houses at Bado Jabal and the scenic Kai caves. In fact, he had even launched a few projects but due to the apathetic approach of successive governments, these schemes were discarded without being completed.”


Note: I am writing detailed article/travelogue of this tour also in Sindhi so kindly be patient for more few days….


Friday, August 26, 2016

مان ڪير آهيان (قسط پهرين) ..................................who am I


منهنجو نالو اميرگل ولد علي گل آهي مان خيرپور ميرن واري جي اوڀارين پاسي شادي شهيد روڊ ڀرسان ڳوٺ پنواڙيءَ ۾ 5 جنوري 1959ع ۾ جنم ورتو هو. هن وقت منهنجي عمر ڪيتري ٿيندي ان جي جنهن کي به ڳڻتي هجي ڀلي حساب ڪتاب ڪري وٺي مون کي ڪا پرواهه ناهي. مون اڄ کان پوءِ اهو فيصلو به ڪري ڇڏيو آهي ته پنهنجي عمر لڪائڻ خاطر وارن کي ڏامر هڻڻ وارو خفو به ڪونه ڪندس. مون ٻروچاڻي قبيلي ڪٽوهر گھراڻي ۾ اک کولي. اسان جون وڏي عمر واريون عورتون اڄ به بلوچي لباس وارو ڦشڪ اوڍينديون آهن، اسين اڄ به گھر ۾ سنڌي گاڏڙ بلوچڪي ڳالهائيندا آهيون پر اسان جا سمورا ٻار سنڌي ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهندا آهن. ڪٽوهرن لاءِ يار دوست ٻڌائيندا آهن ته اهي بليدي قبيلي جي شاخ آهن پر هاڻي مان پنهنجو پاڻ کي ڪنهن به نموني ٻروچ يا بلوچ يا بليدي سمجھڻ بدران سنڌ ڄائو سمجھان ٿو. منهنجي خيال مطابق ڪٽوهر به سنڌين جي هڪ ذات آهي بلڪل اهڙي طرح جيئن ابڙا، ٻرڙا، ڌاريجا، موريجا، ناريجا، سميجا، ڌنواڻي، موٽواڻي، ڪولهي، ميمڻ، شيخ، يا ٻيا آهن. لطيف منهنجو رهبر آهي، سچل منهنجو مرشد آهي، اياز ۽ بخاري مون لاءِ قومي شاعر آهن. مون جنهن گھراڻي ۾ جنم ورتو هو اهو نماز سنين واري جڏهن ته باقي وهنوار شيعن وارو ڪندا هيا. منهنجو ڏاڏو الاهي بخش ڪٽوهر جڏهن پير احمد شاهه واري عيد گاهه ۾ عيد نماز پڙهائيندو هيو ته تر اندر رهندڙ سمورين ذاتين وارا ۽ سمورن مسلڪن وارا سندس ڪڍ نماز پڙهندا هيا جن مان ڪن جا هٿ کليل هوندا هيا جڏهن ته ڪي وري هٿ ٻڌي نماز ادا ڪندا هيا.  جڏهن ته مان پنهنجو پاڻ کي ڪنهن حد تائين صوفين واري لڏي ۾ بيٺل ٿو ڀانيان جڏهن ته منهنجون سوچون خالصتاً ترقي پسند ۽ سائنسي بنيادن تي بيٺل آهن. مان عورتن کي ڪاري ڪرڻ واري ڪني ۽ جاهلاڻا رسم کي انتها درجي جي بي غيرتي ٿو ڀانيان. مان صنفي اڻ برابريءَ جو سخت مخالف آهيان، منهنجي خيال ۾ ته مردن ۽ عورتن وچ ۾ جيڪو وڏي ۾ وڏو فرق آهي اهو جسماني آهي باقي ٻئي صنفون ساڳيون خصوصتيون رکن ٿيون. منهنجو پڪو ۽ پختو ايمان آهي ته جيستائين اسان پنهنجي عورتن کي گھر جي سمورن اهم فيصلن ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ڪنداسين، گھر جي عزت کي عورتن سان سلهاڙڻ بند نه ڪنداسين ته ترقي نه ڪري سگھنداسين. اهڙن خيالن جي اثر هيٺ مون پنهنجي پٽن ۽ پنهنجي نياڻين وچ ۾ ڪوبه فرق ناهي رکيو. منهنجو ٻه ڇوڪريون ايم اي انگريزي ريگيولر ڪري چڪيون آهن ۽ ٽين منهنجي نياڻي آ بي اي سکر مان بي ايڊ آنرس پئي ڪري. ان نموني منهنجي چئن پٽن مان ٽي پٽ اعلى تعليم حاصل ڪري چڪا آهن ۽ ننڍي ۾ ننڍو پٽ اسلامڪ انٽرنيشنل يونيورسٽي اسلام آباد مان بي بي اي آنرس پيو ڪري. 
  

هاڻي اوهان جو وارو آهي، اوهان مرد آهيو يا اوهان جي جنس عورتاڻي آهي مون کي پنهنجي فرينڊ لسٽ ۾ رکڻ ٿا گھرو يا ان فرينڊ ڪرڻ جو آپشن ٿا آزمايو مون کي ڪو اعتراَض ناهي. جيڪڏهن ڪو منهنجي فرينڊ لسٽ ۾ رهڻ پسند ٿو ڪري ته کيس مون کي منهنجي سمورن عيبن ثوابن سان قبولڻو پوندو. بقول جڳجيت جي ته کين ”منهنجو ڪيول من“ ڏسي فيصلو ڪرڻو آهي.

Saturday, August 13, 2016

پاڪستان زندهه آباد


هاڻي جڏهن سائبر ڪرائيم ايڪٽ به پاس ٿي چڪو آهي ته ان ڪري ملڪي سالميت، نظرياتي سرحدن، ملڪ جي عظيم قيادت (ڦوٽوءَ ۾ ڏيکاريل) خلاف لکڻ، ڳالهائڻ تمام وڏو ڏوهه آهي ۽ جيڪڏهن ڪو انهن جي انحرافي ڪندو ته کيس جيل ۽ ڏنڊ يا ٻئي سزائون ملي سگھنديون. ان ڪري مان قائد اعظم جي عظمت، لياقت خان جي بي تعصبي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان انتهائي احترام سان ياد ڪرڻ وارن جذبن کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھان. مان ته هتي علامه اقبال جو هي شعر به هرگز نه لکندس جنهن ۾ هُن چيو هو ته؛


”ابھی تک پائون سے چمٹی ہیں زنجیریں غلامی کی
دن آجاتا ہے آزادی کا، آزادی نہیں آتی۔
علامه اقبال ته خير هيو ئي فلسفي شاعر جنهن جو شاهين جڏهن اڏرندو آهي ته خسيس قسم جا پکي جهڙوڪر ڪبوتر، ڳيرا ڳٽر ڳو ڳٽر ڳو ڪندا گم ٿي ويندا آهن پر هو جيڪو فيض احمد فيض نالي ” ملحد، ڪافر“ شاعر هيو جنهن اٿندي ئي ملڪي سالميت تي آڱريون کڻڻ شروع ڪري ڏنيو هيون ان جو هي شعر اوهان بلڪل به نه پڙهجو پر جي پڙهو به سهي ته مون وانگر نفرت جي نگاهه سان پڙهو. (ياد رهي ته پاڪستان ۾ اسان جا بظاهر انتهائي نيڪ ماڻهون به جڏهن ڪو غلط ڪم ڪندا آهن يا ڪا غلط قسم جي شيءِ ڪمپيوٽر، ٽي وي، فيس بوڪ تي غور سان ڏسندا آهن ته هو ان کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندا آهن)
صبح آزادی
اگست 47ء
یہ داغ داغ اُجالا، یہ شب گزیدہ سحر
وہ انتظار تھا جس کا، یہ وہ سحر تو نہیں
یہ وہ سحر تو نہیں جس کی آرزو لے کر
چلے تھے یار کہ مل جائے گی کہیں نہ کہیں
فلک کے دشت میں تاروں کی آخری منزل
کہیں تو ہوگا شبِ سست موج کا ساحل
کہیں تو جاکے رکے گا سفینہء غمِ دل
جواں لہو کی پراسرار شاہراہوں سے
چلے جو یار تو دامن پہ کتنے ہاتھ پڑے
دیارِ حسن کی بے صبر خواب گاہوں سے
پکارتی رہیں، باہیں، بدن بلاتے ہیں
بہت عزیز تھی لیکن رخِ سحر کی لگن
بہت قریں تھا حسینانِ نور کا دامن
سبک سبک تھی تمنا، دبی دبی تھی تھکن
سنا ہے ہو بھی چکا ہے فراقِ ظلمت و نور
سنا ہے ہو بھی چکا ہے وصالِ منزل و گام
بدل چکا ہے بہت اہلِ درد کا دستور
نشاطِ وصل حلال و عذابِ ہجر حرام
جگر کی آگ، نظر کی امنگ، دل کی جلن
کسی پہ چارہء ہجراں کا کچھ اثر ہی نہیں
کہاں سے آئی نگارِ صبا، کدھر کو گئی
ابھی چراغِ سرِ رہ کو کچھ خبر ہی نہیں
ابھی گرانیء شب میں کمی نہیں آئی
نجاتِ دیدہ و دل کی گھڑی نہیں آئی
چلے چلو کہ وہ منزل ابھی نہیں آئی

ڪيڏي نه ”بڪواس“ ڪري ويو آهي اهو منڪر شاعر اهڙي کي خبر ناهي ماڻهون الائي ڇو عظيم چوندا آهن ٻيو ته ٺهيو ميان شهباز شريف به سندس شعر چوندو آهي. 

ها جيستائين پاڪستان جي عظيم فوجي قيادت، پاڪستاني ايجنسين جو تعلق آهي ته انهن جو دنيا اندر مثال ملڻ مشڪل آهي. اسان جي فوجي جنرلن، ڪرنلن جڏهن به ڪا جنگ ڪئي ته ان ۾ فتح حاصل ڪئي، هن وقت تائين اسان جي جنرلن ڪابه جنگ هارائي نه آهي. جيستائين بنگله ديش جنهن کي ڪنهن زماني ۾ اوڀر پاڪستان چوندا هيا انهن جو تعلق هيو اهي ته هيائي لعنتير، ڀٽڪيل، ڀليل ۽ دشمن جي اشارن تي نچڻ وارا، انهن کي سڌارڻ، دين جي رستي تي واپس آڻڻ لاءِ الشمس ۽ البدر جهڙين تنظيمن پنهنجي وسان ڪين گھٽايو هو. انهن بنگله ديش مان ڳولهي ڳولهي ڪيئي ”ڪافر“ جهنم رسيد ڪيا هيا جن جو انگ 25 لکن تائين هو پر کين نڀاڳ به ته ڇڏي نه؟ سو انڪري پاڪستان جي عظيم سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ انتهائي دانش مندانه فيصلو ڪيو هو ته ”ڪني چيچ وڍي چنگي“ ڪيستائين اسان انهن بندرن بنگالين جا نخرا کڻون ها اسان کي ٻيا ڪم ناهن ڇا ته اتي ڦاٿا پيو هجون! سو اهو فيصلو ڪري کانئن هٿ پٽيا ويا هيا ته وڄي ڌوڙ پائين. کين الڳ ٿئي ڇائتاليهه سال ٿيا آهن اهي ساڳي نموني ”ڦٽيل ڪتي“ وانگر پيا ٿا رڙيون ڪندا وتن ۽ دنيا ۾ سندن ٽڪي جيتري به عزت ناهي حالانڪه سندن سڪي جو نالو ئي ٽڪو آهي. جنهن ملڪ جي سڪي جو نالو ئي ٽڪو هجي ان مان ڀلا چڱائيءَ جي ڪهڙي اميد ڪري سگھجي ٿي. 

ان جي ڀيٽ ۾ اسلاميه جمهوريه پاڪستان مٿان مولا جي مهر آهي اهو سڄي دنيا جي سياست جي اکين جو تارو آهي. سعودي عرب هجي يا آمريڪا، برطانيه هجي يا فرانس يا روس يا کڻي هندستان هجي يا افغانستان سڀني جي وات تي جيڪڏهن لفظ آهي ته اهو آهي ”پاڪستان“ . پاڪستان جو نالو ٻڌي ۽ خاص ڪري پاڪستان جي ڏيهان ڏيهه مشهور آئي ايس آءِ جو نالو ٻڌي افغانسان، ايران، هندستان وارن جا وار ڪانڊرجي ويندا آهن ۽ اهي دعائون گھرندا آهن ته شل ان پاسي کان ڪو ڪوسو واءُ نه اچي. اها آهي اسان جي عظمت...

ڪالهه مان وارهه طرف ويو هوم جتي رينجرس وارا گھر گھر تلاشي وٺي پاڪستان کي ٽوڙڻ جا نعرا هڻندڙ سنڌي نوجوانن کي ڳولهي رهيا آهن. رينجرس ۽ فوج جي ڪارواين جو اهو مثبت اثر ٿيو آهي ته علحدگي پسندن پنهنجي ڳاڙهي ڪهاڙي واري جھنڊي سان گڏ پاڪستان جو سبز حلالي پرچم به لهرائي ڇڏيو آهي. اها آهي اسان جي پاڪ فوج جي نوجوانن جي ڪاميابي، جن کي ملڪ اندر ننڍي کان ننڍي چرندر ڪک تي به نظر هوندي آهي. مان 14 اگسٽ تي پاڪستان جي عظيم قيادت خاص ڪري سائين جنرل راحيل شريف، علام اقبال، سڪندر مرزا، گونر غلام محمد، ايوب خان، يحى خان، جنرل ضياالحق، پرويز مشرف، مرحوم حميد گل، فيض علي چشتي ۽ ٻين سندن ساٿارين، جهڙوڪر ميڊيا تي سندن گيت ڳائيندڙن ۽ سڀني فرقن جي ملن مولوين کي نوڙي سلام ٿو پيش ڪريا.
اچو ته گڏجي هڪ نعروهڻو؛
پاڪستان زندهه آباد
پاڪستان پائيند آباد
تو بهي پاڪستان هو مين بهي پاڪستان هون،

Thursday, August 11, 2016

سنڌ آ ڏاڍي مٺي کائي وٺو کائي وٺو



”سنڌ جي سياست ۾ ڪيئي اهڙا سپوت پئي پيدا ٿيا آهن، جن مان، هرڪنهن پنهنجي دؤر ۾ پنهنجي ڪنهن مؤقف، عمل يا ڪردار سان ان جي خدمت پئي ڪئي آهي. ڪن جيلن ۾ پئي، جدوجهد جاري رکي، ان جي سينڌ سنوارڻ جي ڪوشش ڪئي ڪن مارڳ ۾ ري ماڳ ماڻڻ کان اڳ ئي پنهنجي جان فدا ڪري ڇڏي، پر هن سڀاڳي سنڌ کي اهڙا سپوت گھٽ مليا، جن اقتدار ۾ رهي به، ان جي ٿڃ سمجھي ان جي عيوض سنڌ جي سينڌ جو سودو نه ڪيو، پوءِ ائين ڪندي، ڪن جان ڏني، ڪن اقتدار ڇڏيو، پر مادر وطن جي ٿڃ نه لڄايائون ۽ ان جو مان رکيائون. انهن سياسي سرواڻن ۾ شهيد الله بخش جو مثال ته همعصر تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي، پر ڪنهن خاص سياسي موڙ تي اچي، هن شهيد جي اوئلي سياسي ساٿي، پيرزادي عبدالستار به پاڻ موکيو پنهنجو حق سنڌ ڏانهن ادا ڪيو.“

رشيد ڀٽي

جي جياريو جن صفح 20

سنڌ جي سموري اقتداري سياست خوشامند، ذاتي مفادن تي قومي مفاد قربان ڪرڻ جي تاريخ ئي ته رهي آهي. ايوب کهڙي کان وٺي سائين قائم علي شاهه تائين جيڪي به حڪمران مليا اهي وڏن آقائن، پارٽي جي سربراهن جا ته گولي جا به غلام رهيا پر انهن جي ايجنڊائن تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهون ڪڏهن به نه رهيا. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ توڙي پاڪستان کان پوءِ واري سياسي وايو منڊل ۾ جيڪي مهانڊا نڪري نروار ٿيا انهن مان مٿي سڻايل هڪ اڌ کي ڇڏي باقي جيڪي به آيا انهن وٽ پنهنجي وطن سنڌ ۽ سنڌ اندر رهندڙ ڏوجھرن ماريل ماڻهن جي فلاح جو ڪو هلڪو ترورو به نه ٿو ڏسجي. اسان جي وڏيرڪي، سردارڪي سياستدانن وٽ نه ته ڪو ويزن آهي نه کين ان قسم جا خيال ايندا آهن ته ڪا سنڌ به آهي. سردار ۽ وڏيرا ئي ڇو اسان جي اقتداري سياسي افق تي وچين طبقي مان اسري آيل اياز سومري پاران سنڌ جي ورهاڱي واري بلن تي ڪيل هوڪرا به ته تاريخ جو حصو بڻجي چڪا آهن ته ساڳي سنڌ دشمن ”ٻٽي مڪاني نظام“ واري مسئلي تي سنڌ جي سدا حيات ڪلاڪار زرينه بلوچ جي پوٽي،  ”قيدياڻيءَ جي ڊائري“ جي ليکڪه محترمه اختر بلوچ جي نياڻي سسئي پليجي جي مجرمانه خاموشي به غداريءَ جي زمري ۾ اچي ٿي. ون يونٽ واري نظام خلاف اصولي موقف رکي اقتدار قربان ڪندڙ پيرزادي عبدالستار سان گڏ ڪي چار مهانڊا ته هيا جن ان سنڌ دشمن بل تي صحيون نه ڪيون هيون پر مڪاني نظام واري بل پيش ڪرڻ وقت ته پارٽي جي وڏي رئيس ۽ زرداري قبيلي جي سردار آڏو ته ڪنهن جي جرئت به نه ٿي هئي ته ڪو اکر به ڪڇي؟ هن وقت اقتداري سياست ماڻڻ لاءِ پارٽي جي سربراهه، اسٽبلشمنٽ، ملٽري جي مهانڊن جو آشيرواد ضروري ٿي پيو آهي. اهو هڪ اهڙو وچڙيل سُٽ آهي جنهن جي سلجھائڻ واري ڪرت ۾ سنڌ يا سنڌ جا ماڻهون ڪنهن کي به ياد ناهن هوندا،  هرڪو ياد ته ذاتي مڏي ميڙڻ يا سنڌ وڪڻي ميڙيل مڏي کي بچائڻ واري ڳڻتي ۾ ڳرندي نظر پيو ايندو آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ جڏهن ٿر جا ماڻهون بک وگهي، بيمارين وگھي بي واها ٿي مري رهيا هيا ته ان علائقي مان چونڊيل شرجيل ميمڻ جهڙا ماڻهون اربين روپين جي ڪرپشن ڪندي نظر اچي رهيا هيا. جڏهن اصل تي وڊي مالڪن هلڪي نموني رسي کي ڇڪ ڏني ته يار ڳولهيندي ڪونه پيا لڀن.

سائين رشيد ڀٽيءَ جو ڪتاب پڙهندي اها به خبر پوي ٿي ته اهڙي قسم جي ڪرت ۽ وهنوار اسان جا حڪمران هر دؤر ۾ ڪندا رهيا آهن، بس مختلف وقتن تي سندن آقا کڻي مٽيا آهن. ڪڏهن اهي فرنگين وٽ ننگ ۽ ناموس وڪڻي لقب القاب وٺندا هيا پوءِ ايوبي آمريت جا گولا ۽ غلام رهيا، ذالفقار علي ڀٽو آيو ته سڀ وڏيرا ۽ سردار سندس ارد گرد گڏ ٿي ويا جڏهن مٿس ڏکيا ڏينهن آيا ته گڏهه جي مٿي تان سڱن وانگر گم ٿي ويا ۽ وري پڇ لٽڪائي ضياءَ الحق جا بوٽ چٽڻ لڳا، ان مان واندڪائي ملين ته واري وٽي سان ڪڏهن ليگي ته ڪڏهن پيپلن جي پيرن ۾ پيا ليٿڙيون پائيندا رهيا، ساڳي سندن ڪرت مشرف دؤر ۾ به رهي ۽ جڏهن رئيس وڏو آيو ته مڙني ماٺ ڪئي ۽ سنڌ جي سياست جو هڪ انوکو مثال قائم ٿيو ته ڊنگ قسم جي وڏيرن، سردارن ۽ پيرن توڙي ڀاٿاريدارن سميت سمورن سيد سڳورن به هڪ امتي جي چانئٺ تي مٿو ٽيڪائي سندس بيعت ڪرڻ ۾ پنهنجي عافيت سمجھي. سنڌ جا ماڻهون وات پٽيون مداريءَ وارو کيل ڏسندا رهيا، ساڃهوند ڪنهن مسيحا جي آس ۾ اوسي پاسي نهارڻ لڳا ته من ڪو هڪ اڌ شهيد الله بخش سومري يا پيرزادي عبدالستار جهڙو ماڻهون نظر اچي! ان آس ۽ اميد ۾ سنڌ جا ساڃهوند پير پاڳاري سان به وڃي گڏ ويٺا پر سنڌ جي هن وڏي گاديءَ وارن وٽ انگريزن سان مهاڏو اٽڪائڻ واري سورهيه بادشاهه جي سوين پتيءَ واري جرئت به نه ٿي ڏسجي نيٺ انهن به وهندڙ گنگا مان هٿ ڌوئي سنڌ جي ماڻهن سان ويساهه گهاتيءَ ۾ وسان ڪين گھٽايو.

اقتداري سياست جي پرپيچ رستن کي ڇڏي اسان جڏهن هڪ نظر قومپرستي ۽ ترقي پسنديءَ جي نالي ۾ سياست ڪندڙن تي وجھون ٿا ته اتي به اسان کي ساڳيو ئي مومل پاران مڪر ۽ فريب سان جوڙيل مانڊاڻ پيو نظر اچي. سنڌ اندر ڪن قومپرست ۽ ترقي پسند سياست ڪندڙ پارٽين ۽ سندن اڳواڻن به وسان ڪين گھٽايو. ڪن ايجنسين سان ساز باز ڪري ڀتا خوري، پلاٽن تي قبضا خوريءَ ڪري مال ميڙيو،  ڪن تعليمي ادارن ۾ داداگيري ڪري سنڌ جي تعليم کي تباهه و برباد ڪرڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو، ڪن اصلي تي وڊي سرڪار جي آشيرواد تي سنڌ جي اسرندر جمهوري ۽ عوام دوست سياست کي بند ٻڌرائڻ لاءِ نام نهاد گوريلا ڪارواين جو ڪوڙو روپ ڌاري ڪيئي ڳڀرو ڪهائي ڇڏيا ۽  ڪن واتوڙي سياستدانن سنڌ جي جڳادري وڏيرن ۽ سردارن جي چمچاگيريءَ کي پنهنجو شيوو بڻائي پنهنجو حصو وصول ڪيو. 
ڪاش ڪي اهڙا اڳواڻ به اچن جيڪي شهيد الله بخش سومري، شهيد فاضل راهو، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، قاضي فيض محمد، پيرزادي عبدالستار جي پيروي ڪندي نظر اچن، ڪو ته هجي جيڪو مولوي نذير حسين جتوئي وانگر ظالمن جي اکين ۾ اکيون ملائي کين منهن تي سڀ ڪجھ چئي سگھي اي ڪاش......