Friday, June 9, 2017

جنهن دل پيتا عشق دا جام سا دل مستون مست مدام



جڏهن ملڪ ۾ گھٽ ٻوسٽ وارو ماحول هجي، جتي سمورا معاملا ميمبر تي ويٺل نيم ملان خطره ايمان جهڙا ماڻهون سرانجام ڏيندا هجن، جتي مذهبن ۽ فرقن جي نالي ۾ انسانن وچ ۾ ورهاست جو عمل جاري هجي، جتي حڪمران به اهڙي عمل جي يا ته پٺڀرائي ڪندا هجن يا اهي اهڙين قوتن کان ڪئو کائيندا هجن، اهڙي تمام مربوط ۽ مظبوط، اونداهي ماحول ۾ جيڪڏهن ڪو بهار جي مند ۾ تازي هوا جي جھوٽي جي گھر ڪري، ته مٿس تعزيرون هڻي سر عام سنگسار ڪرڻ جا حڪم ناما جاري ٿيڻ معمول جو ڪم هجي، ته ڪير هوندو جيڪووقت جي فرعون بڻيل ماڻهن کي سرعام للڪار ڪري سندن ڀاري برجن کي ريزا ريزا ڪرڻ وارو ڪارنامو سرانجام ڏيندو؟ منهنجي خيال ۾ جان جوکي ۾ وجھي اهڙا ڪم ماضيءَ ۾ صوفي ۽ حال ۾ سائنسي تعليم واري هٿيار سان ليس انقلابي پارٽيون، توڙي فلاسافر، شاعر سرانجام ڏيندا رهيا آهن. جيئن هن دئور جي عظيم شاعر شيخ اياز جو ڪلام آهي ته؛

مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان!
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن،
ٿو آئون سندءِ ديوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري بُرجَ لُڏن،
تون هيڻو آن هٿيار سان-
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-

 سنڌ جو سرموڙ، بي باڪ، سچ جو ساٿاري شاعر صوفي سچل سرمست اهڙن شاعرن ۽ صوفين جو سرواڻ شاعر رهيا آهن. حق ۽ سچ جي ڳالهه سچل سائين بنا ڪنهن هٻڪ جي وڏي بي باڪي، للڪار ۽ جرئت سان ڪئي آهي جيڪو مثالي آهي.

اول ڀيري ڀَڃُ، جي بَندَ خيالات جا؛
 تَنهِن پڄاڻان وَڃُ، حلا جي حيرت ۾.

سچل سائين جي رسالي جي پهرين باب ”توحيد“ جو پهريون شعر ئي اسان کي سوچڻ سمجھڻ جا نوان گس ٿو ڏئي. اها سوچ ڪا عام سوچ ناهي، هي اونهي ۽ زماني وارن کان ابتي سوچ آهي. اوهان جي دماغ ۾ اڳواٽ جيڪي نظريا  سوچون، خيال زبردستي وڌل آهن اول انهن کي ڀڃو، ڇوته اهي بند خيالات آهن ۽ پوءِ پنهنجي منزل طرف رڙهه. انگريزي ۾ اهڙي نموني جي سوچ کي Thinking out of Box چيو ويندو آهي. معنى ته انا، سماج، نظرين جي دائرن مان نڪري ڪري سوچڻ اهو هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ڪي ڪي ماڻهون هوندا آهن جيڪي بقول لطيف سائين جي ته الٽي اک رکندا آهن جڏهن عام لهوارو وهندو آهي ته اهي اوچي ڏانهن سفر ڪندا آهن؛

 ”اک اُلٽي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عامَ سِين
جَي لَهوارو لوڪُ وَهَي، تون اوچو وَهُ اوڀارِ
منجهان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺيرو پِرِيَ ڏي.“

اهڙي سوچ جا ڪيئي عڪس ۽ اولڙا اسان کي سچل جي فڪر ۾ ملن ٿا. ڀڳت ڪبير جو شعر آهي ته؛

حد حد جائے ہرکوئی، لاحد گیا نہ کوئے،
حد لاحد کے بیچ میں کھڑا کبیرا  روئے۔

ڀڳت ڪبير حد ۽ لاحد وچ تائين ته پهتو آهي پر هاڻي کيس خبر نه ٿي پوي ته اڳتي ڇا آهي. سچل کيس جواب ٿو ڏئي ته؛

حد حد وڃي هرڪوئي، لاحد وڃي پير،
سچو سو فقير جيڪو حد لاحد لنگهي وڃي.

سچل زماني وارن پاران ٺاهيل انهن دائرن کي ٽوڙيو، کين للڪاريو، مٿن ڇٿرون ڪيون ۽ پنهنجي قول ۽ پنهنجي فعل جي سچائي سان زندگي گذاري. وقت جي عالمن پاران مٿس فتوائون جاري ڪيون ويون، کيس قتل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون پر سچل پنهنجي نالي جي لڄ رکندي هڪ انچ به پوئتي نه هٽيو. هن پنهجي للڪار کي سرعام ورنايو، ورجايو؛

ڪلمي مون کي ڪين ڪيو، مورئون مسلمان،
نه ڪي احمد موڪليو عرب کان اسلام،
سچل آهي سبحان پر آدم ليکي آدمي.

اها بي باڪي ۽ اها جرئت شايد ئي ڪنهن شاعر ۾ هجي ته هو ان نموني ان الحق جو نعرو هڻي پڙ ۾ لهي پوي؛
 
نه مان مريد نه مان پير، ساري فقرَ جو فقير.
نه مان حاڪم، نه مان ظالم، آھيان اَمُن جو امير.
نه مان طاعَتَ نه مان تقويٰ، آھيان ورہَ جو وزير.
نه مان گھُمڻ نه مان گھَتڻ، آھيان عِشق جو اسير.
نه مان ڪُڇَڻ نه مان پُڇَڻُ، آھيان دوست لئه دلگِير.
سچوءَ“ ٻَڌ محڪم سِرَ تي، محبت جو مَنديرُ.
مٿي بيان ڪيل شعر ۾ سچل مريد ۽ پير، حاڪم ۽ظالم، طاعت ۽ تقوى، گھمڻ ۽ گھتڻ، ڪڇڻ ۽ پڇڻ کي رد ڪري ساري 
فقر جو فقير، امن جو امير، ورهه جو وزير، عشق جو اسير ۽ دوست لئه دلگير ٿيڻ کي ترجيح ڏيندي نظر اچي ٿو. هڪ پاسي سچل حاڪمن کي ظالم سان گڏي ٿو ته ٻئي پاسي فقر جو فقير سڏائيندي فخر ٿو محسوس ڪري ۽  هونئن ته سچل آزاديءَ جو علمبردار آهي پر جڏهن ڳالهه عشق جي اچي ٿي ته رضاڪاراڻه طور تي ان جو اسير ٿيڻ ۽ محبت جو مندير سر 
تي ٻڌي نڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري.

هاڻي مان اوهان کي مٿي ٻڌايل پنهنجي خيال ڏانهن وٺي وڃڻ ٿو چاهيان. ڏسو منهنجي خيال ۾ ته اهي صوفي پنهنجي وقت جا عظيم انقلابي رهنما ئي ته هيا جن پنهنجي معروضي حالتن کي سامهون رکي پنهنجي قول ۽ فعل جي سچائيءَ سان سندن مقابلي ۾ سئو دفعا وڌيڪ طاقتور ڌرين کي شڪستون ڏنيون ۽ نتيجي ۾ لکين انسان سندن پوئلڳ ٿيا ۽ سندن واٽن تي هلندي زندگين کي سڦل بڻايو. پر افسوس ته وقت گذرڻ سان اسان ماڻهن سندن ڄاڻايل گسن کي ڇڏي ڏنو، سندن ٻڌايل سبقن کي وساري ڇڏيو ۽ اسان وري انهن واٽن جا راهي ٿياسون جن جي اهي مذمت ڪري ويا هيا. هنوقت حالت اها آهي ته انهن عظيم صوفي اڳواڻن جا بظاهر وارث گھڻا تڻا اهڙا پيدا ٿي پيا آهن جيڪي هاڻي انهن صوفين پاران انسانن جي هڪ جهڙائيءَ جي سبقن کي وساري ويٺا آهن ۽ پيري مريديءَ جا سلسلا شروع ڪري ڏنا اٿن. اهڙا عمل جن جي سندن وڏڙا منع ڪري ويا هيا. ”نه مان مريد نه مان پير، ساري فقر جو فقير“ جهڙن موتي جڙيل لفظن کي پٺي ڏيئي روشني ڦهلائڻ بدران انسانن کي وري پيري مريدي جي غلاظت واري غلاميءَ جي بدترين راهن ڏانهن وٺي وڃڻ جا جتن ڪري رهيا آهن.


وقت جي گھرج آهي ته اسان پنهنجي صوفين جي ڏسيل واٽن تي هلون. پنهنجي اکين تي چڙهيل عينڪن پٽاندڙ انهن کي هروڀرو شيعو، سني، وهابي، پڪو مسلمان، ڪٽر انقلابي ڪري پيش ڪرڻ بدران اهي جيئن هيا تيئن پيش ڪريون.  

Friday, May 26, 2017

تصوير ڪهاڻي. گورنمنٽ پرائمري اسڪول ڏهرڪي








ڪالهه جڏهن مان پنهنجي پياري اديب دوست پروفيسر محمد دين راڄڙيءَ سان ملڻ سندس ڊگري ڪاليج ڏهرڪي ويو هوم (ان ڪاليج جو ذڪر
 وري ڪڏهن پوءِ ڪبو) ته جنهن اسڪول جي بلڊنگ جي ٽن ڪمرن ۾ ڪاليج هلندڙ آهي ان جي اترئين پاسي کان هي گورنمنٽ جو هي شاندار پرائمري اسڪول جڙيل نظر آيو. پهريون مون سمجھيو ته شايد ڪنهن قديم زماني ۾ اهو اسڪول قائم ڪيو ويو هوندو ۽ هاڻي اهو بند هوندو يا وري اهو به سوچيم ته اسڪول جي بلڊنگ جي تعمير لاءِ هي عارضي بندوبست هوندو. افسوس ته منهنجا اهي سمورا خيال خام نڪتا ۽ مقامي دوستن ٻڌايو ته هي اسڪول هلندڙ آهي، اونهاري توڙي سياري ۾ معصوم ٻارڙا انهن ڇپرن هيٺيان جڙيل انهن جڳاڙي بئنچن تي ويهي پڙهندا آهن.
. 
 اسڪولن متعلق اسان جا ڪيئي علم دوست، قوم دوست استاد، عام ماڻهون، اديب، ڊانشور، سول سوسائٽي جا سرگرم ڪارڪن، سياسي اڳواڻ ۽ پارٽيون فڪرمند رهندا آهن. بدين جو هڪ استاد منو ننجارآهي جيڪو واري جي دڙن تي ويهي ٻارڙن کي پڙهائيندو هو ۽ مسڪين ڪولهي ٻارڙن جا ڦوٽوز به رکندو هو ۽ علم سان ۽ سنڌ سان ۽ پنهنجي قوم جي ٻچن سان پيار ڪندڙن کي مدد جون اپيلون به ڪندو هو، نيٺ سندس محنتن رنگ لاٿو، سنڌ مان ۽ دنيا مان ڪيئي دوست اچي وٽس پهتا ڪن کيس ڪتاب ڏنا، ڪن ڊريسون مهيا ڪري ڏنيون ۽ ڪن دوستن ان اسڪول جي عمارت جوڙڻ جو ذمو کنيون ۽ هاڻي منو جو اهو خواب حقيقت بڻجڻ ڏانهن پيو وڃي.
. 
 پر هي مون وارو ڪيس تمام گھڻو مختلف آهي. ٻڌائڻ وارا ٻڌائين ٿا ته هي هڪ قديم اسڪول آهي جنهن جي نالي تي ارڙهن ايڪڙ زمين مختص ٿيل آهي. هي اسڪول سنڌ جي صنعتي ضلعي گھوٽڪي جي صنعتي شهر ڏهرڪي ۾ قائم آهي. هن اسڪول جي زمين تي قبضو ڪري مدرسو جوڙيو ويو آهي جيڪو ڪاميابي سان هلي پيو، ان جي زمين تي قبضا ڪري گھر جوڙيا ويا آهن جن ۾ ڪي انسان وڏي سڪون ۽ آرام سان رهن ٿا، هن اسڪول جي زمين جيڪا ريلوي ٽريڪ ۽ اسڪول جي رستي وچ تي آهي ان تي قبضا خور فصل پوکي ٻچڙن جو پيٽ پالين ٿا پر جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا ڳڻتي ناهي ته هن اسڪول جي ناهي. ان ۾ پڙهندڙ معصومن جي مستقبل جي ناهي. اسان جي ماڻهن کي پنهنجي لاءِ گھر کپن، مدرسان کپن، پوکن لاءِ زمين کپي پر جيڪڏهن نه کپي ته مستقبل جي معمارن جي تعليم نه کپي؟؟؟؟؟؟!!!!!!!!ڏهرڪي جتي فوجي فرٽيلائزر جهڙي عظيم فيڪٽري آهي، ماڙي گئس آهي، شگر ملون آهن جتي لکين نه ڪروڙين نه پر اربين روپين جي روزانه اپت ٿيندي آهي. هاڻي اهڙي شهر ۾ جڙيل اسڪول لاءِ منو وانگر استاد سوشل ميڊيا تي دانهون به ته نه ٿا ڪري سگھن ني....ان اسڪول جي ان حالت جو هڪ سبب ڪي مقامي استاد به آهن جيڪي ذاتي انا ڪري اتي اسڪول جي اڏاوات وچ ۾ ديوار چين ٿيا بيٺا آهن. 
ڀلي ته دنيا وارا مريخ تي پهچن پر سنڌ جا مسڪين
  ماڻهون پنج درجا پاس ڪرڻ واري هماليه جبل جي چوٽي سر ڪرڻ کان به قاصر آهن.
.
 واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو


Saturday, May 20, 2017

تصوير ڪهاڻي


سياڻن جو چوڻ آهي ته جڏهن به ڪو سٺو ڪم ڪيو ته ان لاءِ پنهنجو پاڻ کي شابس ڏيو. اڄ مون به هڪ چڱو ڪم سرانجام ڏنو هو. گورنمنٽ ڄام ممتاز ڏهر ڊگري ڪاليج اوٻاوڙو ۾ مون سائين پروفيسر زبير مڱريو صاحب جن جو ”THINKING ABOUT THINKING“ جي عنوان تحت سيشن ڪرايو هو جيڪو بي حد ڪامياب ويو. ان ڪاميابيءَ کي ملهائڻ لاءِ مان سکر واپسي وقت ڏهرڪي باءِ پاس روڊ تي حاجي شهمير خان چاچڙ جي سنڌڙي هوٽل تي هليو ويو هوم جنهن جو نالو اجرڪ واري اکرن سان لکيل هو جيڪو تمام وڻندڙ پئي لڳو.  بانس جي لڪڙن سان جڙيل ۽ موڙن وارن ڪرسين سان سجايل هوٽل جو ماحول ته ڏاڍو سهڻو پئي لڳو. ماني جي آرڊر وٺڻ لاءِ ڪنڌڪوٽ واسي سترهن سالن جو هڪ سمارٽ نوجوان صابر علي ميراڻي آيو هو. اهو ڇوڪرو جنهن کي ميزباني جا سمورا گُر تمام بهترين پئي آيا، ڏاڍو فضيلت وارو هو. سندس چوڻ هو ته هو ميٽرڪ پاس آهي. مون روائتي ماسترن واري کيس نصيحتون ڪيون ۽ کيس اهو چيو ته ڪجھ وڌيڪ پڙهڻ متعلق به سوچ ڪري ۽ کانئس سوال ڪيو ته ڇا هو سڄي عمر هاڻي هي ڪم ڪندو رهندو؟ کيس چيم ته هو سوچي ته ايندڙ پنجن سالن پوءِ هو پنهنجو پاڻ ڪٿي ڏسڻ ٿو گھري.  مون سوچيو پئي ته صابر علي ٻيو نه ته جيڪڏهن رڳو سٺي انگريزي ڳالهائي سگھي ته  کيس ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ آساني سان ڪم ملي وڃي ۽ سندس حياتي آسان ٿي پوي. پر مون کي نه ٿو لڳي ته هو ڪو پنهنجي تعليم وڌائيندو يا هوٽل انڊسٽري سان متعلق لاڳاپيل مهارتون سکندو.

اسان جي معاشري ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ جي تمام گھڻي کوٽ آهي، جنهن جي ڪري لکين نوجوان يا ته پسند جو نوڪريون حاصل ڪرڻ کان محروم رهجيو وڃن ۽ ٻيو ته انهن ادارن ۾ جلدي پروموشن حاصل ڪرڻ جا موقعا وڃائي ٿا ويهن.  جيڪڏهن اسان جا نوجوان ٿوري رٿابندي سان ڪم ڪن، ٿورڙي محنت ڪن ته جيڪر ڪجھ سندن زندگي آسان ٿي پوي.