Wednesday, July 31, 2019

ڪشمور کان ڪوهستان تائين _(01)From Kashore to Kohistan ..01




هي سائين شاهنواز چاچڙ پويان سائين نورمحمد ملڪ صاحب جن ويٺا آهن جن کي اسان جو فقير دوست نذير احمد بهلڪاڻي علامه جو لقب ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن فقير نذير کيس وڏو ڪوپريل به چوندا آهن. سائين نورمحمد ملڪ پڻ پنهنجي نوعيت جو هڪ عجب انسان آهي جنهن جي پڻ عجب ڪهاڻي آهي. ملڪ صاحب ٽنڊوڄام زرعي
يونيورسٽي مان ايم ايس سي جيالاجي ۾ ڪيل آهن پر جيئن ته ان شعبي ۾ تمام گهٽ نوڪريون نڪرنديون آهن ان ڪري نورمحمد ملڪ کي به اتي ڪا جاب ملي نه سگهي هئي. بعد نورمحمد سائين اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر مان ريگيولر ايم اي سنڌي ادب ۾ داخلا وٺي پڙهائي شروع ڪئي هئي. خوش قسمتيءَ سان کيس سنڌي ادب پڙهائڻ لاءِ سائين پروفيسر اسرار احمد علوي صاحب جهڙو عالم، ڏاهو، گهڻ پڙهيو استاد ملي ويو هو. سائين اسرار احمد علوي سان گڏ سائين پروفيسر منظور بيدار جهڙا ٻيا به اعلي پائي جا استاد سندس علمي اڃ اجهائيندا هيا جن جي ڇهاءَ هن لوهه کي سون ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. نورمحمد ملڪ امتحان ڏيڻ لاءِ فرنٽ واري قطار کان به ٿورو اڳيان ڪرسي رکي پرچا حل ڪندو هو. مان سندس امتحان ورتا هيا ۽ شاهد آهيان ته يار هڪ اکر به ڪاپي نه ڪندا هيا. سندس اکر اڳ ئي موتي داڻن جهڙا هيا ۽ ويتر هر پيپر ۾ ٽي، چار ڪن ۾ ته پنج سپليون هڻي ايندا هيا. ٻيو ته سڀني کان اڳ جوابي ڪاپي نورمحمد ملڪ ئي انويجيليٽر وٽ جمع ڪرائيندو هو. ان نموني ايم اي سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري سنڌي ادب جي ليڪچرار جو امتحان پاس ڪري ڪاليج سطح جا استاد ٿيا هيا. نورمحمد ملڪ تمام گهڻو پڙهيو استاد آهي جنهن جي يادگيري غضب جي آهي. کيس ڪنهن گمنام پراڻي اديب، ڪتاب متعلق پڇا ڪيو اوهان کي هو نه رڳو ان ڪتاب متعلق ٻڌائيندو پر ساڳي ليکڪ جا ٻيا جيڪي به لکيل ڪتاب آهن انهن جا مستند حوالا پڻ ڏيندو. سنڌي ادب، تاريخ، اسلامي تاريخ ۽ خاص ڪري حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت مبارڪ متعلق جيڪا ڄاڻ ملڪ صاحب وٽ آهي ته ان کان وڌيڪ سندس ۽ اسان جي استاد سيرت هاشمي جهڙي ضخيم ڪتاب جي سنڌيڪار ۽ حاشيه نگار سائين اسرار احمد علوي صاحب وٽ هوندي باقي مدرسن ۾ پڙهيل نالي چڙهيل ملن مولوين کان نورمحمد تمام مٿي آهن. ملڪ صاحب ڪنڊياري ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومري جهڙي مذهبي ڄاڻو کي چئلنج ڪيو هو جنهن جو ذڪر هو پاڻ به ڪندا آهن. جنهن زماني ۾ نورمحمد ملڪ اسان واري ڪاليج جو شاگرد هو ته مون کي وري دوستن سنڌي ادبي سوسائٽي اسلاميه ڪاليج سکر جو سيڪريٽري مقرر ڪيو هو ۽ اسان سائين اسرار احمد علوي صاحب جي سرپرستيءَ ۾ وڏو علمي منڊل مچايو هو ۽ جنهن جو واس وٺڻ لاءِ گمبٽ کان پروفيسر علي رضا شاهه صاحب، خيرپور کان مرحوم پروفيسر سائين عبدالرزاق سولنگي صاحب، پني عاقل کان سائين سرور سيف، سکر جا سمورا ناميار اهل علم، اهل ادب، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن ان ۾ شرڪت ڪندا هيا. نورمحمد ملڪ به انهن سڀني پروگرامن جو حصو هوندو هيو ته اهڙي ماحول به کيس پنهنجي علمي قابليت وڌائڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي هئي. هنوقت به نورمحمد ملڪ صاحب جو وڏي ۾ وڏو خرچ ڪتاب خريد ڪرڻ تي ايندو آهي. مان شاهد آھيان ته پنجويهن ۽ ٽيهين هزارن جا هڪ جاءِ تي ضخيم ڪتاب خريد ڪندو رهندو آهي. اهي هو ڪو ڏيکاءُ لاءِ ناهي ڪندو پر انهن کي پڙهندو پڻ آهي. خبر ناهي الائي ڇو ايتري وڏي مطالعي بعد به لکڻ واري پاسي اڃا نه آيا آهن. 
نورمحمد ملڪ جي جيڪا علمي اڏام آهي ان سان جڏهن مون جهڙا ڪم علم ڪج بحثي ڪندا آهن ته کيس چڙ ايندي آهي جيڪا فطري آهي ۽ هو اهڙن يارن کان پري پري گذاريندو آهي ۽ اهي کيس وري سخت گير سمجهندا آهن. منهنجي نورمحمد ملڪ سان واقفيت پروفيسر فقير نذير احمد بهلڪاڻي معرفت تمام آڳاٽي ٿي هئي ۽ اسان سائين فقير انورشاهه گهوٽڪي واري جا ڪيئي ميلا گڏجي گهميا هياسين. نورمحمد ڪپڙي لٽي جي معاملي ۾ ڏاڍو نفيس آهي ڪڏهن به سندس ڪپڙن تي ڪا گهنج نه هوندي.
ڪاش اسان جي معاشري جا ڪرتا ڌرتا هن قسم جي عالم استادن جي علم جي پرک ڪري کانئن صحي ڪم وٺي سگهن ته اسان جا ادارا چمڪي پون پر هت ته گهڻو تڻو ڪرسين تي ڪانگ ويٺا آهن انهن مان چڱائيء جي اميد معني ٻٻرن کان ٻير گهرڻ.
نورمحمد ملڪ سان ڪي ذاتي نوعيت جا ڳنڀير مسئلا به آهن جن سندس نفسيات تي هاڃيڪار اثر ڇڏيا آهن.
اسان جي هن ٽوئر ۾ اسان ملڪ صاحب سان دل کولي ڀوڳ ٺڪاءُ ڪيا هيا.
شل آباد رهن ۽ پنهنجي علم کي سماج جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪن

from Kashmore to Kohistan,,,,ڪشمور کان ڪوهستان تائين

شاهنواز انوقت پاڪستان ۽ چين سان لاڳاپيل ڪنهن اهڙي پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪندو هو جنهن ۾ سندس ڪم اهو هو ته پاڪستاني فن ڪارن کي چين ۾ جڏهن ته چيني فن ڪارن کي پاڪستان جو دئورو ڪرائي... (اڌوري ڄاڻ)، شاهنواز چاچڙ جو دفتر پاڪستان آرٽس ڪائونسل جي آفيس ۾ واقع هيو جنهن ڪري اتي رکيل آرٽ جا شاندار نمونا اسان به آسانيءَ سان ڏسي سگهيا هياسين. اتي چيني آرٽ جي هڪ الڳ گيلري جڙيل هئي، هڪ حصو ٽرڪ آرٽ تي ٻڌل هو، ڪجهه ذومبي انسانن کي گاهه پٺي مان جوڙي اتي بيهاريو ويو هو جن سان مون به ساڻن گڏجي ڦوٽو ڪڍرايا هيا، صادقين گيلري الڳ هئي جنهن ۾ اسلامي ڪيليگرافي جا سندس شاهڪار پورٽريٽ رکيل هيا. هر صوبي ۽ علائقي جون تصويرون، مهر ڳڙهه، موهن جو دڙو ۽ ٻين آثار قديم جي علائقن جون تصويرون پڻ هيون. اسلام آباد ۾ پاڪستان مونيومينٽ، لوڪ ورثه سان گڏ پاڪستان آرٽس ڪائونسل جنهن ڪونه ڏٺا ته ان اسلام آباد ڪهڙو گهميو. هنن ڦوٽوئن ۾ هڪ ڦوٽو (سيلفي) آرٽس ڪائونسل جي شيشن ڀريل ڪمرن کان ٻاهر ڇت واري لابي ۾ نڪتل آهي جنهن ۾ شاهنواز ڀريل سگريٽ مان سڪون وٺندي اسان کي ان علائقي جي آس پاس عمارتن جو به تعارف ڪرايو هو ۽ اهي ڳالهيون ڪڏهن جو منهنجي ذهن جي اسڪرين تان ميسارجي به ويون هيون ها بس اها ڳالھ ياد آهي ته اسين لنچ ڪرڻ لاءِ (گلگت بلتستان هائوس) ويا هياسين پر ٿورڙو اڳ هليا ويا هياسين. اسلام آباد ۾ سڀ کان مشهور، مقبول هوٽلن جو هڪ سلسلو آهي ۽ اهو آهي ڌاٻا هوٽلون. هر آفيس جي آس پاس رستن روڊن تي اهن ۽ سدا آباد آهن. اڳئين دفعي جڏهن ڪنهن اداري پاران فور اسٽار هوٽل ۾ رهيل هياسين ته چانهه جي ٻاڙ کي مارڻ لئه ملندڙ سرڪاري چانهه کي ڇڏي وڃي ڌاٻا هوٽل جي کير پتي چانهه پي ايندا هياسين. جيستائين گلگت بلتستان هائوس ۾ ماني تيار ٿئي ڪير ٿو اتظار ڪري سو ان ڏينهن به اسان آفيس جي پاڙ ۾ ان چين جي هڪ هوٽل تي هليا ويا هياسين جتي ان جي ڪکائين ڇپر هيٺ، ڪاٺ جي بئنچن تي ويهي پلاسٽڪ جي جڳ مان پلاسٽڪ جي گلاس ۾ پاڻي اوتي پيتو هوسين ۽ هوٽل جي تندور جي باهه جي سيڪ تي پچايل گرم مانيون دال فرائي، مڪس سبزي ۽ ڪڪڙ جي ٻوڙ سان ڊئو ڪري مانجهاندو ڪيو هيوسين. اتي رڳو اسان نه هياسين پر انهن ئي آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ، جينز پاتل ڪيئي بال پين جهڙيون سنهڙيون ڪاڪيون به ساڳي ڪرت کي لڳيون پيون هيون.