انقلابي پارٽين جا لڳ ڀڳ سڀ فيصلا بند ڪمرن ۾، انقلابي
رازداريءَ سان ڳجھي نموني ٿيندا آهن، جن جي ٻاهر ٻاڦ ڪانه نڪرندي آهي. هڪ تنظيم
ظاهري ۽ نمائشي هوندي آهي، ان جو مقصد ڪارڪنن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھي عظيم اڳواڻ پاران
پارٽيءَ تي پنهنجي گرفت کي مظبوط ڪرڻ هوندو آهي. ان نقلي ۽ نمائشي جمائت جا نالا
بدلبا رهندا آهن. ڪڏهن اها ا (الف) ته ڪڏهن ان جو نالو ب (بي) رکيو ويندو آهي. پارٽي جا
مالڪ ساڳيا ئي هوندا آهن بس ڪجھ وقت لاءِ ليبل بدلبا رهندا آهن. اهي تنظيمون ڪاغذي
۽ کوکليون هونديون آهن. ڪارڪن ڀائيندا آهن ته اُها انهن تنظيمن جي ڪمزوري ۽ مجبوري
آهي، پر حقيقت ۾ ائين ناهي. انهن کي ڄاڻي واڻي کوکلو رکيو ويندو آهي، ته جيئن انهن
تي ڪارڪنن جو قبضو مظبوط نه رهي ۽ اهي انقلابي اڳواڻ جي هٿان نڪري نه وڃي. اهڙي
انقلابي جماعت ۾ ڪجھ به نه هوندو آهي فقط هڪ قومي ۽ عوامي ليڊر سڀ ڪجھ هوندو آهي. هو اِهو بندوبست انهيءَ لاءِ
رکندا آهن ته وقت اچي ته اُن عظيم اڳواڻ جي نالي ۾، قوم ۽ قومي ڪارڪنن جا تختا به
ڪڍي سگھجن. وچ وچ ۾ انهن پارٽين ۾ وچئين ۽ هيٺئين طبقي مان ڪيترا قلم باز، بيان
باز، ڄاڙي باز ماڻهون ڀرتي ڪري ڏيکاءُ لاءِ اهم عهديدار بڻائي رکيا ويندا آهن، پر
سندن حقيقي ڪم ڀٽن ۽ مڱڻهارن وانگر اڳواڻن جي شان ۾ قصيدا ۽ مداحون پڙهڻ ۽ مخالفن
کي گاريون ڏيڻ هوندو آهي. ڪن خاص موقعن تي کين خوب کارائي پياري ۽ پٺ ٺپري، لئي ۾
رکيو ويندو آهي. اڳواڻ ميسڻا ٿيو سندن پٺيان پٺيان هلندا آهن. وچئين طبقي جا ڀٽ ۽
مڱڻهار ڦونڊ ۾ ڀرجي هلندا آهن ۽ سمجھندا آهن ته لهي اڀري ئي اسان تي پيو. ان مخصوص
وقت ۾ وچولي طبقي جا قلم باز ۽ ڄاڙي باز سورما عادت موجب ڪجھ پوز هڻندا آهن. پر
جلد ئي کين ذهن نشين ڪرايو ويندو آهي ته ”هاڻي اصلي انقلابي اڳواڻ پاڻ پارٽي
سنڀاليندا هاڻي کين ڀٽن ۽ مڱڻهارن جي ضرورت ڪانهي. سڀڪو ڪک پن ٿي وڃي، نه ته
پارٽيءَ جو غدار ۽ عوام جو دشمن ٿي پوندو ۽ بڇڙو ٿيندو“.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو