Sunday, September 15, 2024

درد جي دنيا ۽ ان جو تخليق ڪار منظور بيدار

 درد جي دنيا ۽ ان جو تخليق ڪار منظور بيدار

مون تازو ئي پروفيسر منظور بيدار جي ڪھاڻين جو ڪتاب درد جي دنيا پڙھي پورو ڪيو آھي. ڪتاب تي مھاڳ، امھاڳ، پبلشر جو نوٽ، تخليق ڪار جو ذاتي نوٽ ”پنھنجي پاران“ سميت يارنھن وڌيڪ لکڻيون شامل ڪيون ويون آھن، جيڪي 148 صفحن جي ڪتاب جي 68 صفحن جي والار ڪيون بيٺا آھن جيڪي لڳ ڀڳ اڌ ڪتاب جو حصو آھن. ان کان سواءَ پوئين صفحي تي ٽائيٽل ڪور تي اياز گل ۽ پھرين ۽ آخري پيج جي بيڪ ڪَور تي ٻـ وڌيڪ ننڍا نوٽ سائين مجيد نواز مغل ۽ امر اياز مھر جا پڻ شامل ڪار آھن. ڊاڪٽر ابراھيم کرل، پروفيسر جھانگير عباسي، ڊاڪٽر اسماعيل ماڪو، سرور سيف، ڪامريڊ مالڪ کوسو، حبيب ساجد ۽ ٻين دوستن جي تبصرن کان پوءِ ڇا ٿو بچي تـ مون جھڙو ڪم علم ماڻھو وڌيڪ تبصرو ڪري يا ڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪري! ھا پر جيئن تـ سائين منظور بيدار جي وارتائن، ڪھاڻين، عمل، جو نـ صرف مان شاھد آھيان پر ھڪ ڪردار پڻ آھيان ان ڪري مان پنھنجو پاڻ کي قرضي ٿو سمجھان تـ مون کي پڻ من ۾ محبت پائي ڪي رنڍا روڙڻ گهرجن. سڀ کان اول تـ مان تخليق ڪار سائين منظور بيدار، ڊاڪٽر ابراھيم کرل، سائين پروفيسر جھانگير عباسي جو تھ دل سان ٿورائتو آھيان جن پنھنجن لکڻين ۾ مون ناچيز کي ياد ڪري مون کي پڻ يوسف جي خريدارن ۾ اچي بيھاريو آھي.
ڪھاڻين کي سمجھڻ لاءِ ڪھاڻيڪار کي سمجھڻ جي پڻ اھميت آھي. مون کي بھرحال اھو فخر آھي تـ زندگيءَ جي جولانيءَ واري مند جون ڪيتريون بھارون مون پياري منظور بيدار سان گذاريون ھيون. منظور ۽ مان جڏھن ترقي پسند سياست جي پرخار راھن جا راھي ھياسين تـ ملڻ کڻي نـ ٿيو ھيو پر ھڪ ٻئي جي ڪم جي ھاڪ ڪري جھڙوڪر ھڪ ٻئي جا واقف ھياسين. اسان ان زماني ۾ پنھنجي سياسي حلقن ۾ منظور بيدار کي منظور بيلدار چئي پنھنجي دل خوش ڪندا ھياسين. ھونئن منظور بيدار واقعي بـ ڪنھن بيلدار جھڙو محنتي ئي تـ رھيو آھي جنھن عام ماڻھن، شاگردن، ھارين ۽ مذدورن جي ذھني راھن تي نظرياتي ڇڻڪار ڪري اتي علم، عقل، ادب، سياست، سھپ، ڏاھپ جا چھچ ساوا وڻ ٽڻ ۽ ڳاڙھا گل پوکيا ھيا. ساڻس منھنجو ويجھو تعلق گورنمينٽ اسلاميا آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ۽ پوسٽ گريجئيٽ اسٽڊي سينٽر سکر ۾ جڙيو ھو. مان ڪراچيءَ کان بدلي ڪرائي اتي پھتو ھوم ۽ منظور ايڇ ايس ٽيءَ ھوندي ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرر ڀرتي ٿيو ھو. انوقت منظور پراڻو سرخو نـ پر مڪمل نموني ھڪ استاد ۽ زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ پنھنجي گهر وارن جو پرجھلو نظر آيو ھو. سندس ھڪ روٽين جڙيل ھو جنھن تي ھو روزانو ھلندو رھندو ھو. سکر ريلوي اسٽيشن جي بنھ ڀرسان ريلوي جي ھڪ ڪوارٽر کان سندس صبح جي شروعات ٿيندي ھئي، ايوب گيٽ وٽان ڪنھن لوڪل سواري تي چڙھي ڪاليج پھچندو ھو. ڪاليج اندر پنھنجو علمي وھنوار ھلائي گهڻو تڻو واپسي ٽولي جي صورت ۾ ٿيندي ھئي. گاڏي کاتي وٽ پٺاڻ جي ھوٽل يا وري گهنٽا گهر سامھون ٻئي ھڪڙي پٺاڻ جي ھوٽل جي پھرين فلور تي گيلري ۾ ويھي چانھ جي چينڪ گهرائي پيتي ويندي ھئي. اتان کان پوءِ سڀني يارن جا رستا الڳ ٿي ويندا ھيا. منظور گليمر سينٽر جي پاڙ ۾ ھڪ پان واري کان راجا ظھور جاني ڊبل پتي پان وٺي، موج حاصل ڪري، واپس پنھنجي گھر جي واپسيءَ جو گس وٺندو ھو.
اھو زمانو ھو جڏھن مان ھرروز ڳوٺ کان خيرپور ۽ خيرپور کان سکر، سکر جي بس اسٽاپ کان ڪاليج تائين ڪيتريون سواريون مٽائي پھچندو ھوس. پگھار کڻي پوري ساري ھئي پر سستائي ڪري گذارو ٿي ويندو ھو، پر مون سان ھڪ اھم مسئلو درپيش ھيو. اھو ھيو پنھنجي نياڻين جي تعليم کي جاري رکڻ وارو. منھنجي رھائش ڳوٺ ۾، نوڪري سکر جي ھڪ ڪنڊ ۾ تمام گهڻو وقت ۽ پئسو تـ اچ وڃ ۾ کپي ويندو ھو ھاڻي مان ڪھڙي نموني سندن تعليم کي جاري رکان؟ ان لاءِ کين پنھنجي ھڪ مائٽ جي رڪشا ڪرائي تي ڪرائي ڌني ھئم پر اھو پڻ جلدي ڀڄي ويو ھو. انوقت منھنجو ھڪ پٽ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ پڙھندو ھو ٻيو شاھ عبدالطيف يونيورسٽيءَ ۾ ايم بي اي ڪري رھيو ھو اھو کين موٽر سائيڪل تي آڻڻ ۽ واپس وٺي اچڻ جي ڪوشش ڪندو ھيو پر ائين ڪندي سندس پنھنجي پڙھائي سخت متاثر ٿيندي ھئي. مون منظور بيدار سان صلاح ڪئي، ان مسئلي جو حل اسان اھو ڪڍيو تـ مون کي سکر شفٽ ٿيڻ گهرجي. سکر شفٽ ٿيڻ جون سرٽوڙ ڪوششون تـ مون اڳ ئي ڪيون ھيون پر انوقت جي مھربان پرنسپل صاحب جي آفيس ۽ گهر بس قرآن ميڙ نـ ڪيو ھوم باقي کيس ايلاز منٿون ۽ مجبوريون سڀ سڻايون ھئم. پرنسپل صاحب چيو ”اھو خالي ڪوارٽر مان توکي نـ ڏيندس پر ان ۾ سنڌ پروفيسرس ۽ ليڪچررس ايسوسئيشن (سپلا) جي ڊويزنل آفيس قائم ڪندس تـ جيئن اسان جا ساٿي ان ۾ گڏجاڻيون ڪن، رڪارڊ رکي سگهن ۽ ٻاھريان ايندڙ دوستن جي رھائش جو مسئلو پڻ حل ٿي سگھي!“ نيٺ اسان جي صلاح اھا بيٺي تـ ڪرائي تي گهر حاصل ڪجي. منظور پگھار جو اندازو لڳائي ان ۾ سکر جي ڪاٺاواڙين وٽ ممڪنا گائيڊون لکي معاوضي کي ملائي چيو تـ ڪم ھلي ويندو تون گهر وٺ. مون گهر ورتو، منظور مون کي سکر جي ھارون ڀائي وٽ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي گائيڊن لکڻ واري مذدوريءَ سان لڳائي ڇڏيو. ھڪ پيج جا اٺ روپيا ۽ سئو پيجن جا اٺ سئو روپيا. ان نموني مون رات ڏينھن ھڪ ڪري ڏنو ڏينھن ۾ ٽيھ يا چاليھ صفحا لکي وٺندو ھوس. ھڪ دفعي اسلام آباد ۾ پڙھندڙ پٽ کي ڏھ ھزار روپين جي گهرج ھئي، منھنجا کيسا بلڪل خالي ھيا، ڪيلگس جن مان مون کي اميد ھئي انھن پڻ پنھنجيون مجبوريون ٻڌائي انڪار ڪري ڇڏيو ھو. منظور منھنجي مھانڊي تي ھيڊ ھاريل ڏسي پڇيو تـ معاملو ڇا آھي؟ مون کيس پنھنجو مسئلو ٻڌايو. منظور انوقت ئي پروفيسر سائين اسرار احمد علوي صاحب جن کي منھنجو مسئلو ٻڌائي سھائتا جي گذارش ڪئي، علوي صاحب جي ڪا وي سي نڪتي ھئي، سائين جن بنا چون چران جي ڏھ ھزار روپيا ڪڍي منھنجي تري تي رکيا ھيا.
سنڌي ادبي سوسائٽي جي پليٽ فارم تان مان، منظور بيدار، پروفيسر عبدالجبار سولنگي، پروفيسر امجد چنو ۽ ٻين دوستن ڪاليج کي صحيح معني ۾ لرننگ سينٽر جو درجو ڏياري ڇڏيو ھو، جتي ھرھفتي يا پندرھين ڏينھن سکر، خيرپور، پني عاقل، روھڙي، شڪارپور، گمبٽ جا ساڃھوند، پروفيسر، ڪلاڪار گڏ ٿي علم ۽ عرفان، موسيقيءَ جا منڊل مچائيندا ھئاسين.
منظور بيدار رٽائرڊمنٽ جي مليل پئسن مان سڀ کان اول پنھنجي ڪھاڻين جو ڪتاب ڇپرائڻ بدران پنھنجي پراڻي دوست، ڪيلگ، شاعر مرحوم شڪيل پريالوي جي شاعريءَ جو ڪتاب ”پنڊ پھڻ“ ڇپرائي کيس تاريخ ۾ امر بڻائي ڇڏيو. لاشڪ جيڪڏھن شڪيل پريالويءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب ڇپيل نـ ھجي ھا تـ ڪجھ عرصي کان پوءِ ٻيو تـ ٺھيو سندس پونئيرن کي ئي خبر نـ پوي ھا تـ شڪيل ڪھڙي پائي جو شاعر ۽ عظيم انسان ھيو. منھنجي خيال ۾ منظور اھو ڪم سرانجام ڏئي لطيف سائين جي ان سٽ کي معني بخشي آھي تـ ؛ اڃا ڪي آھين ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي....
مان ڪھاڻين تي ڪو ڳرو، پرمغر، علمي بحث ڪرڻ بدران اھو چوندس تـ سڀ ڪردار جيڪي ڪھاڻين ۾ موجود آھن يا اھي سڀ واقعا جن جي ڪري منظور بيدار ڪھاڻيون تخليق ڪيون آھن، اھي حقيقي ۽ زميني ڪردار ھيا جن کي تخليق ڪار افسانوي رنگ ڏئي امر بڻائي ڇڏيو آھي. مون کي خبر ناھي تـ جيڪا سسئي، مارئي، مومل، نوري، سھڻي لطيف ساائين جي شاعريءَ ۾ نظر اچن ٿيون واقعي بـ ائين ھيون الائي نـ پر مون کي اھي امر سورميون لطيف سائينءَ جي بيان ڪيل انداز ڪري وڻنديون آھن. ساڳيو انداز منظور بيدار جو آھي. سندس ڪھاڻين ۾ ڪيئي وسري ويل ڪردار موجود آھن جن ۾ شڪيل پريالوي، محمد علي ٽالپر جن جا سڌا سنوان نالا درج ٿيل آھن پر ان سان گڏ من جي ماٺار واري ڪھاڻي ۾ جنھن عظيم مذھبي شخصيت جو ذڪر ڪيو ويو آھي اھو منھنجي ناقص سوچ مطابق پروفيسر اسرار احمد علوي صاحب جن ئي ٿي سگهن ٿا. پر ھت ھڪ ڳالھ جي وضاحت ضروري آھي تـ اسرار احمد علوي جو ڪردار منظور بيدار جي ڪھاڻين جي ڪري ناھي پر سندس سڄي سچيت زندگي، علم سان واسطيداري، باڪردار پاڪ عمل ڪري ئي آھي. مون زندگيءَ ۾ ڪيئي مذھبي رنگ چڙھيل انسان ڏٺا آھن جن جو سج لھندو ۽ اڀرندو سندن ئي فرقي جي ٻڌايل حدبندين تي آھي پر سائين اسرار احمد علوي صاحب جھڙو غير متعصب، مڻيادار، علم جو ڀنڊار، سھپ سان گڏ رواداري جون خصلتون رکندڙ ڪو انسان مون کي ڪڏھن نـ ٽڪريو ھو. ھو انسان جي روپ ۾ فرشتو ھو، ھن پنھنجي علم، پنھنجي سخا، پنھنجي ڏاھپ سان ڪيئي ڏيئا ٻاري ڇڏيا ھيا جيڪي سندس وئي کان پوءِ روشني پکيڙڻ وارو ڪم پيا ڪن.
ڪتاب جي منڍ ۾ حبيب ساجد ھڪ جملو لکيو آھي تـ ”“... ھڪ ملان اگر ڪامريڊ بڻجي پوي تـ عبدالواحد آريسر سڏائي وڃي ٿو ۽ جي ڪو ڪامريڊ ملان بڻجي وڃي تـ منظور بيدار سڏائي سگهي ٿو“ پنھنجي ڳالھ کي اڳتي وڌائيندي لکي ٿو تـ ”پر وڏي ۽ سچي ڳالھ اھا آھي تـ ٻئي ڪڏھن بـ رجعت ۽ پراڻ پسند نـ ٿي سگھندا آھن ان جي مقابلي ۾ ڪنھن عام رواجي ملان وٽ وڏي تنگ نظري ۽ لالچ صاف بکجندي نظر ايندي آھي.“ حبيب ساجد منھنجو منظور بيدار جھڙو محبوب دوست آھي پر ھت مان کانئس ٿورو اختلاف ڪندس. منظور بيدار ھڪ بي ضرر مذھبي ماڻھو آھي، جنھن جي لاءِ مذھب سچائيءَ جو گس آھي. منظور بيدار لاءِ نماز اھم آھي پر ھو ” او ڪو ٻيو فھم جنھن سان پسجي پرين کي“ جو قائل آھي. ماڻھپي واري ڪھاڻيءَ ۾ ماڻھپي ۾ سندس ڊائيلاگ پڙھي ڏسو ”بابا پاڙي ۾ جهيڙو پيو ٿئي، ھڪ انسان جي زندگي خطري ۾ آھي توھان چئو ٿا تـ مان نماز پڙھڻ وڃان، بابا جنھن جي لاءِ نماز پڙھجي ٿي سو تـ انسانن ۾ محبت جو قائل آھي ھن کي ھر انسان بيحد پيارو آھي مان ڪيئن ھنن کي وڙھندي ڇڏي ھليو وڃان!“ ڪھاڻي من جي ماٺار ۾ ڪردار جي واتان چورائي ٿو تـ ”ھا پٽ مان شاھ کي پڙھي ئي تـ ڪٽرپڻي جي ڪُن مان نڪتو آن، شاھ ئي تـ ماڻھپي جي معراج تي پھچائي ٿو!“ منظور بيدار ھڪ ڪھاڻيءَ ۾ نيڪ دل مذھبي انسان جو خوبصورت عڪس ڏنو آھي، ڪاش فرقيواريت کي ڇڏي اسان جا مذھبي ماڻھو ان نموني سوچين تـ جيڪر سنڌي سماج وڏيون ٻرانگھون ڀري اڳتي وڌي سگهي. ان ڪري مان منظور بيدار کي خوددار، ايماندار، سچو نيڪ دل مذھبي انسان تـ چئي سگهان ٿو کيس ملو ھرگز نـ چوندس. ملان ضد، ھوڏ، ڪٽرپڻي، فرقيواريت ۽ فساد جو ٻيو نالو آھي جنھن جي نندا علامـ اقبال ڪري ويو ھو تـ ”دين ملان فساد في سبيل اللھ.“ منظور محبت، رواداري، سنڌيت، انسانيت جا درس ڏيندڙ جيئن ڪالھ ڪامريڊ ھيو اھڙوئي اڄ آھي، رڳو ھن جي ڪم ڪرڻ جا پليٽ فارم مٽيا آھن ۽ ڌرتي، انسانيت جي خدمت ڪرڻ جا مورچا تبديل ٿيا آھن. ھونئن ملان رڳو مذھبي ناھن ٿيندا ڪامريڊ بـ ٿيندا آھن جيڪي بس رڳو پنھنجي نظرئي، اڳواڻ، پارٽيءَ جي گيت ڳائيندي باقي پوري دنيا لاءِ اکيون پوري ڇڏيندا آھن. جيڪڏھن ترقي پسندن وٽ اھا ملائيت نـ ھجي ھا تـ منظور بيدار ۽ مون جھڙا ھزارين شعور رکندڙ ڪارڪن ساڻن اڄ بـ گڏ ھجون ھا. سندس ”عام خاص“ ڪھاڻي پڻ ھڪ اھڙي ڪامريڊ جي آھي جنھن پنھنجو الھو تلھو تـ پارٽي، نظرئي ۽ انسانيت ناتي قربان ڪري ڇڏو ھئو، جيل سندس ٻيو گهر بڻجي پيو ھو ۽ ٻاھر ويٺل ڪامريڊن سندس گهروارن سان جيڪو وھنوار رکيو ھو ان جي اپٽار ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناھي. ان ساڳي موضوع تي ھڪ ناول سائين رشيد ڀٽي لکيو ھو جنھن ۾ ھڪ ڪميٽيڊ ڪارڪن پنھنجي پارٽيءَ سان وفاداري نڀائيندي پنھنجي محبوب گهرواري وڃائي ويھندو آھي جيڪو بعد ۾ سندس زندگيءَ جو روڳ بڻجي پوندو آھي. مون منظور بيدار جي ڪھاڻي نشئي پڙھي آخر ڪتاب جي بچيل پني تي ھي نوٽ لکيو آھي؛ ”زندگي لاھين چاڙھين وارو گس آھي. شڪستون ساڙي رک پڻ ڪري ڇڏينديون آھن تـ ڪن ۾ وري وڌيڪ جوش ڀرينديون آھن. شڪست، مايوسي، نراسائي يا پنھنجي سڀاويڪ گسن تان ٿڙي وڃڻ وقتي مامرا آھن، سٺا دوست، سٺا ماڻھو ۽ سٺو ماحول ماڻھوءَ کي ٻيھر موقعا پيدا ڪري ڏيندو آھي.“
آخر ۾ منظور بيدار جي آخري ڪھاڻي ”انڪوائري“ تي ٿورو مفصل تبصرو ڪرڻ کي پنھنجو فرض ٿو سمجهان پڙھي ڇوتـ ان ڪھاڻيءَ جو مان پڻ ھڪ ڪردار رھيو آھيان.
انڪوائري ۾ ”ترڪي ٽوپي“ پاتل يار جي ذڪر تـ منظور بيدار ڪڏھن مون سان ڪيو ئي ناھي يا جيڪڏھن ڪيو اٿائين تـ منھنجي دماغ ۾ يادگيريءَ وارو حصو برباد ٿي ويو آھي. ھونئن بـ نيڪ ڪم ڪرڻ وارن جي راھن ۾ رنڊڪون اينديون آھن. اسان جي ملڪ جي فرشتن کي دشمن ملڪن جا جاسوس نظر اچن تـ ڪيئن اچن ھنن يارن جو سمورو ڌيان تـ اسان جھڙن علم پرورن تي رھندو آھي ان ڪري اھا ڪا اڻ ٿيڻي ڳالھ ناھي، پر ھڪ ڳالھ واضع پئي ٿئي تـ جنھن ملڪ جا جاسوسي ادارا ايڏا وائڙا ۽ ڇسا ھجن ۽ جن جو ڌيان پنھنجي ڪم بدران ھن قسم جي مامرن تي ھجي تـ اھڙن ادارن ۾ چڱائيءَ جي ڪھڙي اميد رکجي! بھرحال اھو اسان جي ڪاليج جو ھڪ تاريخي دئور ھيو. پرنسپل سائين لعل محمد سولنگي جن ھيا، سنڌي شعبي جو سرواڻ عالماڻي طبيعت رکندڙ سائين اسرار احمد علوي ھيا ۽ مون ۽ سائين منظور بيدار لطيف شناسي سان گڏ ٻين علمي موضوعن تي پروگرامن جو ھڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ڪيو ھو ۽ اسان جي اسلاميـ آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر علم، ادب، لطيف شناسي جو مرڪز بڻجي اڀريو ھو. ھنن پروگرامن ۾ سکر کان سواءِ روھڙي، پنوعاقل، خيرپور، پيرڳوٺ، گمبٽ، شڪارپور مان علم جي اڃ اجھائڻ لاءِ ڪيئي پروانا پنڌ ڪري اچي پھچندا ھيا. جيڪڏھن ڪن دوستن کي پروگرام جو اطلاع ڏئي نـ سگهندا ھياسين تـ ميارون ملنديون ھيون. سائين لعل محمد سولنگيءَ جي وڃڻ کان ڳڇ عرصو پوءِ ان ساڳي پرنسپل جي سگھاري ڪرسيءَ تي ھڪ ھلڪڙي طبيعت وارو پتڪڙو انسان ويٺو ھيو. سندس دئور ۾ مون سي وي (CV) جي اھميت ۽ ان کي لکڻ جي مھارت متعلق ھڪ ڪيريئر ڪائونسلنگ جو پروگرام مختلف شعبن اندر ايم اي ڪندڙ آخري سال جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ڪاليج ۾ رکرايو ھيو، جنھن کي گورنمنٽ اسلاميـ سائنس ڊگري ڪاليج جي پروفيسر طارق حيات لاشاري ڪنڊڪٽ ڪيو ھو. مون اھو پروگرام ڇا ڪيو جھڙوڪر ککر جي ماناري ۾ کڙو ھنيو ھجيم. خبر ناھي ڇو انوقت جو پرنسپل ان پروگرام کي ڏسي تپي باھ ٿي ويو ھو ۽ مون کي اھڙين ”حرڪتن“ کان باز اچڻ جو چئي ايڪسپلينيشن ليٽر ڏيڻ وارو ھيو پر منھنجي ان وعدي تـ آئندھ اھڙو ڪوبـ ڪم نـ ڪندس جي بيان بعد ماٺو ٿيو ھو. ھتي لکڻ جو مطلب ھي آھي تـ ھڪ پاسي جاسوسي ادارن کي تـ ٻئي پاسي تعليمي ادارن جي اھم سيٽن کي سيڙايل ڪرسين تي ويٺل ڪوچڙن انسانن کي علم پروري زھر ٿي لڳي ۽ مان ۽ منظور بيدار جھڙا تـ منڍ کان وٺي عاشق زھر پياڪ ئي رھيا آھيون. ھاڻي جڏھن ٻئي رٽائر ٿيا آھيون تڏھن بـ ڪي واندا ٿوروئي ويھنداسين، جيڪي چڻنگون ٻاريون ھيوسين انھن کي ڀنڀٽ ڪرڻ جا جتن پنھنجي آخري ساھن تائين جاري رکنداسين ڀلي راھن ۾ ”ترڪي ٽوپي پاتل“ اچن يا سوٽيڊ بوٽيڊ جاھلن جون لوڌون اسان جي راھ روڪين، ان جو ثبوت ”درد جي دنيا“ جھڙو ڪتاب آھي. اسان جو ساٿ ھلندو رھندو ۽ لاٽ ٻرندي رھندي.

اظھار جي آزادي تي پابنديءَ جا ستھتر سال


ڇوليون

اظھار جي آزادي تي پابنديءَ جا ستھتر سال

رياست پاڪستان لڳ ڀڳ سڀني شعبن ۾ دنيا کان تمام گهڻو پوئتي رھجي ويل آھي. جي ڊي پي، پاسپورٽ ۽ ويزا، پاڙيسري ملڪن سان تعلقات، غربت، بيماريون، غذا جي کوٽ، ڪرپشن، بد انتظامي، سياسي عدم استحڪام، تعليم ۽ صحت جون سھولتون، دھشت گردي، فرقيواريت، امن امان، شھري پلاننگ، ماحولياتي گدلاڻ، رانديون، سياحت سان گڏ باقي مڙني شعبن جو حال صفا بي حال آھي. سوال ٿو پيدا ٿئي تـ ڇا جيڪي مٿي مسئلا بيان ڪيا ويا آھن اھي سڌاري سگهجن ٿا يا نـ؟ جواب آھي تـ جڏھن ٻيا ملڪ اھڙن يا ان کان بـ تمام وڏن اجگر جھڙن مسئلن جا حل ڳولھي ترقي ڪري سگهن ٿا تـ پاڪستان پڻ ڪري سگهي ٿو! ھاڻي تمام وڏو سوال اھو آھي تـ پوءِ اسان جون حڪومتون، رياست، رياستي ادارا، طاقتور اسٽبلشمنٽ آخر ائين ڇو ڪونـ پيا ڪن؟  جيڪا ڳالھ مون جھڙي عام انسان کي سمجھ ۾ اچي پئي ھو وڏي علم وارا، وڏن تجربن وارا، وڏن وڏن ادارن ۾ سکيائون ورتل اھا ڳالھ سمجھي نـ ٿا سگھن ڇا؟ پاڪستان ۾ ھڪ محاورو مشھور آھي تـ پوليس کي سڀ خبر آھي. ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جي مالڪن اڳيان ملڪ جي بلئڪ اينڊ وائيٽ تصوير ھر وقت رکيل ھوندي آھي. مٿين ڪيل سوال ڏاڍا ڳرا تـ آھن پر انھن جا سولا سلوڻا جواب پڻ موجود آھن، بس مملڪت خداداد ۾ غلطين کي وائکو ڪرڻ، سوال اٿارڻ، ان تي بحث ڪرڻ، تنقيد ڪرڻ، يا انھن جا حل پيش ڪرڻ جي ڪنھن کي اجازت ناھي! جيڪو سوال ڪندو، جيڪو اعتراض ڪندو، جيڪو تنقيد ڪندو، جيڪو نشاندھي ڪندو، يا ڪو منطقي حل پيش ڪندو اھو ڳولھيو نـ لڀندو، ڀلي اھو ڪو سياستدان، سائنسدان، دانشور، شاعر، صحافي، ولاگر يا ٽڪ ٽوڪر ڇونـ ھجي! پاڪستان ۾ جنھن بـ اھڙي جرئت ڪئي انھن جو رات وچ ۾ نالو نشان گم ڪيو ويو. ھتي مان اوھان کي اھو ٻڌائيندو ھلان تـ اھا روش ڪا نئين بلڪل ناھي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد جلدي ئي اھو سلسلو شروع ڪيو ويو ھو.  پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد پاڪستان جا مالڪ، ڌڻي، حاڪم جھڙوڪر سڪندر مرزا، غلام محمد، چوڌري محمد علي جھڙا انگريزي دؤر جا ڪامورا بڻجي ويا جن ڪڏھن بـ پاڪستان جي تحريڪ يا مسلم ليگ جي ڪنھن سياسي سرگرميءَ ۾ حصو ڪونـ ورتو ھو. کين خبر ھئي تـ پاڪستان جي باني جناب قائد اعظم محمد علي جناح ۽ سندس ڀيڻ فاطمـ جناح جي مخالفت يا تنقيد سندن ترا ڪڍي ڇڏيندي ان ڪري پاڪستان ٺھڻ بعد پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ محترمـ فاطما جناح جن کي ريڊيو پاڪستان تان ڪيترن سالن تائين پنھنجي تقرير ڪرڻ جي اجازت نـ ڏني ويئي ھئي، جڏھن تمام گهڻي تنقيد ٿي تـ کيس تقرير جي اجازت ملي ۽ ان جو عنوان ھو ”منھنجو ڀاءُ“ ۽ جڏھن ان تقرير ۾ تنقيد وارو حصو آيو تـ ريڊيو جي نشريات ئي بند ڪئي ويئي ھئي ۽ بھانو اھو ڪيو ويو ھو تـ بجلي ھلي ويئي آھي! ھي مان ڪو ڪو پنھنجو ھٿ جو جوڙيل قصو ڪونـ پيو ٻڌايان پر سڪندر مرزا کان وٺي جنرل يحى جي دؤر تائين پاڪستان جي حڪمرانن کي ھلائڻ واري ڪاموري قدرت  اللھ شھاب پنھنجي ڪتاب ”شھاب نامي“ ۾ اھي سربستا احوال لکيا آھن. جلد ئي سنڌ ۽ خاص ڪري اوڀر پاڪستان (بنگال) وارن جا منھن بند ڪرڻ لاءِ ھڪ تڪراري قانون پروڊا کي لاڳو ڪيو ويو. پاڪستان جي باني قائد اعظم پاران پوري پاڪستان مٿان ملڪ جي تمام ٿورڙائي واري زبان اردوءُ مڙھڻ وارو فيصلو سنڌين ۽ خاص ڪري بنگالين کي صفا ڪونـ آئڙيو ھو ۽ انھن منڍ کان وٺي پنھنجي ٻولين سنڌي ۽ بنگالي ٻوليءَ جي بچاءُ لاءِ تمام گهڻو آواز اٿاريو ويو ھو. ٿيڻ ائين گهرجي ھا تـ سندن جائز مطالبي کي مڃيندي نـ رڳو بنگالي پر ان سان گڏ سنڌي، بلوچي، پنجابي، سرائيڪي ۽ پشتو زبانن کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي ھا تـ جيڪر اوڀر پاڪستان بنگلـ ديش جي صورت اختيار نـ ڪري ھا. ملڪ جي وجود ۾ ايندي ئي اھڙا تقراري مسئلا ڪر کڻي رھيا ھئا انھن کي حل ڪرڻ بدران ھڪ مٿان ھڪ تقراري قانون پاس ڪري لاڳو ڪيو ويندو رھيو. جلدي ئي ملڪ جي اڪثريتي عوام جي واتن تي تالو لڳائڻ لاءِ ون يونٽ مڙھيو ويو. اھڙي ظالماڻي فيصلي جو نتيجو ھو تـ آباديءَ جي حساب سان پاڪستان جو وڏو حصو اوڀر پاڪستان اڳتي ھلي بنگلـ ديش جي صورت اختيار ڪئي. سنڌ ۾ ايوب کھڙي ۽ علي محمد راشدي جھڙن ماڻھن ان ڪاري قانون جي شد مد سان حمايت ڪئي ھئي. علي محمد راشدي پاران سندس مشھور ڪتاب ”اھي ڏينھن اھي شينھن“ ۾ ون يونٽ جي حق ۾ لکيل سندس مضمون شامل آھي. ان قانون تحت سنڌ يا ٻين قومي اڪاين جو نالو وٺڻ گناھ قرار واقع ڏنو ويو ھو. اھڙي ماحول کي ڏسندي سنڌ جي شاعر اھو شعر چيو ھو تـ ”سنڌڙي تنھنجو نانءُ کنيو ڄڻ ڪاريھر تي پير پيو“. اھو ڪارو قانون ٻن ڏھاڪن تي محيط ھو ۽ جڏھن ستر ۾ جناح وارو پاڪستان ٽٽي ٻـ اڌ ٿي پيو ھو تـ ان ڪاري قانون کي پڻ ختم ڪيو ويو. کڻي جو ون يونٽ جو باظتا طور خاتمو ڪيو ويو ھو پر ون يونٽ مڙھڻ وقت جيڪي ادارا وفاق جي حوالي ڪيا ويا ھئا ويا ھئا اھي صوبن کي واپس ڪونـ مليا.  ون يونٽ مڙھي پرنسلي رياستن جھڙوڪر رياست بھاولپور ۽ رياست خيرپور جي حيثيت ختم ڪيو ويو ھو. ان وقت خيرپور رياست جي خزاني ۾ تنھن وقت جا ھڪ ڪروڙ روپيا پيا ھئا جن کي تنھن وقت جو وفاقي وزير سردار آف ڪالا باغ ڪڍرائي کڻي ويو ھو تـ اڄ ڏينھن تائين اھي پئسا واپس ٿيا آھن نـ خبر پئي آھي تـ انھن کي ڪٿي خرچ ڪيو ويو آھي. ستر کان اڳ اوڀر ۽ اولھ پاڪستان ھوندا ھئا ھاڻي بس ھڪ ئي پاڪستان وڃي بچيو ھو جنھن جو سربراھ جناب شھيد ذوالفقار علي ڀٽو بڻيل ھو. ڀٽي صاحب جي حڪومت ۾ پڻ اظھار جي آزاديءَ تي ڪيئي ضربون لڳايون ويون. ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ پھريون سولين مارشلا ايڊمسٽريٽر پڻ رھيو ۽ سندس دؤر ۾ بلوچستان نيشنل عوامي پارٽي پاران بلوچستان جي جمھوري نموني چونڊيل صوبائي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري گورنر راڄ قائم ڪيو ويو ھو، بلوچ اڳواڻن کي ملڪ جي مختلف جيلن ۾ واڙيو ويو ھو، جواب ۾ بلوچ جبلن تي چڙھي ويا ھئا ۽ جن خلاف فوجي آپريشن جي شروعات ڪئي ويئي ھئي. سنڌ اندر اڪيچار ڪتابن ۽ رسالن تي پابنديون مڙھيون ويون ھيون ڪيئي قلمڪار جھڙوڪر سھڻي رسالي جو ايڊيٽر طارق اشرف، قومي شاعر منشي ابراھيم، سياسي اڳواڻ محترم سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، عبدالواحد آريسر ۽ ٻين کي باندي بڻايو ويو ھو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کان پوءِ ضياءَ الحق جو يارنھن سالا اونداھو دئور شروع ٿيو ھو جيڪو اظھار جي آزادي تي راتاھن سان گڏ سياسي سرگرمين تي مڪمل پابندي وارو دؤر ھو. ان دؤر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اخبار مساوات تي پابندي مڙھي ويئي ھئي جنھن خلاف صحافين، سياسي ۽ ھاري ڪارڪنن پھريون دفعو جيل ڀريو تحريڪ تحت گرفتاريون پيش ڪيون ھيون. اڳتي ھلي ضيا اخبارن تي سخت قسم جي سنسرشپ لاڳو ڪري ڇڏي ھئي. انھن انيائن خلاف ايم آر ڊيءَ جو وجود پيو ھو جنھن ملڪ جي سياسي افق تي آمراڻن ڪارن ڪڪرن کي ھٽائڻ ۽ اظھار جي آزادي لاءِ عمومي طرح پوري ملڪ ۽ خصوصي طرح سنڌ اندر 1983ع ۾ ڀرپور تحريڪ ھلي ھئي جنھن ظالم حڪمرانن جي اوچين ڪوٽن ۾ ڏار وجھي ڇڏيا ھئا. ضيا کان پوءِ واري وٽي تي ڪڏھن بي نظير صاحبا تـ ڪڏھن نواز شريف جي مسلم ليگ ن يا وري ڪڏھن مسلم ليگ قائد اعظم جون حڪومتون ٺھنديون رھيو ۽ 2018ع ۾ اسبلشمنٽ ھار سينگار ڪرائي عمران نيازيءَ کي گديءَ تي ويھاريو ھو. ننڍي ڪالم اندر ايتري گنجائش ناھي تـ سندن دؤرن ۾ اظھار جي آزاديءَ تي لڳايل سندن عملن تي ڀرپور روشني وجھي سگھجي بس ايترو چوڻ ڪافي ٿو سمجھان تـ ڪابـ حڪومت جڏھن اقتدار جي مسند تي ويھندي آھي تـ ان کي انساني حق، اظھار جي آزادي، جائز تنقيد زھر لڳندي آھي ۽ جڏھن سندن مٿن تان اقتدار جي ھما اڏري ويندي آھي ۽ اھي اپوزيشن ۾ ھوندا آھن يا حڪومتي ڌر جي عتاب ۾ ھوندا آھن تـ انوقت کين اظھار جي آزاديءَ جو علم بردار ڏٺو ويو آھي.

ھاڻوڪي شھباز شريف جي حڪومت کي ٽيوٽر زھر ٿو لڳي، ٽڪ ٽوڪ، فيس بوڪ، يوٽيوب کان کين الرجي ٿي پيئي آھي، جيڪڏھن ڪو  ”بل بل پاڪستان...“ جھڙو ڪلام جوڙي سوشل ميڊيا تي رکي ٿو تـ ٻي ڏينھن سندس ايڊريس گم ٿيو وڃي. ھنن فائر وال لڳائي انٽرنيٽ جي اسپيڊ جو ڳلو گهٽي ڇڏيو آھي ھاڻي موبائيل ڪيمرائن واري انٽرنيٽ وٽان رڳو ريلن جي لائيو لوڪيشن نـ ٿي کلي، شھرين کي اوبر، يانگو، ان ڊرائيو، بائيڪا، فوڊ پانڊا جھڙين اپليڪشنس کي استعمال ڪندي وڏين مشڪلاتن کان منھن ڏيڻو ٿو پوي.

انھن افعالن ھوندي ملڪ ترقي ڇوڪندا ۽ ڪيئن ڪندا؟ آئي ايم ايف جي زور بار تي اوھان بجلي، گئس، پئٽرول جا اگھ وڌايو ٿا ايترو وڌايو ٿا جيڪو عام انسان جي پوري ڪمائي ڳڙڪايو وڃي ۽ پوءِ مٿان بيھي اھو باور ڪرايو ٿا تـ ”مان تـ مھرباني ڪري اوھان کي گهٽو ٿو ڏيان، اوھان وري مون تي اکيون پيا ڦونڊاريو!“ عام انسانن کي اوھان ڪو رليف نـ ٿا ڏيو نـ ڏيو کين روئڻ پٽڻ تـ ڏيو، کين پنھنجي مقدر تي نوحا پڙھڻ جي اجازت تـ ڏيو، کين پنھنجي اندر جي اوٻر ڪڍڻ جي اجازت تـ ڏيو!