Sunday, September 15, 2024

اظھار جي آزادي تي پابنديءَ جا ستھتر سال


ڇوليون

اظھار جي آزادي تي پابنديءَ جا ستھتر سال

رياست پاڪستان لڳ ڀڳ سڀني شعبن ۾ دنيا کان تمام گهڻو پوئتي رھجي ويل آھي. جي ڊي پي، پاسپورٽ ۽ ويزا، پاڙيسري ملڪن سان تعلقات، غربت، بيماريون، غذا جي کوٽ، ڪرپشن، بد انتظامي، سياسي عدم استحڪام، تعليم ۽ صحت جون سھولتون، دھشت گردي، فرقيواريت، امن امان، شھري پلاننگ، ماحولياتي گدلاڻ، رانديون، سياحت سان گڏ باقي مڙني شعبن جو حال صفا بي حال آھي. سوال ٿو پيدا ٿئي تـ ڇا جيڪي مٿي مسئلا بيان ڪيا ويا آھن اھي سڌاري سگهجن ٿا يا نـ؟ جواب آھي تـ جڏھن ٻيا ملڪ اھڙن يا ان کان بـ تمام وڏن اجگر جھڙن مسئلن جا حل ڳولھي ترقي ڪري سگهن ٿا تـ پاڪستان پڻ ڪري سگهي ٿو! ھاڻي تمام وڏو سوال اھو آھي تـ پوءِ اسان جون حڪومتون، رياست، رياستي ادارا، طاقتور اسٽبلشمنٽ آخر ائين ڇو ڪونـ پيا ڪن؟  جيڪا ڳالھ مون جھڙي عام انسان کي سمجھ ۾ اچي پئي ھو وڏي علم وارا، وڏن تجربن وارا، وڏن وڏن ادارن ۾ سکيائون ورتل اھا ڳالھ سمجھي نـ ٿا سگھن ڇا؟ پاڪستان ۾ ھڪ محاورو مشھور آھي تـ پوليس کي سڀ خبر آھي. ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جي مالڪن اڳيان ملڪ جي بلئڪ اينڊ وائيٽ تصوير ھر وقت رکيل ھوندي آھي. مٿين ڪيل سوال ڏاڍا ڳرا تـ آھن پر انھن جا سولا سلوڻا جواب پڻ موجود آھن، بس مملڪت خداداد ۾ غلطين کي وائکو ڪرڻ، سوال اٿارڻ، ان تي بحث ڪرڻ، تنقيد ڪرڻ، يا انھن جا حل پيش ڪرڻ جي ڪنھن کي اجازت ناھي! جيڪو سوال ڪندو، جيڪو اعتراض ڪندو، جيڪو تنقيد ڪندو، جيڪو نشاندھي ڪندو، يا ڪو منطقي حل پيش ڪندو اھو ڳولھيو نـ لڀندو، ڀلي اھو ڪو سياستدان، سائنسدان، دانشور، شاعر، صحافي، ولاگر يا ٽڪ ٽوڪر ڇونـ ھجي! پاڪستان ۾ جنھن بـ اھڙي جرئت ڪئي انھن جو رات وچ ۾ نالو نشان گم ڪيو ويو. ھتي مان اوھان کي اھو ٻڌائيندو ھلان تـ اھا روش ڪا نئين بلڪل ناھي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد جلدي ئي اھو سلسلو شروع ڪيو ويو ھو.  پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد پاڪستان جا مالڪ، ڌڻي، حاڪم جھڙوڪر سڪندر مرزا، غلام محمد، چوڌري محمد علي جھڙا انگريزي دؤر جا ڪامورا بڻجي ويا جن ڪڏھن بـ پاڪستان جي تحريڪ يا مسلم ليگ جي ڪنھن سياسي سرگرميءَ ۾ حصو ڪونـ ورتو ھو. کين خبر ھئي تـ پاڪستان جي باني جناب قائد اعظم محمد علي جناح ۽ سندس ڀيڻ فاطمـ جناح جي مخالفت يا تنقيد سندن ترا ڪڍي ڇڏيندي ان ڪري پاڪستان ٺھڻ بعد پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ محترمـ فاطما جناح جن کي ريڊيو پاڪستان تان ڪيترن سالن تائين پنھنجي تقرير ڪرڻ جي اجازت نـ ڏني ويئي ھئي، جڏھن تمام گهڻي تنقيد ٿي تـ کيس تقرير جي اجازت ملي ۽ ان جو عنوان ھو ”منھنجو ڀاءُ“ ۽ جڏھن ان تقرير ۾ تنقيد وارو حصو آيو تـ ريڊيو جي نشريات ئي بند ڪئي ويئي ھئي ۽ بھانو اھو ڪيو ويو ھو تـ بجلي ھلي ويئي آھي! ھي مان ڪو ڪو پنھنجو ھٿ جو جوڙيل قصو ڪونـ پيو ٻڌايان پر سڪندر مرزا کان وٺي جنرل يحى جي دؤر تائين پاڪستان جي حڪمرانن کي ھلائڻ واري ڪاموري قدرت  اللھ شھاب پنھنجي ڪتاب ”شھاب نامي“ ۾ اھي سربستا احوال لکيا آھن. جلد ئي سنڌ ۽ خاص ڪري اوڀر پاڪستان (بنگال) وارن جا منھن بند ڪرڻ لاءِ ھڪ تڪراري قانون پروڊا کي لاڳو ڪيو ويو. پاڪستان جي باني قائد اعظم پاران پوري پاڪستان مٿان ملڪ جي تمام ٿورڙائي واري زبان اردوءُ مڙھڻ وارو فيصلو سنڌين ۽ خاص ڪري بنگالين کي صفا ڪونـ آئڙيو ھو ۽ انھن منڍ کان وٺي پنھنجي ٻولين سنڌي ۽ بنگالي ٻوليءَ جي بچاءُ لاءِ تمام گهڻو آواز اٿاريو ويو ھو. ٿيڻ ائين گهرجي ھا تـ سندن جائز مطالبي کي مڃيندي نـ رڳو بنگالي پر ان سان گڏ سنڌي، بلوچي، پنجابي، سرائيڪي ۽ پشتو زبانن کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي ھا تـ جيڪر اوڀر پاڪستان بنگلـ ديش جي صورت اختيار نـ ڪري ھا. ملڪ جي وجود ۾ ايندي ئي اھڙا تقراري مسئلا ڪر کڻي رھيا ھئا انھن کي حل ڪرڻ بدران ھڪ مٿان ھڪ تقراري قانون پاس ڪري لاڳو ڪيو ويندو رھيو. جلدي ئي ملڪ جي اڪثريتي عوام جي واتن تي تالو لڳائڻ لاءِ ون يونٽ مڙھيو ويو. اھڙي ظالماڻي فيصلي جو نتيجو ھو تـ آباديءَ جي حساب سان پاڪستان جو وڏو حصو اوڀر پاڪستان اڳتي ھلي بنگلـ ديش جي صورت اختيار ڪئي. سنڌ ۾ ايوب کھڙي ۽ علي محمد راشدي جھڙن ماڻھن ان ڪاري قانون جي شد مد سان حمايت ڪئي ھئي. علي محمد راشدي پاران سندس مشھور ڪتاب ”اھي ڏينھن اھي شينھن“ ۾ ون يونٽ جي حق ۾ لکيل سندس مضمون شامل آھي. ان قانون تحت سنڌ يا ٻين قومي اڪاين جو نالو وٺڻ گناھ قرار واقع ڏنو ويو ھو. اھڙي ماحول کي ڏسندي سنڌ جي شاعر اھو شعر چيو ھو تـ ”سنڌڙي تنھنجو نانءُ کنيو ڄڻ ڪاريھر تي پير پيو“. اھو ڪارو قانون ٻن ڏھاڪن تي محيط ھو ۽ جڏھن ستر ۾ جناح وارو پاڪستان ٽٽي ٻـ اڌ ٿي پيو ھو تـ ان ڪاري قانون کي پڻ ختم ڪيو ويو. کڻي جو ون يونٽ جو باظتا طور خاتمو ڪيو ويو ھو پر ون يونٽ مڙھڻ وقت جيڪي ادارا وفاق جي حوالي ڪيا ويا ھئا ويا ھئا اھي صوبن کي واپس ڪونـ مليا.  ون يونٽ مڙھي پرنسلي رياستن جھڙوڪر رياست بھاولپور ۽ رياست خيرپور جي حيثيت ختم ڪيو ويو ھو. ان وقت خيرپور رياست جي خزاني ۾ تنھن وقت جا ھڪ ڪروڙ روپيا پيا ھئا جن کي تنھن وقت جو وفاقي وزير سردار آف ڪالا باغ ڪڍرائي کڻي ويو ھو تـ اڄ ڏينھن تائين اھي پئسا واپس ٿيا آھن نـ خبر پئي آھي تـ انھن کي ڪٿي خرچ ڪيو ويو آھي. ستر کان اڳ اوڀر ۽ اولھ پاڪستان ھوندا ھئا ھاڻي بس ھڪ ئي پاڪستان وڃي بچيو ھو جنھن جو سربراھ جناب شھيد ذوالفقار علي ڀٽو بڻيل ھو. ڀٽي صاحب جي حڪومت ۾ پڻ اظھار جي آزاديءَ تي ڪيئي ضربون لڳايون ويون. ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ پھريون سولين مارشلا ايڊمسٽريٽر پڻ رھيو ۽ سندس دؤر ۾ بلوچستان نيشنل عوامي پارٽي پاران بلوچستان جي جمھوري نموني چونڊيل صوبائي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري گورنر راڄ قائم ڪيو ويو ھو، بلوچ اڳواڻن کي ملڪ جي مختلف جيلن ۾ واڙيو ويو ھو، جواب ۾ بلوچ جبلن تي چڙھي ويا ھئا ۽ جن خلاف فوجي آپريشن جي شروعات ڪئي ويئي ھئي. سنڌ اندر اڪيچار ڪتابن ۽ رسالن تي پابنديون مڙھيون ويون ھيون ڪيئي قلمڪار جھڙوڪر سھڻي رسالي جو ايڊيٽر طارق اشرف، قومي شاعر منشي ابراھيم، سياسي اڳواڻ محترم سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، عبدالواحد آريسر ۽ ٻين کي باندي بڻايو ويو ھو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کان پوءِ ضياءَ الحق جو يارنھن سالا اونداھو دئور شروع ٿيو ھو جيڪو اظھار جي آزادي تي راتاھن سان گڏ سياسي سرگرمين تي مڪمل پابندي وارو دؤر ھو. ان دؤر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اخبار مساوات تي پابندي مڙھي ويئي ھئي جنھن خلاف صحافين، سياسي ۽ ھاري ڪارڪنن پھريون دفعو جيل ڀريو تحريڪ تحت گرفتاريون پيش ڪيون ھيون. اڳتي ھلي ضيا اخبارن تي سخت قسم جي سنسرشپ لاڳو ڪري ڇڏي ھئي. انھن انيائن خلاف ايم آر ڊيءَ جو وجود پيو ھو جنھن ملڪ جي سياسي افق تي آمراڻن ڪارن ڪڪرن کي ھٽائڻ ۽ اظھار جي آزادي لاءِ عمومي طرح پوري ملڪ ۽ خصوصي طرح سنڌ اندر 1983ع ۾ ڀرپور تحريڪ ھلي ھئي جنھن ظالم حڪمرانن جي اوچين ڪوٽن ۾ ڏار وجھي ڇڏيا ھئا. ضيا کان پوءِ واري وٽي تي ڪڏھن بي نظير صاحبا تـ ڪڏھن نواز شريف جي مسلم ليگ ن يا وري ڪڏھن مسلم ليگ قائد اعظم جون حڪومتون ٺھنديون رھيو ۽ 2018ع ۾ اسبلشمنٽ ھار سينگار ڪرائي عمران نيازيءَ کي گديءَ تي ويھاريو ھو. ننڍي ڪالم اندر ايتري گنجائش ناھي تـ سندن دؤرن ۾ اظھار جي آزاديءَ تي لڳايل سندن عملن تي ڀرپور روشني وجھي سگھجي بس ايترو چوڻ ڪافي ٿو سمجھان تـ ڪابـ حڪومت جڏھن اقتدار جي مسند تي ويھندي آھي تـ ان کي انساني حق، اظھار جي آزادي، جائز تنقيد زھر لڳندي آھي ۽ جڏھن سندن مٿن تان اقتدار جي ھما اڏري ويندي آھي ۽ اھي اپوزيشن ۾ ھوندا آھن يا حڪومتي ڌر جي عتاب ۾ ھوندا آھن تـ انوقت کين اظھار جي آزاديءَ جو علم بردار ڏٺو ويو آھي.

ھاڻوڪي شھباز شريف جي حڪومت کي ٽيوٽر زھر ٿو لڳي، ٽڪ ٽوڪ، فيس بوڪ، يوٽيوب کان کين الرجي ٿي پيئي آھي، جيڪڏھن ڪو  ”بل بل پاڪستان...“ جھڙو ڪلام جوڙي سوشل ميڊيا تي رکي ٿو تـ ٻي ڏينھن سندس ايڊريس گم ٿيو وڃي. ھنن فائر وال لڳائي انٽرنيٽ جي اسپيڊ جو ڳلو گهٽي ڇڏيو آھي ھاڻي موبائيل ڪيمرائن واري انٽرنيٽ وٽان رڳو ريلن جي لائيو لوڪيشن نـ ٿي کلي، شھرين کي اوبر، يانگو، ان ڊرائيو، بائيڪا، فوڊ پانڊا جھڙين اپليڪشنس کي استعمال ڪندي وڏين مشڪلاتن کان منھن ڏيڻو ٿو پوي.

انھن افعالن ھوندي ملڪ ترقي ڇوڪندا ۽ ڪيئن ڪندا؟ آئي ايم ايف جي زور بار تي اوھان بجلي، گئس، پئٽرول جا اگھ وڌايو ٿا ايترو وڌايو ٿا جيڪو عام انسان جي پوري ڪمائي ڳڙڪايو وڃي ۽ پوءِ مٿان بيھي اھو باور ڪرايو ٿا تـ ”مان تـ مھرباني ڪري اوھان کي گهٽو ٿو ڏيان، اوھان وري مون تي اکيون پيا ڦونڊاريو!“ عام انسانن کي اوھان ڪو رليف نـ ٿا ڏيو نـ ڏيو کين روئڻ پٽڻ تـ ڏيو، کين پنھنجي مقدر تي نوحا پڙھڻ جي اجازت تـ ڏيو، کين پنھنجي اندر جي اوٻر ڪڍڻ جي اجازت تـ ڏيو!

 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو