Wednesday, September 30, 2026

فلم The 47 تي تبصرو


ھاڻي ھاڻي دي ستيتاليھ(The 47) فلم ڏسي پوري ڪئي اٿم. فلم جيڪا يوٽيوب تي ھئي ۽ ھنديءَ ۾ ڊب ٿيل آھي. ھي فلم اصل اسپينش ٻوليءَ ۾ جوڙي ويئي ھئي. فلم جي ڪھاڻي ۾ اسپين جي شھر بارسلونا ڀرسان ڪجھ پناھ ورتل انسانن جي وڏي ڪوششن ۽ قربانين بعد ورسايل ھڪ ڳوٺ جي ڳوٺاڻن جي تڪليف ڏيندڙ زندگين تي فوڪس آھي. فلم جو اھم ڪردار ھڪ بس ڊرائيور آھي جنھن جي ھزار ڪوششن ھوندي بہ کين سندن ڳوٺ تائين بس جي سھولت نہ ڏني ويندي آھي ۽ پوءِ اھو ڊرائيور ھڪ وڏي وارڌات ڪندو آھي...اھا ڪھڙي وارڌات آھي ان کي سمجھڻ لاءِ اوھان کي فلم ڏسڻي پوندي.
ھاليووڊ جي ڪرائيم ۽ پنشمنٽ متعلق فلمن صفا بيزار ڪري وڌو آھي مون کي سپر ھيرو قسم جا ڪردار تہ ڏٺئي ڪونہ ٿا وڻن جو مون کي خبر آھي تہ اھي طاقتور آھن، انھن وٽ ويڙھ جا طريقا آھن، وٽن جديد ھٿيار آھن انھن جي سوڀ يقيني آھي...جڏھن سڄي ٿيم جي اڳواٽ خبر پئجي وڃي تہ پوءِ فلم کي ڏسڻ جو فائدو...
ھي ھڪ ڊرامائي قسم جي فلم آھي، ان قسم جون ڪيتريون روسي فلمون مون ڏٺيون جن مون کي مزو ڏنو....


https://www.youtube.com/watch?v=zGcjDiJpSdM&t=6084s

 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو