بي
روزگار ھئڻ ڪو ڏوھ ناھي، پر بيڪار رھڻ جرم آھي. انھن محاورن کي گڊ مڊ ڪرڻ انتھائي
بي ايماني چئبي. اوھان جا والدين اوھان جا تعليمي خرچ برداشت ڪندا آھن، ھر موقعي ۽
محل تي تعليم، تربيت، ھنر ۽ سکيا وارن مرحلن ۾ اوھان کي جاڳائيندا رھندا آھن،
اوھان کي چوندا رھندا آھن تہ اوھان پنھنجو سمورو ڌيان ۽ سموريون صلاحيتيون پنھنجي
پڙھائي ۽ سکيا تي ڏيو، پر اوھان پڙھڻ، ڪڙھڻ بدران سمورو تعليمي وقت اجاين سجاين
ڳالھين ۾ زيان ڪري ڪجھ سکڻ بدران ڪاغذ جي ڊگري کڻي واپس ورندا آھيون تہ پوءِ ڌڪا
ٿاٻا کائڻ اوھان جو مقدر بڻجي پوندو آھي ۽ ان ۾ اوھان جي والدين جو ڪو ڏوھ ناھي
ھوندو.
اوھان
جا والدين اوھان کي مختلف ڪاروبار ڪرڻ لاءِ ھمٿائيندا آھن، خرچ ڪري مڪمل اسٽرڪچر
جوڙي ڏيندا آھن، اوھان کان رڳو ان ڪم تي وقت سيڙائڻ لاءِ چوندا آھن، ۽ اوھان کي
ضمانت ڏيندا آھن تہ جيڪي بہ نقصان ٿيو تہ ھو پاڻيھي ڀريندا پر جي ڌنڌو ھلي پيو تہ
اھو اوھان جو! اھڙي ضمانت بعد جيڪڏھن اوھان وقت ڏيڻ بدران سندن انھن ڪمن کي ھڪ لفظ
چئي رد ڪري ڇڏيندا آھيو تہ ”بابا اوھان ڏاڍا سادا آھيو، ٻين جي چوڻ تي اچي ان قسم
جا ڪم ڪندا آھيو جنھن مان ڪو فائدو ناھي“ تہ سمجھي سگھو ٿا سندن دلين ۾ ڪھڙا طوفان
مچيا ھوندا.
اسان
جي سمورن نڪمن، ناڪارا، بي ھمٿ، غير ھنرمند ڪاغذي ڊگري حاصل ڪيل نوجوانن کي وري
کپي بہ سرڪاري نوڪري ۽ جيستائين اھا ملي تيستائين بي روزگاريءَ جو ٽيگ پنھنجي
ڳچيءَ جو ھار ٺاھي پائي پيا گھمندا، پنھنجن يارن دوستن ۾ نام نھاد دکڙن جا حال
احوال ڪري پنھنجو پاڻ کي مظلوم ثابت ڪري پنھنجي بي ھمٿي مٿان ڪک رکندا. پوري زندگي
گذاري ڇڏيندا پر جيڪڏھن سرڪاري نوڪري نہ ملي تہ ٻيو ڪوبہ ڪم ڪار نہ ڪندا. شينھن بک
مري تہ بہ ڊڀ نہ چري... انھن مان اڪثريت ان قسم جو منفي Reactive
رويو اپنائيندا آھن. اھي پنھنجي ھر ناڪاميءَ جو الزام ڪنھن
ٻئي جي ڪلھي تي رکي پنھنجي نااھليءَ کي جسٽيفائي ڪندا آھن.
ان
سلسلي ۾ والدين جو ڏوھ اھو ھوندو آھي تہ اھڙن نوجوانن جون شاديون ڪرائي ڇڏيندا آھن
۽ سمجھندا آھن تہ من اھي ھاڻي سڌري پون پر والدين کي اھو احساس ھئڻ گھرجي تہ شادي
ڪنھن بہ صورت ۾ سڌاري جي ضمانت ناھي ڏيندو ويتر شادي بعد گھر جي وڏي جون ذميواريون
تھان وڌي وينديون آھن ھاڻي کيس پنھنجي پٽن ۽ پوٽين جي کاڌي پيتي، ڪپڙي لٽي، دوا
درمل، پڙھائيءَ جا واڌو خرچ ادا ڪرڻا پئجي ويندا آھن. اوھان پنھنجي بي ھمٿ اولاد ۽
شاديءَ بعد سندن اولاد کي پاليو ٿا تہ انھن کي ڪھڙيءَ لنڊيءَ کاڌو آھي تہ اھي ڪو
ڌنڌو ڌاڙي ڪندا. نام نھاد بي روزگار اوھان جي کيسن مان کاٽ ھڻي روزانو ھزار، پنج
سئو ڪڍي، نشن پتن ۾ کپائي ٿو تہ اھو ڀلا ڇو ڪو ڪم ڪار ڪندو.
اھڙن
روين جو ھڪ تمام ڇرڪائيندڙ پھلو ھيءُ آھي تہ ساڳي گھر ۾ پيدا ٿيل ٻن ڀائرن مان ھڪ
جڏھن پٽڙيءَ تان لھي ويندو آھي ۽ ٻيو محنت، مشقت، ھمٿ ۽ حوصلي سان زماني جي
چئلينجن کي منھن مقابل ٿي ھلندو آھي تہ اڳتي ھلي سندن روين جا منفي يا مثبت اثر
سندن اولاد تي پوندا آھن. انھن جي اولاد پوءِ ٻن مختلف رستن تي ھلڻ لڳندي آھي.
ان ڪري
پنھنجي ايندڙ نسلن کي بچائڻ لاءِ اسان جي نوجوان نسل کي ھمٿ ڌارڻي پوندي، کين
ھنرمند ٿيڻو پوندو، سرڪاري نوڪريءَ جا متبادل ڳولھڻا پوندا.
واڪا
ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو....
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو