Monday, August 31, 2026

ممتاز مھر جي آتم ڪٿا ڪتاب ”ڀُلي نہ بيھ بازار ۾“ مان ٽڪرو

ھونئن بہ نفسياتدانن جو چوڻ آھي تہ ذھن جي دنيا تمام پراسرار آھي، بيمار ذھن وارو ماڻھو انيڪ روڳن ۾ ڦاٿل ھوندو آھي. جڏھن تہ صحتمند ذھن وارو ماڻھو پاڻ نہ رڳو خوش گذاريندو آھي پر ڪڏھن بہ پاڻ کي پوڙھو نہ سمجھندو آھي. ڪنھن کي منھنجي ڳالھ وڻي يا نہ وڻي مون پاڻ کي ڪڏھن بہ پوڙھو نہ سمجھيو آھي ۽ انڊيا جي فلمي ادڪار ديوآنند 
وارو لائيف اسٽائيل اپنايو اٿم ”ابھي تو مين جوان ھون 

Sunday, August 30, 2026

قمرشھباز جي شاعريءَ مان چونڊ، دل کي ڇھندڙ خيال



منهنجي مَن جو ميرو پاڻي، اُجلو تنهنجو تن!

منهنجي مَن جو ميرو پاڻي، اُجلو تنهنجو تن!

پلڪون پنڇي بنجي مون کان اڏريو هاءِ وڃن...

گهائل بادل، ڇا لئه پاڳل، تنهنجا نيڻ ٽمن؟...

تنهنجون يادون، جهوُنجهڪڙي ۾، جڳنو ٿي جرڪن...

جاڳي جاڳي، وياڪل راڳي، تنهنجا گيت روئن...

وارَ وارَ سان هار اسان ئي ماڻي آهي سجن...

Friday, August 28, 2026

ٻہ قومي نظريو

 


پاڻ جنھن معاشري جا رھواسي آھيون اتي جيڪڏھن ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جي مالڪي ڪندڙن جي ٿاڦيل قائدن، قانونن وانگر پنھنجو پاڻ کي سڌائيءَ ۾ نہ ٿا آڻيو ۽ ڪا الٽي اک ٿا ڌاريون، ڪو سوال ٿا اٿاريون، ڪن ظالماڻين روين جي مذمت ٿا ڪريون يا مخالفت ٿا ڪريون يا اختلاف ٿا رکون تہ پوءِ پاڻ سڀ خداداد مملڪت الباڪستان جا غدار، دشمن جا ايجنٽ، ڪافر، مرتد، منافق، قابل نفرت انسانن منجھ ڳڻيا وينداسين. ھن ملڪ جو ھڪ لکيل آئين ۽ منشور آھي، ان متعلق آمر اھو چوندا رھيا آھن تہ اھو ڪاغذ جو ٽڪرو آھي ۽ اسين جڏھن چاھيون ان کي لتاڙي، چيري ڦاڙي سگھون ٿا. ھو بلڪل صحيح ٿا چون يارن ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي ھيل تائين ائين ئي تہ ڪيو آھي. ٻيو سندن ھڪ اڻ لکيل قانون آھن، جيڪو ملڪ تي لاڳو آھي. ھي خدا جا بندا ملائڪن واريون صفتون رکندا آھن سندن ھر ماڻھوءَ تي نظر ھوندي آھي پر اھي ڪنھن کي نظر ناھن ايندا. ڏينھن جو تہ ھرڪو ڏسندو آھي کين اللھ سائين اھڙيون تيز نظرون ڏنيون آھن تہ رات جي اونداھي ۾ پڻ کين ننڍي کان ننڍي ڪک پن جي چر پر نظر ايندي آھي. حقيقت ۾ اھو ئي تہ ٻہ قومي نظريو آھي.
 منشي ابراھيم چيو ھو ”نہ تن بدليا، نہ من بدليا، نہ بدليو ڪو نظام ھن ملڪ ۾ رڳو بدن بدليا.“ دئور سڌي سنئين آمريت وارو ھجي، نام نھاد جمھوريت جو ھجي، ڪڏھن ظاھر ظاھر ڪڏھن لڪ ڇپ ۾ ٿيندو اھو ئي آھي جيڪي نقاب پوش ملائڪ چاھيندا آھن. دنيا اندر ملڪن جون فوجون ھونديون آھن جيڪي پنھنجي ملڪ جي دفاغ لاءِ پوري سال جا چوويھ ڪلاڪ سرحدن تي ويھي پھرو ڏيندا آھن ۽ ھي اسان جو وطن آھي جيڪو جھڙوڪر فوج جو ملڪ آھي.  انھن جا ڪاروبار آھن، انھن کي بھترين رھائش جو سھولتون مليل آھن، وٽن صحت ۽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي سطح  جي معيار جا ادار جڙيل آھن، انھن پنھنجو فول پروف تحفظ جو انتظام ڪري رکيو آھي، ڪنھن پکيءَ کي اجازت ناھي تہ ھو سندن علائقي مان ڪا اڏام ڪري سگھي.ڪنھن دل جلي ڪيترو نہ سچ چيو ھو؛ يہ وطن تمھارا ھي، ھم ھين خوامخواھ اس ۾“ سو انھن جو وطن آھي، وٽن طاقت آھي، بندوق آھي، اھي ئي فيصلو ڪندا آھن تہ ڪنھن کي جيئرو رھڻ گھرجي، ڪنھن کي مرڻ گھرجي، ڪنھن کي ڪرسي ڏجي ڪنھن کي لاھجي، ڪنھن کي جيل ۾ واڙجي ڪنھن کي ڦاسي ڏجي، ڪنھن کي گولين سان پروڻ ڪجي!

ھيٺين ڪورٽن کان وٺي ملڪ جي اعلى ترين سپريم ڪورٽ تائين جيڪي جج آھن اھي سندن چيچن جي اشارن تي اٿندا ويھندا آھن، ڪنھن کي ڪھڙي مجال آھي جو اھي سندن ڏنل گائيڊ لائين کان پاسيرو ٿي ھلي، ان کي عبرت جو نشان بڻائيندي دير ئي ناھن ڪندا.
بس ھڪ تمام وڏي غلطي اسان کان اھي ٿي ويئي آھي تہ پاڻ ھن ملڪ ۾ ڄاوا آھيون ۽ ھاڻي اھڙي غلطيءَ جي سزا لوڙيون پيا.  

ڪاليجن اندر اڳواڻيءَ جو بحران

 ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ يا انھن ادارن ۾ جتي پيرڊ سسٽم رائج آھي اتي ھڪ استاد جو اھم ڪم آھي کيس مليل ڪلاس وٺڻ ۽ ڪلاس ۾ تعليمي ماحول پيدا ڪري سکيا جاري رکڻ. ھڪ قابل پروفيسر جيڪو کيس مليل پيرڊ مان ڪڏھن بہ غير حاضر رھندو ناھي، اھو جيڪڏھن ڪن مجبورين، مشڪلاتن يا رستي ۾ رونما ٿيندڙ واقعن ڪري اداري ۾ دير سوير پھچي ٿو يا نہ ٿو پھچي سگھي تہ ڪھڙو نقصان ٿيندو؟ پروفيسرن کي فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن وانگر ھلائڻ ۾ ڪھڙي تعليم دوستي آھي؟ مان جڏھن گورنمنٽ ممتاز حسين ڏھر ڊگري ڪاليج اوٻاوڙي ۾ پرنسپل ھئم تہ منھنجو ھڪ مئٿ جو قابل استاد وڏو خرچ ڪري پني عاقل کان اوٻاوڙي روزاني اچ وڃ ڪري اچي ڪلاس وٺندو ھو، مون کيس اجازت ڏيئي ڇڏي ھئي تہ اوھان جو دير يا سوير اچڻ ڪو مسئلو ناھي ڇوتہ اوھان پنھنجو ڪلاس ڪنھن مذھبي فرض جيان وٺو ٿا. تعليمي ادارن ۾ اھو اسٽيريو ٽائيپ رجحان پيدا ڪيو ويو آھي جنھن کي اسان جا روائتي عملدار ريگيولرٽي ۽ پنڪچوئلٽي جھڙن رٽيل محاورن سان ورجائيندا رھندا آھن. مان جڏھن اسلاميا آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر ۾ ھئس ۽ ھڪ ڏينھن پنھنجو ڪلاس وٺي ٿورو وقت کان اڳ ڪاليج مان نڪتو ھوم تہ مون کي منھنجي مھربان پرنسپل ٻئي ڏينھن تي شوڪاز نوٽيس ڏنو ھو تہ بنا سندس اجازت جي مان ھليو ڇو ويو ھوم. ھن منھنجي اڳيان ئي ھڪ ٻئي سينئر استاد جي اھو چئي نيڪي پئي ڪئي تہ ھن کي ڏسو جڏھن بہ ويندو آھي تہ مون کي اطلاع ڪري ويندو آھي ياد رھي تہ ان سينئر کي مون ڪڏھن ڪلاس وٺندي ڪونہ ڏٺو ھو. اسان جو ھڪ تمام گھڻو ايماندر پرنسپل ڪاليج جي ڪلاسن جي مانيٽرنگ کان ائين وئون ويندو ھو جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان، سڄو ڏينھن پرنسپل آفيس ۾ ويھي اجايون انڪوائريءَ وارو ڪالون پاڻ اٽينڊ ڪندو ھو، ٻيو منھنجو ھڪ پيارو پرنسپل ھو جنھن اچڻ سان پوري پڙھائيندڙ فيڪلٽيءَ سان پنگو شروع ڪيو ھو ۽ اھو پنگو سندس رٽائر منٽ تائين ھلندو ھليو ھو. اسلاميا آرٽس ۽ ڪامرس سکر اندر جيڪا شاندار لئبرري ھئي ان مان شاگردن کي ڪتاب ڪونہ ڏنا ويندا ھئا، ڪمپيوٽر ليب بس ڏيکاءُ خاطر جڙيل ھئا. مان سائنس ڪاليج ۾ ناھيا رھيو ان ڪري انھن جي سائنسي ليبارٽرين جي باري ۾ ڪا راءِ نہ ٿو رکان باقي اسان واري ڪمپيوٽر ليب ۾ انٽرنيٽ جي سھولت پڻ ڪونہ ھوندي ھئي.

اسان کي ھڪ اڌ ڇڏي باقي جيڪي ريجنل ڊاريڪٽر مٿي ۾ لڳا خدا جي پناھ، مڪمل نموني تعليمي عمل جي واڌاري يا سڌاري وارن ڪمن کان ڪوھين پري بيٺل بس رڳو مايا، يا موھ جي ڪڍ پنھنجو ۽ پوري ريجن جو وقت برباد ڪري ھليا ويا. تعليم واري شعبي جي ڪرتا ڌرتائن کي گھرجي تہ تعليمي ادارن جي ترقيءَ جا حقيقي سبب ۽ حل ڳولھي، ڪاليجن، اسڪولن، يونيورسٽين جا سربراھ سياسي ڪارندن پاران ٿاڦيل جاھلن بدران ڪي ڄاڻو ۽ ماھر مقرر ڪيا وڃن، تعليمي ادارن اندر تعليمي ماحول جي آبياري ڪئي وڃي، نام نھاد ريگيولرٽي ۽ پنڪچولٽيءَ تي زور ڏيڻ بدران شاگردن جي سکيا تي فوڪس ھئڻ گھرجي.

Friday, August 21, 2026

غداري


 اڻ لکي نموني جيڪا لازمي زبان بندي اسان عام ماڻھن لاءِ آھي، اسان جا ڊنگ سياستدانن جي وري ساڳي زبان بندي سندن اپاھج بڻيل اڳواڻن سامھون ھوندي آھي، عام ماڻھن جي سامھون اھي ڪنھن کي ڳالھائڻ ئي ناھن ڏيندا پر سندن اڳواڻن سامھون سندن سموري مردانگي دونھون بڻجي اڏري ويندي آھي. ھونئن تہ مرسون مرسون سنڌ نہ ڏيسون جا نعرا ھڻي، سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري، شھيدن جو وارث سڏائي ووٽ حاصل ڪندا آھن پر جڏھن سندن جھونو يا جوان جيڪو ذھني طور نابالغ اڳواڻ آھي اھو اول فول ڳالھائيندو آھي تہ مجال آھي ڪنھن سردار، مائي جي لال، خان بھادر، خوابن جي شھزادن کي تہ لفظ بہ ڪڇن!

کين سمجھڻ گھرجي تہ سندن سموري لئي، سنڌي ماڻھن جي کين ڏنل ووٽن جي ڪري آھي ۽ اوھان وري سنڌ دشمن ماڻھن سان ملي سنڌي قوم ۽ عوام خلاف سازشن جو حصو بڻجو ٿا! افسوس، نائون مل بہ سنڌ جو وڏو سيٺيو ھيو، جنھن انگريزن سان ملي سنڌ جي غلاميءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ھو، ايوب کھڙي ۽ علي محمد راشدي جھڙا غدار بہ ھن ڌرتيءَ تي پيدا ٿيا ھيا جن ون يونٽ جي ڪاري رات سنڌ مٿان مڙھي ھئي، اھي سڀ ڪک پن ٿي ويا، تاريخ جي ڊسٽ بن جو حصو بڻيا، جيستائين ڌرتي ڄاوا ھوندا مٿن لعنتون وسائيندا رھندا.
.جيڪڏھن اوھان پڻ ساڳيو ڪردار ادا ڪيو تہ پوءِ اوھانجو حشر پڻ انھن کان مختلف نہ ٿيندو.

Saturday, August 15, 2026

 ڪاش مان ڪنهن انسان جو مهاڻڊو ڏسي ان کي پڙهي سندس متعلق سموري ڄاڻ سمجهي سگهان ها. مان چهره شناس ناهيان پر ڪي ڪي مهانڊا، چهري تي آيل گهنج، اکڙين جي اداسي، چپن تان رسي ويل مرڪ سڀ ڪجهه سڻائي، ٻڌائي ۽ ڏيکاري ڇڏيندا آهن.


بظاھر عام ڳالھ درحقيقت تمام ڏکيو ڪم


جيڪڏهن غريبن کي الله سائين مت ڏئي, اهي هڪ ٻئي سان رڳو وڙهڻ ڇڏي ڏين تہ ٿاڻن، ڪورٽن، وڪيلن،ججن، جرڳائي وڏيرن، نسل، مسلڪ، ذات پات، علائقي جي نالي سياست ڪندڙ سياستدانن جا سمورا دڪان بند ٿي وڃن... بس شرط رڳو هيءُ آهي تہ غريب، مسڪين، پورهيت، ھاري مذدور هڪ ٻئي سان وڙهڻ بند ڪن