Friday, August 28, 2026

ٻہ قومي نظريو

 


پاڻ جنھن معاشري جا رھواسي آھيون اتي جيڪڏھن ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جي مالڪي ڪندڙن جي ٿاڦيل قائدن، قانونن وانگر پنھنجو پاڻ کي سڌائيءَ ۾ نہ ٿا آڻيو ۽ ڪا الٽي اک ٿا ڌاريون، ڪو سوال ٿا اٿاريون، ڪن ظالماڻين روين جي مذمت ٿا ڪريون يا مخالفت ٿا ڪريون يا اختلاف ٿا رکون تہ پوءِ پاڻ سڀ خداداد مملڪت الباڪستان جا غدار، دشمن جا ايجنٽ، ڪافر، مرتد، منافق، قابل نفرت انسانن منجھ ڳڻيا وينداسين. ھن ملڪ جو ھڪ لکيل آئين ۽ منشور آھي، ان متعلق آمر اھو چوندا رھيا آھن تہ اھو ڪاغذ جو ٽڪرو آھي ۽ اسين جڏھن چاھيون ان کي لتاڙي، چيري ڦاڙي سگھون ٿا. ھو بلڪل صحيح ٿا چون يارن ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي ھيل تائين ائين ئي تہ ڪيو آھي. ٻيو سندن ھڪ اڻ لکيل قانون آھن، جيڪو ملڪ تي لاڳو آھي. ھي خدا جا بندا ملائڪن واريون صفتون رکندا آھن سندن ھر ماڻھوءَ تي نظر ھوندي آھي پر اھي ڪنھن کي نظر ناھن ايندا. ڏينھن جو تہ ھرڪو ڏسندو آھي کين اللھ سائين اھڙيون تيز نظرون ڏنيون آھن تہ رات جي اونداھي ۾ پڻ کين ننڍي کان ننڍي ڪک پن جي چر پر نظر ايندي آھي. حقيقت ۾ اھو ئي تہ ٻہ قومي نظريو آھي.
 منشي ابراھيم چيو ھو ”نہ تن بدليا، نہ من بدليا، نہ بدليو ڪو نظام ھن ملڪ ۾ رڳو بدن بدليا.“ دئور سڌي سنئين آمريت وارو ھجي، نام نھاد جمھوريت جو ھجي، ڪڏھن ظاھر ظاھر ڪڏھن لڪ ڇپ ۾ ٿيندو اھو ئي آھي جيڪي نقاب پوش ملائڪ چاھيندا آھن. دنيا اندر ملڪن جون فوجون ھونديون آھن جيڪي پنھنجي ملڪ جي دفاغ لاءِ پوري سال جا چوويھ ڪلاڪ سرحدن تي ويھي پھرو ڏيندا آھن ۽ ھي اسان جو وطن آھي جيڪو جھڙوڪر فوج جو ملڪ آھي.  انھن جا ڪاروبار آھن، انھن کي بھترين رھائش جو سھولتون مليل آھن، وٽن صحت ۽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي سطح  جي معيار جا ادار جڙيل آھن، انھن پنھنجو فول پروف تحفظ جو انتظام ڪري رکيو آھي، ڪنھن پکيءَ کي اجازت ناھي تہ ھو سندن علائقي مان ڪا اڏام ڪري سگھي.ڪنھن دل جلي ڪيترو نہ سچ چيو ھو؛ يہ وطن تمھارا ھي، ھم ھين خوامخواھ اس ۾“ سو انھن جو وطن آھي، وٽن طاقت آھي، بندوق آھي، اھي ئي فيصلو ڪندا آھن تہ ڪنھن کي جيئرو رھڻ گھرجي، ڪنھن کي مرڻ گھرجي، ڪنھن کي ڪرسي ڏجي ڪنھن کي لاھجي، ڪنھن کي جيل ۾ واڙجي ڪنھن کي ڦاسي ڏجي، ڪنھن کي گولين سان پروڻ ڪجي!

ھيٺين ڪورٽن کان وٺي ملڪ جي اعلى ترين سپريم ڪورٽ تائين جيڪي جج آھن اھي سندن چيچن جي اشارن تي اٿندا ويھندا آھن، ڪنھن کي ڪھڙي مجال آھي جو اھي سندن ڏنل گائيڊ لائين کان پاسيرو ٿي ھلي، ان کي عبرت جو نشان بڻائيندي دير ئي ناھن ڪندا.
بس ھڪ تمام وڏي غلطي اسان کان اھي ٿي ويئي آھي تہ پاڻ ھن ملڪ ۾ ڄاوا آھيون ۽ ھاڻي اھڙي غلطيءَ جي سزا لوڙيون پيا.  

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو