اڻ لکي نموني جيڪا لازمي زبان بندي اسان عام ماڻھن لاءِ آھي، اسان جا ڊنگ سياستدانن جي وري ساڳي زبان بندي سندن اپاھج بڻيل اڳواڻن سامھون ھوندي آھي، عام ماڻھن جي سامھون اھي ڪنھن کي ڳالھائڻ ئي ناھن ڏيندا پر سندن اڳواڻن سامھون سندن سموري مردانگي دونھون بڻجي اڏري ويندي آھي. ھونئن تہ مرسون مرسون سنڌ نہ ڏيسون جا نعرا ھڻي، سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري، شھيدن جو وارث سڏائي ووٽ حاصل ڪندا آھن پر جڏھن سندن جھونو يا جوان جيڪو ذھني طور نابالغ اڳواڻ آھي اھو اول فول ڳالھائيندو آھي تہ مجال آھي ڪنھن سردار، مائي جي لال، خان بھادر، خوابن جي شھزادن کي تہ لفظ بہ ڪڇن!کين سمجھڻ گھرجي تہ سندن سموري لئي، سنڌي ماڻھن جي کين ڏنل ووٽن جي ڪري آھي ۽ اوھان وري سنڌ دشمن ماڻھن سان ملي سنڌي قوم ۽ عوام خلاف سازشن جو حصو بڻجو ٿا! افسوس، نائون مل بہ سنڌ جو وڏو سيٺيو ھيو، جنھن انگريزن سان ملي سنڌ جي غلاميءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ھو، ايوب کھڙي ۽ علي محمد راشدي جھڙا غدار بہ ھن ڌرتيءَ تي پيدا ٿيا ھيا جن ون يونٽ جي ڪاري رات سنڌ مٿان مڙھي ھئي، اھي سڀ ڪک پن ٿي ويا، تاريخ جي ڊسٽ بن جو حصو بڻيا، جيستائين ڌرتي ڄاوا ھوندا مٿن لعنتون وسائيندا رھندا..جيڪڏھن اوھان پڻ ساڳيو ڪردار ادا ڪيو تہ پوءِ اوھانجو حشر پڻ انھن کان مختلف نہ ٿيندو.
امير گل ڪٽوهر جو بلاگ Amir Gul Katohar's Blog
Friday, August 21, 2026
غداري
تبصرن جا اطلاع حاصل ڪرڻ لاءِ:
هتي ڪلڪ ڪريو

No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو