آھ غلام عباس ڪلادي بـ وڇڙي ويو
گل ڪٽوھر
9 اپريل 2025ع جي ڏھاڙي تي ڪامريڊ غلام
عباس ڪلاديءَ ڳڙدن جي بيماريءَ سان وڙھندي وڙھندي نيٺ زندگيءَ جي جنگ ھارائي ويٺو
۽ سندس ساھ وارو پکي ڏور ڪنھن اھڙي ڏسا ۾ اڏامي ھليو ويو جتان ڪوئي موٽي ناھي
سگھيو.
مان آخري ڀيرو ساڻس 29 مارچ 25ع تي سندس
ڳوٺ سندس گھر وڃي ملاقات ڪئي ھئي. ان موقعي تي مون فيس بوڪ تي غلام عباس ڪلاديءَ
لاءِ ھڪ ننڍڙو نوٽ لکيو ھو جيڪو کيس ڏاڍو پسند آيو ھو ۽ ھن پنھنجي پٽن کي چئي اھو
مختلف سندس دوستن سان مڪو ھو. ھتي مان اھو نوٽ جيئن جو تيئن رکان پيو؛
” اڄ وري پياري دوست غلام عباس ڪلاديءَ
جي طبيعت پڇڻ سندس ڳوٺ ويو ھوم، اسان جو ھي ڪامريڊ ڊائيلسس تي ھليو ويو آھي ۽ ان
عمل کيس تمام گهڻو نٻل ڪري وڌو آھي. اڳئين دفعي ساڻس مليو ھوم تـ سندس ڪلاسيڪل
اوطاق ۾ ڪچھري کان پوءِ اسڪول ۾ سانجھاندو ڪيو ھوسين ۽ عباس راڳ رنگ جي محفل مچائي
ھئي جنھن ۾ گل بھار ڪلادي، حيدري رڏ ۽ کوکر فقير پنھنجو رنگ ڄمايو ھو. ھن دفعي
اوطاق بدران گهر جي ڪمري ۾ گهرايو ھئائين جتي ٿوري دير بعد اسان جو پراڻو ساٿي
پنھنجي نوعيت جو ھڪ انوکو انسان حڪيم علي نواز جسڪاڻي پنھنجن نوجوان پٽن سميت سندس
طبيعت پڇڻ آيو ھو. مون غلام عباس ڪلادي کي پھريون ڀيرو شايد (پڪ ناھي) اسي واري
ڏھاڪي ۾ سائين علي نواز جسڪاڻي سان گڏ ڏٺو ھو جڏھن اھي ٻئي ڄڻا شادي شھيد روڊ تي
برادرم شاھنواز جي رھائش گاھ راڄپر منزل تي ڪنھن ميٽنگ يا رکيل ڪنھن پروگرام کي
اٽينڊ ڪرڻ آيا ھئا جيڪو انوقت اسان جو ھيڊ ڪوارٽر بڻيل ھو. گورو چٽو، گُھنڊيدار
گھاٽا وار، ڀريل بت صفا ڪوھ ڪاف جو شھزادو لڳو ھو مون کي. غلام عباس ڪلادي پنھنجو
ھڪ قصو ٻڌائيندو آھي تـ ھڪ دفعي ھو روڊ سان وڃي رھيو ھو تـ ھڪ ڪار سندس ويجھو اچي
بريڪ ھڻي کانئس پڇا ڪئي ھئي تـ ”ڏي خبر اھا وگ ڪٿان ۽ ڪيتري ۾ خريد ڪئي اٿئي؟“
غلام عباس کين ٻڌايو ھو تـ اھا ڪا وگ ناھي پر منھنجا اصلي وار آھن ۽ انھن کي
تيستائين يقين نـ آيو ھو جيستائين سندس وارن ۾ ھٿ وجھي ان کي اٿلائي پٿلائي ۽ ڇڪون
نـ ڏنيون ھيون. غلام عباس ڪلاديءَ پھريون ڀيرو مان گورنمنٽ سپريئر سائنس ڪاليج ۾
سنڌي شاگرد تحريڪ جي يونٽ پاران نون آيل شاگردن جي مان ۾ آجيان واري پروگرام ۾
ڳالھائڻ لاءِ اسٽيج تي آندو ھو تـ سندس ٽنگون ڏڪي رھيون ھيون ۽ سندس وات مان لفظ
نـ پئي نڪتا ۽ مان اسٽيج تي سندس ڀرسان ويٺو ھوم ۽ کيس دڙڪا سڙڪا ڏيئي دل ٻڌرائي ھئم.
اھو ساڳيو غلام عباس ڪلادي بعد ۾ غضب جو مقرر ٿي اڀريو ھو. 1983ع جي ايم آر ڊي
تحريڪ ۾ گرفتار ٿيندڙ ننڍي عمر جي قيدين ۾ سندس شمار ٿيندو ھو ۽ ٻارڙن جي وارڊ کان
بچي بالغن جي وارڊ ۾ شفٽ ٿيڻ لاءِ غلام عباس کي پنھنجي ڏاڙھي وڌائڻي پئي ھئي. جيل
جي ماحول اسان جي ھنن ڪامريڊن کي پچائي راس ڪري ٻاھر موڪليو ھو ۽ نـ ڪا راتيان نـ
ڪا ڏينھن جي مصداق غلام عباس ڪلادي پنھنجن ٻين ساٿين سان پنھنجي ڌرتي ۽ مارو ماڻھن
جي قومي ۽ اقتصادي آجبي جي راھن تي جو راھي ٿيو ھو تـ ڪڏھن لوڻو ھڻي پوئتي نـ
نھاريو ھئائين. جيل مان آزادي بعد مون پنھنجي ڳوٺ سندس مان ۾ ھڪ آجياڻو رکيو ھو
جنھن ۾ اسان پنھنجي تر جي مشھور ڪلاڪار سائين گلشن زنگيجي کي راڳ رنگ جي محفل
مچائڻ لاءِ مدعو ڪيو ھو. ھا پر افسوس تـ ان ڏھاڙي کيس مليريا جي سخت حملي نھوڙي
وڌو ھو ۽ يار الٽين مٿان الٽيون ڪري رھيو ھو. بھرحال عباس جھڙو تھڙو ان محفل کي
جاري رکڻ جي اجازت ڏني ھئي. اڳتي ھلي ڪري جڏھن پارٽيءَ ۾ ڌڙا بندي ٿي ھئي ۽ چوويھ
ڪلاڪ گڏ گھمندڙ ساٿي ھڪ ٻئي جا جھڙوڪر جاني دشمن ٿي پيا ھئا تـ مان ان سياست کان
ئي پاسيرو ٿي ويو ھوم. ھڪ دفعي خيرپور جي ڦول باغ وٽ غلام عباس ڪلادي مون کي مليو
ھو ۽ مون کيس نماڻي اپيل ڪئي ھئي ھئي تـ يار اسان سڀني کي ايترو اڳتي وڌي نـ وڃڻ
گھرجي تـ اسين پوءِ ھڪ ٻئي سان ھٿ بـ ملائي نـ سگھون ۽ مون پنھنجي ذاتي تجربن جي
آڌار تي کيس اھو پڻ چيو ھو تـ يار اسان جن ڳالھين کي تمام گهڻو مقدس ۽ انقلابي ٿا
سمجھون اصل ۾ اھي ائين ناھن. ان تي عباس مون تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي مون کي
منافق چيو ھو ۽ چيو ھئائين تـ تنھنجي پاليسي زھر قاتل آھي. ھن پنھنجي ور مان پسٽل
ڪڍي مون کي ڏيکاريندي چيو ھو تـ ڀلي يار مون کي مارڻ اچن مان بـ پھريون ڪجھ ليٽائي
پوءِ ئي مرندس. مون کيس گذارش ڪئي ھئي تـ مان توکي قطعي اھو نـ ٿو چوان تـ توتي
حملو ٿئي تـ تون خاموش ٿي ويھي رھ بس اھو سمجھ تـ ھي راند رچائڻ وارا، جيڪي پنھنجي
ساڻن گڏ ڪم ڪرڻ وارن سان سچا ناھن ڌرتيءَ وارن لاءِ ڪھڙو ٻوٽو ٻاريندا. بھرحال اھي
منھنجون ذاتي سوچون ھيون جيڪي مون ڪڏھن بـ ڪنھن تي نـ مڙھيون، مون سوچيو ھو تـ وقت
۽ حالتون اسان سڀني کي پاڻيھي سبق سيکاريندو ۽ پوءِ اسان ڏٺو تـ انقلاب خاطر
پارٽيءَ جي اڳواڻ ٿيڻ لاءِ پيءُ ۽ پٽ وچ ۾ ميدان جو متو ھو ٿـ اڄ سوڌو ھلندڙ آھي.
خير غلام عباس ڪلادي کي ڪا سرڪاري نوڪري تـ نـ ملي پر يار پنھنجي تڪ جي وڏي
سياستدان جناب منظور حسين وساڻ سان تمام گهڻو ويجھو رھيو ۽ ڪيترن سالن تائين وساڻ
ھائوس جو انچارج رھيو. ھو ان جاءِ تي رھيو جتي پئيسي ڏوڪڙن جي وڏي راند رچندي ھئي
پر يار پنھنجو دامن صاف رکيو ۽ ڪڏھن بـ مالڪن جي ھڪ روپئي تي ميري نظر نـ رکيائين
ھا جيڪو مالڪ پنھنجي دل جان سان ڏيندا ھئا ان کي ئي حلال سمجھي پنھنجو گذران ڪندو
ھو. ھڪ پاسي غلام عباس ڪلادي جا منظور وساڻ توڙي ادي نفيسـ شاھ صاحبـ سان ويجھا
واسطا ھئا پر ھن پنھنجي مدر پارٽي عوامي تحريڪ مان ھڪ منٽ لاءِ بـ واسطا نـ ٽوڙيا
ھئا ۽ اھا خبر وساڻ صاحب کي پڻ ھئي. اڄ يار بيماري جي بستري تي ھوندي بـ سنڌوءَ
مٿان جڙندڙ واھن خلاف سنڌي ماڻھن جي جدوجھد کي ساراھي رھيو ھو ۽ اتساھ پئي
ڏيکاريائين تـ انشاءَ اللھ اھا ويڙھ ڪامياب ٿيندي..
شل جلد مڪمل صحت منديءَ سان وڏي ڄمار
ماڻي وري ساڳي جوش ۽ جذبي سان پنھنجو سياسي ڪم ڪار شروع ڪري“.
غلام عباس ڪلاديءَ جو والد صاحب چاچو
غلام رسول ڪلادي ھڪ ڪلاسيڪل قسم جو انسان ھو، نرم مزاج، محبتي، کل مک ۽ پنھنجي
اٿاويٺي ۽ سڀاءُ ۾ محبتون وکيريندڙ، جڏھن بـ ملندو ھو تـ گلاب جي گل جيان ٽڙي
پوندو ھو. چاچي غلام رسول ڪلاديءَ جا سمورا گڻ سندس اولاد ۾ پڻ شامل ٿيل آھن. غلام
عباس ڪلادي ان معاملي ۾ سڀني کان اڳڀرو ان ڪري بـ رھيو ڇوتـ زندگيءَ جي راھن تي
مليل سنگت کيس لوھ مان سون ۽ سون مان ڪندن بڻائڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو ھو. چاچو
جيڪو پروٽوڪول پنھنجن سڳن پٽن غلام اصغر ڪلادي، غلام عباس ڪلادي، غلام مصطفى ڪلادي
کي ڏيندو ھو مون کي سندن ڇوٿون ڀاءُ سمجھي ساڳي عزت ۽ توقير ڏيندو ھو ۽ سندس ٽيئي
پٽ پڻ مون کي پنھنجي وڏي ڀاءُ وانگر ڀائيندا رھيا آھن. افسوس تـ ان لڙيءَ مان چاچي
غلام رسول سان گڏ سندس پيارو پٽ غلام عباس ڪلادي بـ نـ رھيو. سندس وڇوڙو منھنجو
پنھنجو وڏو ذاتي نقصان آھي.
”سي جيءَ جيارا ماڻھو ھا، سي سڀ کان پيارا ماڻھو ھا،
جن ساھ ڏيئي ويساھ ڏنو، جي دل ۾
دود دکائي ويا.“
غلام عباس ڪلادي پنھنجي عمر جي
حساب کان گهڻو اڳ ھليو ويو، پر ھن جيڪا بـ حياتي گذاري اھا ڀرپورھئي. صوفي راڳين
سان سالڪن جا ڪلام ڳائيندي ۽ ٻڌندي، سچل ماڊل اسڪول ڪنب ۾ ٻارڙن کي پڙھائيندي،
سياسي ميٽنگون، تقريرون، ليڪچر، جلسا، جلوس، مارچ ڪندي ھو ڪا گهڙي خاموش ڪونـ ويٺو
ھو.
”ڪڏھن محبت ڪاڻ محفل ۾، ڪڏھن لوڪ لاءِ مقتل ۾، ٿي پيار ۾ پتي پتي ھوندي، ھا
اھا منھنجي زندگي ھوندي.“
غلام عباس ڪلاديءَ کي موالين جي سنگت مان ڪڍي سياسي راھ ڏيکارڻ وارو ڊاڪٽر
علي نواز جسڪاڻي ھو، ۽ ان ڪم ۾ ڪليدي ڪردار سائين ڪرم حسين وساڻ صاحب جن جو ھو ۽
ساڻس منھنجو سنگ تڏھن جڙيو ھو جڏھن ھو اڃا ڳاڙھو ڳٽول ڳڀرو جوان ھو ۽ سپريئر سائنس
ڪاليج خيرپور ۾ فرسٽ ايئر جو شاگرد بڻيو ھو. گھاٽا سھڻا وار سندس سونھن جي علامت
ھوندا ھئا. غلام عباس ڪلادي پنھنجي ننڍڙي وھيءَ ۾ 1983ع واري ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾
گرفتاري پيش ڪري سکر سينٽرل جيل جي زندانن ۾ رھڻ جو اعزاز پڻ ماڻيو ھو. ان زماني ۾
اھي جيل خانان علم، عقل، سياست، ڏاھپ جون يونيورسٽين جو روپ ڌاري چڪيون ھيون. اتي
مختلف سياسي پارٽين جي ڪارڪنن جي وچ ۾ بحث مباحثا، ڪتابن جون گڏيل پڙھايون، ليڪچر
پروگرام روز جو معمول بڻيل ھوندو ھو. غلام عباس ڪلادي انھن انسانن مان ھو جن جي
لاءِ لطيف سائين فرمايو ھو تـ
الست بربڪم جڏھن ڪن پيوم،
قالو بلا قلب سين تڏھن تت چيوم،
تنھن وير ڪيوم وچن ويڙھيچن سين.
ھو جن راھن تي ھليو ھلندو ئي رھيو پنھنجي زندگيءَ جي آخري ساھن تائين، ھن
ڪڏھن مڙي پوئتي ڪونـ ڏٺو بس ھلندو ھليو، پنھنجي عشق سان نڀائيندو ھليو. ساڻس ڪيل
آخري ڪچھرين ۾ سنڌوءَ تي اڏجندڙ ڪينالن ۽ انھن خلاف مزاحمتي تحريڪ جو ئي ذڪر ھلندو
ھو.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو