ڇوليون
گل ڪٽوھر
عظيم ڪوي، فلمساز،
هدايتڪار ۽ ميوزڪ جي ڄاڻو گلزار پنھنجي نالي وانگر نـ رڳو گلزار آھي پر گل وَ
گلزار آھي. گلزار جو اصل نالو سمپورن سنگھ ڪالرا آھي جنھن پاڪستاني پنجاب جي
علائقي دينا ۾ 18 اگسٽ 1934ع ۾ جنم ورتو ھو ۽ پاڪستان جي آزادي بعد تاريخ جي وڏي ۽
بي رحم قتل عام ڪري سندس گهراڻو ٻين ھزارين سک گهراڻن وانگر پنھنجو ديس ڇڏي
ھندستان ھليا ويا ھيا. گلزار جي شاعريءَ مان اھو ڏک اڃا تائين رت وانگر ڳڙندو
رھندو آھي.
صبح صبح اک
خواب کی دستک پر دروازہ کھولا' دیکھا
سرحد کے اس
پار سے کچھ مہمان آئے ہیں
آنکھوں سے
مانوس تھے سارے
چہرے سارے
سنے سنائے
پاؤں
دھوئے، ہاتھ دھلائے
آنگن میں
آسن لگوائے
اور تنور
پہ مکی کے کچھ موٹے موٹے روٹ پکائے
پوٹلی میں
مہمان مرے
پچھلے
سالوں کی فصلوں کا گڑ لائے تھے
آنکھ کھلی
تو دیکھا گھر میں کوئی نہیں تھا
ہاتھ لگا
کر دیکھا تو تنور ابھی تک بجھا نہیں تھا
اور ہونٹوں
پر میٹھے گڑ کا ذائقہ اب تک چپک رہا تھا
خواب تھا
شاید!
خواب ہی
ہوگا!!
سرحد پر کل
رات، سنا ہے ،چلی تھی گول
سرحد پر کل
رات، سنا ہے
کچھ خوابوں
کا خون ہوا تھا!
پر مان اڄ سندس شاعريءَ تي ڳالھائڻ بدران سندس فلم ميڪنگ ۾ ڪيل معجزن تي
ڳالھائڻ ٿو گھران. گلزار فلمن
لاءِ دل کي ڇھندڙ ڪلام لکيا، فلم جي ڪھاڻين ذريعي دل جي احساسن کي پردي تي آندو،
معاشرتي تضادن ۽ سياسي گھوٽالن کي ڪاريگراڻي انداز سان پيش ڪيو، سماجي مونجھارن کي
وائکو ڪيو. سندس ڪيريئر ۾
اجازت، معصوم، ماچس،
ردالي سان گڌ ٻيون انيڪ ڪامياب فلمون، حضرت غالب تي جوڙيل شاندار سيريز، منشي پريم چند جي
ڪھاڻين وارا ڊراما وغيرھ اچي وڃن ٿا.
اڄ ھتي مان سندس لکيل ۽ ھدايتڪاري ۾ جوڙيل فلم ”ڪوشش“ جو جائزو پيش ٿو
ڪيان. ڪوشش جي نمائش
پھرين ڊسمبر 1972ع جي ڏينھن تي ٿي ھئي. ھن فلم ۾ مرڪزي ڪردارن ۾ سنجيوُ ڪمار، جيا بچن،
اوم شِوَ پوري، اسراني، دينا پاٺڪ جن ھيا. ھن فلم 1974ع فلم فيئر ايوارڊ ۾بھترين
ڪھاڻيڪار (گلزار)، بھترين اداڪار (سنجيوُ ڪمار)، بھترين اداڪارا (جيا بچن) ۽
بھترين ھدايتڪار (گلزار) چئن ڪيٽيگرين ۾ ايوارڊ پنھنجي نالي ڪيا ھيا.
ھندي فلم انڊسٽريءَ
جيڪي بھترين اصلاحي فلمون ڏنيون آھن انھن ۾ ڪوشش کي صف اول جي فلمن ۾ ڳڻي سگهجي
ٿو. فلم جي ڪھاڻي ٻن عام انسانن جي چئوگرد ڦري ٿي جيڪي ٻڌڻ ۽ ڳالھائڻ جي صلاحيتن کان محروم آھن. فلم
۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ (سنجيو
ڪمار) گونگو ته سندس فلمي زال (جيا بچن) گونگي آهي. اهي ٻئي ڀاڳوند ڏاڍا ايماندار، مخلص،
محنتي ۽ جاکوڙي ڏيکاريا ويا آهن. فلم ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ سائيڪل تي اخبارون وڪڻندو
آھي ۽ پنھنجي ان ڪرت دئوران فلم جي ٻي مک ڪردار جيا بچن سان اوچتي ملاقات ۾ پيار
ٿي ويندو آھي ۽ ٻئي شادي ڪري ڇڏيندا آھن. فلم جو ٽيون
مک ڪردار مائيءَ جو هڪ مسٽنڊو ڀاءُ (راجستاني سنڌي گوورڌن اَسراڻي) آهي جيڪو هر
طرح فٽ فاٽ ۽ هٽو ڪٽو آهي، پر سندس پير صحيح ناهن. جوا کيڏندڙ، رنڊي بازي ڪندڙ،
شراب پيئندڙ ۽ چوري چڪاري وارا ڪم ڪندڙ آهي. بظاهر پوئين ڪردار لاءِ زندگي گذارڻ
آسان آهي ۽ مک ڪردارن کي تمام وڏا چئلينج آهن. سندن شاديءَ جي ھڪ سال
بعد پٽڙو جنم وٺندو آھي. اھو معصوم بانبڙن ڏيڻ واري عمر ۾ ھوندو آھي تـ جيا بچن جي مسٽنڊي ڀاءُ پاران پنهنجي ڀيڻ جي گھران سائيڪل
چوري ڪرڻ واري وارڌات ۾ گهر جي کليل دووازي کان ٻاھر نڪري پاڻيءَ ۾
غوطا کائي مري ويندو آھي.
ننڊ ۾ ستل سندس والدين مڪمل نموني ٻوڙا ھئڻ ڪري سندس روئڻ جو آواز ٻڌي ناھن
سگھندا. ھڪ پاسي سندن اکين جو ٺار ننڍڙو معصوم ٻار فوت ٿي ويندو آھي تـ ٻئي پاسي
اخباري ڊيلر کيس سائيڪل جي عدم موجودگيءَ کي ڪم کان جواب ڏيئي ڇڏيندو آھي. ان نموني ھنن لاءِ
زندگي تھان ڏکي ٿي پوندي آھي، پر
پوءِ به اهي دل ناهن هاريندا ۽ زندگيءَ جي ڏکيائين کي چئلينج سمجھي منهن مقابل
ٿيندا آهن. نيٺ سندن همٿ، بهادري ۽ ايمانداري رنگ لائيندي آهي ۽ اهي خوشحال زندگي گذارڻ
جي لائق ٿي ويندا آهن. کين ٻيو پٽ ڄمندو آهي ۽ اهي سندس تمام سٺي پالنا ڪندا آهن ۽
کيس سٺي تعليم جي زيور سان مالا مال ڪندا آهن. جڏهن ته جيڪو مسٽنڊو هيو اهو پوليس
مقابلي ۾ پنهنجي ٽنگ ٽوڙائي ويهندو آهي ۽ نيٺ هڪ ڏينهن شهر جي چوڪ تي بيهي پنڻ
شروع ڪندو آهي.
هن فلم مان منهنجي خيال
۾ جيڪو سبق ٿو ملي اهو هيءُ ته ماڻهون کي سماج اندر اڳتي وڌڻ، ترقي ڪرڻ، خوشحال ۽
خوشين ڀري زندگي گذارڻ لاءِ جوش جذبي سان گڏ همٿ، لڳاتار جدوجهد، ايمانداري گھرجي.
ماڻهون کڻي ڀلي بظاهر معذور به ڇونه هجي پر جي سنئين واٽ تي هوندو ته اهو پنهنجي
زندگي عزت ۽ وقار سان گذارڻ جي قابل ٿي ويندو آهي. ان جي ابتڙ ڀلي ماڻهون کڻي سهڻو
سيبتو، هوش حواس وارو، جانٺو جوان هجي پر جي سندس پير صحيح نه هوندا ۽ بي همٿ ۽
حوصلو هاريل هوندو ته سنڌي چوڻي موجب ”دريا ڪپ تي نينگر ڪڏي اڄ نه ٻڏي ته صبحان
ٻڏي“ هو ڪنهن نه ڪنهن ٻوهي ۾ ضرور ايندو ۽ پاڻ سان گڏ پوري خاندان کي تڪليف ڏيڻ جو
سبب بڻبو. مون پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪيترا اھڙا ڪردار ڏٺا آھن جن
ڪڏھن بـ پنھنجي معذوريءَ کي مجبوري ناھي بڻايو، انھن پنھنجن حوصلن سان اڻ ٿيڻا
ڪارناما سرانجام ڏنا آھن. بگ بينگ جو نظريو ڏيندڙ
اسٽيفن ھاڪنگ کان ڪير واقف ناھي جنھن پنھنجي گهڻي تڻي حياتي ڪرسيءَ تي ويٺي گذاري
۽ جيڪو ڪمپيوٽر تي ڳالھائيندو ھو. سنڌ جي آسو ڪولھي پڻ ھڪ اھڙو ڪردار ھئي جيڪا ھڪ
ٽنگ کان محروم ھئي، پني سني ٿر اندر اڍائي سئو کن ٻارڙن جي تعليم جو بندوبست ڪندي
ھئي. جڏھن ميڊيا سندس ھمٿ ۽ حوصلي کي ڏسي کيس وائرل ڪيو تـ کيس دعوت ڏيئي آمريڪا
گهرايو ويو ھو. ٻئي پاسي مون ڪيترا پڙھيل لکيل، سٺن خاندانن جا نوجوان ڏٺا جيڪي
صحت مند ھوندي، سھولتون ھوندي، وسيلا ھوندي غلط صحبت، بي ھمٿي ۽ غلط ڪارين جو شڪار
بڻجي پنھنجي ۽ پنھنجي والدين جي زندگين کي زھر بڻائڻ وارو ڪردار پيا ادا ڪن.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو