Friday, November 1, 2024

اھم سرڪاري ادارا ڪنھن تباھ ڪيا؟

 


ڇوليون

ڪجھ ڏينھن اڳ لقمان ڦاٽڪ خيرپور وٽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي برانچ ۾ گئس جو بل جمع ڪرائڻ ويم، ڪائي رش نـ ھئي سڀ ملازم ٽنگ ٽنگ تي چاڙھيون آرام سان ويٺا ھئا، مون ڪيشئر صاحب کي بل جمع ڪرائڻ جي استدعا ڪئي، وڏي لاپرواھيءَ سان وراڻيائين تـ سسٽم ڪم نـ پيو ڪري ڪنھن ٻي بئنڪ ۾ وڃي جمع ڪرايو. سندس ڏنل مشورو منھنجي نڙيءَ ۾ جھڙوڪر ڦاسي پيو ھو ڇو تـ انوقت ھڪ پڪي عمر جي عورت پنھنجو چيڪ ڪيش ڪرائي چڪي ھئي، جنھن جي انٽري ساڳيو ڪيشئر ڪمپيوٽر ۾ ڪري چڪو ھو ٻيو ھڪ واپاري ڪيش جمع ڪرائي رھيو ھو ۽ ھر ڪم وھنوار مطابق ھلي رھيو ھو تـ يوٽيلٽي بلن جي جمع ڪرائڻ وارو نظام ڪيئن ۽ ڇو بند ھو؟!. مون مينجر جي آفيس ۾ جھاتي پاتي تـ کيس ان رَوَئي جي شڪايت ڪيان پر موصوف سيٽ تي موجود نـ ھو. اندر ۾ اٿلي آيل ڪاوڙ تي ظابطو رکي بئنڪ کان ٻاھر نڪري آيم ڀرسان ئي موبائيل فرنچائيز جي دڪان تي ھليو ويم، کيس بل جي ڪاپي ۽ گهربل پئسا ۽ ڏھ روپيا سروس چارج جا ادا ڪيم، اتي ويٺل نوجوان بنا دير جي بل تي ٺپو ھڻي ان جي ڪاپي منھنجي حوالي ڪئي. مون کي دلي صدمو رسيو ۽ مون سوچيو تـ ھيڏي وڏي اداري وٽ ھڪ معمولي فرنچائيز جيتري اھليت ۽ قابليت بـ ناھي ڇا؟ پر حقيقت ۾ مسئلو سسٽم جي خرابيءَ جو تـ بنھ نـ ھيو پر اصل ۾ بئنڪ ملازم جي منفي روئي جو ھو. ستر واري ڏھاڪي ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ٻين ڪيترن ادارن سان گڏ سمورن بئنڪن کي پڻ قومي ملڪيت ۾ ورتو ھو. تمام گهڻو پوءِ شايد نواز شريف جي دئور ۾ پھريون دفعو ڊي نيشنلائيزيشن واري عمل ۾ مسلم ڪمرشل بئنڪ پھرين بئنڪ ھئي جيڪا حڪومت منشا گروپ وارن کي وڪي ھئي ۽ بعد ۾ نيشل بئنڪ کي ڇڏي سموريون بئنڪون خانگي شعبي کي وڪيون ويون. ڪيتريون وڌيڪ نيون خانگي بئنڪون کليون. خانگي شعبي ۾ وڃڻ بعد بئنڪن جي انتظام ڪاريءَ ۾ سڌارا آيا ۽ انھن پنھنجي ڪلائنٽس کي بھتر سروس ڏيڻ شروع ڪئي پر جيئن تـ نيشل بئنڪ آف پاڪستان اڃا تائين سرڪار نامدار پاڻ پئي ھلائي ان ڪري ان ۾ ڪم ڪندڙ ملازم پنھنجو پاڻ کي عوام کي سھولت ڏيندڙ بدران پنھنجو پاڻ کي بئنڪ جا مالڪ سمجھن ٿا.  

ڪجھ سال اڳ جي ڳالھ آھي مان پنھنجو ڪتاب بوڪ پوسٽ ڪرڻ لاءِ نم جي چاڙھي ڀرسان مک پوسٽ آفيس ۾ ويو ھوم، جتي ملازمن جي فوج ھوندي پوسٽ آفيس جي شاندار ھوادار ھال جا اڪثر ڪائونٽر خالي ھئا ۽ ملازم پويان ويھي گپ شپ ڪرڻ ۾ مصروف نظر آيا. مان ھڪ ڪائونٽر تي ويٺل ملازم کي پنھنجي منشا بيان ڪئي جنھن مون ڏي اھڙي نھار ڪئي جنھن مان اندازو لڳايم تـ کيس منھنجو اتي اچڻ ناگوار گذريو آھي، مون کي حڪم واري انداز سان چيائين تـ بازار مان ڪو ڪارٽن (دٻو) وٺي اچ. اڌ ڪلاڪ جي ڳولھا بعد ھڪ دڪاندار کان ڪارٽن خريد ڪري وٽس کڻي آيم، چيائين تـ اڇي رنگ جو ٽيپ وٺي اچو جو ان مٿان لڳائڻو پوندو، نم جي چاڙھي کان ٽي سئو روپيا ڏئي اھو وٺي آيم ۽ ان نموني گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڪلاڪن بعد منھنجو مسئلو حل ٿيو. ٻئي دفعي پوسٽ آفيس کي ڇڏي ڀرسان ٽي سي ايس جي آفيس ۾ ڪتاب موڪلڻ لاءِ ھليو ويم، ڪائونٽر تي ھڪ نوجوان ويٺل ھو، جيڪو سڄو وھنوار کيس مليل آئي پڊ تي ھلائي رھيو ھو. ملازم ٽي سي ايس جو ڪارٽن ۾ منھنجا ڪتاب وڌا، ٽيبل تي رکيل ٽيپ سان ان کي بند ڪيو، منھنجو ۽ بنڊل وصول ڪرڻ وارن جون ايڊريسون ۽ فون نمبر لفافي تي لکي ڪمپيوٽرائزڊ رسيد ڪڍي منھنجي تريءَ تي رکي ۽ ان سڄي عمل ۾ بس اھي پنج منٽ لڳا. ٽي سي ايس جي ڪائونٽر تي ويٺل ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ نوجوان جي پگھار وڌ کان وڌ ٽيھ يا پنجٽيھ ھزار ھوندي ۽ اھو اڪيلي سر پوري پوسٽ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ لکين روپين جي پگھار کڻندڙ ملازمن وارو ڪم احسن طريقي سان ڪري رھيو ھو. مان اسي واري ڏھاڪي جي آخري سالن وقت ضلع ٽيڪس خيرپور ۾ منشي طور ڪم ڪندو ھوس ۽ ان وقت ٽي سي ايس وارا وٽن بوڪ ٿيل بنڊل ۽ ڊاڪ سرڪاري پوسٽ آفيس وارن جي پارصل واري سھولت کي استعمال ڪري مختلف شھرن ڏانھن موڪليندا ھئا ۽ اھي بنڊل اسان واري ناڪي تان پاڪستان جي پوسٽ آفيس جي گاڏين ۾ لوڊ ٿيندا ھئا. سرڪاري پوسٽ آفيس اندر ڪم ڪندڙ ملازمن، آفيسرن ھڻي ھڪ بھترين اداري جي ڀينگ ڪري ڇڏي آھي ۽ انھن جي افعالن کي ڏسندي لڳي ٿو تـ اھي سرڪاري پوسٽ آفيسون ڪجھ سالن جون مھمان آھن.

جڏھن تـ ٽي سي ايس ۽ ان جھڙا ٻيا ادارا تيزيءَ سان ترقي پيا ڪن. ھاڻي ٽي سي ايس وڏن شھرن ۾ پنھنجا گدام خريد ڪري ڇڏيا آھن، وٽن سامان پھچائڻ لاءِ ننڍين گاڏين جھڙوڪر موٽرسائيڪل، ھاءِ روف کان وٺي ويھ ويلر ٽريلر موجود آھن. ٽي سي ايس سان گڏ ڪيترائي ٻيا غيرسرڪاري ادارا پوسٽ آفيس جي جاءِ والاري رھيا آھن.

ٽي ڏھاڪا کن سال اڳ سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن (ايس آر ٽي سي) جي ھينو ڪمپنيءَ جون شاندار بسون سڄي سنڌ جي شھرن ڏانھن مسافرن پھچائينديون ھيون. مسافر خانگي بسن کي ڇڏي سرڪاري بسن جو انتظار ڪندا ھئا. لڳ ڀڳ سمورن ضلعن جي ھيڊ ڪواٽر شھرن ۾ سندن پنھنجا اڏا، ورڪشاپ ھوندا ھئا جن ۾ ھزارين ماڻھن کي روزگار مليل ھوندو ھو. ايس آر ٽي سي بس جا ڊرائيور ۽ ڪنڊڪٽر لکن جي لوڏ ھلندا ھئا ۽ بس مان جوڙيل آمدني اداري ۾ جمع ٿيڻ بدران سندن ذاتي اڪائونٽس ۾ جمع ٿيندي ھئي. ڊرائيورن، ڪنڊڪٽرن، ورڪشاپ جي مسترين، آفيسرن جي ڪرپشن ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو ۽ ادارو تباھ ٿي ويو ۽ حڪومت ادارو بند ڪري بسون نيلام ڪري ڇڏيون جيڪي خانگي مالڪن جي ملڪيت طور ھنوقت بـ سکر کان نواب شاھ ۽ سانگھڙ جي روڊن تي ھلن ٿيون. بعد ۾ اسان جي گناھ گار اکين ايس آر ٽي سي جي ملازمن کي پيٽ سان سڪل مانيون ٻڌي مظاھرا ڪندي پڻ ڏٺو ميرپور خاص جي ھڪ ملازم ڀورو ڇلگريءَ حيدرآباد پريس ڪلب جي سامھون احتجاج ڪندي پنھنجو پاڻ تي پئٽرول ھاري باھ ڏئي خودڪشي پڻ ڪري ڇڏي ھئي!

پاڪستان اسٽيل مل ھڪ عظيم صنعتي ادارو ھو، جنھن کي سمورن صنعتن جي ماءَ سمجھيو ويندو ھو. عجب اتفاق آھي تـ ستر جي آخري ڏھاڪي ۾ مان پڻ ان اداري ۾ اليڪٽرڪ فٽر طور ڀرتي ٿيو ھوم  پر ڇھن مھينن جي سکيا بعد پنھنجي اڻ ڄاڻائي ڪري اھا نوڪري ڇڏي ڏني ھئم. انوقت اسٽيل مل ھزارين ماڻھن جي روزگار جو وسيلو ھو. پوري ڪراچي، ٺٽي ۽ ٺٽي جي آس پاس جي علائقن مان سوين بسون روز ملازمن کي کڻي اچڻ ۽ واپس پھچائڻ واري ڪم سان لڳل ھيون. بعد ۾ اسٽيل مل جي تباھي تڏھن کان شروع ٿي چڪي ھئي جڏھن اداري ۾ فوجي آمرن جي دؤرن ۾ ڪراچيءَ جي دھشت گرد تنظيم جي مزدور يونين کي کٽرايو ويو ھو. اھي اسٽيل مل جي ھزارين گاڏين کي پنھنجي تنظيمي ڪمن ڪارين ۾ استعمال ڪندا ھئا. لکن جا ڪوڙا تيل، ميڊيڪل، مرمت جا بل ٺھندا ھئا، لنڊن مان جڏھن بـ سندن گرو ٽيلفونڪ خطاب ڪندو ھو تـ ان کي اسٽيل مل جي فون جي سھولت مھيا ڪري ڏني ويندي ھئي. ياد رھي تـ انوقت پي ٽي سي ايل جي غيرملڪي ڪال انتھائي مھانگي ھوندي ھئي. ويتر جڏھن مل ڦولن وارن ڍول سپاھين جي حوالي ٿي تـ مل مان صفا ساھ نڪري ويو ۽ ان جو جيڪو حال ٿيو اھو پاڻ سڀ اکئين ڏسون پيا.   

 مون ڪيس اسٽڊي طور چند ادارن جي تباھ ٿيڻ جا ڪارڻ بيان ڪيا آھن. انھن ادارن جي تباھيءَ ۾ سرڪار جي نااھلي پنھنجي جاءِ تي پر انھن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو پڻ وڏو ھٿ رھيو آھي. سنڌ سان گڏ پوري پاڪستان ۾ ماڻھو جڏھن ڪنھن سرڪاري اداري ۾ ملازمت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃي تـ پوءِ سندس ڌيان پنھنجي ذميوارين تان بنھ ھٽي ٿو وڃي ۽ ھو سندس منصب مطابق خدمتون مھيا ڪرڻ بدران گوٿ ناٿ کان ڪم ٿو وٺي. دير سان پھچڻ، سويل ھليو وڃڻ، گسائڻ، مسٽر رول تي غير حاضر رھندڙن ڏينھن وارن خانن ۾ بعد جو اچي صحيح ڪرڻ، اداري اندر عام ماڻھن سان اڍنگو رويو رکڻ، ڪوبـ ڪم ڪار بنا رشوت جي نـ ڪرڻ جھڙا رويا رکڻ عام ۽ ھلي چلي شمار ٿين ٿا. جيتوڻيڪ انھن ملازمن پنھنجي اکين اڳيان پاڻ جھڙن ٻين ادارن جي حالت جو مشاھدو ڪيل ھوندو آھي پر جيستائين ادارو سرڪاري انتظام ۾ ھوندو ملازم، آفيسر پنھنجن روين ۾ سڌارو آڻي اھليت وڌائڻ واري پاسي ڪڏھن لوڻو بـ نـ ھڻندا آھي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو