ڇوليون
گل ڪٽوهر
هالي ووڊ، بالي ووڊ ۾
گھڻيون تڻيون فارمولا فلمون جڙن ٿيون جن کي ڏسڻ وقت جو زيان لڳندو آهي. اهڙن فلمن جون ڪهاڻيون هر هنر ۾ يڪتا عظيم طاقت
رکندڙ هيرن جي چار ڏس ڦرندي ڏيکاري وينديون آھن. جيڪي سئو گوليون کائي به بچي ويندا
آهن ۽ سامهون جديد هٿيارن سان ليس ماڻهن جي جٿن کي هٿين خالي هوندي تهس نهس ڪري
ڇڏيندا آهن ۽ اسان جهڙا وائڙا فلم بين تاڙيون وڄائي کين داد ڏيندا آهن. پر ڪڏهن
ڪڏهن هالي ووڊ، بالي ووڊ توڙي لالي ووڊ [پاڪستان فلم انڊسٽري] ۾ ڪي بهترين فلمون
به ٺهنديون آهن. تازو مون هڪ سائنس فڪشن فلم دي مارشين يعني ته مريخي يا مريخ تي
رهڻ وارو ماڻهو ڏسڻ جو اتفاق ٿيو ته ان جو هلڪو ڦلڪو جائزو پيش ڪيان پيو پر سوچيان
پيو ته ڪٿان شروع ڪيان سوبه سنڌي ٻوليءَ ۾ جنهن جا پڙهيل لکيل، سي ايس ايس پاس وڏا
پوليس آفيسر قانون جي عملداري کي پنهنجي علم، عقل، رياستي قانونن تحت لاڳو ڪرڻ
بدران ڏوهن تي ظابطي لاءِ مشڪري ٽائيپ ملن کان مسجدن ۾ واعظ پيا ڪرائين. هي رڳو
سنڌ جو مسئلو ناهي پوري پاڪستان جو ڏچو آهي ته عقل، منطق، سائنس، دليل جي ڳالهه
ڪرڻ واسينگ جي ٻرن ۾ هٿ وجھڻ برابر آهي. هن ملڪ ۾ چنڊ جي چرپر ۽ ظاهر ٿيڻ وارن
مامرن کي سائنسدانن بدران اکين کان نابين ملن جي حوالي ڪيو ويو آهي. هت جيڪي سائنس
جي پهرين لفظ سين کان اڻ واقف آهن اهي سائنسدانن کي سائنس سيکاريندا آهن! هاڻي مان
وري هليو آهيان اهڙي ملڪ جي ماڻهن کي هڪ مڪمل نموني سائنس فڪشن فلم متعلق ٻڌائڻ!
اهڙين گستاخين ڪري الاهي يار دوست لٺ کڻي منهنجي ڪڍ پوندا آهن ۽ خبر ناهي ڪهڙا لقب
القاب پڻ ملي ويندا آهن خير آهي اهي به پنهنجو شوق پورو ڪن ۽ پاڻ به پنهنجو ڪم
ڪيون پيا.
هن فلم جي ڪهاڻي ڪجهه
هن طرح آهي ته آمريڪي اداري ناسا پاران هڪ خلائي جهاز تجربن لاءِ مريخ تي موڪليو
ويندو آهي پر اتي هڪ تيز طوفان ڪري کين پنهنجو ڪم اڌ ۾ ڇڏي واپس ورڻو پوندو آهي پر
ان حادثي زد ۾ اچي سندن هڪ ساٿي گم ٿي ويندو آهي جنهن سان سندن ڪوبه رابطو ٿي نه
سگھندو آهي ۽ هو سمجھندا آهن ته سندن اهو ساٿي هاڻي هن جهان ۾ ناهي رهيو، پر حقيقت
۾ اهو سخت زخمي ٿي واريءَ جي طوفان ۾ پورجي ويندو آهي جتان هو نڪري خلائي اسٽيشن
تي اچي پنهنجي سرجري پاڻ ڪري پنهنجو پاڻ کي بچائي وٺندو آهي. هاڻي کيس بلڪل نئين ۽
انوکي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيڻو پوندو آهي. هڪ وشال دنيا جنهن تي ڪو به ٻيو ساهوارو
جيو ناهي، جنهن تي رهندي سندس رابطا سڀني کان ڪٽجي ويندا آهن. اتي هو کاڌي پيتي جي
شين جو جائزو وٺي اندازو لڳائيندو آهي ته اهي ڪيترو ڏينهن هلندا، جيڪڏهن ڌرتيءَ
تان کيس ڪا مدد ملندي ته ان ۾ ڪيترو وقت لڳندو هر حساب ڪتاب ۾ کيس لڳندو هو ته هڪ
نه ته ٻئي نموني موت جي منهن ۾ هليو ويندو. انهن سڀني حقيقتن هوندي به هو مايوس
ناهي ٿيندو ۽ زندهه رهڻ جا جتن ڪرڻ لڳندو آهي. اتي هو پنهنجي سائنسي دماغ کي
استعمال ڪندي هڪ علائقي کي مڪمل نموني پلاسٽڪ سان ڍڪي اتي واريءَ سان گڏ پنهنجو
فضلو ملائي پٽاٽن جي پوکائي لاءِ زمين تيار ڪندو آهي. زمين ته تيار ٿي ويندي آهي
پر ٻوٽن کي ته آڪسيجن پڻ گھرجي ۽ پوءِ موجود وسيلن مان ٻوٽن لاءِ آڪسيجن پڻ تيار
ڪري وٺندو آهي ۽ نيٺ پٽاٽن جو هڪ فصل تيار پڻ ڪري وٺندو آهي. هو پنهنجي دل وندر
لاءِ سسٽم ۾ محفوظ ٿيل موسيقي ٻڌندو آهي ان تي اگرا تبصرا به ڪندو آهي، خلائي
اسٽيشن کان ٻاهر نڪري خلائي ٽرڪ ۾ چڙهي مريخ جو مشاهدو به ڪندو رهندو آهي، کيس
گھڻن ئي ٽيڪنيڪل مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. آمريڪن خلائي ادارو ناسا ڌرتيءَ
تان ويهي ان سڄي صورتحال تي نظر رکيون ايندا آهن. انهن کي جڏهن مريخ تان ڪجھ
تصويرون ملنديون آهن جن ۾ ڪجھ شيون هڪ وقت هڪ جاءِ تي ته ٻي وقت ٻي جاءِ تي پيل
نظر اينديون آهن ته کين اهو حيرت انگيز لڳندو آهي ۽ اهي سمجھي ويندا آهن ته خلاباز
جنهن کي هنن مئل سمجھيو هو اهو جيئرو آهي. هاڻي هنن لاءِ به وڏو ڏچو پيدا ٿي پوندو
آهي ته هو ڇا ڪن، سڀ کان اول هو مريخ تي رهندڙ خلاباز سان رابطي جي ڪوشش ڪندا آهن
۽ ان مسئلي جو حل به مريخي خلاباز ڪڍي وٺندو آهي. ناسا جي هيڊ ڪواٽر ۾ ماهر منجھي
پوندا آهن ته ان خلا باز کي ڪيئن بچائجي. مريخ تائين کيس مدد پهچائڻ لاءِ کين ست
اٺ مهينا گھربل هوندا آهن ۽ خلائي جهاز جيڪو واپسي جي پنڌ تي آهي ته جيڪڏهن ان کي
واري واپس اماڻجي ته سندن ٻارڻ ايترو ناهي هوندو ته هو پوءِ واپس وري سگھي. ان وچ
۾ هڪ بنا خلاباز وارو خلائي جهاز جنهن ۾ کاڌي پيتي جون شيون رکي لانچ ڪيو ويندو
آهي ته اهو ٿوري دير ۾ تباهه ٿي ويندو آهي. هوڏانهن واپسي واري پنڌ تي گامزن
خلابازن کي تمام دير سان سندس ساٿي جي زندهه هئڻ جو اطلاع ملندو آهي. نيٺ واپسي
واري خلائي جهاز کي مريخ تي رهندڙ ساٿي کي کڻي اچڻ جو ڪم سونپي چيني سائنسدانن جي
مدد سان هڪ ٻيو خلائي جهاز ڪاميابي سان لانچ ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ کاڌي پيتي جون
شيون ۽ ٻارڻ هوندو آهي. ان وچ ۾ ڪيئي فني
خرابيون پيدا ٿي پونديون آهن جن کي ڏسي اهو محسوس ٿيندو آهي ته بس هاڻي سڀ ڪجھ ختم
ٿي ويو وري ٻي گھڙي اهو پڻ احساس ٿيندو آهي ته هاڻي ٻيڙا پار آهن. آخر ۾ جڏهن اهو
ڦاٿل خلاباز پنهنجي ساٿين سان ملي ٿو ۽ اهو سين هزارين ڌرتي واسي آمريڪا، چين،
برطانيا سميت سڄي دنيا ۾ ڏسن ٿا ته الون الا ٿي ويندي آهي. ماڻهو خوشيءَ وچان نچڻ
ٽپڻ هڪ ٻئي کي ڳراٽڙيون پائڻ لڳندا آهن ۽ مون جهڙا حساس دل رکندڙ ڳوڙها ڳاڙي
ويهندا آهن. پر فلم اتي ختم ناهي ٿيندي ان جو طاقتور حصو ته اهو آهي جڏهن اهو
ساڳيو خلاباز زمين تي اچڻ کان گھڻو پوءِ هڪ خلائي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر جي حيثيت
۾ پنهنجي پهرين ڏينهن واري ليڪچر ۾ چوندو آهي۔
”مان اوهان کي خلابازي جي ڪلاس ۾ اچڻ تي
ڀليڪار ڪيان ٿو، اوهان سڀ ڌيان ڌريو يقين ڪيو ته ان سان اوهان جي جان بچي سگھي ٿي.
يقين ڪيو ته اهو مون کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه نه ٿو ڄاڻي. وڌيڪ ڳالهائڻ کان اڳ مان اوهان
کي صاف صاف ٻڌائڻ ٿو گھران ته ها مان ڪروڙين ميل پري هڪ گرهه تي رڳو ان ڪري زندهه
رهي سگھيس ته مون پنهنجي گونهه مان پٽاٽن جو فصل پوکيو هو، ها ٻڌائڻ ۾ اهو جيترو
خراب ٿو لڳي حقيقت ۾ اهو ان کان وڌيڪ ڪرڀ وارو آهي ان ڪري ان تي وري ڪڏهن به نه
ڳالهائندس. هڪ سوال مون کان ور ور پڇيو ويندو رهيوآهي ته جڏهن مان مريخ تي اڪيلو
ڦاٿل هيس ته ڇا مون کي اهو احساس هوندو هو ته مان مري ويندس. ها بلڪل لڳو هو ۽ اهو
احساس ضروري آهي ڇوته اهو اوهان سان ڪڏهن به ٿي سگھي ٿو. اهو خلا آهي اوهان جي
سوچن تحت ڪم ناهي ڪندو ڪنهن به ٻه واٽي تي اوهان جي سامهون مشڪلاتن جو ڍڳ جڙي
پوندو۽ هر شيءِ وکري ويندي ۽ اوهين اهو سوچيندو ته بس سڀ ختم ٿي ويو۽ هاڻي منهنجو
خاتمو آهي. اهڙي ماحول ۾ يا ته اوهان دل هارائي شڪست کي قبول ڪري وٺو يا وري پوءِ
پنهنجي ڪم سان لڳي وڃو. اهائي ڳالهه سڀ کان اهم آهي، پنهنجو ڪم شروع ڪيو، حساب ڪري
وٺو پهريون هڪ مشڪل حل ڪيو پوءِ ٻي ۽ پوءِ ٽين ۽ چوٿين ۽ جڏهن سڀ مشڪلون حل ٿي وڃن
ته گھر هليا اچو.“
محترمه شهيد بي نظير صاحبه هڪ دفعي چيو
هو ته ”ايڪويهين صديءَ ۾ جيڪي قومون قلم سان لکنديون اهي جاهل چوائينديون.“ پر
افسوس ته اڄ به جديد ٽيڪنالاجي پاڻ وٽ حرام آهي. دنيا وارا صديون پوءِ ٿيندڙ واقعن
تي ائين سوچين ٿا، انهن جا ممڪن حل ٻڌائين ٿا ۽ اسان اڃا تائين پٽاٽن کي اڌو اڌ
ڪري الله سائين جا نالا پيا ڳولهيون، ٻڪرين تي قدرتي طرح آيل رنگن کي معجزو ٿا
قرار ڏيون، آسماني ڪڪرن جي اتفاقي بڻيل ڪنهن شڪل کي ڏسي سبحان الله جو ورد ٿا شروع
ڪري ڏيون، ڪاش مغربي ملڪن وانگر اسان به انهن جهڙا معجزا ڪرڻ جي قابل ٿي سگھون.
جيستائين اهو ڪري سگھون اسان جي استادن کي گھرجي ته گھٽ ۾ گھٽ نئين نسل ۾ سائنسي
سوچ جا سلا ته پوکين، کين مختلف مامرن تي شڪ ڪرڻ جي اجازت ڏين، کين سوال ڪرڻ جي
اجازت ڏين تڏهن به گھڻو ڪجھ حاصل ٿي سگهي ٿو.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو