ڇوليون
ڪو دئور ھو جڏھن ماڻھن کي وندرائڻ، کين معلومات پھچائڻ لاءِ ڪو ميڊيا جو
ذريعو نـ ھوندو ھو، تـ ان زماني ۾ ڪي ثقافتي طائفا ھوندا ھئا، ڀڳت ھوندا ھئا،
ٿيٽرن وارا ھوندا ھئا جيڪي مختلف علائقن ۾ وڃي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري ھڪ پاسي
ماڻھن جي دل وندرائيندا ھئا تـ ٻئي پاسي صدين جي ارتقائي مرحلن بعد جڙيل ثقافتي
اسمن جھڙوڪر جھمر، رقص، لوڪ گيتن کي ايندڙ نسلن تائين پھچائيندا ھئا. ان سان گڏ ڪي
قصا ڪھاڻيون ٻڌائڻ وارا انسان ھوندا ھئا جن جي سينن ۾ سَوَنِ ڪتابن جيترو مواد
ھوندو ھو ۽ انھن کي قصن ڪھاڻين ٻڌائڻ جو اھڙو تـ فن ھوندو ھو جو کين ٻڌندڙ انسان
سندن انداز بيان جي سحر ۾ گم ٿي ويندا ھئا.راتيون کٽي وينديون ھيون پر سندن قصا
ڪونـ کٽندا ھئا. ھر گهر ۾ ڪو ڏاڏو ڏاڏي يا ناني ھوندي ھئي جن جي ڪھاڻين ٻڌڻ کان
سواءِ ننڊ ئي ڪونـ ايندي ھئي ۽
ان ڳالھ جو اظھار جڳجيت ۽ چترا سنگھ پنھنجي ھڪ غزل ۾ تمام خوبصورت نموني سان اظھار
ڪيو آھي؛
...محلے کی سب سے
نشانی پرانی،
وہ بڑھیا جسے بچے کہتے تھے نانی،
وہ نانی کی باتوں میں پریوں کا ڈیرہ،
وہ چہرے کی جھریوں میں صدیوں کا
پھیرہ،
بھلائے نہیں بھول سکتا ہے کوئی.
وہ چھوٹی سی راتیں وہ لمبی کہانی۔۔
ھاڻي دئور مٽجي ويو آھي، ميڊيا جا اڪيچار ذريعا پيدا ٿي پيا آھن ان ڪري مٿي
بيان ڪيل طريقا مري چڪا آھن يا جھڙوڪر سڪرات ۾ آھن. ان ھوندي بـ اوھان کي پنھنجي
سماج اندر ڪجھ اھڙا انسان ملي ئي ويندا جن کي اوھان قصـ گو چئي سگهو ٿا. سندن ذھنن
۾ پنھنجي دئور جي مڪمل تاريخ جھڙوڪر ٽيپ ڪري ڀري رکيل آھي. ھڪ دفعو اوھان کين ”جي“
چئي پوِءِ ويھي کين ٻڌو اوھان کي ائين لڳندو اھي سمورا مامرا اوھان جي سامھون
رونما پيا ٿين.
خيرپور ۾ منھنجا ٻـ دوست وڏا قصـ گو آھن، سندن سينن اندر ڪيترن ئي ڪتابن جو
مواد ڀريو پيو آھي جن مان ھڪ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ملازمت مان رٽائرمنٽ
حاصل ڪري حيدرآباد جي ھوائن ۾ رھندڙ پيارو انور چنو آھي، ٻيو مصريءَ جي ڳنڍ جھڙو
مٺڙو خيرپور شھر کان ٿورو پرڀرو ڳوٺ مٺڙي جو رھاڪو پيارو ممتاز رڏ آھي جيڪو اڄ
ڪالھ پنھنجي علاج خاطر ڪراچيءَ جي ڪشمير ڪالوني ۾ رھائش پذير آھي. مون گذريل ڪراچي
ياترا ۾ پنھنجي ڪلاس فيلو ناول نگار، ڪھاڻيڪار سائين رزاق سھتو، صوفياڻي راڳ رنگ
جي گيڙو رنگ ۾ رنڱيل پروفيسر نذير احمد بھلڪاڻيءَ سان گڏ پياري ممتاز رڏ سان ڪچھريون ڪيون ھيون. اڄ قصـ
گو ممتاز رڏ پاران بيان ڪيل ڪجھ اھڙا قصا لکان ٿو جيڪي منھنجي خيال ۾ تاريخ جو حصو
بڻجڻ گهرجن. ڇوتـ منھنجي خيال ۾ انھن ڳالھين جي اڃا تائين ڪنھن کي ڪا سمڪ ئي ناھي.
ان کان اڳ جو مان ممتاز رڏ پاران بيان ڪيل قصا اوھان کي سڻايا ضروري ٿو سمجھان تـ سرسري
طرح سندس ڳوٺ ۽ سندس ذاتي تعارف ڪرائيندو ھلان. ڳوٺ مٺڙي سياسي، سماجي، علمي طور
باشعور دوستن جو ٺڪاڻو آھي. ان ڳوٺ جا رڏ ھجن، حاجاڻا ھجن يا ڪن ٻين ذاتين وارا سڀ
پنھنجو مٽ پاڻ آھن. سائين نذير رڏ ۽ سندس ٻيا پوڙھا باشعور ساٿي پنھنجي ڳوٺ ۾ شانتي نڪتين قائم ڪيو
آھي جنھن ۾ ھر آچر تي سنڊي اسڪولنگ ۾ ڪو نـ ڪو سياسي، علمي، ادبي، ثقافتي ميڙاڪو
ضرور ڪيو ويندو آھي ۽ اھڙن ميڙاڪن ۾ ڳوٺ جي نوجوان نسل جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو
اعتماد بحال ڪرڻ، سندن ھٻڪ ختم ڪرڻ خاطرسمورو وھنوار کين ھلائڻ لاءِ چيو ويندو
آھي. ممتاز رڏ انھن باشعور پوڙھن جي حلقن
سان گڏ ھوندي بـ سندس پنھنجو الڳ حلقـ احباب آھي ۽ سنڌ جي ثقافتي اسمن راڳ رنگ،
راڳداري ڪندڙن، قومي شاعرن جا پروگرام ڪرائڻ، انھن جون سالگرھون ملھائڻ ۾ سندس ڪو
مَٽُ ناھي. ممتاز رڏ گذريل 44 سالن کان سنڌ جي گَوَئي استاد منظور علي خان ۽ سنڌ
جي شاعر استاد بخاريءَ جي ورسي بنا ساھي جي ملھائيندو پيو اچي. ممتاز رڏ کي استاد
بخاريءَ جي شاعريءَ جو حافظ چئجي تـ وڌاءُ نـ ٿيندو. ممتاز رڏ پيدا ٿيندي ئي ڏکن
ڏوجھرن جي ور چڙھي ويو ھو، اڃا تنجڻن ۾ ھو تـ غلط علاج ڪري سندس ھڪ اک ضايع ٿي
ويئي ھئي، مڊل تائين پھچندي کيس پٿريءَ جي ذرڙن تمام گهڻو تنگ ڪري رکيو ھو، جڏھن
پنھنجي اھليت تي سنڌي استاد چونڊيو ويو ھو تـ 30 سيپٽمبر واري واقعي ڪري (جنھن سان
سندس ڪو پري جو واسطو بـ نـ ھو) کيس ۽ سائين مجتبى شاھ راشديءَ کي خيرپور مان
گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ويو ھو ۽ کيس نوڪريءَ مان ڊسمس ڪيو ويو ھو. ممتاز رڏ
سياسي سفر ۾ سائين جي ايم سيد، پيرصاحب پاڳارو، سيد غوث علي شاھ صاحب، ڄام صادق
کان ويندي عبداللھ شاھ صاحب جن سان گڏ گذاريو ھو. ايڏن وڏن دبنگ سياستدانن سان گڏ
رھندي، سوين نوجوانن ۽ گهرج وندن جا ڪم تـ ڪرايا پر ھن پنھنجو پاند رشوت خوري ۽
بدعنوانيءَ جي گپ ۾ ميرو ٿيڻ نـ ڏنو جيڪو ھن دئور ۾ بس ھڪ معجزو ئي چئي سگهجي ٿو.
ڊيگھ کان بچندي اچو تـ مان اوھان کي سندس سڻايل ڪجھ قصن مان ٻـ عدد قصا
ٻڌايان. سندس چوڻ ھو ڪنھن زماني ۾ سازدا (سنڌ ايرڊ زون ڊويلپمنٽ اٿارٽي) ۾
ڊائريڪٽر جي پوسٽ تي ڪم ڪندڙ سندس دوست الاھي بخش ٻانڀڻ کانئس فرمائش ڪئي تـ ھو
استاد بخاريءَ سان ملڻ ٿو گھري، ۽ وڌيڪ اھو چيائين تـ ”مان پنھنجي گاڏي تو وٽ ڪاھي
ايندس، رات جو اتي رھندس جوئر جي ماني کير سان کارائجانءِ وڏڙن سان ملائجانءِ ۽
پاڻ صبح جو نڪري ھلنداسين.“ ممتاز جي بيان مطابق ”صبح جو ٻانڀڻ صاحب جي شاندار
گاڏيءَ ۾ نڪري موري ۾ سائين راشد مورائي وٽ ساھي پٽي تـ اتي اسان کي اٺين پاس ڪري
نائين ڪلاس ۾ پڙھندڙ ھڪ سھڻو نوجوان ويٺل مليو ھو ان اسان کان پڇيو تـ اوھان
ڪيڏانھن پيا وڃون مون کيس چيو تـ اسان استاد بخاري سان ملڻ پيا وڃون، ھن چيو تـ سندس
پڻ استاد بخاريءَ سان ملڻ جي تمنا آھي ۽ کيس اسان پاڻ ساڻ گڏ وٺي ھلون. اسان کيس
چيو تـ جيڪڏھن اوھان جو والد صاحب اجازت ڏيندو تـ اسان اوھان کي ساڻ کڻي ھلنداسين.
ٻارڙي چيو تـ سندس والد صاحب گذاري چڪو آھي امان کان اوھان مون کي اجازت وٺي مون
کي ساڻ کڻي ھلو. ان وچ ۾ راشد مورائي چيو تـ ھي ٻار تمام گهڻو پختو شاعر پڻ آھي ۽
جڏھن اسان جي فرمائش تي ان ٻار پنھنجي شاعري ٻڌائي ۽ اسان جا تـ واڄٽ وڄي ويا. نيٺ
اسان سندس امڙ کان اجازت وٺي کيس ساڻ ڪري دادو طرف سفر جي شروعات ڪئي ۽ اھو ننڍڙو
نينگر ھو سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل جناب احمد سولنگي.“
ٻيو ھڪ قصو بيان ڪندي ٻڌايائين تـ ”نوي واري ڏھاڪي ۾ جڏھن ڄام صادق سنڌ جو
وزير اعلى ھو استاد بخاري پير صاحب پاڳاري سان ملاقات جي خواھش ظاھر ڪندي چيو تـ اسان
شاعر ماڻھو آھيون، شاعريءَ ۾ پختگيءَ خاطر ۽ مختلف ڪردارن کي روبرو ڏسي ذاتي
مشاھدن خاطر مان ساڻس ملڻ ٿو گهران ان کان اڳ مان مختلف ڪردارن جھڙوڪر سيد قائم
علي شاھ، غوث علي شاھ صاحب جن سان تـ ملاقاتون ڪري چڪو آھيان پر اڃا تائين پير
سائين پاڳاري شاھ مردان شاھ سان ملي نـ سگهيو آھيان، ان سان ملاقات جو ڪو بندوبست
ڪر. اھو عيد جو زمانو ھو مان پير صاحب سان
ملي کانئس استاد بخاريءَ لاءِ وقت ورتو. پير صاحب پاڳارو وقت جو تمام گهڻو پابند
ھوندو ھو اصل منٽن ۽ سيڪنڊن جو خيال رکندو ھو. استاد بخاريءَ جي خانگي سواري ۾ اچڻ
ڪري ڪجھ دير ٿي ويئي ھئي جيڪا پير صاحب نظر انداز ڪندي اسان ٽنھي استاد بخاري، استاد
بخاريءَ جي پٽ سردار شاھ
بخاري مون کي ملاقات جو شرف بخشيو اسان جو اڳتي وڌي آڌر ڀاءُ ڪيو ھو. استاد بخاريءَ جون مون کيس تعارف ڪرائي ڇڏيو ھو
تـ ھو سنڌ جو تمام وڏو شاعر آھن ۽ پير صاحب استاد بخاريءَ جو ھٿ ھٿ ۾ وٺندي کيس
چيو تـ ڪو نئون خيال، استاد بخاري چيو تـ جي سائين درگاھ ۾ داخل ٿيندي مون کي نئون
خيال آيو آھي جنھن تي پير صاحب کيس چيو تـ ارشاد؛ استاد بخاري کيس پنھنجو خيال
ٻڌائيندي چيو تـ ”آھَ آھَ تي يار وري پوندو آ پر ھر ھر نـ، واءُ تي ٻير ڇڻي پوندو
آ پر ھر ھر نـ“ انوقت کاڌي جي ميز تي ٽيھ پنجٽيھ پير صاحب جا مھمان ويٺا ھئا جن ۾
خيرپور جو چوڌري ساجد ۽ ميرپورخاص جو چوڌري جنرل بشير بـ شامل ھئا جڏھن استاد
بخاري پنھنجو قطعو
”ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو،
"بخاري“ کان دوکو، نه ٿيندو نه ٿيندو،
ملهائي نه جو ٿڃ جيجل
جي لوڪو،
اهڙو ڪوبه ٿوڪو، نه
ٿيندو نه ٿيندو.
اھو قطعو ٻڌي پير صاحب پاڳارو اٿي بيٺو ۽ سگريٽ مان ڪش ھڻي اتي ويٺل چوڌرين
کي چيائين تـ چوڌريون سنو سنو بخاري ڪيا ڪھـ رھا ھي. استاد بخاري پنھنجو ڪلام
”دوست ڪيا سي دلداريءَ لاءِ جن آ دل آزاري ...“ ترنم ۾ ٻڌائي محفل کي منڊي ڇڏيو
ھو. اھا ڪچھري ھلندي پير صاحب کيس شاھ عبدالطيف يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي آڇ
ڪئي جنھن کان استاد بخاري اھو چئي معذرت ڪئي تـ ھو پنھنجي شاعري ۽ ڪلا وسيلي ڪيئي
يونيورسٽون قائم ڪرڻ ٿو گهري ۽ ھنوقت بـ مان ويھ کان ايڪويھ ڪلاڪ لکڻ ۽ پڙھڻ کي
ڏيندو آھيان ان ڪري اھڙي ڪرسيءَ تي ويھڻ ڪري منھنجو اھو سلسلو بند ٿي ويندو. اتي
مون پير صاحب پاڳاري کي چيو تـ سائين استاد بخاري ڪينسر جھڙي موذي مرض جو مريض
آھي، سيد قائم علي شاھ جي دئور ۾ کيس انگلينڊ علاج واسطي موڪليو ويو ھو جتي سندس
اڌورو علاج ٿيو ڇوتـ کيس مليل سرڪاري گرانٽ ختم ٿي چڪي ھئي ۽ کيس واپس اچڻو پيو
اوھان سندس علاج ڪرايو تـ بھتر ٿيندو اھا ڳالھ ٻڌندي ئي پير صاحب زمين تي ويٺل خان
محمد مھر ۽ نبي بخش شاھ کي حڪم ڪيو تـ سندس بنا دير تيليءَ (پير صاحب ڄام صادق کي
ان نالي سان سڏيندو ھو) رابطو ڪرايو وڃي، سندس بنا دير جي ڄام سان رابطو ٿيو جنھن
تي پير صاحب کيس حڪم ڪيو تـ استاد بخاري سنڌ جو وڏو شاعر آھي، ڪينسر جو مريض آھي ۽
ھاڻي ڪينسر جو علاج ممڪن آھي ھن جو انگلينڊ ۾ ھلندڙ علاج وارو ٽٽل سلسلو ھڪ ھفتي
اندر ٻيھر بحال ٿيڻ گهرجي ۽ ان نموني استاد بخاريءَ جو ٻيھر سرڪاري خرج تي علاج
ممڪن ٿي سگهيو ھو. ساڳي ڪچھريءَ ۾ مون پير صاحب پاڳاري کي استاد بخاريءَ جي فرزند
انجنيرنگ پاس سيد سردار شاھ جي نوڪريءَ لاءِ پڻ گذارش ڪئي جنھن لاءِ پير صاحب
پنھنجي فرزند ھاڻوڪي پير صاحب پاڳاري ۽ انوقت اريگيشن جي وزير راجا سائينءَ کي
سندس نوڪريءَ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ چيو ھو. اسان جڏھن سردار شاھ جي نوڪريءَ جي
سلسلي ۾ راجا سائين (ھن وقت جي پير پاڳارو) سان ملاقات ڪئي ھئي تـ چيائون تـ اوھان
جي ڊگريءَ مطابق ايس ڊي اي جون نوڪريون ھيون سي تـ اسان ھڪ ھفتو اڳ ڀري چڪا آھيو
پر جيڪڏھن اوھان سب انجنيئر جي پوسٽ وٺڻ چاھيو تـ ان جو آرڊر مان اڄ ئي جاري ڪري
سگھان ٿو ۽ ان نموني استاد بخاريءَ جي فرزند سيد سردار علي شاھ کي اھا نوڪري ملي
ھئي، بعد ۾ سندس عبداللھ شاھ پروموشن ڪيا ۽ ھاڻي ھو واٽر بورڊ ۾ اي سي طور ڪم پيا
ڪن. قصـ گو ممتاز رڏ وٽ قصا تمام گهڻا آھن ۽ انھن سڀني کي ھڪ ننڍڙي ڪالم ۾ بيان
ڪرڻ ممڪن ئي ناھي ان لاءِ جاري قصي واري قافلي کي وقتي طرح ساھي ٿا پٽرايون.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو