Friday, November 1, 2024

جنت جو سير؛ جيجل امان پبلڪ ھاءَ اسڪول گهوٽڪي

 


ڇوليون

ھرانسان لاءِ جنت جو تصور پنھنجو پنھنجو آھي، ڪن ماڻھن کي جنت جي حورن جي طلب آھي ۽ انھن کي ياد ڪري سندن گگون جيئري ئي ڳڙڻ لڳنديون آھن، ڪن کي وري غلمانن جي صحبت بي چين رکي ٿي، ڪي شرابن طھورا جو ذائقو چکڻ جا خواھان آھن. غالب وري چئي پيو تـ کيس جنت جي حقيقت معلوم آھي بس دل کي وندرائڻ (بھلائڻ) لاءِ خيال سٺو آھي. بي بي رابعا بصريءَ لاءِ روايت آھي تـ اھا ھڪ ھٿ ۾ پاڻي جي بالٽي ۽ ٻئي ھٿ ۾ باھ جي اماڙي کنيو پيئي ويئي کانئس ڪنھن ان جو سبب پڇيو تـ وراڻيائين ”وڃان ٿي دوزخ جي باھ وسائڻ ۽ جنت کي ساڙڻ تـ جيئن انسان اللھ پاڪ جي عبادت بنا ڪنھن خوف يا لالچ جي ڪري سگهن.“  منھنجي لاءِ جنت ھڪ اھڙي جاءِ آھي جتي، وڻ ٽڻ،گل ٻوٽا،  جبل، نديون، آبشار ھجن ۽ ان ماڳ تي انسان سان گڌ ٻيا ساھوارا امن سان رھندڙ ھجن، جتي خوشيون ھجن، علم ھجي، محبت ھجي، جتي ذات پات، جنس، مذھب، فرقي جو ڪو نشان نـ ھجي، جتي ڪنھن بـ قسم جي ڪائي پريشاني نـ ھجي، جتي رقص، موسيقي، راڳ رنگ جا آلاپ ھجن، ۽ جتي وڃڻ کان پوءِ اوھان جي دل ٻئي ڪنھن پاسي وڃڻ جي خواھش ئي نـ ڪري.  ڪجھ ڏينھن اڳ سائين غلام مرتضى سومرو (جي ايم سومرو)، سائين ربنواز ميراڻي صاحب جن سان گڏجي ھڪ اھڙي جنت جو نظارو ڪري آيو آھيان جيڪو سنڌ جي ضلع گهوٽڪي ۾ سائين منظور حسين سومري جي ڪاوشن سان ”جيجل امان پبلڪ ھاءِ اسڪول“ جي نالي سان جڙيل آھي. ھڪ نيڪ ۽ سخي انسان پنھنجي ڀائرن سان پنھنجي ملڪيت جي ورھاست ڪرڻ بعد سندس حصي ۾ آيل پنھنجي ڪروڙين روپين ماليت جي زمين تي پنھنجي کيسي مان ڪروڙين روپيا خرچ ڪري ھڪ بين الاقوامي معيار جو تعليمي ادارو قائم ڪيو آھي. اسڪول جي اڏاوت ۾ بھترين معيار جو مٽيريل استعمال ٿيل آھي، عمارت آرڪيٽيڪچر جو ھڪ اھڙو مثال آھي جنھن جي پري کان ھڪ جھلڪ ڏسڻ سان ماڻھو مٿس موھت ٿيو پوي. خلاصا ھوادار ڪلاس روم، قيمتي، پائيدار ۽ رنگا رنگي بئنچون، ڪرسيون، ٽيبلون، ليبارٽريز، وڏو ۽ ڪشادو آڊيٽوريم، ملٽي پرپز ھال، لئبرري، ڪمپيوٽر ليب، تيز ترين انٽرنيٽ سروس بس ڇا ڳالھ ڪري ڇا ڪجي. ان کان سواءِ نياڻين جي سکيا لاءِ ووڪيشنل سينٽر جنھن ۾ اڪيچار سلائي مشينون ٽيبلن تي فڪس ٿيل نظر آيون؛ جن ۾ ٻـ عدد انتھائي جديد ۽ قيمتي جوڪي ڪمپنيءَ جون مشينون پڻ شامل ھيون جن ۾ ڊسڪ وجھي پنھنجي پسند مطابق سلائي ۽ ڪڙھائي خودڪار نموني ڪري سگھجي ٿي شامل ھيون. سلائيءَ سان گڏ ڪڙھائيءَ جو الڳ بندوبست ۽ انھن ھالن ۾ نياڻين پاران سلائي، ڪڙھائي ڪري رکيل ڪپڙا نياڻين جي سکيا جي ساک ڀريندي نظر آيون. نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي آن لائين لرننگ ۽ آن لائين ارننگ، فري لانسنگ سيکارڻ لاءِ ھڪ اعلى ڊگري حاصل ڪيل نوجوان جو خدمتون ورتيون ويون آھن. اداري ۾ بجليءَ جي رسد ھڪ منٽ لاءِ بـ بند ناھي ٿيندي ڇوتـ سمورو وھنوار طاقتور سولر انرجي تي ھلندو آھي. جيجل ماءُ اسڪول جي مک عمارت جي ڀرسان ھڪ بين الاقوامي معيار جو مدرسو پڻ قائم ڪيو ويو آھي جتي طالبن کي ديني تعليم جي روشنيءَ سان منور ڪيو ويندو آھي پر انھن لاءِ لازمي قرار ڏنو ويو آھي تـ اھي پنھنجي نصابي تعليم بـ جاري رکن. اتيئي ھڪ جديد ترين چئونرو ”ڪچھريءَ جو ماڳ“ جي نالي سان جڙيل آھي جنھن ۾ جنڊي تي جڙيل خوبصورت صوفا سيٽ ۽ کٽون رکيل آھن جن کي ڏسندي ئي اوھان جي دل ۾ پنھنجي عظيم ثقافتي ورثي تي فخر جا احساس اڀري پوندا. ڀرسان ئي وري اوطاق جو ڪمرو وڏي ڪمال ڪاريگريءَ سان جڙيل آھي جنھن جي ڇت ڪمال ڪاريگريءُ سان ڪانن ۽ رنگين ڌاڳن وارن رسين سان جڙيل آھي. عمارت جي چوڏس ھرقسم جي قيمتي وڻن جون قطارون اوھان کي نظر اينديون. سائين منظور حسين سومرو تازو اتي ھڪ انبن جو باغ پڻ پوکيو آھي جنھن ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي بھترين انبن جا وڻ لڳايا ويا آھن. انھن وڻن ٽڻن تي ھرقسم جا پکي وڏي اطمينان سان پنھنجون ٻوليون ٻوليندي نظر آيا.

اسان کي گائيڊ ڪندڙ انتھائي شفيق ۽ مھربان نوجوان محترم حافظ قادر بخش سينئر ايڪزيڪيٽِوُ جنھن جو جيجل امان پبلڪ اسڪول قائم ڪرڻ ۾ وڏو سھڪار رھيو آھي ۽ جيڪو ٻين ڪيترن ادارن کي ڪاميابيءَ سان ھلائيندڙ پڻ آھي ٻڌايو تـ سائين منظور حسين سومري اھي وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا پوري پاڪستان مان خريد ڪري اتي اچي لڳايا آھن ۽ کيس جڏھن ڪنھن انوکي گل ٻوٽي جا وڻ جو ڏس پتو ملندو آھي تـ پھرين فرصت ۾ ان جي حاصلات لاءِ نڪري پوندا آھن ڀلي ان لاءِ کيس سوين ميلن جو سفر ڇونـ ڪرڻو پوي. ھر مھمان جي آمد سان اتي وڻن، گلن ٻوٽن ۾ واڌ لازمي ان ڪري بـ ٿئي ٿي تـ آيل مھمان جي ھٿان ھڪ وڻ يا گل ضرور پوکرايو ويندو آھي جنھن تي آيل مھمان جي نالي وارري تختي لڳائي ويندي آھي. جڏھن مون انھن ٻوٽن تي لڳل تختين تي لکيل نالن تي نظر ڦيرائي تـ مون کي پوري سنڌ جي ساڃھوندن سان گڏ ڪيترن ئي ٻاھرين ملڪن جي مھندارن جا نالا نظر آيا. اسڪول جي عمارت جي ڀرسان ھڪ مرغي فارم سان گڏ زولاجيڪل گارڊن پڻ قائم ڪيل آھي جنھن ۾ ھرڻ، ٻڪريون ۽ ٻين جانورن جي نسل افزائي ٿيندي آھي. مٿين ڪلاسن نائين، ڏھين، يارھين، ٻارھين لاءِ الڳ عمارت جوڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آھي جنھن جو ھڪ پورو فلور انفرميشن ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي (ICT) لاءِ مختص ھوندو.

ھنوقت تائين مان اوھان کي اسڪول گهڻو تڻو اسڪول جي اڏاوت، سونھن سوڀيا جون ڳالھيون ٻڌايون آھن. اسڪولن ۾ جيڪڏھن تعليمي عمل معياري نـ ھجي تـ ان قسم جون سڀ سھولتون ڪنھن ڪم جون نـ رھنديون. ھڪ ننڍڙي وزٽ ۾ اسڪول جي معيار کي پرکڻ ۽ ڪي حتمي رايا قائم ڪرڻ اصولي طور درست ناھي پر مون سرسري طور جڏھن اسان اسڪول جي ماحول، تعليمي عمل، معيار، روين جي پرک ڪئي تـ ڪيئي مثبت ڳالھيون نظر آيون. اسڪول ۾ داخل ٿين وقت ٻارڙا انتھائي خوش ۽ ٻھڪندڙ لڳا جڏھن تـ موڪل بعد واپسي تي اٻاڻڪا نظر آيا جھڙوڪر سندن منشا ھجي تـ جيڪر اڃا وڌيڪ وقت اتي گذارجي. ان ڳالھ مان اندازو لڳايم تـ اسڪول اندر ضرور دوستاڻو ماحول ھوندو، ٻيو تـ اسڪول جي آرام ڏيندڙ بئنچن تي ويھندي کين ڪنھن قسم جي ٿڪاوٽ ڪونـ ٿيندي ھوندي، کليل ھوادار ڪمرا، سڄو ڏينھن سولر جي مھربانيءَ سان پکن جي اڻ کٽ ھوا ڪري کين وقت گذرڻ جو احساس ئي ڪونـ ٿيندو ھوندو. مٿان وري اسڪول جو ڌڻي سائين منظور حسين سومرو ھرٻار سان پنھنجي اولاد وانگر پيار ڪندو آھي، نياڻين جي مٿي تي ھٿ رکي ۽ شاگردن سان ھينڊ شيڪ ڪري کين اطمينان ڏياريندو آھي تـ منھنجي ھوندي اوھان کي ڪنھن بـ ڳالھ جي ڳڻتي ڪرڻ جي ڪائي ضرورت ناھي. سنڌ اندر اھڙا ڪي چند اسڪول ۽ تعليمي ادارا ھوندا جتي دڙڪن، دھمانن، مارڪٽ جي جاءِ تي محبت، شفقت، پيار ۽ پنھنجائپ جا سڀاويڪ رويا رکيا ويندا آھن ۽ جيجل ماءُ پبلڪ اسڪول انھن مان ھڪ آھي. حقيقت ۾ اھو ئي صحيح طريقو آھي ٻارن کي پڙھائڻ جو، جتي ٻار پنھنجو پاڻ کي محفوظ سمجھي ۽ دل کولي پنھنجي اندر جي منشا بيان ڪري سگهي. ذھني توڙي جسماني مارڪٽ ٻارڙن کي ھيسائي ڇڏڻ جوسبب ٿيندو آھي ۽ ٻار منجھيل منجھيل رھندو آھي ۽ پنھنجي دل جي ڳالھ کلي ڪري بيان ڪري نـ سگھڻ ڪري اندر ئي اندر ڪڙھندو رھندو آھي ۽ جڏھن وڏو ٿيندو آھي تـ سندس شخصيت اڌوري رھجي ويندي آھي. ان جي مقابلي ۾ استادن جي دوستاڻي طرز تعليم ڪري سڀ شاگرد ۽ شاگردياڻيون دلي اطمينان محسوس ڪنديون آھن. جيجل ماءُ اسڪول اندر ٻارڙن ھڪ ٽڪ ۽ بوڪ شاپ جڙيل آھي جنھن جي مختلف خانن ۾ معياري بسڪوٽ، ٽافيون، بوڪ، پين، پينسلون رکيل آھن ۽ ھر خاني تي ان وکر جي قيمت لکيل آھي، ھرڪنھن کي آزادي آھي تـ دڪان تان جھڙي شيءِ کيس گهربل آھي اھا کڻي ان تي لکيل قيمت اتي رکيل کليل دٻي ۾ رکي ھليو وڃي ڇو تـ ان شاپ کي ھلائڻ لاءِ ڪوبـ مقرر ٿيل ناھي. اھو ھڪ بھترين خيال آھي ۽ ٻارڙن جي ننڍي وھيءَ منجھ ايمانداريءَ جا سلا پوکڻ جي ھڪ تمام ڪامياب ڪوشش آھي، اھي جڏھن وڏا ٿي ڪري جنھن بـ شعبي ۾ قدم رکندا تـ اميد تـ اتي ايمانداري ۽ سچائيءَ جا مثال قائم ڪري ايندا.

سنڌ اندر اڳ بـ ديارام جيٺ مل، نادرشاھ ايڊلجي ڊنشا، نورمحمد لاکير، ڊيپ چند اوجھا، رائي بھادر اڌائو داس تارا چند، ڪوواسجي جھانگير جھڙا سخي مرد ٿي گذريا آھن جن جي ڪري ڊي جي ڪاليج، اين اي ڊي يونيورسٽي، نورمحمد ھاءِ اسڪول، اوجھا انسٽيٽيوٽ آف چيسٽ ڊزيز، سول اسپتال شڪارپور، گدو مينٽل اسپتال جھڙا ادارا قائم ٿيا جيڪي اڄ سوڌو ماڻھن کي فيض ڏيڻ جو وھنوار جاري رکيون پيا اچن، بلاشڪ سائين منظور حسين سومرو جي ھن ڪاوش کيس انھن مڻيادار سخي مردن جي لسٽ ۾ وڃي بيھاريو آھي ۽ يقين اٿم تـ سنڌ جا مورخ سومري صاحب جو نالو ان لسٽ ۾ نمايان طور شامل ڪندا.

ڪجھ ڏيئي وينداسين، ڪجھ نـ کڻي وينداسين،

ٻور آھيون، ڏيئي ميوو ڇڻي وينداسين.

تنوير عباسي.

 

انگريزي فڪشن فلم ”مريخي ماڻھو“ (The Martianا) جو جائزو

 

 

ڇوليون


گل ڪٽوهر

هالي ووڊ، بالي ووڊ ۾ گھڻيون تڻيون فارمولا فلمون جڙن ٿيون جن کي ڏسڻ وقت جو زيان لڳندو آهي.  اهڙن فلمن جون ڪهاڻيون هر هنر ۾ يڪتا عظيم طاقت رکندڙ هيرن جي چار ڏس ڦرندي ڏيکاري وينديون آھن. جيڪي سئو گوليون کائي به بچي ويندا آهن ۽ سامهون جديد هٿيارن سان ليس ماڻهن جي جٿن کي هٿين خالي هوندي تهس نهس ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اسان جهڙا وائڙا فلم بين تاڙيون وڄائي کين داد ڏيندا آهن. پر ڪڏهن ڪڏهن هالي ووڊ، بالي ووڊ توڙي لالي ووڊ [پاڪستان فلم انڊسٽري] ۾ ڪي بهترين فلمون به ٺهنديون آهن. تازو مون هڪ سائنس فڪشن فلم دي مارشين يعني ته مريخي يا مريخ تي رهڻ وارو ماڻهو ڏسڻ جو اتفاق ٿيو ته ان جو هلڪو ڦلڪو جائزو پيش ڪيان پيو پر سوچيان پيو ته ڪٿان شروع ڪيان سوبه سنڌي ٻوليءَ ۾ جنهن جا پڙهيل لکيل، سي ايس ايس پاس وڏا پوليس آفيسر قانون جي عملداري کي پنهنجي علم، عقل، رياستي قانونن تحت لاڳو ڪرڻ بدران ڏوهن تي ظابطي لاءِ مشڪري ٽائيپ ملن کان مسجدن ۾ واعظ پيا ڪرائين. هي رڳو سنڌ جو مسئلو ناهي پوري پاڪستان جو ڏچو آهي ته عقل، منطق، سائنس، دليل جي ڳالهه ڪرڻ واسينگ جي ٻرن ۾ هٿ وجھڻ برابر آهي. هن ملڪ ۾ چنڊ جي چرپر ۽ ظاهر ٿيڻ وارن مامرن کي سائنسدانن بدران اکين کان نابين ملن جي حوالي ڪيو ويو آهي. هت جيڪي سائنس جي پهرين لفظ سين کان اڻ واقف آهن اهي سائنسدانن کي سائنس سيکاريندا آهن! هاڻي مان وري هليو آهيان اهڙي ملڪ جي ماڻهن کي هڪ مڪمل نموني سائنس فڪشن فلم متعلق ٻڌائڻ! اهڙين گستاخين ڪري الاهي يار دوست لٺ کڻي منهنجي ڪڍ پوندا آهن ۽ خبر ناهي ڪهڙا لقب القاب پڻ ملي ويندا آهن خير آهي اهي به پنهنجو شوق پورو ڪن ۽ پاڻ به پنهنجو ڪم ڪيون پيا.

هن فلم جي ڪهاڻي ڪجهه هن طرح آهي ته آمريڪي اداري ناسا پاران هڪ خلائي جهاز تجربن لاءِ مريخ تي موڪليو ويندو آهي پر اتي هڪ تيز طوفان ڪري کين پنهنجو ڪم اڌ ۾ ڇڏي واپس ورڻو پوندو آهي پر ان حادثي زد ۾ اچي سندن هڪ ساٿي گم ٿي ويندو آهي جنهن سان سندن ڪوبه رابطو ٿي نه سگھندو آهي ۽ هو سمجھندا آهن ته سندن اهو ساٿي هاڻي هن جهان ۾ ناهي رهيو، پر حقيقت ۾ اهو سخت زخمي ٿي واريءَ جي طوفان ۾ پورجي ويندو آهي جتان هو نڪري خلائي اسٽيشن تي اچي پنهنجي سرجري پاڻ ڪري پنهنجو پاڻ کي بچائي وٺندو آهي. هاڻي کيس بلڪل نئين ۽ انوکي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيڻو پوندو آهي. هڪ وشال دنيا جنهن تي ڪو به ٻيو ساهوارو جيو ناهي، جنهن تي رهندي سندس رابطا سڀني کان ڪٽجي ويندا آهن. اتي هو کاڌي پيتي جي شين جو جائزو وٺي اندازو لڳائيندو آهي ته اهي ڪيترو ڏينهن هلندا، جيڪڏهن ڌرتيءَ تان کيس ڪا مدد ملندي ته ان ۾ ڪيترو وقت لڳندو هر حساب ڪتاب ۾ کيس لڳندو هو ته هڪ نه ته ٻئي نموني موت جي منهن ۾ هليو ويندو. انهن سڀني حقيقتن هوندي به هو مايوس ناهي ٿيندو ۽ زندهه رهڻ جا جتن ڪرڻ لڳندو آهي. اتي هو پنهنجي سائنسي دماغ کي استعمال ڪندي هڪ علائقي کي مڪمل نموني پلاسٽڪ سان ڍڪي اتي واريءَ سان گڏ پنهنجو فضلو ملائي پٽاٽن جي پوکائي لاءِ زمين تيار ڪندو آهي. زمين ته تيار ٿي ويندي آهي پر ٻوٽن کي ته آڪسيجن پڻ گھرجي ۽ پوءِ موجود وسيلن مان ٻوٽن لاءِ آڪسيجن پڻ تيار ڪري وٺندو آهي ۽ نيٺ پٽاٽن جو هڪ فصل تيار پڻ ڪري وٺندو آهي. هو پنهنجي دل وندر لاءِ سسٽم ۾ محفوظ ٿيل موسيقي ٻڌندو آهي ان تي اگرا تبصرا به ڪندو آهي، خلائي اسٽيشن کان ٻاهر نڪري خلائي ٽرڪ ۾ چڙهي مريخ جو مشاهدو به ڪندو رهندو آهي، کيس گھڻن ئي ٽيڪنيڪل مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. آمريڪن خلائي ادارو ناسا ڌرتيءَ تان ويهي ان سڄي صورتحال تي نظر رکيون ايندا آهن. انهن کي جڏهن مريخ تان ڪجھ تصويرون ملنديون آهن جن ۾ ڪجھ شيون هڪ وقت هڪ جاءِ تي ته ٻي وقت ٻي جاءِ تي پيل نظر اينديون آهن ته کين اهو حيرت انگيز لڳندو آهي ۽ اهي سمجھي ويندا آهن ته خلاباز جنهن کي هنن مئل سمجھيو هو اهو جيئرو آهي. هاڻي هنن لاءِ به وڏو ڏچو پيدا ٿي پوندو آهي ته هو ڇا ڪن، سڀ کان اول هو مريخ تي رهندڙ خلاباز سان رابطي جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ان مسئلي جو حل به مريخي خلاباز ڪڍي وٺندو آهي. ناسا جي هيڊ ڪواٽر ۾ ماهر منجھي پوندا آهن ته ان خلا باز کي ڪيئن بچائجي. مريخ تائين کيس مدد پهچائڻ لاءِ کين ست اٺ مهينا گھربل هوندا آهن ۽ خلائي جهاز جيڪو واپسي جي پنڌ تي آهي ته جيڪڏهن ان کي واري واپس اماڻجي ته سندن ٻارڻ ايترو ناهي هوندو ته هو پوءِ واپس وري سگھي. ان وچ ۾ هڪ بنا خلاباز وارو خلائي جهاز جنهن ۾ کاڌي پيتي جون شيون رکي لانچ ڪيو ويندو آهي ته اهو ٿوري دير ۾ تباهه ٿي ويندو آهي. هوڏانهن واپسي واري پنڌ تي گامزن خلابازن کي تمام دير سان سندس ساٿي جي زندهه هئڻ جو اطلاع ملندو آهي. نيٺ واپسي واري خلائي جهاز کي مريخ تي رهندڙ ساٿي کي کڻي اچڻ جو ڪم سونپي چيني سائنسدانن جي مدد سان هڪ ٻيو خلائي جهاز ڪاميابي سان لانچ ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻارڻ  هوندو آهي. ان وچ ۾ ڪيئي فني خرابيون پيدا ٿي پونديون آهن جن کي ڏسي اهو محسوس ٿيندو آهي ته بس هاڻي سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو وري ٻي گھڙي اهو پڻ احساس ٿيندو آهي ته هاڻي ٻيڙا پار آهن. آخر ۾ جڏهن اهو ڦاٿل خلاباز پنهنجي ساٿين سان ملي ٿو ۽ اهو سين هزارين ڌرتي واسي آمريڪا، چين، برطانيا سميت سڄي دنيا ۾ ڏسن ٿا ته الون الا ٿي ويندي آهي. ماڻهو خوشيءَ وچان نچڻ ٽپڻ هڪ ٻئي کي ڳراٽڙيون پائڻ لڳندا آهن ۽ مون جهڙا حساس دل رکندڙ ڳوڙها ڳاڙي ويهندا آهن. پر فلم اتي ختم ناهي ٿيندي ان جو طاقتور حصو ته اهو آهي جڏهن اهو ساڳيو خلاباز زمين تي اچڻ کان گھڻو پوءِ هڪ خلائي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر جي حيثيت ۾ پنهنجي پهرين ڏينهن واري ليڪچر ۾ چوندو آهي۔

”مان اوهان کي خلابازي جي ڪلاس ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪيان ٿو، اوهان سڀ ڌيان ڌريو يقين ڪيو ته ان سان اوهان جي جان بچي سگھي ٿي. يقين ڪيو ته اهو مون کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه نه ٿو ڄاڻي. وڌيڪ ڳالهائڻ کان اڳ مان اوهان کي صاف صاف ٻڌائڻ ٿو گھران ته ها مان ڪروڙين ميل پري هڪ گرهه تي رڳو ان ڪري زندهه رهي سگھيس ته مون پنهنجي گونهه مان پٽاٽن جو فصل پوکيو هو، ها ٻڌائڻ ۾ اهو جيترو خراب ٿو لڳي حقيقت ۾ اهو ان کان وڌيڪ ڪرڀ وارو آهي ان ڪري ان تي وري ڪڏهن به نه ڳالهائندس. هڪ سوال مون کان ور ور پڇيو ويندو رهيوآهي ته جڏهن مان مريخ تي اڪيلو ڦاٿل هيس ته ڇا مون کي اهو احساس هوندو هو ته مان مري ويندس. ها بلڪل لڳو هو ۽ اهو احساس ضروري آهي ڇوته اهو اوهان سان ڪڏهن به ٿي سگھي ٿو. اهو خلا آهي اوهان جي سوچن تحت ڪم ناهي ڪندو ڪنهن به ٻه واٽي تي اوهان جي سامهون مشڪلاتن جو ڍڳ جڙي پوندو۽ هر شيءِ وکري ويندي ۽ اوهين اهو سوچيندو ته بس سڀ ختم ٿي ويو۽ هاڻي منهنجو خاتمو آهي. اهڙي ماحول ۾ يا ته اوهان دل هارائي شڪست کي قبول ڪري وٺو يا وري پوءِ پنهنجي ڪم سان لڳي وڃو. اهائي ڳالهه سڀ کان اهم آهي، پنهنجو ڪم شروع ڪيو، حساب ڪري وٺو پهريون هڪ مشڪل حل ڪيو پوءِ ٻي ۽ پوءِ ٽين ۽ چوٿين ۽ جڏهن سڀ مشڪلون حل ٿي وڃن ته گھر هليا اچو.“

محترمه شهيد بي نظير صاحبه هڪ دفعي چيو هو ته ”ايڪويهين صديءَ ۾ جيڪي قومون قلم سان لکنديون اهي جاهل چوائينديون.“ پر افسوس ته اڄ به جديد ٽيڪنالاجي پاڻ وٽ حرام آهي. دنيا وارا صديون پوءِ ٿيندڙ واقعن تي ائين سوچين ٿا، انهن جا ممڪن حل ٻڌائين ٿا ۽ اسان اڃا تائين پٽاٽن کي اڌو اڌ ڪري الله سائين جا نالا پيا ڳولهيون، ٻڪرين تي قدرتي طرح آيل رنگن کي معجزو ٿا قرار ڏيون، آسماني ڪڪرن جي اتفاقي بڻيل ڪنهن شڪل کي ڏسي سبحان الله جو ورد ٿا شروع ڪري ڏيون، ڪاش مغربي ملڪن وانگر اسان به انهن جهڙا معجزا ڪرڻ جي قابل ٿي سگھون. جيستائين اهو ڪري سگھون اسان جي استادن کي گھرجي ته گھٽ ۾ گھٽ نئين نسل ۾ سائنسي سوچ جا سلا ته پوکين، کين مختلف مامرن تي شڪ ڪرڻ جي اجازت ڏين، کين سوال ڪرڻ جي اجازت ڏين تڏهن به گھڻو ڪجھ حاصل ٿي سگهي ٿو. 

پاڪستاني سياست

 


پاڪستان جي تاريخ کڻي ڏسو جڏھن بـ ڪا پارٽي اقتدار جي مسند تي ويٺل ھوندي آھي تـ ان جو بيانيو اھو ھوندو آھي تـ ”گذريل حڪومت ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏي ھئي، ڪرپشن، پنھنجا نوازي ڪري ملڪ جا ترا نڪري ويا ھئا ۽ اسان کي ھڪ ڪمزور، نٻل، حڪومت ملي آھي جنھن کي سڌارڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏھ ويھ سال گهربل آھن ۽ اھا تمام سٺي ڳالھ آھي تـ گذريل حڪومت جي برعڪس ھنوقت سمورن ادارن جھڙوڪر حڪومت، اسٽبلشمنٽ ۽ عدليا ھڪ پيج تي آھن، ملڪي وحدت مضبوط ھٿن ۾ محفوظ آھي، اسين اڳتي وڌون پيا پر شڪست خوردھ سياستدان ملڪي وحدت کي داءُ تي لڳائي ڀڃ ڊاھ واري سياست ڪن پيا ۽ اسان سندن ناپاڪ ارادن کي لوھي ھٿن سان مروڙي ڇڏينداسين ڪنھن کي بـ قانون ھٿن ۾ کڻڻ جي اجازت ڏيئي نـ ٿي سگھجي، وغيرھ وغيرھ“ـ جڏھن ڪا پارٽي حزب اختلاف ۾ ھوندي آھي تـ سندس بيانيو وري ھي ھوندو آھي تـ ”بوگس چونڊن ذريعي اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل حڪمران چور آھن، انھن گذريل پنھنجي اقتداري وقت ۾ ملڪ جي ڀينگ ڪئي ھئي ۽ ھاڻي باقي رھيل ڪسر بـ پوري ڪري ڇڏيندا، ڪرپٽ حڪمرانن کي لغام ڏيڻ ۽ عوامي طاقت سان کين روڪڻ وقت جي اھم ضرورت آھي، اسٽبلشمنٽ ۽ اعلى عدليا کي گهرجي تـ اھي حڪمرانن جا ونگارون ٿيڻ بدران اسان جو ساٿ ڏين، احتجاج ڪرڻ اسان جو آئيني حق آھي ۽ اسان کي ان حق کان ڪوبـ روڪي نـ ٿو سگهي.“ 

ان قسم جو رويو سڀني اقتداري سياسي پارٽين جو ھوندو آھي جڏھن اھي سرڪاري ڪرسي سيڙايون ويٺا ھوندا آھن يا وري جڏھن ھو مخالف ڌر جو حصو ھوندا آھن. مطلب تـ رڳو پارٽيون ۽ اڳواڻ بدليل ھوندا آھن پر بيانيو حيرت انگيز طور ساڳيو ھوندو آھي. پاڪستان جي معرض وجود ۾ اچڻ کان ھنوقت تائين ڪنھن بـ حڪومت عام ماڻھن جي زندگين ۾ ڪو حقيقي ڦيرو ناھي آندو. بک، بيروزگاري، بيماريون، دھشت گردي، فرقا پرستي، ڪرپشن، اھليت جي لتاڙ، وسيلن جي ڦرلٽ، ڪجھ مقدس ادارن کي مليل ڇوٽ، رياست اندر رياست

ھنوقت 6 آڪٽوبر 2024ع ”پنھنجي اخبار“ جو شمارو منھنجي ھٿن ۾ آھي جنھن جي پھرين صفحي جي بلڪل مٿاھين سرخي آھي تـ ”احتجاج شنگھائي ڪانفرنس خلاف سازش قرار، پي ٽي آئي ھٿيار بند تنظيم آھي، افغانستان مان منتقل ٿي، گنڊاپور نتجا ڀوڳيندو؛ حڪومت“.  مک سرخي آھي تـ ”گنڊا پور آخر ڪار اسلام آباد پھچي ويو، گرفتاري جا اطلاع، ٻئي ڏينھن بـ ڇڪتاڻ، 120 افغانين سوڌو 64 ڪارڪن سوگھا“. ساڳي مک سرخي جي سب سرخي آھي تـ ”ملڪ ۾ مارشلا لڳل آھي، گنڊاپور کي ڪي پي ڪي ھائوس مان غير قانوني طور تي گرفتار ڪيو ويو آھي، عدالت وينداسين (عمر ايوب ۽ بيريسٽر سيف)“ کيس ناحق باندي بڻايو ويو آھي.“ مون گوگل ڪري جناب عمران خان جي اقتداري دئور جون ڪجھ ڳالھيون نوٽ ڪيون آھن جنھن ۾ ھو چئي ٿو تـ ”منھنجي لاءِ وڏي ۾ وڏو چيلنج اھو آھي تـ ڪيئن اسان پنھنجي رياستي ادارن ۽ حڪمراني ۾ سڌارا آڻيون“

 

واندي گذارڻ واري عادت

 


دوستو ڪالھ مون عادتن جي ڳالھ ڪئي ھئي تـ ڪيئن اھي اسان جي زندگين کي متاثر ڪنديون آھن. ھڪ منفي عادت  ”اجايو وقت وڃائڻ“ واري آھي. جنھن بـ نوجوان يا انسان تي ھيءَ عادت حاوي ٿي ويئي سمجھو سندس زندگيءَ جي ريل پٽڙيءَ تان کسڪي ڪنھن کاھي ۾ وڃي ڪري پيئي. بنا ڪارج وقت وڃائڻ واري عادت اوھان کي ٻين واندن ۽ ناڪارا انسانن جي صحبت ۾ وٺي ويندي ۽ اتان ئي نشي پتي، جوا، جُرمن، مايوسي، منفي سوچن وارا چارا نڪرن ٿا جيڪي اوھان کي اھڙي منزل تي پھچائيندا جتان واپس ٿيڻ ممڪن ئي ناھي. چوڻي آھي تـ واندو ماڻھو شيطان جو ڀاءُ، ان ڪري پنھنجي اندر ۾ جھاتي پائي ڏسو اوھان ڪيترو ان بيماري جي ور چڙھيل آھيو. پھرين فرصت ۾ ان مان جان آجي ڪيو، پنھنجو پاڻ کي مثبت، ڪارگر سرگرمين ۾ وٺي وڃو. جيڪڏھن صفا ڪجھ نـ ٿا ڪيو تـ ويٺي کان ونگار ڀلي واري چوڻي تي عمل ڪندي پنھنجي ڪنھن مٽ مائٽ، واقف ڪار جي ڪم اچو، جنھن جي ونگار وھندو اھو اوھان جو ٿورائتو رھندو ۽ ساڳي وقت اوھان ٻين منفي سرگرمين کان بچيل رھندو. 

قصـ گو؛ ممتاز رڏ

 

ڇوليون

ڪو دئور ھو جڏھن ماڻھن کي وندرائڻ، کين معلومات پھچائڻ لاءِ ڪو ميڊيا جو ذريعو نـ ھوندو ھو، تـ ان زماني ۾ ڪي ثقافتي طائفا ھوندا ھئا، ڀڳت ھوندا ھئا، ٿيٽرن وارا ھوندا ھئا جيڪي مختلف علائقن ۾ وڃي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري ھڪ پاسي ماڻھن جي دل وندرائيندا ھئا تـ ٻئي پاسي صدين جي ارتقائي مرحلن بعد جڙيل ثقافتي اسمن جھڙوڪر جھمر، رقص، لوڪ گيتن کي ايندڙ نسلن تائين پھچائيندا ھئا. ان سان گڏ ڪي قصا ڪھاڻيون ٻڌائڻ وارا انسان ھوندا ھئا جن جي سينن ۾ سَوَنِ ڪتابن جيترو مواد ھوندو ھو ۽ انھن کي قصن ڪھاڻين ٻڌائڻ جو اھڙو تـ فن ھوندو ھو جو کين ٻڌندڙ انسان سندن انداز بيان جي سحر ۾ گم ٿي ويندا ھئا.راتيون کٽي وينديون ھيون پر سندن قصا ڪونـ کٽندا ھئا. ھر گهر ۾ ڪو ڏاڏو ڏاڏي يا ناني ھوندي ھئي جن جي ڪھاڻين ٻڌڻ کان سواءِ ننڊ ئي ڪونـ ايندي ھئي ۽ ان ڳالھ جو اظھار جڳجيت ۽ چترا سنگھ پنھنجي ھڪ غزل ۾ تمام خوبصورت نموني سان اظھار ڪيو آھي؛

...محلے کی سب سے  نشانی پرانی،

وہ بڑھیا جسے بچے کہتے تھے نانی،

 وہ نانی کی باتوں میں پریوں کا ڈیرہ،

وہ  چہرے کی جھریوں میں صدیوں کا پھیرہ،

 بھلائے نہیں بھول سکتا  ہے کوئی.

 وہ چھوٹی سی راتیں وہ لمبی کہانی۔۔

ھاڻي دئور مٽجي ويو آھي، ميڊيا جا اڪيچار ذريعا پيدا ٿي پيا آھن ان ڪري مٿي بيان ڪيل طريقا مري چڪا آھن يا جھڙوڪر سڪرات ۾ آھن. ان ھوندي بـ اوھان کي پنھنجي سماج اندر ڪجھ اھڙا انسان ملي ئي ويندا جن کي اوھان قصـ گو چئي سگهو ٿا. سندن ذھنن ۾ پنھنجي دئور جي مڪمل تاريخ جھڙوڪر ٽيپ ڪري ڀري رکيل آھي. ھڪ دفعو اوھان کين ”جي“ چئي پوِءِ ويھي کين ٻڌو اوھان کي ائين لڳندو اھي سمورا مامرا اوھان جي سامھون رونما پيا ٿين.

خيرپور ۾ منھنجا ٻـ دوست وڏا قصـ گو آھن، سندن سينن اندر ڪيترن ئي ڪتابن جو مواد ڀريو پيو آھي جن مان ھڪ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ملازمت مان رٽائرمنٽ حاصل ڪري حيدرآباد جي ھوائن ۾ رھندڙ پيارو انور چنو آھي، ٻيو مصريءَ جي ڳنڍ جھڙو مٺڙو خيرپور شھر کان ٿورو پرڀرو ڳوٺ مٺڙي جو رھاڪو پيارو ممتاز رڏ آھي جيڪو اڄ ڪالھ پنھنجي علاج خاطر ڪراچيءَ جي ڪشمير ڪالوني ۾ رھائش پذير آھي. مون گذريل ڪراچي ياترا ۾ پنھنجي ڪلاس فيلو ناول نگار، ڪھاڻيڪار سائين رزاق سھتو، صوفياڻي راڳ رنگ جي گيڙو رنگ ۾ رنڱيل پروفيسر نذير احمد بھلڪاڻيءَ سان گڏ  پياري ممتاز رڏ سان ڪچھريون ڪيون ھيون. اڄ قصـ گو ممتاز رڏ پاران بيان ڪيل ڪجھ اھڙا قصا لکان ٿو جيڪي منھنجي خيال ۾ تاريخ جو حصو بڻجڻ گهرجن. ڇوتـ منھنجي خيال ۾ انھن ڳالھين جي اڃا تائين ڪنھن کي ڪا سمڪ ئي ناھي. ان کان اڳ جو مان ممتاز رڏ پاران بيان ڪيل قصا اوھان کي سڻايا ضروري ٿو سمجھان تـ سرسري طرح سندس ڳوٺ ۽ سندس ذاتي تعارف ڪرائيندو ھلان. ڳوٺ مٺڙي سياسي، سماجي، علمي طور باشعور دوستن جو ٺڪاڻو آھي. ان ڳوٺ جا رڏ ھجن، حاجاڻا ھجن يا ڪن ٻين ذاتين وارا سڀ پنھنجو مٽ پاڻ آھن. سائين نذير رڏ ۽ سندس ٻيا پوڙھا  باشعور ساٿي پنھنجي ڳوٺ ۾ شانتي نڪتين قائم ڪيو آھي جنھن ۾ ھر آچر تي سنڊي اسڪولنگ ۾ ڪو نـ ڪو سياسي، علمي، ادبي، ثقافتي ميڙاڪو ضرور ڪيو ويندو آھي ۽ اھڙن ميڙاڪن ۾ ڳوٺ جي نوجوان نسل جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو اعتماد بحال ڪرڻ، سندن ھٻڪ ختم ڪرڻ خاطرسمورو وھنوار کين ھلائڻ لاءِ چيو ويندو آھي.  ممتاز رڏ انھن باشعور پوڙھن جي حلقن سان گڏ ھوندي بـ سندس پنھنجو الڳ حلقـ احباب آھي ۽ سنڌ جي ثقافتي اسمن راڳ رنگ، راڳداري ڪندڙن، قومي شاعرن جا پروگرام ڪرائڻ، انھن جون سالگرھون ملھائڻ ۾ سندس ڪو مَٽُ ناھي. ممتاز رڏ گذريل 44 سالن کان سنڌ جي گَوَئي استاد منظور علي خان ۽ سنڌ جي شاعر استاد بخاريءَ جي ورسي بنا ساھي جي ملھائيندو پيو اچي. ممتاز رڏ کي استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو حافظ چئجي تـ وڌاءُ نـ ٿيندو. ممتاز رڏ پيدا ٿيندي ئي ڏکن ڏوجھرن جي ور چڙھي ويو ھو، اڃا تنجڻن ۾ ھو تـ غلط علاج ڪري سندس ھڪ اک ضايع ٿي ويئي ھئي، مڊل تائين پھچندي کيس پٿريءَ جي ذرڙن تمام گهڻو تنگ ڪري رکيو ھو، جڏھن پنھنجي اھليت تي سنڌي استاد چونڊيو ويو ھو تـ 30 سيپٽمبر واري واقعي ڪري (جنھن سان سندس ڪو پري جو واسطو بـ نـ ھو) کيس ۽ سائين مجتبى شاھ راشديءَ کي خيرپور مان گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ويو ھو ۽ کيس نوڪريءَ مان ڊسمس ڪيو ويو ھو. ممتاز رڏ سياسي سفر ۾ سائين جي ايم سيد، پيرصاحب پاڳارو، سيد غوث علي شاھ صاحب، ڄام صادق کان ويندي عبداللھ شاھ صاحب جن سان گڏ گذاريو ھو. ايڏن وڏن دبنگ سياستدانن سان گڏ رھندي، سوين نوجوانن ۽ گهرج وندن جا ڪم تـ ڪرايا پر ھن پنھنجو پاند رشوت خوري ۽ بدعنوانيءَ جي گپ ۾ ميرو ٿيڻ نـ ڏنو جيڪو ھن دئور ۾ بس ھڪ معجزو ئي چئي سگهجي ٿو.

ڊيگھ کان بچندي اچو تـ مان اوھان کي سندس سڻايل ڪجھ قصن مان ٻـ عدد قصا ٻڌايان. سندس چوڻ ھو ڪنھن زماني ۾ سازدا (سنڌ ايرڊ زون ڊويلپمنٽ اٿارٽي) ۾ ڊائريڪٽر جي پوسٽ تي ڪم ڪندڙ سندس دوست الاھي بخش ٻانڀڻ کانئس فرمائش ڪئي تـ ھو استاد بخاريءَ سان ملڻ ٿو گھري، ۽ وڌيڪ اھو چيائين تـ ”مان پنھنجي گاڏي تو وٽ ڪاھي ايندس، رات جو اتي رھندس جوئر جي ماني کير سان کارائجانءِ وڏڙن سان ملائجانءِ ۽ پاڻ صبح جو نڪري ھلنداسين.“ ممتاز جي بيان مطابق ”صبح جو ٻانڀڻ صاحب جي شاندار گاڏيءَ ۾ نڪري موري ۾ سائين راشد مورائي وٽ ساھي پٽي تـ اتي اسان کي اٺين پاس ڪري نائين ڪلاس ۾ پڙھندڙ ھڪ سھڻو نوجوان ويٺل مليو ھو ان اسان کان پڇيو تـ اوھان ڪيڏانھن پيا وڃون مون کيس چيو تـ اسان استاد بخاري سان ملڻ پيا وڃون، ھن چيو تـ سندس پڻ استاد بخاريءَ سان ملڻ جي تمنا آھي ۽ کيس اسان پاڻ ساڻ گڏ وٺي ھلون. اسان کيس چيو تـ جيڪڏھن اوھان جو والد صاحب اجازت ڏيندو تـ اسان اوھان کي ساڻ کڻي ھلنداسين. ٻارڙي چيو تـ سندس والد صاحب گذاري چڪو آھي امان کان اوھان مون کي اجازت وٺي مون کي ساڻ کڻي ھلو. ان وچ ۾ راشد مورائي چيو تـ ھي ٻار تمام گهڻو پختو شاعر پڻ آھي ۽ جڏھن اسان جي فرمائش تي ان ٻار پنھنجي شاعري ٻڌائي ۽ اسان جا تـ واڄٽ وڄي ويا. نيٺ اسان سندس امڙ کان اجازت وٺي کيس ساڻ ڪري دادو طرف سفر جي شروعات ڪئي ۽ اھو ننڍڙو نينگر ھو سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل جناب احمد سولنگي.“

ٻيو ھڪ قصو بيان ڪندي ٻڌايائين تـ ”نوي واري ڏھاڪي ۾ جڏھن ڄام صادق سنڌ جو وزير اعلى ھو استاد بخاري پير صاحب پاڳاري سان ملاقات جي خواھش ظاھر ڪندي چيو تـ اسان شاعر ماڻھو آھيون، شاعريءَ ۾ پختگيءَ خاطر ۽ مختلف ڪردارن کي روبرو ڏسي ذاتي مشاھدن خاطر مان ساڻس ملڻ ٿو گهران ان کان اڳ مان مختلف ڪردارن جھڙوڪر سيد قائم علي شاھ، غوث علي شاھ صاحب جن سان تـ ملاقاتون ڪري چڪو آھيان پر اڃا تائين پير سائين پاڳاري شاھ مردان شاھ سان ملي نـ سگهيو آھيان، ان سان ملاقات جو ڪو بندوبست ڪر.  اھو عيد جو زمانو ھو مان پير صاحب سان ملي کانئس استاد بخاريءَ لاءِ وقت ورتو. پير صاحب پاڳارو وقت جو تمام گهڻو پابند ھوندو ھو اصل منٽن ۽ سيڪنڊن جو خيال رکندو ھو. استاد بخاريءَ جي خانگي سواري ۾ اچڻ ڪري ڪجھ دير ٿي ويئي ھئي جيڪا پير صاحب نظر انداز ڪندي اسان ٽنھي استاد بخاري، استاد بخاريءَ جي پٽ سردار شاھ بخاري مون کي ملاقات جو شرف بخشيو اسان جو اڳتي وڌي آڌر ڀاءُ ڪيو ھو.  استاد بخاريءَ جون مون کيس تعارف ڪرائي ڇڏيو ھو تـ ھو سنڌ جو تمام وڏو شاعر آھن ۽ پير صاحب استاد بخاريءَ جو ھٿ ھٿ ۾ وٺندي کيس چيو تـ ڪو نئون خيال، استاد بخاري چيو تـ جي سائين درگاھ ۾ داخل ٿيندي مون کي نئون خيال آيو آھي جنھن تي پير صاحب کيس چيو تـ ارشاد؛ استاد بخاري کيس پنھنجو خيال ٻڌائيندي چيو تـ ”آھَ آھَ تي يار وري پوندو آ پر ھر ھر نـ، واءُ تي ٻير ڇڻي پوندو آ پر ھر ھر نـ“ انوقت کاڌي جي ميز تي ٽيھ پنجٽيھ پير صاحب جا مھمان ويٺا ھئا جن ۾ خيرپور جو چوڌري ساجد ۽ ميرپورخاص جو چوڌري جنرل بشير بـ شامل ھئا جڏھن استاد بخاري پنھنجو قطعو

 ”ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو،
"
بخاري کان دوکو، نه ٿيندو نه ٿيندو،
ملهائي نه جو ٿڃ جيجل جي لوڪو،
اهڙو ڪوبه ٿوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو. 

اھو قطعو ٻڌي پير صاحب پاڳارو اٿي بيٺو ۽ سگريٽ مان ڪش ھڻي اتي ويٺل چوڌرين کي چيائين تـ چوڌريون سنو سنو بخاري ڪيا ڪھـ رھا ھي. استاد بخاري پنھنجو ڪلام ”دوست ڪيا سي دلداريءَ لاءِ جن آ دل آزاري ...“ ترنم ۾ ٻڌائي محفل کي منڊي ڇڏيو ھو. اھا ڪچھري ھلندي پير صاحب کيس شاھ عبدالطيف يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي آڇ ڪئي جنھن کان استاد بخاري اھو چئي معذرت ڪئي تـ ھو پنھنجي شاعري ۽ ڪلا وسيلي ڪيئي يونيورسٽون قائم ڪرڻ ٿو گهري ۽ ھنوقت بـ مان ويھ کان ايڪويھ ڪلاڪ لکڻ ۽ پڙھڻ کي ڏيندو آھيان ان ڪري اھڙي ڪرسيءَ تي ويھڻ ڪري منھنجو اھو سلسلو بند ٿي ويندو. اتي مون پير صاحب پاڳاري کي چيو تـ سائين استاد بخاري ڪينسر جھڙي موذي مرض جو مريض آھي، سيد قائم علي شاھ جي دئور ۾ کيس انگلينڊ علاج واسطي موڪليو ويو ھو جتي سندس اڌورو علاج ٿيو ڇوتـ کيس مليل سرڪاري گرانٽ ختم ٿي چڪي ھئي ۽ کيس واپس اچڻو پيو اوھان سندس علاج ڪرايو تـ بھتر ٿيندو اھا ڳالھ ٻڌندي ئي پير صاحب زمين تي ويٺل خان محمد مھر ۽ نبي بخش شاھ کي حڪم ڪيو تـ سندس بنا دير تيليءَ (پير صاحب ڄام صادق کي ان نالي سان سڏيندو ھو) رابطو ڪرايو وڃي، سندس بنا دير جي ڄام سان رابطو ٿيو جنھن تي پير صاحب کيس حڪم ڪيو تـ استاد بخاري سنڌ جو وڏو شاعر آھي، ڪينسر جو مريض آھي ۽ ھاڻي ڪينسر جو علاج ممڪن آھي ھن جو انگلينڊ ۾ ھلندڙ علاج وارو ٽٽل سلسلو ھڪ ھفتي اندر ٻيھر بحال ٿيڻ گهرجي ۽ ان نموني استاد بخاريءَ جو ٻيھر سرڪاري خرج تي علاج ممڪن ٿي سگهيو ھو. ساڳي ڪچھريءَ ۾ مون پير صاحب پاڳاري کي استاد بخاريءَ جي فرزند انجنيرنگ پاس سيد سردار شاھ جي نوڪريءَ لاءِ پڻ گذارش ڪئي جنھن لاءِ پير صاحب پنھنجي فرزند ھاڻوڪي پير صاحب پاڳاري ۽ انوقت اريگيشن جي وزير راجا سائينءَ کي سندس نوڪريءَ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ چيو ھو. اسان جڏھن سردار شاھ جي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ راجا سائين (ھن وقت جي پير پاڳارو) سان ملاقات ڪئي ھئي تـ چيائون تـ اوھان جي ڊگريءَ مطابق ايس ڊي اي جون نوڪريون ھيون سي تـ اسان ھڪ ھفتو اڳ ڀري چڪا آھيو پر جيڪڏھن اوھان سب انجنيئر جي پوسٽ وٺڻ چاھيو تـ ان جو آرڊر مان اڄ ئي جاري ڪري سگھان ٿو ۽ ان نموني استاد بخاريءَ جي فرزند سيد سردار علي شاھ کي اھا نوڪري ملي ھئي، بعد ۾ سندس عبداللھ شاھ پروموشن ڪيا ۽ ھاڻي ھو واٽر بورڊ ۾ اي سي طور ڪم پيا ڪن. قصـ گو ممتاز رڏ وٽ قصا تمام گهڻا آھن ۽ انھن سڀني کي ھڪ ننڍڙي ڪالم ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ئي ناھي ان لاءِ جاري قصي واري قافلي کي وقتي طرح ساھي ٿا پٽرايون.   

اھم سرڪاري ادارا ڪنھن تباھ ڪيا؟

 


ڇوليون

ڪجھ ڏينھن اڳ لقمان ڦاٽڪ خيرپور وٽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي برانچ ۾ گئس جو بل جمع ڪرائڻ ويم، ڪائي رش نـ ھئي سڀ ملازم ٽنگ ٽنگ تي چاڙھيون آرام سان ويٺا ھئا، مون ڪيشئر صاحب کي بل جمع ڪرائڻ جي استدعا ڪئي، وڏي لاپرواھيءَ سان وراڻيائين تـ سسٽم ڪم نـ پيو ڪري ڪنھن ٻي بئنڪ ۾ وڃي جمع ڪرايو. سندس ڏنل مشورو منھنجي نڙيءَ ۾ جھڙوڪر ڦاسي پيو ھو ڇو تـ انوقت ھڪ پڪي عمر جي عورت پنھنجو چيڪ ڪيش ڪرائي چڪي ھئي، جنھن جي انٽري ساڳيو ڪيشئر ڪمپيوٽر ۾ ڪري چڪو ھو ٻيو ھڪ واپاري ڪيش جمع ڪرائي رھيو ھو ۽ ھر ڪم وھنوار مطابق ھلي رھيو ھو تـ يوٽيلٽي بلن جي جمع ڪرائڻ وارو نظام ڪيئن ۽ ڇو بند ھو؟!. مون مينجر جي آفيس ۾ جھاتي پاتي تـ کيس ان رَوَئي جي شڪايت ڪيان پر موصوف سيٽ تي موجود نـ ھو. اندر ۾ اٿلي آيل ڪاوڙ تي ظابطو رکي بئنڪ کان ٻاھر نڪري آيم ڀرسان ئي موبائيل فرنچائيز جي دڪان تي ھليو ويم، کيس بل جي ڪاپي ۽ گهربل پئسا ۽ ڏھ روپيا سروس چارج جا ادا ڪيم، اتي ويٺل نوجوان بنا دير جي بل تي ٺپو ھڻي ان جي ڪاپي منھنجي حوالي ڪئي. مون کي دلي صدمو رسيو ۽ مون سوچيو تـ ھيڏي وڏي اداري وٽ ھڪ معمولي فرنچائيز جيتري اھليت ۽ قابليت بـ ناھي ڇا؟ پر حقيقت ۾ مسئلو سسٽم جي خرابيءَ جو تـ بنھ نـ ھيو پر اصل ۾ بئنڪ ملازم جي منفي روئي جو ھو. ستر واري ڏھاڪي ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ٻين ڪيترن ادارن سان گڏ سمورن بئنڪن کي پڻ قومي ملڪيت ۾ ورتو ھو. تمام گهڻو پوءِ شايد نواز شريف جي دئور ۾ پھريون دفعو ڊي نيشنلائيزيشن واري عمل ۾ مسلم ڪمرشل بئنڪ پھرين بئنڪ ھئي جيڪا حڪومت منشا گروپ وارن کي وڪي ھئي ۽ بعد ۾ نيشل بئنڪ کي ڇڏي سموريون بئنڪون خانگي شعبي کي وڪيون ويون. ڪيتريون وڌيڪ نيون خانگي بئنڪون کليون. خانگي شعبي ۾ وڃڻ بعد بئنڪن جي انتظام ڪاريءَ ۾ سڌارا آيا ۽ انھن پنھنجي ڪلائنٽس کي بھتر سروس ڏيڻ شروع ڪئي پر جيئن تـ نيشل بئنڪ آف پاڪستان اڃا تائين سرڪار نامدار پاڻ پئي ھلائي ان ڪري ان ۾ ڪم ڪندڙ ملازم پنھنجو پاڻ کي عوام کي سھولت ڏيندڙ بدران پنھنجو پاڻ کي بئنڪ جا مالڪ سمجھن ٿا.  

ڪجھ سال اڳ جي ڳالھ آھي مان پنھنجو ڪتاب بوڪ پوسٽ ڪرڻ لاءِ نم جي چاڙھي ڀرسان مک پوسٽ آفيس ۾ ويو ھوم، جتي ملازمن جي فوج ھوندي پوسٽ آفيس جي شاندار ھوادار ھال جا اڪثر ڪائونٽر خالي ھئا ۽ ملازم پويان ويھي گپ شپ ڪرڻ ۾ مصروف نظر آيا. مان ھڪ ڪائونٽر تي ويٺل ملازم کي پنھنجي منشا بيان ڪئي جنھن مون ڏي اھڙي نھار ڪئي جنھن مان اندازو لڳايم تـ کيس منھنجو اتي اچڻ ناگوار گذريو آھي، مون کي حڪم واري انداز سان چيائين تـ بازار مان ڪو ڪارٽن (دٻو) وٺي اچ. اڌ ڪلاڪ جي ڳولھا بعد ھڪ دڪاندار کان ڪارٽن خريد ڪري وٽس کڻي آيم، چيائين تـ اڇي رنگ جو ٽيپ وٺي اچو جو ان مٿان لڳائڻو پوندو، نم جي چاڙھي کان ٽي سئو روپيا ڏئي اھو وٺي آيم ۽ ان نموني گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڪلاڪن بعد منھنجو مسئلو حل ٿيو. ٻئي دفعي پوسٽ آفيس کي ڇڏي ڀرسان ٽي سي ايس جي آفيس ۾ ڪتاب موڪلڻ لاءِ ھليو ويم، ڪائونٽر تي ھڪ نوجوان ويٺل ھو، جيڪو سڄو وھنوار کيس مليل آئي پڊ تي ھلائي رھيو ھو. ملازم ٽي سي ايس جو ڪارٽن ۾ منھنجا ڪتاب وڌا، ٽيبل تي رکيل ٽيپ سان ان کي بند ڪيو، منھنجو ۽ بنڊل وصول ڪرڻ وارن جون ايڊريسون ۽ فون نمبر لفافي تي لکي ڪمپيوٽرائزڊ رسيد ڪڍي منھنجي تريءَ تي رکي ۽ ان سڄي عمل ۾ بس اھي پنج منٽ لڳا. ٽي سي ايس جي ڪائونٽر تي ويٺل ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ نوجوان جي پگھار وڌ کان وڌ ٽيھ يا پنجٽيھ ھزار ھوندي ۽ اھو اڪيلي سر پوري پوسٽ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ لکين روپين جي پگھار کڻندڙ ملازمن وارو ڪم احسن طريقي سان ڪري رھيو ھو. مان اسي واري ڏھاڪي جي آخري سالن وقت ضلع ٽيڪس خيرپور ۾ منشي طور ڪم ڪندو ھوس ۽ ان وقت ٽي سي ايس وارا وٽن بوڪ ٿيل بنڊل ۽ ڊاڪ سرڪاري پوسٽ آفيس وارن جي پارصل واري سھولت کي استعمال ڪري مختلف شھرن ڏانھن موڪليندا ھئا ۽ اھي بنڊل اسان واري ناڪي تان پاڪستان جي پوسٽ آفيس جي گاڏين ۾ لوڊ ٿيندا ھئا. سرڪاري پوسٽ آفيس اندر ڪم ڪندڙ ملازمن، آفيسرن ھڻي ھڪ بھترين اداري جي ڀينگ ڪري ڇڏي آھي ۽ انھن جي افعالن کي ڏسندي لڳي ٿو تـ اھي سرڪاري پوسٽ آفيسون ڪجھ سالن جون مھمان آھن.

جڏھن تـ ٽي سي ايس ۽ ان جھڙا ٻيا ادارا تيزيءَ سان ترقي پيا ڪن. ھاڻي ٽي سي ايس وڏن شھرن ۾ پنھنجا گدام خريد ڪري ڇڏيا آھن، وٽن سامان پھچائڻ لاءِ ننڍين گاڏين جھڙوڪر موٽرسائيڪل، ھاءِ روف کان وٺي ويھ ويلر ٽريلر موجود آھن. ٽي سي ايس سان گڏ ڪيترائي ٻيا غيرسرڪاري ادارا پوسٽ آفيس جي جاءِ والاري رھيا آھن.

ٽي ڏھاڪا کن سال اڳ سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن (ايس آر ٽي سي) جي ھينو ڪمپنيءَ جون شاندار بسون سڄي سنڌ جي شھرن ڏانھن مسافرن پھچائينديون ھيون. مسافر خانگي بسن کي ڇڏي سرڪاري بسن جو انتظار ڪندا ھئا. لڳ ڀڳ سمورن ضلعن جي ھيڊ ڪواٽر شھرن ۾ سندن پنھنجا اڏا، ورڪشاپ ھوندا ھئا جن ۾ ھزارين ماڻھن کي روزگار مليل ھوندو ھو. ايس آر ٽي سي بس جا ڊرائيور ۽ ڪنڊڪٽر لکن جي لوڏ ھلندا ھئا ۽ بس مان جوڙيل آمدني اداري ۾ جمع ٿيڻ بدران سندن ذاتي اڪائونٽس ۾ جمع ٿيندي ھئي. ڊرائيورن، ڪنڊڪٽرن، ورڪشاپ جي مسترين، آفيسرن جي ڪرپشن ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو ۽ ادارو تباھ ٿي ويو ۽ حڪومت ادارو بند ڪري بسون نيلام ڪري ڇڏيون جيڪي خانگي مالڪن جي ملڪيت طور ھنوقت بـ سکر کان نواب شاھ ۽ سانگھڙ جي روڊن تي ھلن ٿيون. بعد ۾ اسان جي گناھ گار اکين ايس آر ٽي سي جي ملازمن کي پيٽ سان سڪل مانيون ٻڌي مظاھرا ڪندي پڻ ڏٺو ميرپور خاص جي ھڪ ملازم ڀورو ڇلگريءَ حيدرآباد پريس ڪلب جي سامھون احتجاج ڪندي پنھنجو پاڻ تي پئٽرول ھاري باھ ڏئي خودڪشي پڻ ڪري ڇڏي ھئي!

پاڪستان اسٽيل مل ھڪ عظيم صنعتي ادارو ھو، جنھن کي سمورن صنعتن جي ماءَ سمجھيو ويندو ھو. عجب اتفاق آھي تـ ستر جي آخري ڏھاڪي ۾ مان پڻ ان اداري ۾ اليڪٽرڪ فٽر طور ڀرتي ٿيو ھوم  پر ڇھن مھينن جي سکيا بعد پنھنجي اڻ ڄاڻائي ڪري اھا نوڪري ڇڏي ڏني ھئم. انوقت اسٽيل مل ھزارين ماڻھن جي روزگار جو وسيلو ھو. پوري ڪراچي، ٺٽي ۽ ٺٽي جي آس پاس جي علائقن مان سوين بسون روز ملازمن کي کڻي اچڻ ۽ واپس پھچائڻ واري ڪم سان لڳل ھيون. بعد ۾ اسٽيل مل جي تباھي تڏھن کان شروع ٿي چڪي ھئي جڏھن اداري ۾ فوجي آمرن جي دؤرن ۾ ڪراچيءَ جي دھشت گرد تنظيم جي مزدور يونين کي کٽرايو ويو ھو. اھي اسٽيل مل جي ھزارين گاڏين کي پنھنجي تنظيمي ڪمن ڪارين ۾ استعمال ڪندا ھئا. لکن جا ڪوڙا تيل، ميڊيڪل، مرمت جا بل ٺھندا ھئا، لنڊن مان جڏھن بـ سندن گرو ٽيلفونڪ خطاب ڪندو ھو تـ ان کي اسٽيل مل جي فون جي سھولت مھيا ڪري ڏني ويندي ھئي. ياد رھي تـ انوقت پي ٽي سي ايل جي غيرملڪي ڪال انتھائي مھانگي ھوندي ھئي. ويتر جڏھن مل ڦولن وارن ڍول سپاھين جي حوالي ٿي تـ مل مان صفا ساھ نڪري ويو ۽ ان جو جيڪو حال ٿيو اھو پاڻ سڀ اکئين ڏسون پيا.   

 مون ڪيس اسٽڊي طور چند ادارن جي تباھ ٿيڻ جا ڪارڻ بيان ڪيا آھن. انھن ادارن جي تباھيءَ ۾ سرڪار جي نااھلي پنھنجي جاءِ تي پر انھن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو پڻ وڏو ھٿ رھيو آھي. سنڌ سان گڏ پوري پاڪستان ۾ ماڻھو جڏھن ڪنھن سرڪاري اداري ۾ ملازمت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃي تـ پوءِ سندس ڌيان پنھنجي ذميوارين تان بنھ ھٽي ٿو وڃي ۽ ھو سندس منصب مطابق خدمتون مھيا ڪرڻ بدران گوٿ ناٿ کان ڪم ٿو وٺي. دير سان پھچڻ، سويل ھليو وڃڻ، گسائڻ، مسٽر رول تي غير حاضر رھندڙن ڏينھن وارن خانن ۾ بعد جو اچي صحيح ڪرڻ، اداري اندر عام ماڻھن سان اڍنگو رويو رکڻ، ڪوبـ ڪم ڪار بنا رشوت جي نـ ڪرڻ جھڙا رويا رکڻ عام ۽ ھلي چلي شمار ٿين ٿا. جيتوڻيڪ انھن ملازمن پنھنجي اکين اڳيان پاڻ جھڙن ٻين ادارن جي حالت جو مشاھدو ڪيل ھوندو آھي پر جيستائين ادارو سرڪاري انتظام ۾ ھوندو ملازم، آفيسر پنھنجن روين ۾ سڌارو آڻي اھليت وڌائڻ واري پاسي ڪڏھن لوڻو بـ نـ ھڻندا آھي.

Dil je Akash te man murke payo|Preface of Thar abd Karoonjhar Tour 2023

Ustad Abdul Gafoor Soomro|Qawali

Poetry of Adal Soomro with 4K Video

Karachi to Qazi Ahmmed

Murad Faqeer Zangejo Shrine|Location|Philosophy| Ignorance

Khairpur to Hyderabad Travel By Coach

Journey through No Men's Land|Cool day long walk|Communion with Nature

Scientific Thoughts|Fikree Weehak|Presentation by Shah Muhammad Luhrani

Sohni Dharti

Diverse beauty of Sukkur|Rural & Urban

Sukkur-Shikarpur Road|Shikarpur By Pass Road

Alghozo|Sindhi Folk Musical Instrument

Khairpur By Pass Road

Our Eid Prayer|Pure Natural Environment/Zero Sectarian|Peer Ahmed Shah P...

Empress Market KOLACHI

KOLACHI TOUR GIMPSES

Hidden Truths revealed|Independent Day Debate||Discuss with Professor Ha...

خيرپور ميرس کي بچايو🙁🙁🙁🙁🙁

Ustad Bukhari immortal Poetry|Kujh jaach kabi, Kujh Maath kabi Kujh ghor...

Naseer Memon|Thought Provoking Lecture|Arts Council Sukkur|10/10/24

Development on cost of Environmental

Hik zahrelo Jumlo janh lakhen Nojwanan Jo career tabah kayo🙄🙄🙄🙄

shaikh Ayaz Jo Geet|

Sachal Jo Sindhi Kalam|Aon kean Aatan wanja re bhenar|Arts Council Khairpur

Sunday, September 15, 2024

درد جي دنيا ۽ ان جو تخليق ڪار منظور بيدار

 درد جي دنيا ۽ ان جو تخليق ڪار منظور بيدار

مون تازو ئي پروفيسر منظور بيدار جي ڪھاڻين جو ڪتاب درد جي دنيا پڙھي پورو ڪيو آھي. ڪتاب تي مھاڳ، امھاڳ، پبلشر جو نوٽ، تخليق ڪار جو ذاتي نوٽ ”پنھنجي پاران“ سميت يارنھن وڌيڪ لکڻيون شامل ڪيون ويون آھن، جيڪي 148 صفحن جي ڪتاب جي 68 صفحن جي والار ڪيون بيٺا آھن جيڪي لڳ ڀڳ اڌ ڪتاب جو حصو آھن. ان کان سواءَ پوئين صفحي تي ٽائيٽل ڪور تي اياز گل ۽ پھرين ۽ آخري پيج جي بيڪ ڪَور تي ٻـ وڌيڪ ننڍا نوٽ سائين مجيد نواز مغل ۽ امر اياز مھر جا پڻ شامل ڪار آھن. ڊاڪٽر ابراھيم کرل، پروفيسر جھانگير عباسي، ڊاڪٽر اسماعيل ماڪو، سرور سيف، ڪامريڊ مالڪ کوسو، حبيب ساجد ۽ ٻين دوستن جي تبصرن کان پوءِ ڇا ٿو بچي تـ مون جھڙو ڪم علم ماڻھو وڌيڪ تبصرو ڪري يا ڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪري! ھا پر جيئن تـ سائين منظور بيدار جي وارتائن، ڪھاڻين، عمل، جو نـ صرف مان شاھد آھيان پر ھڪ ڪردار پڻ آھيان ان ڪري مان پنھنجو پاڻ کي قرضي ٿو سمجھان تـ مون کي پڻ من ۾ محبت پائي ڪي رنڍا روڙڻ گهرجن. سڀ کان اول تـ مان تخليق ڪار سائين منظور بيدار، ڊاڪٽر ابراھيم کرل، سائين پروفيسر جھانگير عباسي جو تھ دل سان ٿورائتو آھيان جن پنھنجن لکڻين ۾ مون ناچيز کي ياد ڪري مون کي پڻ يوسف جي خريدارن ۾ اچي بيھاريو آھي.
ڪھاڻين کي سمجھڻ لاءِ ڪھاڻيڪار کي سمجھڻ جي پڻ اھميت آھي. مون کي بھرحال اھو فخر آھي تـ زندگيءَ جي جولانيءَ واري مند جون ڪيتريون بھارون مون پياري منظور بيدار سان گذاريون ھيون. منظور ۽ مان جڏھن ترقي پسند سياست جي پرخار راھن جا راھي ھياسين تـ ملڻ کڻي نـ ٿيو ھيو پر ھڪ ٻئي جي ڪم جي ھاڪ ڪري جھڙوڪر ھڪ ٻئي جا واقف ھياسين. اسان ان زماني ۾ پنھنجي سياسي حلقن ۾ منظور بيدار کي منظور بيلدار چئي پنھنجي دل خوش ڪندا ھياسين. ھونئن منظور بيدار واقعي بـ ڪنھن بيلدار جھڙو محنتي ئي تـ رھيو آھي جنھن عام ماڻھن، شاگردن، ھارين ۽ مذدورن جي ذھني راھن تي نظرياتي ڇڻڪار ڪري اتي علم، عقل، ادب، سياست، سھپ، ڏاھپ جا چھچ ساوا وڻ ٽڻ ۽ ڳاڙھا گل پوکيا ھيا. ساڻس منھنجو ويجھو تعلق گورنمينٽ اسلاميا آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ۽ پوسٽ گريجئيٽ اسٽڊي سينٽر سکر ۾ جڙيو ھو. مان ڪراچيءَ کان بدلي ڪرائي اتي پھتو ھوم ۽ منظور ايڇ ايس ٽيءَ ھوندي ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرر ڀرتي ٿيو ھو. انوقت منظور پراڻو سرخو نـ پر مڪمل نموني ھڪ استاد ۽ زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ پنھنجي گهر وارن جو پرجھلو نظر آيو ھو. سندس ھڪ روٽين جڙيل ھو جنھن تي ھو روزانو ھلندو رھندو ھو. سکر ريلوي اسٽيشن جي بنھ ڀرسان ريلوي جي ھڪ ڪوارٽر کان سندس صبح جي شروعات ٿيندي ھئي، ايوب گيٽ وٽان ڪنھن لوڪل سواري تي چڙھي ڪاليج پھچندو ھو. ڪاليج اندر پنھنجو علمي وھنوار ھلائي گهڻو تڻو واپسي ٽولي جي صورت ۾ ٿيندي ھئي. گاڏي کاتي وٽ پٺاڻ جي ھوٽل يا وري گهنٽا گهر سامھون ٻئي ھڪڙي پٺاڻ جي ھوٽل جي پھرين فلور تي گيلري ۾ ويھي چانھ جي چينڪ گهرائي پيتي ويندي ھئي. اتان کان پوءِ سڀني يارن جا رستا الڳ ٿي ويندا ھيا. منظور گليمر سينٽر جي پاڙ ۾ ھڪ پان واري کان راجا ظھور جاني ڊبل پتي پان وٺي، موج حاصل ڪري، واپس پنھنجي گھر جي واپسيءَ جو گس وٺندو ھو.
اھو زمانو ھو جڏھن مان ھرروز ڳوٺ کان خيرپور ۽ خيرپور کان سکر، سکر جي بس اسٽاپ کان ڪاليج تائين ڪيتريون سواريون مٽائي پھچندو ھوس. پگھار کڻي پوري ساري ھئي پر سستائي ڪري گذارو ٿي ويندو ھو، پر مون سان ھڪ اھم مسئلو درپيش ھيو. اھو ھيو پنھنجي نياڻين جي تعليم کي جاري رکڻ وارو. منھنجي رھائش ڳوٺ ۾، نوڪري سکر جي ھڪ ڪنڊ ۾ تمام گهڻو وقت ۽ پئسو تـ اچ وڃ ۾ کپي ويندو ھو ھاڻي مان ڪھڙي نموني سندن تعليم کي جاري رکان؟ ان لاءِ کين پنھنجي ھڪ مائٽ جي رڪشا ڪرائي تي ڪرائي ڌني ھئم پر اھو پڻ جلدي ڀڄي ويو ھو. انوقت منھنجو ھڪ پٽ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ پڙھندو ھو ٻيو شاھ عبدالطيف يونيورسٽيءَ ۾ ايم بي اي ڪري رھيو ھو اھو کين موٽر سائيڪل تي آڻڻ ۽ واپس وٺي اچڻ جي ڪوشش ڪندو ھيو پر ائين ڪندي سندس پنھنجي پڙھائي سخت متاثر ٿيندي ھئي. مون منظور بيدار سان صلاح ڪئي، ان مسئلي جو حل اسان اھو ڪڍيو تـ مون کي سکر شفٽ ٿيڻ گهرجي. سکر شفٽ ٿيڻ جون سرٽوڙ ڪوششون تـ مون اڳ ئي ڪيون ھيون پر انوقت جي مھربان پرنسپل صاحب جي آفيس ۽ گهر بس قرآن ميڙ نـ ڪيو ھوم باقي کيس ايلاز منٿون ۽ مجبوريون سڀ سڻايون ھئم. پرنسپل صاحب چيو ”اھو خالي ڪوارٽر مان توکي نـ ڏيندس پر ان ۾ سنڌ پروفيسرس ۽ ليڪچررس ايسوسئيشن (سپلا) جي ڊويزنل آفيس قائم ڪندس تـ جيئن اسان جا ساٿي ان ۾ گڏجاڻيون ڪن، رڪارڊ رکي سگهن ۽ ٻاھريان ايندڙ دوستن جي رھائش جو مسئلو پڻ حل ٿي سگھي!“ نيٺ اسان جي صلاح اھا بيٺي تـ ڪرائي تي گهر حاصل ڪجي. منظور پگھار جو اندازو لڳائي ان ۾ سکر جي ڪاٺاواڙين وٽ ممڪنا گائيڊون لکي معاوضي کي ملائي چيو تـ ڪم ھلي ويندو تون گهر وٺ. مون گهر ورتو، منظور مون کي سکر جي ھارون ڀائي وٽ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي گائيڊن لکڻ واري مذدوريءَ سان لڳائي ڇڏيو. ھڪ پيج جا اٺ روپيا ۽ سئو پيجن جا اٺ سئو روپيا. ان نموني مون رات ڏينھن ھڪ ڪري ڏنو ڏينھن ۾ ٽيھ يا چاليھ صفحا لکي وٺندو ھوس. ھڪ دفعي اسلام آباد ۾ پڙھندڙ پٽ کي ڏھ ھزار روپين جي گهرج ھئي، منھنجا کيسا بلڪل خالي ھيا، ڪيلگس جن مان مون کي اميد ھئي انھن پڻ پنھنجيون مجبوريون ٻڌائي انڪار ڪري ڇڏيو ھو. منظور منھنجي مھانڊي تي ھيڊ ھاريل ڏسي پڇيو تـ معاملو ڇا آھي؟ مون کيس پنھنجو مسئلو ٻڌايو. منظور انوقت ئي پروفيسر سائين اسرار احمد علوي صاحب جن کي منھنجو مسئلو ٻڌائي سھائتا جي گذارش ڪئي، علوي صاحب جي ڪا وي سي نڪتي ھئي، سائين جن بنا چون چران جي ڏھ ھزار روپيا ڪڍي منھنجي تري تي رکيا ھيا.
سنڌي ادبي سوسائٽي جي پليٽ فارم تان مان، منظور بيدار، پروفيسر عبدالجبار سولنگي، پروفيسر امجد چنو ۽ ٻين دوستن ڪاليج کي صحيح معني ۾ لرننگ سينٽر جو درجو ڏياري ڇڏيو ھو، جتي ھرھفتي يا پندرھين ڏينھن سکر، خيرپور، پني عاقل، روھڙي، شڪارپور، گمبٽ جا ساڃھوند، پروفيسر، ڪلاڪار گڏ ٿي علم ۽ عرفان، موسيقيءَ جا منڊل مچائيندا ھئاسين.
منظور بيدار رٽائرڊمنٽ جي مليل پئسن مان سڀ کان اول پنھنجي ڪھاڻين جو ڪتاب ڇپرائڻ بدران پنھنجي پراڻي دوست، ڪيلگ، شاعر مرحوم شڪيل پريالوي جي شاعريءَ جو ڪتاب ”پنڊ پھڻ“ ڇپرائي کيس تاريخ ۾ امر بڻائي ڇڏيو. لاشڪ جيڪڏھن شڪيل پريالويءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب ڇپيل نـ ھجي ھا تـ ڪجھ عرصي کان پوءِ ٻيو تـ ٺھيو سندس پونئيرن کي ئي خبر نـ پوي ھا تـ شڪيل ڪھڙي پائي جو شاعر ۽ عظيم انسان ھيو. منھنجي خيال ۾ منظور اھو ڪم سرانجام ڏئي لطيف سائين جي ان سٽ کي معني بخشي آھي تـ ؛ اڃا ڪي آھين ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي....
مان ڪھاڻين تي ڪو ڳرو، پرمغر، علمي بحث ڪرڻ بدران اھو چوندس تـ سڀ ڪردار جيڪي ڪھاڻين ۾ موجود آھن يا اھي سڀ واقعا جن جي ڪري منظور بيدار ڪھاڻيون تخليق ڪيون آھن، اھي حقيقي ۽ زميني ڪردار ھيا جن کي تخليق ڪار افسانوي رنگ ڏئي امر بڻائي ڇڏيو آھي. مون کي خبر ناھي تـ جيڪا سسئي، مارئي، مومل، نوري، سھڻي لطيف ساائين جي شاعريءَ ۾ نظر اچن ٿيون واقعي بـ ائين ھيون الائي نـ پر مون کي اھي امر سورميون لطيف سائينءَ جي بيان ڪيل انداز ڪري وڻنديون آھن. ساڳيو انداز منظور بيدار جو آھي. سندس ڪھاڻين ۾ ڪيئي وسري ويل ڪردار موجود آھن جن ۾ شڪيل پريالوي، محمد علي ٽالپر جن جا سڌا سنوان نالا درج ٿيل آھن پر ان سان گڏ من جي ماٺار واري ڪھاڻي ۾ جنھن عظيم مذھبي شخصيت جو ذڪر ڪيو ويو آھي اھو منھنجي ناقص سوچ مطابق پروفيسر اسرار احمد علوي صاحب جن ئي ٿي سگهن ٿا. پر ھت ھڪ ڳالھ جي وضاحت ضروري آھي تـ اسرار احمد علوي جو ڪردار منظور بيدار جي ڪھاڻين جي ڪري ناھي پر سندس سڄي سچيت زندگي، علم سان واسطيداري، باڪردار پاڪ عمل ڪري ئي آھي. مون زندگيءَ ۾ ڪيئي مذھبي رنگ چڙھيل انسان ڏٺا آھن جن جو سج لھندو ۽ اڀرندو سندن ئي فرقي جي ٻڌايل حدبندين تي آھي پر سائين اسرار احمد علوي صاحب جھڙو غير متعصب، مڻيادار، علم جو ڀنڊار، سھپ سان گڏ رواداري جون خصلتون رکندڙ ڪو انسان مون کي ڪڏھن نـ ٽڪريو ھو. ھو انسان جي روپ ۾ فرشتو ھو، ھن پنھنجي علم، پنھنجي سخا، پنھنجي ڏاھپ سان ڪيئي ڏيئا ٻاري ڇڏيا ھيا جيڪي سندس وئي کان پوءِ روشني پکيڙڻ وارو ڪم پيا ڪن.
ڪتاب جي منڍ ۾ حبيب ساجد ھڪ جملو لکيو آھي تـ ”“... ھڪ ملان اگر ڪامريڊ بڻجي پوي تـ عبدالواحد آريسر سڏائي وڃي ٿو ۽ جي ڪو ڪامريڊ ملان بڻجي وڃي تـ منظور بيدار سڏائي سگهي ٿو“ پنھنجي ڳالھ کي اڳتي وڌائيندي لکي ٿو تـ ”پر وڏي ۽ سچي ڳالھ اھا آھي تـ ٻئي ڪڏھن بـ رجعت ۽ پراڻ پسند نـ ٿي سگھندا آھن ان جي مقابلي ۾ ڪنھن عام رواجي ملان وٽ وڏي تنگ نظري ۽ لالچ صاف بکجندي نظر ايندي آھي.“ حبيب ساجد منھنجو منظور بيدار جھڙو محبوب دوست آھي پر ھت مان کانئس ٿورو اختلاف ڪندس. منظور بيدار ھڪ بي ضرر مذھبي ماڻھو آھي، جنھن جي لاءِ مذھب سچائيءَ جو گس آھي. منظور بيدار لاءِ نماز اھم آھي پر ھو ” او ڪو ٻيو فھم جنھن سان پسجي پرين کي“ جو قائل آھي. ماڻھپي واري ڪھاڻيءَ ۾ ماڻھپي ۾ سندس ڊائيلاگ پڙھي ڏسو ”بابا پاڙي ۾ جهيڙو پيو ٿئي، ھڪ انسان جي زندگي خطري ۾ آھي توھان چئو ٿا تـ مان نماز پڙھڻ وڃان، بابا جنھن جي لاءِ نماز پڙھجي ٿي سو تـ انسانن ۾ محبت جو قائل آھي ھن کي ھر انسان بيحد پيارو آھي مان ڪيئن ھنن کي وڙھندي ڇڏي ھليو وڃان!“ ڪھاڻي من جي ماٺار ۾ ڪردار جي واتان چورائي ٿو تـ ”ھا پٽ مان شاھ کي پڙھي ئي تـ ڪٽرپڻي جي ڪُن مان نڪتو آن، شاھ ئي تـ ماڻھپي جي معراج تي پھچائي ٿو!“ منظور بيدار ھڪ ڪھاڻيءَ ۾ نيڪ دل مذھبي انسان جو خوبصورت عڪس ڏنو آھي، ڪاش فرقيواريت کي ڇڏي اسان جا مذھبي ماڻھو ان نموني سوچين تـ جيڪر سنڌي سماج وڏيون ٻرانگھون ڀري اڳتي وڌي سگهي. ان ڪري مان منظور بيدار کي خوددار، ايماندار، سچو نيڪ دل مذھبي انسان تـ چئي سگهان ٿو کيس ملو ھرگز نـ چوندس. ملان ضد، ھوڏ، ڪٽرپڻي، فرقيواريت ۽ فساد جو ٻيو نالو آھي جنھن جي نندا علامـ اقبال ڪري ويو ھو تـ ”دين ملان فساد في سبيل اللھ.“ منظور محبت، رواداري، سنڌيت، انسانيت جا درس ڏيندڙ جيئن ڪالھ ڪامريڊ ھيو اھڙوئي اڄ آھي، رڳو ھن جي ڪم ڪرڻ جا پليٽ فارم مٽيا آھن ۽ ڌرتي، انسانيت جي خدمت ڪرڻ جا مورچا تبديل ٿيا آھن. ھونئن ملان رڳو مذھبي ناھن ٿيندا ڪامريڊ بـ ٿيندا آھن جيڪي بس رڳو پنھنجي نظرئي، اڳواڻ، پارٽيءَ جي گيت ڳائيندي باقي پوري دنيا لاءِ اکيون پوري ڇڏيندا آھن. جيڪڏھن ترقي پسندن وٽ اھا ملائيت نـ ھجي ھا تـ منظور بيدار ۽ مون جھڙا ھزارين شعور رکندڙ ڪارڪن ساڻن اڄ بـ گڏ ھجون ھا. سندس ”عام خاص“ ڪھاڻي پڻ ھڪ اھڙي ڪامريڊ جي آھي جنھن پنھنجو الھو تلھو تـ پارٽي، نظرئي ۽ انسانيت ناتي قربان ڪري ڇڏو ھئو، جيل سندس ٻيو گهر بڻجي پيو ھو ۽ ٻاھر ويٺل ڪامريڊن سندس گهروارن سان جيڪو وھنوار رکيو ھو ان جي اپٽار ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناھي. ان ساڳي موضوع تي ھڪ ناول سائين رشيد ڀٽي لکيو ھو جنھن ۾ ھڪ ڪميٽيڊ ڪارڪن پنھنجي پارٽيءَ سان وفاداري نڀائيندي پنھنجي محبوب گهرواري وڃائي ويھندو آھي جيڪو بعد ۾ سندس زندگيءَ جو روڳ بڻجي پوندو آھي. مون منظور بيدار جي ڪھاڻي نشئي پڙھي آخر ڪتاب جي بچيل پني تي ھي نوٽ لکيو آھي؛ ”زندگي لاھين چاڙھين وارو گس آھي. شڪستون ساڙي رک پڻ ڪري ڇڏينديون آھن تـ ڪن ۾ وري وڌيڪ جوش ڀرينديون آھن. شڪست، مايوسي، نراسائي يا پنھنجي سڀاويڪ گسن تان ٿڙي وڃڻ وقتي مامرا آھن، سٺا دوست، سٺا ماڻھو ۽ سٺو ماحول ماڻھوءَ کي ٻيھر موقعا پيدا ڪري ڏيندو آھي.“
آخر ۾ منظور بيدار جي آخري ڪھاڻي ”انڪوائري“ تي ٿورو مفصل تبصرو ڪرڻ کي پنھنجو فرض ٿو سمجهان پڙھي ڇوتـ ان ڪھاڻيءَ جو مان پڻ ھڪ ڪردار رھيو آھيان.
انڪوائري ۾ ”ترڪي ٽوپي“ پاتل يار جي ذڪر تـ منظور بيدار ڪڏھن مون سان ڪيو ئي ناھي يا جيڪڏھن ڪيو اٿائين تـ منھنجي دماغ ۾ يادگيريءَ وارو حصو برباد ٿي ويو آھي. ھونئن بـ نيڪ ڪم ڪرڻ وارن جي راھن ۾ رنڊڪون اينديون آھن. اسان جي ملڪ جي فرشتن کي دشمن ملڪن جا جاسوس نظر اچن تـ ڪيئن اچن ھنن يارن جو سمورو ڌيان تـ اسان جھڙن علم پرورن تي رھندو آھي ان ڪري اھا ڪا اڻ ٿيڻي ڳالھ ناھي، پر ھڪ ڳالھ واضع پئي ٿئي تـ جنھن ملڪ جا جاسوسي ادارا ايڏا وائڙا ۽ ڇسا ھجن ۽ جن جو ڌيان پنھنجي ڪم بدران ھن قسم جي مامرن تي ھجي تـ اھڙن ادارن ۾ چڱائيءَ جي ڪھڙي اميد رکجي! بھرحال اھو اسان جي ڪاليج جو ھڪ تاريخي دئور ھيو. پرنسپل سائين لعل محمد سولنگي جن ھيا، سنڌي شعبي جو سرواڻ عالماڻي طبيعت رکندڙ سائين اسرار احمد علوي ھيا ۽ مون ۽ سائين منظور بيدار لطيف شناسي سان گڏ ٻين علمي موضوعن تي پروگرامن جو ھڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ڪيو ھو ۽ اسان جي اسلاميـ آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر علم، ادب، لطيف شناسي جو مرڪز بڻجي اڀريو ھو. ھنن پروگرامن ۾ سکر کان سواءِ روھڙي، پنوعاقل، خيرپور، پيرڳوٺ، گمبٽ، شڪارپور مان علم جي اڃ اجھائڻ لاءِ ڪيئي پروانا پنڌ ڪري اچي پھچندا ھيا. جيڪڏھن ڪن دوستن کي پروگرام جو اطلاع ڏئي نـ سگهندا ھياسين تـ ميارون ملنديون ھيون. سائين لعل محمد سولنگيءَ جي وڃڻ کان ڳڇ عرصو پوءِ ان ساڳي پرنسپل جي سگھاري ڪرسيءَ تي ھڪ ھلڪڙي طبيعت وارو پتڪڙو انسان ويٺو ھيو. سندس دئور ۾ مون سي وي (CV) جي اھميت ۽ ان کي لکڻ جي مھارت متعلق ھڪ ڪيريئر ڪائونسلنگ جو پروگرام مختلف شعبن اندر ايم اي ڪندڙ آخري سال جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ڪاليج ۾ رکرايو ھيو، جنھن کي گورنمنٽ اسلاميـ سائنس ڊگري ڪاليج جي پروفيسر طارق حيات لاشاري ڪنڊڪٽ ڪيو ھو. مون اھو پروگرام ڇا ڪيو جھڙوڪر ککر جي ماناري ۾ کڙو ھنيو ھجيم. خبر ناھي ڇو انوقت جو پرنسپل ان پروگرام کي ڏسي تپي باھ ٿي ويو ھو ۽ مون کي اھڙين ”حرڪتن“ کان باز اچڻ جو چئي ايڪسپلينيشن ليٽر ڏيڻ وارو ھيو پر منھنجي ان وعدي تـ آئندھ اھڙو ڪوبـ ڪم نـ ڪندس جي بيان بعد ماٺو ٿيو ھو. ھتي لکڻ جو مطلب ھي آھي تـ ھڪ پاسي جاسوسي ادارن کي تـ ٻئي پاسي تعليمي ادارن جي اھم سيٽن کي سيڙايل ڪرسين تي ويٺل ڪوچڙن انسانن کي علم پروري زھر ٿي لڳي ۽ مان ۽ منظور بيدار جھڙا تـ منڍ کان وٺي عاشق زھر پياڪ ئي رھيا آھيون. ھاڻي جڏھن ٻئي رٽائر ٿيا آھيون تڏھن بـ ڪي واندا ٿوروئي ويھنداسين، جيڪي چڻنگون ٻاريون ھيوسين انھن کي ڀنڀٽ ڪرڻ جا جتن پنھنجي آخري ساھن تائين جاري رکنداسين ڀلي راھن ۾ ”ترڪي ٽوپي پاتل“ اچن يا سوٽيڊ بوٽيڊ جاھلن جون لوڌون اسان جي راھ روڪين، ان جو ثبوت ”درد جي دنيا“ جھڙو ڪتاب آھي. اسان جو ساٿ ھلندو رھندو ۽ لاٽ ٻرندي رھندي.

اظھار جي آزادي تي پابنديءَ جا ستھتر سال


ڇوليون

اظھار جي آزادي تي پابنديءَ جا ستھتر سال

رياست پاڪستان لڳ ڀڳ سڀني شعبن ۾ دنيا کان تمام گهڻو پوئتي رھجي ويل آھي. جي ڊي پي، پاسپورٽ ۽ ويزا، پاڙيسري ملڪن سان تعلقات، غربت، بيماريون، غذا جي کوٽ، ڪرپشن، بد انتظامي، سياسي عدم استحڪام، تعليم ۽ صحت جون سھولتون، دھشت گردي، فرقيواريت، امن امان، شھري پلاننگ، ماحولياتي گدلاڻ، رانديون، سياحت سان گڏ باقي مڙني شعبن جو حال صفا بي حال آھي. سوال ٿو پيدا ٿئي تـ ڇا جيڪي مٿي مسئلا بيان ڪيا ويا آھن اھي سڌاري سگهجن ٿا يا نـ؟ جواب آھي تـ جڏھن ٻيا ملڪ اھڙن يا ان کان بـ تمام وڏن اجگر جھڙن مسئلن جا حل ڳولھي ترقي ڪري سگهن ٿا تـ پاڪستان پڻ ڪري سگهي ٿو! ھاڻي تمام وڏو سوال اھو آھي تـ پوءِ اسان جون حڪومتون، رياست، رياستي ادارا، طاقتور اسٽبلشمنٽ آخر ائين ڇو ڪونـ پيا ڪن؟  جيڪا ڳالھ مون جھڙي عام انسان کي سمجھ ۾ اچي پئي ھو وڏي علم وارا، وڏن تجربن وارا، وڏن وڏن ادارن ۾ سکيائون ورتل اھا ڳالھ سمجھي نـ ٿا سگھن ڇا؟ پاڪستان ۾ ھڪ محاورو مشھور آھي تـ پوليس کي سڀ خبر آھي. ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جي مالڪن اڳيان ملڪ جي بلئڪ اينڊ وائيٽ تصوير ھر وقت رکيل ھوندي آھي. مٿين ڪيل سوال ڏاڍا ڳرا تـ آھن پر انھن جا سولا سلوڻا جواب پڻ موجود آھن، بس مملڪت خداداد ۾ غلطين کي وائکو ڪرڻ، سوال اٿارڻ، ان تي بحث ڪرڻ، تنقيد ڪرڻ، يا انھن جا حل پيش ڪرڻ جي ڪنھن کي اجازت ناھي! جيڪو سوال ڪندو، جيڪو اعتراض ڪندو، جيڪو تنقيد ڪندو، جيڪو نشاندھي ڪندو، يا ڪو منطقي حل پيش ڪندو اھو ڳولھيو نـ لڀندو، ڀلي اھو ڪو سياستدان، سائنسدان، دانشور، شاعر، صحافي، ولاگر يا ٽڪ ٽوڪر ڇونـ ھجي! پاڪستان ۾ جنھن بـ اھڙي جرئت ڪئي انھن جو رات وچ ۾ نالو نشان گم ڪيو ويو. ھتي مان اوھان کي اھو ٻڌائيندو ھلان تـ اھا روش ڪا نئين بلڪل ناھي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد جلدي ئي اھو سلسلو شروع ڪيو ويو ھو.  پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد پاڪستان جا مالڪ، ڌڻي، حاڪم جھڙوڪر سڪندر مرزا، غلام محمد، چوڌري محمد علي جھڙا انگريزي دؤر جا ڪامورا بڻجي ويا جن ڪڏھن بـ پاڪستان جي تحريڪ يا مسلم ليگ جي ڪنھن سياسي سرگرميءَ ۾ حصو ڪونـ ورتو ھو. کين خبر ھئي تـ پاڪستان جي باني جناب قائد اعظم محمد علي جناح ۽ سندس ڀيڻ فاطمـ جناح جي مخالفت يا تنقيد سندن ترا ڪڍي ڇڏيندي ان ڪري پاڪستان ٺھڻ بعد پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ محترمـ فاطما جناح جن کي ريڊيو پاڪستان تان ڪيترن سالن تائين پنھنجي تقرير ڪرڻ جي اجازت نـ ڏني ويئي ھئي، جڏھن تمام گهڻي تنقيد ٿي تـ کيس تقرير جي اجازت ملي ۽ ان جو عنوان ھو ”منھنجو ڀاءُ“ ۽ جڏھن ان تقرير ۾ تنقيد وارو حصو آيو تـ ريڊيو جي نشريات ئي بند ڪئي ويئي ھئي ۽ بھانو اھو ڪيو ويو ھو تـ بجلي ھلي ويئي آھي! ھي مان ڪو ڪو پنھنجو ھٿ جو جوڙيل قصو ڪونـ پيو ٻڌايان پر سڪندر مرزا کان وٺي جنرل يحى جي دؤر تائين پاڪستان جي حڪمرانن کي ھلائڻ واري ڪاموري قدرت  اللھ شھاب پنھنجي ڪتاب ”شھاب نامي“ ۾ اھي سربستا احوال لکيا آھن. جلد ئي سنڌ ۽ خاص ڪري اوڀر پاڪستان (بنگال) وارن جا منھن بند ڪرڻ لاءِ ھڪ تڪراري قانون پروڊا کي لاڳو ڪيو ويو. پاڪستان جي باني قائد اعظم پاران پوري پاڪستان مٿان ملڪ جي تمام ٿورڙائي واري زبان اردوءُ مڙھڻ وارو فيصلو سنڌين ۽ خاص ڪري بنگالين کي صفا ڪونـ آئڙيو ھو ۽ انھن منڍ کان وٺي پنھنجي ٻولين سنڌي ۽ بنگالي ٻوليءَ جي بچاءُ لاءِ تمام گهڻو آواز اٿاريو ويو ھو. ٿيڻ ائين گهرجي ھا تـ سندن جائز مطالبي کي مڃيندي نـ رڳو بنگالي پر ان سان گڏ سنڌي، بلوچي، پنجابي، سرائيڪي ۽ پشتو زبانن کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي ھا تـ جيڪر اوڀر پاڪستان بنگلـ ديش جي صورت اختيار نـ ڪري ھا. ملڪ جي وجود ۾ ايندي ئي اھڙا تقراري مسئلا ڪر کڻي رھيا ھئا انھن کي حل ڪرڻ بدران ھڪ مٿان ھڪ تقراري قانون پاس ڪري لاڳو ڪيو ويندو رھيو. جلدي ئي ملڪ جي اڪثريتي عوام جي واتن تي تالو لڳائڻ لاءِ ون يونٽ مڙھيو ويو. اھڙي ظالماڻي فيصلي جو نتيجو ھو تـ آباديءَ جي حساب سان پاڪستان جو وڏو حصو اوڀر پاڪستان اڳتي ھلي بنگلـ ديش جي صورت اختيار ڪئي. سنڌ ۾ ايوب کھڙي ۽ علي محمد راشدي جھڙن ماڻھن ان ڪاري قانون جي شد مد سان حمايت ڪئي ھئي. علي محمد راشدي پاران سندس مشھور ڪتاب ”اھي ڏينھن اھي شينھن“ ۾ ون يونٽ جي حق ۾ لکيل سندس مضمون شامل آھي. ان قانون تحت سنڌ يا ٻين قومي اڪاين جو نالو وٺڻ گناھ قرار واقع ڏنو ويو ھو. اھڙي ماحول کي ڏسندي سنڌ جي شاعر اھو شعر چيو ھو تـ ”سنڌڙي تنھنجو نانءُ کنيو ڄڻ ڪاريھر تي پير پيو“. اھو ڪارو قانون ٻن ڏھاڪن تي محيط ھو ۽ جڏھن ستر ۾ جناح وارو پاڪستان ٽٽي ٻـ اڌ ٿي پيو ھو تـ ان ڪاري قانون کي پڻ ختم ڪيو ويو. کڻي جو ون يونٽ جو باظتا طور خاتمو ڪيو ويو ھو پر ون يونٽ مڙھڻ وقت جيڪي ادارا وفاق جي حوالي ڪيا ويا ھئا ويا ھئا اھي صوبن کي واپس ڪونـ مليا.  ون يونٽ مڙھي پرنسلي رياستن جھڙوڪر رياست بھاولپور ۽ رياست خيرپور جي حيثيت ختم ڪيو ويو ھو. ان وقت خيرپور رياست جي خزاني ۾ تنھن وقت جا ھڪ ڪروڙ روپيا پيا ھئا جن کي تنھن وقت جو وفاقي وزير سردار آف ڪالا باغ ڪڍرائي کڻي ويو ھو تـ اڄ ڏينھن تائين اھي پئسا واپس ٿيا آھن نـ خبر پئي آھي تـ انھن کي ڪٿي خرچ ڪيو ويو آھي. ستر کان اڳ اوڀر ۽ اولھ پاڪستان ھوندا ھئا ھاڻي بس ھڪ ئي پاڪستان وڃي بچيو ھو جنھن جو سربراھ جناب شھيد ذوالفقار علي ڀٽو بڻيل ھو. ڀٽي صاحب جي حڪومت ۾ پڻ اظھار جي آزاديءَ تي ڪيئي ضربون لڳايون ويون. ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ پھريون سولين مارشلا ايڊمسٽريٽر پڻ رھيو ۽ سندس دؤر ۾ بلوچستان نيشنل عوامي پارٽي پاران بلوچستان جي جمھوري نموني چونڊيل صوبائي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري گورنر راڄ قائم ڪيو ويو ھو، بلوچ اڳواڻن کي ملڪ جي مختلف جيلن ۾ واڙيو ويو ھو، جواب ۾ بلوچ جبلن تي چڙھي ويا ھئا ۽ جن خلاف فوجي آپريشن جي شروعات ڪئي ويئي ھئي. سنڌ اندر اڪيچار ڪتابن ۽ رسالن تي پابنديون مڙھيون ويون ھيون ڪيئي قلمڪار جھڙوڪر سھڻي رسالي جو ايڊيٽر طارق اشرف، قومي شاعر منشي ابراھيم، سياسي اڳواڻ محترم سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، عبدالواحد آريسر ۽ ٻين کي باندي بڻايو ويو ھو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کان پوءِ ضياءَ الحق جو يارنھن سالا اونداھو دئور شروع ٿيو ھو جيڪو اظھار جي آزادي تي راتاھن سان گڏ سياسي سرگرمين تي مڪمل پابندي وارو دؤر ھو. ان دؤر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اخبار مساوات تي پابندي مڙھي ويئي ھئي جنھن خلاف صحافين، سياسي ۽ ھاري ڪارڪنن پھريون دفعو جيل ڀريو تحريڪ تحت گرفتاريون پيش ڪيون ھيون. اڳتي ھلي ضيا اخبارن تي سخت قسم جي سنسرشپ لاڳو ڪري ڇڏي ھئي. انھن انيائن خلاف ايم آر ڊيءَ جو وجود پيو ھو جنھن ملڪ جي سياسي افق تي آمراڻن ڪارن ڪڪرن کي ھٽائڻ ۽ اظھار جي آزادي لاءِ عمومي طرح پوري ملڪ ۽ خصوصي طرح سنڌ اندر 1983ع ۾ ڀرپور تحريڪ ھلي ھئي جنھن ظالم حڪمرانن جي اوچين ڪوٽن ۾ ڏار وجھي ڇڏيا ھئا. ضيا کان پوءِ واري وٽي تي ڪڏھن بي نظير صاحبا تـ ڪڏھن نواز شريف جي مسلم ليگ ن يا وري ڪڏھن مسلم ليگ قائد اعظم جون حڪومتون ٺھنديون رھيو ۽ 2018ع ۾ اسبلشمنٽ ھار سينگار ڪرائي عمران نيازيءَ کي گديءَ تي ويھاريو ھو. ننڍي ڪالم اندر ايتري گنجائش ناھي تـ سندن دؤرن ۾ اظھار جي آزاديءَ تي لڳايل سندن عملن تي ڀرپور روشني وجھي سگھجي بس ايترو چوڻ ڪافي ٿو سمجھان تـ ڪابـ حڪومت جڏھن اقتدار جي مسند تي ويھندي آھي تـ ان کي انساني حق، اظھار جي آزادي، جائز تنقيد زھر لڳندي آھي ۽ جڏھن سندن مٿن تان اقتدار جي ھما اڏري ويندي آھي ۽ اھي اپوزيشن ۾ ھوندا آھن يا حڪومتي ڌر جي عتاب ۾ ھوندا آھن تـ انوقت کين اظھار جي آزاديءَ جو علم بردار ڏٺو ويو آھي.

ھاڻوڪي شھباز شريف جي حڪومت کي ٽيوٽر زھر ٿو لڳي، ٽڪ ٽوڪ، فيس بوڪ، يوٽيوب کان کين الرجي ٿي پيئي آھي، جيڪڏھن ڪو  ”بل بل پاڪستان...“ جھڙو ڪلام جوڙي سوشل ميڊيا تي رکي ٿو تـ ٻي ڏينھن سندس ايڊريس گم ٿيو وڃي. ھنن فائر وال لڳائي انٽرنيٽ جي اسپيڊ جو ڳلو گهٽي ڇڏيو آھي ھاڻي موبائيل ڪيمرائن واري انٽرنيٽ وٽان رڳو ريلن جي لائيو لوڪيشن نـ ٿي کلي، شھرين کي اوبر، يانگو، ان ڊرائيو، بائيڪا، فوڊ پانڊا جھڙين اپليڪشنس کي استعمال ڪندي وڏين مشڪلاتن کان منھن ڏيڻو ٿو پوي.

انھن افعالن ھوندي ملڪ ترقي ڇوڪندا ۽ ڪيئن ڪندا؟ آئي ايم ايف جي زور بار تي اوھان بجلي، گئس، پئٽرول جا اگھ وڌايو ٿا ايترو وڌايو ٿا جيڪو عام انسان جي پوري ڪمائي ڳڙڪايو وڃي ۽ پوءِ مٿان بيھي اھو باور ڪرايو ٿا تـ ”مان تـ مھرباني ڪري اوھان کي گهٽو ٿو ڏيان، اوھان وري مون تي اکيون پيا ڦونڊاريو!“ عام انسانن کي اوھان ڪو رليف نـ ٿا ڏيو نـ ڏيو کين روئڻ پٽڻ تـ ڏيو، کين پنھنجي مقدر تي نوحا پڙھڻ جي اجازت تـ ڏيو، کين پنھنجي اندر جي اوٻر ڪڍڻ جي اجازت تـ ڏيو!