Monday, August 31, 2026

لب مھراڻ جي ھڪ جھلڪ

 مون پنھنجي نوڪريءَ جا بھترين سال سکر شھر ۾ گذاريا آھن. سکر آ بي اي يونيورسٽيءَ ۾ پاڙھيندڙ پروفيسر محمود ڊول ۽ مان روز پنھنجي گھران نڪري لب مھراڻ جي سامھون واري پارڪ ۾ واڪ ڪرڻ ايندا ھئاسين. اسان ڪجھ دوست سکر ج گرم شامون سنڌوءَ ڪناري پريَنِ جي تڙ تي يا لب مھراڻ وٽ وڃي گذاريندا ھئاسين. انھن دوستن ۾ پروفيسر وحيد انصاري، پيارو شاھنواز چاچڙ جيڪو ھينئر آمريڪا ۾ رھي ٿو، غلام علي سومرو، حبيب ساجد، پروفيسر زبير مڱريو، پروفيسر فقير نذير احمد بھلڪاڻي سان گڏ ٻيا ڪيترائي مھربان دوست ھوندا ھئا. لب مھراڻ جيڪو ھڪ وقت ھڪ خوبصورت ماڳ ھوندو ھو جتي جام ماڻھو گھمڻ ايندا ھئا، درياءَ جي موجن کي ڏسڻ، انڌي ٻلھڻ جون چلولايون جاچڻ، سامھون نظر ايندڙ سکر بئريج جي پل، پاسي کان نڪتل واھن رائيس ڪينال، دادو ڪينال ۽ کير ٿر جو نظارو ڪرڻ. لب مھراڻ جي بلڪل سامھون دريا اندر ھڪ سھڻو ٻيٽ آھي جنھن ۾ وڻ ٽڻ جام نظر ايندا آھن ان جي موھيندڙ کي ڏسندي اکين ۾ ٿڌاڻ اچي ويندي آھي، ان کان سواءِ ھتان کان دريا جي ڪناري جڙيل سکر شھر جو نظارو، سامھون نظر ايندڙ ساڌ ٻيلو، ان کان اڳيان لينس ڊائون ۽ ايوب پل جا نظارا پڻ پنھنجو مٽ پاڻ آھن. سنڌوءَ جي سانت ڀريل پاڻيءَ مٿان ٻيڙيءَ تي چڙھي سير ڪرڻ وارن لمحن ۾ دل تي اثر ڪندڙ احساسن کي ڪھڙن لفظن ۾ بيان ڪجي بس زندگيءَ جا اھي پربھار لمحا ڀانئبا آھن.

اڄ 29 اگسٽ 2026ع جي ڏينھن تي لب مھراڻ جا سار لھڻ ويو ھوم افسوس تہ مون کي ھڪ وڏو ذھني ڌچڪو لڳو ھو، اسان جي سپنن جو اھو ماڳ ھاڻي ڪنھن غريب بيوھ پوڙھي وانگر آخري پساھن وارو لڳو ھو، لب مھراڻ مان ڇٻر وارو لان اجڙيل نظر آيو، ايڪڙ ٻيڪڙ ڪي گل ٻوٽا نظر آيا، گھڻا تڻا وڻ سڪي سڙي ويا آھن، ڪو نئون وڻ يا گل ٻوٽو پوکيل نظر نہ آيو، اتي ڀڃ ڊاھ جا آثار نمايان ھيا جيڪي جھڙوڪر چٻرا ڪڍي چيڙائي رھيو ھو. ھتي مون کي ھيڪڙ ٻيڪڙ جوڙا مختلف ڪنڊن ۾ ويٺي نظر آيا جيڪي راز ۽ نياز جون ڳالھيون ڪري رھيا ھئا، انھن لاءِ ھي ويران ماڳ بھترين ھو جتي ڪنھن جي نظرن ۾ اچڻ کان سواءِ ويھي رھاڻ ڪري سگھجي ٿي. 


  







No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو