Monday, August 31, 2026

منھنجي جيون ٽپڻيءَ جي ھڪ ننڍڙي جھلڪ


 مان خيرپور جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ پنواڙيءَ ۾ پيدا ٿيل ھڪ مٽيءَ جو پنوڙو آھيان. منھنجو والد مرحوم علي گل، منھنجو ڏاڏو الاھي بخش عرف گل بھار ٻئي ڳوٺ جا مسڪين مولوي ھوندا ھئا. نڪاح، عيد نماز، جنازي نماز  پڙھائيندا ھئا. رڳو انھن ڪمن مان پيٽ تہ ناھي ڀرجي سگھندو ان ڪري بابا سائين ھارپو ڪندو ھو، تغاري مزدوري ڪندو ھو، جاين جو مستري ھوندو ھو، ٿانون کي ڪلئي ڪندو ھو، کٽون واڻيندو ھو، ھٿ ۾ جھليل پکا کجيءَ جي پنن مان ٺاھيندو ھو جن تي خوبصورت نقش نگار چٽي ڇڏيندو ھو يا انھن تي نالا لکي ڏيندو ھو، ديڳيون پچائيندو ھو مطلب تہ غربت کيس ست ھنريو بڻائي ڇڏيو ھو. ڏاڏا سائين سندس گھر واريءَ جي جوانيءَ ۾  فوت ٿيڻ، ۽ سندس موڀي پٽ استاد اميرگل ڪٽوھر (سينئر) جي بي وقتائتي موت ڪري جھڙوڪر سيلاني بڻائي ڇڏيو ھو ۽ اڪثر بيشتر گھر کان ٻاھر گذاريندو ھو. ياد رھي تہ استاد اميرگل اسان جي ڳوٺ جو  پھريون پڙھيل لکيل پنھنجي وقت جي موچاري ڊگري فائنل پاس ڪيل ھو ۽ ان آڌار تي کيس پرائمري اسڪول ٽيچر جي نوڪري پڻ ڏني ويئي ھئي. منھنجو چاچا مرحوم استاد اميرگل ھڪ قابل، ايماندار استاد ھو ، ھو سائين عطا محمد حاميءَ جو ھم عصر ھو ۽ اھي خيرپور شھر ۾ گڏجي رھند ھئا. ھو اسان جي تڪ جو پھريون استاد ھو جنھن سڀ کان پھرين اسان جي ڳوٺ، آس پاس جي سمورن علائقن ۾ علم جي روشني ھڪ پوري پيڙھي منجھ پکيڙي ڇڏي ھئي ان جي بي وقتائتي موت  ڪري گھر ٻار جو سمورو وزن بابا سائين جي ڪلھن تي اچي پيو ھو ۽ بابا سائين وقت ۽ حالتن کان ھار کائڻ بدران ان سان مقابلو ڪيو ھو ۽ خوب ڪيو ھو. سندس شفقت، دعائن جي سلي ۾ مون جھڙو اٻوجھ انسان، نہ رڳو اقتصادي پاڻ ڀرائي پاسي قدم کنيا ھيا پر اڀرو سڀرو سماج اندر پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جھڙو ٿي سگھيو ھو. گذريل ھفتي سئوٽ عبدالڪريم، پياري پروفيسر ڪليگ نوراحمد سومري (سابق پرنسپل گورنمنٽ ڊگري ڪاليج گلستان جوھر ڪراچي) ۽ نوجوان تحقيق ڪندڙ علي شاھ لڪياريءَ سان کارو ڇاڻ جو چڪر لڳايو ھوسين. انوقت منھنجي جاڳيل نيڻن جي سپنن جو خوبصورت ماڳ سنڌي سمنڊ منھنجي اکين اڳيان ھو ۽ باقي پوري سنڌ منھنجي پويان ھئي. شل منھنجي جيجل ڌرتي خوشحال ٿئي، سرسبز ٿئي، مالا مال ٿئي، ڪو مارو ماڻھو بک نہ ڪاٽي، ڪو علاج لاءِ نہ تڙپي، ھر ڪنھن وٽ پنھنجو جھڳو ھجي، ھرڪنھن جي اولاد کي اعلي تعليم ملي، امن امان ھجي، خوشحالي ھجي، خوشين جي ڳيچ ھجن، ھوجمالو جي ڌن تي منھنجي ڌرتيءَ جا ماڻھو رقص ڪن، جھومن، ڳائين خوشين جا ترانا چون، ھر پاسي وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا، گل گلزاريون ھجن، گلن تي پوپٽن جي اڏام ھجي...
...نيٺ تہ اھڙو ڏينھن بہ ايندو ساٿي 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو